Editor's pickMain Slideڪالم

مسڪين جھان خان کوسو: ٿر جو سچو سماجي خدمتڪار

مسڪين جھان خان کوسو پوليس جي نوڪري ڇڏي اڪيلو نڪتو هو. پوءِ قافلا ٺهندا ويا. ڪنهن سان ظلم ٿيندو هو. اتي مسڪين پهچي ويندو هو. خلق جي خدمت عبادت سمجهندو هو. هن ڪڏهن ‘ڊالر’ ۽ ‘ڊونر’، ‘پروجيڪٽ پروپوزل’ جي ٻولي نه ٻولي. هن وٽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو اٿاهه جذبو هو. جنهن جذبي تحت  هن رضاڪار  ٿر جي سچي خدمت ڪئي.

مسلسل پنڌ، اوجاڳن، بک ۽ اڃ جي پيڙائن ۾ هلندي مسڪين بيمار ٿي پيو. سول اسپتال ڄامشوري ۾ داخل ٿيو. پر بيحسي جي بارش ۾ ٻڏي ويل سماج  مسڪين جي خاطر خواه  سنڀال نه  ڪئي.  23 جولاءِ 1980ع تي ڪارونجهر جو هي عظيم ڪردار هن فاني دنيا کي الوداع ڪري  ويو. چون ٿا ته مسڪين جو لاش ٻين مسڪينن وانگر ٻن ڏينهن تائين اسپتال  جي سرد خاني ۾  پيل رهيو.

ڀارومل امراڻي

سنڌي ادب ۾ اهڙو ڪو ناول نگار نه آهي، جيڪو هالينڊ جي عظيم مصور ونسينٽ وان گوگ جي زندگي تي ارونگ اسٽون جي لکيل ناول ‘اُڃ’ جهڙو ‘مسڪين جهان خان’ تي ناول لکي.  مسڪين جهان خان پورهيتن، مزدورن، ڪولهين، ڪڙمين کي چوندو ته: “غربت ۾ انسان جو شعور ڪڏهن مرندو نه آهي، پر ضمير وڌيڪ ڦڙت بڻبو آهي ۽  هن جي روح کي وسعت عطا ٿيندي آهي. اسان کي غربت جو مقابلو کليل دل سان ڪرڻ گهرجي.”

مسڪين، ٿر ۾ هڪ ‘اسڪول آف ٿاٽ’ جو نالو آهي. مسڪين، غريبيءَ ۾ گذاريو هو. خلق جي خدمت عبادت سمجهندو هو. اڄ ڏينهن تائين مسڪين جي ڪم جو ڪو جانشين پيدا ٿي نه سگهيو آهي. مسڪين جي ٿر سان مارئيءَ جهڙي محبت هئي. مسڪين، ٿر جي ڏڪار بابت انگن اکرن سان ڳالهائيندو هو. هو ٻڌائي سگهندو هو ته ٿر جي ڪهڙي ڳوٺ ۾ ڪيترا گهر آهن. ڪيترو چوپايو مال آهي. ڪيترا ماڻهو ڏڪار ۾ متاثر ٿيا آهن. ٿر جي سياست، سماجيات ۽ اقتصاديات تي بهتر نموني ڳالهائي ويندو هو. هن نه صرف فلاحي ڪمن تي ڌيان ڏنو پر هن جي اندر جي آرزو هئي ته نظام تبديل ٿئي. سياسي ورڪر به هو. انسان دوست ۽ نظرياتي سياستدانن سان گڏجي سياست بہ ڪيائين. هن پاليسيون ٺاهيندڙ ادارن تي پريشر پيدا ڪرڻ جي لاءِ ايڊووڪيسي ڪئي. اخبارن ۾ ايڊيٽوريل لکرايا. مسڪين وٽ رضاڪار دوست هوندا هئا، پر پهرين پاڻ پوليس جي نوڪري ڇڏي اڪيلو نڪتو هو. پوءِ قافلا ٺهندا ويا. ڪنهن سان ظلم ٿيندو هو. اتي مسڪين پهچي ويندو هو. هن هيومن رائٽس جي ورڪر جو ڪردار ادا ڪيو. مسڪين جي نوڪري ڇڏڻ جو واقعو به غريبن سان ظلم ٿيڻ جي واقعي سان جڙيل آهي. مٺيءَ ٿاڻي تي  ڏڪار ورهيه ۾  ننگرپاڪر کان بئراج ويندڙ  ڪولهين جي قافلي کان رشوت گهري ويئي، غريب ماڻهو پئسا ڏين ڪٿان؟ هجن ته ڏين! ٻيو ڏين به ڇا جا؟ پئسا نه ڏيڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. مسڪين جهان خان ان ٿاڻي تي سپاهي هو، جيئن مسڪين کي پتو پيو ته غريبن سان اچي مليو. حال حقيقت  معلوم ڪري پنهنجي اعلي آفيسر کي احتجاجن پوليس جي نوڪري  وارو ‘پٽو’ ۽ بندوق واپس ڏيئي نوڪري کي الوداع ڪيو. محمد بخش مجنون مسڪين جي نوڪري ڇڏڻ جو سال 1937ع لکي ٿو. جڏهن ته وليرام ولڀ پنهنجي هڪ ليک ۾ 1935ع ڄاڻائي ٿو.   اهو ڏينهن تڏهوڪو ڏينهن مسڪين غريبن جي حقن جي لاءِ نڪري پيو. ڪڏهن ننگرپارڪر جا وانڊيا ته ڪڏهن ميرپورخاص جي عثمانيه هوٽل، ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ اخباري دفتر. مسڪين جيترا ڪنهن پنڌ به نه ڪيا هوندا، مسڪين ڪڏهن اڃ ۽ بک جي پرواهه نه ڪئي. مسڪين ڳوٺان نڪرندو هو ته ڏينهن جا ڏينهن ٿي وينداهئا، مسڪين واپس نه ورندو هو. گهر وارا مسڪين جي منهن جي لاءِ سڪندا هئا! ڳوٺ ۾ ڪو مرڻو پرڻو ٿيندو هو، مسڪين جي ڪنن کي ڪٿان سڌ پئي ته پوءِ اچي حاضر ٿيندو هو نه ته ٿيو مڙئي خير. غريبن جي مسئلن جي حل جي لاءِ مظاهرا ڪندو هو. ‘مفت اسٽامپ وينڊر’ بڻجي درخواستون لکي گڏجي وڃي ڏيندو هو. مسڪين، ٿر جي ڪيترن ماڻهن کي روزگار تي به لڳايو. ماڻهن کي هِتان هُتان ڪري معاشي مدد به ڪئي پر هي سڀ لڪيل خيرات هوندي هئي. هن ڪڏهن پنهنجي ڪم کي اشتهار نه بڻايو.

مسڪين جھان خان ۽ سنڀومل ھميراڻي

هن ڪڏهن ‘ڊالر’ ۽ ‘ڊونر’، ‘پروجيڪٽ پروپوزل’ جي ٻولي نه ٻولي. هن وٽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو اٿاهه جذبو هو. جنهن جذبي تحت  هن رضاڪار  ٿر جي سچي خدمت ڪئي.

مسڪين جهان خان جي ان پورهئي جي ڪري جديد سنڌي شاعريءَ جي وڏي نانءُ شيخ اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي ‘ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر’ ۾ لکيو آهي ته: “مون کي مسڪين ڏسي يڪدم حافظ جو هي شعر ياد اچي ويو:

خاڪساران جهان را به حقارت منگر

توچه داني که دراين خاک سُواري باشد

(جهان جي خاڪسارن کي حقارت سان نه ڏس، تون ڇا ڄاڻين ته متان ان خاڪ ۾ ڪوئي سوار هجي )

لفظ ‘جهان’ جي بدران جيڪڏهن حافظ ‘جهان خان’ شعر ۾ لفظ وجهي ها ته شعر جو وزن ته ضرور ڪري ها پر ان جي معنيٰ ڳري ٿي وڃي ها. مسڪين جهان خان کوسي ۾ انڪساري، خودداري، هڪ ظلم تي ٻڌل ڪامورڪي نظام لاءِ بي انتها نفرت ۽ پنهنجي مظلوم عوام لاءِ بيحد محبت هئي، مجنون کان بهتر هُن تي ڪير ٿو لکي سگهي! مسڪين جهان خان ست درجا سنڌي پڙهيل هو، هو خود مصنف نه هو. سندس سوانح حيات هڪ مختيارڪار محمد بخش مجنون پنهنجي مخصوص انداز ۾ لکي آهي. پر مسڪين جي نسبت به فقط ‘خاڪ ’ سان نه هئي، پر ‘عالم  پاڪ’ سان به هئي، جي انسان ذات جي بي لوث خدمت، رنگ،  نسل، قوميت ۽ مذهب جو خيال نه رکي ڪئي وڃي ۽ ماڻهو سان دک درد بنان ڪنهن غرض يا مطلب جي ورهايو وڃي ته ان کان بهتر عبادت ٻي نه آهي ۽ انسانيت لاءِ احترام کان وڌيڪ ٻي وڏي عظمت جي نشاني نه آهي. بين القوامي سطح تي البرٽ شوائيٽرز ۽ قومي سطح تي مسڪين اهڙا ماڻهو آهن. جن جي زندگيءَ جي لاءِ لانگ مارچ  مائوءَ کان بنهه مختلف آهي. انهن ڪنهن کي دک نه ڏنو آهي. فقط سٺو آهي.

شيخ اياز پنهنجي دل جي گهرائي سان مسڪين کي ڀيٽا ڏني آهي. مسڪين تمام وڏو ماڻهو هو. سچا شاعر پنهنجي عظيم ماڻهن کي ايئن ڀيٽا ڏيندا آهن. ۽ اهو سچ آهي محمد بخش مجنون کان ڪوئي بهتر هن وقت تائين مسڪين تي لکي نه سگهيو آهي.

8 آگسٽ 1967ع تي حيدرآباد ۾ مولانا غلام محمد گرامي جي صدارت ۾ مسڪين سان يادگار شام ملهائي ويئي. ان موقعي تي محمد بخش مجنون جي ڪتاب جي مهورت ٿي. ڪتاب تي تمام تعريفي تبصرا آيا. اديبن کليل دل سان مسڪين کي ڀيٽا ڏني.

محمد بخش مجنون جو لکيل ڪتاب ‘مسڪين جهان خان کوسو’ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ نصاب طور پڙهايو وڃي ٿو. مسڪين جي ڪردار تي سنڌ يونيورسٽيءَ کي نوجوانن کان  پي ايڇ ڊي ڪرائڻ گهرجي. ٿر جي نوجوانن لطيف ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪتاب جي تحفي ۾  ‘مسڪين جهان خان’ ڪتاب ڏيڻ جو رواج وڌو آهي. سچ ته ڏاڍو سٺو سنئوڻ آهي.

1980ع جي ڏهاڪي ۾ لکيل ڊاڪٽر محمد خان سميجي جي ناول ‘رت ريجالا سپرين’ جا ڪردار مسڪين جهان خان کوسو، سائين سچل جنجهي ۽ ٻيا ان وقت جا تبديلي پسند ڪردار آهن. هي ناول اڻ لڀ ٿي ويو آهي. ٻيهر ان جو ڇاپو اچي نه سگهيو آهي. ناليواري اديب، ناول نگار، ناٽڪ نويس، صحافي عثمان ڏيپلائي ڏڪارن ۾ مسڪين  جي جدوجهد کي پنهنجي هڪ ناٽڪ ڏڪار ۾ بهتر انداز ۾ پيش ڪيو آهي. ڪتاب ‘ماڻهو ميگهه ملهار’ ۾ ناليواري دانشور عبدالواحد آريسر جو مسڪين تي لکيل خاڪو سڻئي ڦل جهڙي سهڻي نثر جو روپ آهي. مسڪين جهان خان کوسي ننگرپارڪر جي ڳوٺ سامي ويري جي رئيس بجرخان کوسي جي گهر ۾ 9 جولاءِ 1909ع تي جنم ورتو.  مسڪين جو شجرو ننڍي کنڊ جي مزاحمتي ڪردار شهيد شادي خان کوسي سان ملي ٿو، ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته: “مسڪين جهان خان ولد رئيس بجار خان بن ميرحسن خان بن خانبهادر سردار خان بن شهيد شادي خان کوسو بلوچ”، ننگر جي سماجي اڳواڻ تاريخ جي ڄاڻو مانائتي الهه رکي کوسي به ان شجري جي تصديق ڪندي چيو ته: “شادي خان انگريز سامراج سان لڙيو هو”. چارڻ  ڪوين شادي  خان جي سورهيائي ڳائيندي چيو آهي ته:

اڙٻنگ عزت خان رو، شادي ونڪو شير.

_

ڏونگر تون ڪئين ڏهڪڻو، تو ۾ رهي کوسو شادي خان.

مسڪين، ٿر جي تاريخ ۽ لوڪ ادب جو به ڄاڻو هو. ٿر جي ڳوٺن، ڍاڻين ۽ وانڊين ۾ رهڻ دوران رات جو ڪچهري ۾ لوڪ ادب جي وکر جي سگهڙن، سياڻن سان ڏي وٺ به ٿيندي هئي. ٿر جي ڪولهي، ڀيل ۽ غريب لوڪن مسڪين  تي لوڪ گيت سرجي ڳايا، اڄ به خوشي جي منڊپ ۾ مسڪين تي جڙيل گيت گونجن ٿا:

مانري گهر آويو، مسڪين اوتاري،

منگل هون گائون، جائون ٻلهاري.

(منهنجي گهر مسڪين اوتاريءَ آيو آهي، آئون خوشي جا گيت ڳائي آجيان ڪري، هن تان ٻلهار وڃان )

_

مانري  آنگڻيئي  مسڪين پڌاريو،

هاٿان ري وادڙ  ڪران ڇايا.

 (منهنجي اڱڻ مسڪين پڌاريو آهي، آئون هٿن سان بادل جهڙي ڇانو ڪريان)

مانرا مسڪين ويرا مزماڻ

رهو وانڊئي اجوڻي رات

ڪران ٻيسي من ري بات،

آج اماري ڏونگر ني ڏيکيو،

روپي پاڇي روح پي سڪيو،

ڪوئي راوت سور نهين سڻيو

ڏيٺو نهين  ڪو جگ ۾ ڏاتار

امارو بڻيو ڇي تون آڌار.

(اي منهنجا مسڪين ڀاءُ! تون مهمان بڻجي اڄوڪي رات  منهنجي وانڊئي (ڳوٺ) ۾ اچي رهه، آئون تو سان ويهي من جون ڳالهيون ڪريان. (توکي ڏسي) اڄ مون پنهنجي ڏونگر ڏانهن نهاريو آهي. روپي کان پوءِ روح سڪي رهيو هو، ڪوئي بهادر سورهيه نه ٻڌو ،  نه ئي جڳ ۾ ڪوئي ڏاتار ڏٺو، تون  اسان جو آڌار بڻيو آهين)

مسڪين تي لوڪ گيت ٻڌندي مون کي روسي لوڪ گيت ياد آيا، جيڪي اتان جي لوڪن لينن سان مخاطب ٿي چيا آهن. ننڍي کنڊ جي  لوڪ ادب کي سهيڙيندڙ ديويندر ستيارٿي پنهنجي ڪتاب ‘ڌرتي گاتي هي’ ۾ ڏنا آهن. انهن مان هڪ گيت هتي ڏجي ٿو؛

تون ئي اهو پهريون شخص هئين،

جنهن اسان کي انسان سڏيو.

تو ئي اونداهه ۾  رهندڙ انسانن کي

هن پرڪاش ۾ آندو.

تو ئي اسان کي سپني مان جاڳايو

مسڪين، ٿر بابت ننڍا ننڍا ليک پڻ لکيا. ٻين ليکڪن، اديبن ۽ صحافين کي ٿر بابت معلومات به ڏني. هن ٿر جي هڪ رهنما طور ڪم ڪيو. ٿر جي مسئلن بابت اخبارن کي خبرون پهچائيندو هو. ان دور ۾ رابطي جا ذريعا محدود هئا، پوسٽ تار يا روبرو پهچ ٿيندي هئي. مسڪين 1930ع کان ٿر بابت خبرن ۽ ليکن واريون اخبارون ۽ رسالا ميڙي رکيا.ٿر جي تروٽي پٽيلن پاران مسڪين جهان خان تي ڪوڙا ڪيس به داخل ٿيا. هر طرح تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر هُو جهڪي ڪيئن ٿو سگهي!؟ هن ڪارونجهر کان پختگي ورتي هئي. هڪ ڀيري مسڪين کي جيل ياترا به ڪرائي وئي، جنهن تي قائد ملت فاطمه جناح پنهنجي ذاتي وڪيل ذريعي هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي آزاد ڪرايو.ٿر جي نوجوان ليکڪ پرديپ ڀاناڻي پنهنجي هڪ ليک ‘مسڪين مظلومن جو آواز هو’ ۾ لکيو آهي ته: “مسڪين جي بي لوث خدمتن عيوض سنڌي ادبي سنگت ميرپور شاخ پاران کيس “مُحب سنڌ” جو لقب ڏنو ويو.” 

مسلسل پنڌ، اوجاڳن، بک ۽ اڃ جي پيڙائن ۾ هلندي مسڪين بيمار ٿي پيو. سول اسپتال ڄامشوري ۾ داخل ٿيو. پر بيحسي جي بارش ۾ ٻڏي ويل سماج  مسڪين جي خاطر خواه  سنڀال نه  ڪئي.  23 جولاءِ 1980ع تي ڪارونجهر جو هي عظيم ڪردار هن فاني دنيا کي الوداع ڪري  ويو. چون ٿا ته مسڪين جو لاش ٻين مسڪينن وانگر ٻن ڏينهن تائين اسپتال  جي سرد خاني ۾  پيل رهيو. منهنجون مسڪين جي سڪيلڌي پٽ بجار خان سان ننگرپارڪر ۾ پياري دوست ناشاد سمي، ساگر خاصخيلي  ۽ سليم کوسي جي معرفت ڪافي ڪچهريون ٿيون. مسڪين جي وفات کان پوءِ بجارخان ڪوشش ڪري هر سال ورسي جو ڏهاڙو ملهائيندو هو. گوڙهيار ۾ سنڀومل هميراڻي جي ورسي ۾ بجار خان مليو، تڏهن طبيعت چاڪ نه هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻڌوسين ته مسڪين جيان بجارخان کي به مفلسي ريڙهي ويئي. پنڌ نه کٽو، پر پانڌيئڙو مارڳ ۾ موڪلائي ويو.

مسڪين جي سماجي خدمتن عيوض يو ايس اي جي هڪ اداري پاران “گولڊن ڪارڊ آف اچيومينٽ” ايوارڊ ڏنو ويو، پر سندس پٽ بجار خان غربت سبب وٺڻ لاءِ وڃي نه سگهيو. سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران 2015ع ۾ ننگرپارڪر جي هائير سيڪنڊري اسڪول جو نالو مسڪين جي سماجي خدمتن جي مڃتا طور منسوب ڪيو.

 _____

Bharu Mal-Sindh Courier

ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button