سُر بروو: ھندستاني راڳ جنھن کي کي لطيف سائينءَ گيڙُو رنگ ڏئي سنڌي ڪري ڇڏيو
بروو سنڌي سُر جا سمورا بيت ايترا تہ سولا ۽ عام فھم آھن، جو ماڻھو ھنن بيتن کي پنھنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ ضرب المثل طور ڪتب آڻيندا آھن۔ ھن سُر ۾ ايتري تہ آسان سنڌي ٻولي استعمال ڪئي وئي آھي جو صديون گذرڻ باوجود بہ ھي ساڳيا لفظ مروج آھن ۽ مطلب واضح ۽ چٽو سمجهہ ۾ اچي ٿو۔

ڊاڪٽر خادم منگي
بروو ھندستاني راڳ آھي. جنھن کي لطيف سائينءَ جڏھن گيڙو رنگ ڏئي سنڌي ڪري ڇڏيو، تہ ٿي پيو بروو سنڌي۔ ھن سُر جا سمورا بيت ايترا تہ سولا ۽ عام فھم آھن، جو ماڻھو ھنن بيتن کي پنھنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ ضرب المثل طور ڪتب آڻيندا آھن۔ جيتري سولي ٻوليءَ ۾ چيل آھن، اوترا ئي مقبول آھن۔
سنڌي ماڻھن کي شاعري ۽ راڳ جي ويجهو آڻڻ جو ڪريڊٽ بہ لطيف سائينءَ کي ئي ڏجي تہ بھتر ٿيندو۔ ايڏي محنت جي باوجود بہ اسين راڳ ۽ راڳين کي اڄ تائين الائي ڇو غلط انداز سان ئي پيش ڪندا اچون ٿا؟ لفظ فنڪار ۽ استاد بہ اسان وٽ ايئن ئي بدنام ٿي ويو آھي جيئن لفظ سياست۔ ڪنھن کي بہ گهٽ وڌ ڳالھائيندا تہ چوندا ڌرپٽ/درپد ٻڌايو مانس۔ ٺمري بہ سھي معنا ۾ نہ ٿي ورتي وڃي ۽ ڪنھن کي “تيرنھن تالي” چوڻ مان بہ سٺو ھجڻ نہ سمجھيو ويندو آھي۔ ڇا ماضيءَ ۾ بہ ايئن ئي سمجهيو ويندو ھيو يا اھڙا مطلب ھاڻي ٿا ورتا وڃن؟
راڳ کي سمجهڻ لاء ھڪ پوري زندگي کپي۔ چون ٿا تہ ڪنھن محفل ۾ فنڪار جيئن ئي ڀيروي ڳائي بس ڪئي تہ ٻڌندڙن مان اسان جھڙي ئي ڪنھن اٻوجهہ ھمراھ فرمائش ڪئي تہ سائين! ڀيروي ڳائي ٻڌايو۔ جنھن تي راڳيءَ ٺھ پھ وراڻيو تہ سائين! ھاڻي اوھان جي موجودگيءَ ۾ جيڪا راڳڻي ڳائي پوري ڪئي اٿم، سا ڀيروي ئي ھئي۔ مطلب وڃي اھو ئي نڪتو تہ راڳي ويچارا بہ رڍن اڳيان رباب وڄائيندا ئي رھيا آھن۔ ھلو ڀيرويءَ جو ذڪر نڪتو آھي تہ ٻہ جملا ڀيرويءَ جي ئي باري ۾ ٿي وڃن۔ ڀيروي سدا سھاڳڻ راڳڻي آھي، سڄو ڏينھن ڳائبي آھي پر اصل ڳائڻ جي مھل صبح اٿس۔ ڀيروي، ڀيرونِ راڳ جي استري آھي۔ جنھن جي ٺاٺ ۾ سَت ئي ڪومل سُر لڳندا آھن۔ ان جي ابتڙ وري يمن/ايمن ڪلياڻ ۾ سَت ئي سُر تِيور لڳندا آھن۔ سنڌي جوڳ وانگر، ڀيروي بہ سمپورڻ راڳڻي آھي۔ جنھنجي آروھيءَ ۽ امروھيءَ ۾ سڀئي سُر لڳندا آھن۔ ڀيرويءَ جا بہ ٻہ قسم آھن۔ ھڪ آھي سنڌي ڀيروي ۽ ٻي وري پڪي ٺاٺ واري اصلوڪي ڀيروي۔ ڀيرويءَ کي ٽوڙي بہ چيو ویندو آھي۔
زندگي تو ۾ سرور ڪيڏو آ۔
پوئين هڏڪي بہ ڀيروي آهي! (استاد بخاري)
ان ڪري بروو سنڌي، سنڌي ڀيروي ۽ سنڌي جوڳ سنڌ ۾ تمام گهڻو مقبول آھن۔
ھڪ طرف راڳ جي دشمن ماڻھن جا رويا آھن تہ وري ٻئي طرف راڳ سان پيار ڪندڙن جون لازوال قربانيون۔ انڪري سنڌي ماڻھن جي آڏو اھڙو راڳ بہ پيش ڪيو ويو جيڪو پاڻ بہ سنڌي ھيو۔ سنڌي ماڻھن کي ھر اھا شئي پسند آھي جيڪا پاڻ بہ سنڌي ھجي جيئن سنڌي گجر، سنڌي پالڪ، سنڌي توريون، سنڌي ڪڻڪ، سنڌي ڀنگ، سنڌي مھينا ۽ سنڌي انگ وغيره۔ ڪٿي وري سنڌي شين کي ديسي شيون بہ چوندا آھن جيئن ديسي گيھ ۽ ديسي ڪڪڙ وغيره۔ ان جي ابتڙ وري ٻاھرين شين کي ولايتي شيون چوندا آھن۔ جيئن ولايتي ڪپڙو، ولايتي خوشبو، ولايتي دوائون ۽ ولايتي منڊمون وغيره۔ سو بروو سنڌي لِکي ڄڻ تہ لطيف سائين اھا شعوري ڪوشش ڪئي آھي تہ ماڻھن کي سنڌي راڳ ڏانھن مائل ڪجي ۽ آھستي آھستي سولن راڳن کي سمجهائي ٿورڙن مشڪل راڳن ڏانھن وٺي وڃجي۔ مطلب سندن راڳ سان دوستي ڪرائجي۔
بروو ڪافي ٺاٺ جي هڪ راڳڻيءَ کان علاوه هڪ قسم جي پکيءَ کي بہ چئبو آھي. لفظ بروو مريض، بيمار ۽ گهايل جي معنا ۾ بہ ورتو وڃي ٿو۔
”بِرهہ خود بروو بنايس،
بُت بچائي ڇا ڪريان“ (احمد ملاح)
شاھ جي رسالي جو سُر بروو سنڌي، عشق جي ٻن مرحلن يعني وصال ۽ فراق جي گِرد گُهمي ٿو۔ جيئن تہ عشق ۾ فراق جو عنصر تمام گهڻو غالب ھوندو آھي، ان ڪري عشقيہ داستانن ۾ فراق جو بيان بہ ججهو ئي ملندو۔ ھن سُر جو بي نام محبوب بہ عجيب آھي۔ بيپرواھ، بيرحم ۽ پنھنجي موڊ وارو۔ سچل سائينءَ واري يار جھڙو “ڪنھن مھل ڪيئن تہ ڪنھن مھل ڪيئن” bipolar. ھڪ اھڙي طبيعت وارو جنھنجي باري ۾ پڪ سان ڪجهہ بہ نہ چئي سگهجي۔ unpredictable. اھڙن ماڻھن جو اڳلو قدم ڪھڙو ھوندو ان جي باري ۾ ڪجهہ بہ اندازو نہ لڳائي سگهجي۔ اھڙي شخصيت جي مالڪ کي سنڌي ماڻھو باشاھ چوندو آھي۔
“ڪَڏَهِن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏَهِن کُلَنِ دَرَ دوسِتَنِ جا؛
ڪَڏَهِن اَچان، اَچَڻُ نہ لَھان، ڪَڏَهِن ڪوٺِيو نِينِ؛
ڪَڏَهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏَهِن ڳُجهاندَرَ ڳَرَهِين؛
اَهڙائِي آهينِ، صاحِبَ مُنھنجا سُپِرِين.”
محبوب ڪڏهن در تہ ٺھيو پر درين جون طاقيون بہ ٻوٽي، بند ڪيون ويٺو آھي، تہ وری ڪڏهن انتظار ۾ در دريون کوليون ويٺو آھي۔ ڪڏهن سندن در تي پھچان ٿو تہ اندران اچڻ جي اجازت ئي نہ ٿي مليم۔ ۽ ڪڏهن وري اھڙو پسڻ ٿئي ٿو جو پاڻ ھرتو مون کي سڏي ساڻ وٺي ٿو وڃي. ڪڏھن تہ وري، ماڻھو مُنجي نياپو موڪلي گهرائي ٿو۔ ڪڏھن ڪڏھن تہ سندس آواز ٻڌڻ لاء بہ منھنجا ڪن سِڪن ٿا ۽ ڪڏهن وري اچي هو مون سان ڪَن ۾ سرٻاٽون ڪري ڳجها راز سلي ٿو. سو منھنجو محبوب اهڙي ئي طبيعت جو آهي، ڇا ڪجي؟
ڏٺو وڃي تہ پنھنجي آسپاس رھندڙ شخص پنھنجو اختياري معاملو آھي۔ توھانکي جڏھن محسوس ٿئي تہ “ڏکندو ڏاڍو ٿو ٿئي” تہ “مجلس مَٽي وڃڻ” جو اختيار تہ توھان وٽ موجود آھي نی۔ اڪثر ماڻھو ايئن ڪندا بہ رھندا آھن۔ پر ڪِن حالتن ۾ انسان بيوس ٿي ويندو آھي۔ سڄي دنيا کان مُنھن موڙي سگهجي ٿو پر جنھن جي نظر نہ ایندڙ ڪُنڍي، ڪَليُن ۾ ڦاٿل ھجي، تنھن کي ڇا ڪجي؟ ان مھل انسان کان ڄڻ تہ اھو اختيار ئي کسجي ويندو آھي۔ ھڪ طرف حد درجي جي بي حِسي ھوندي آھي تہ وري ٻئي طرف بیوسي ئي بيوسي۔ ھو مُنھن موڙڻ چاھي بہ تہ نہ موڙي سگهندو آھي۔
“پيرن کي روڪجي مگر، نيڻن کي ڇا ڪجي؟” (استاد بخاري)
توڻي جو سندن عادتن ۽ روين جي خبر بہ ھوندي آھي، پوءِ بہ ماڻھو مجبور ٿيو وڃي۔
“صُورَتَ گهڻو سُهِڻا، ٽاڻا سَندَنِ ٽُوھَ؛
ريلو ڏِئي رُوحَ، جو کائي، سو کامِي مَري.“
انسان بظاھر ڪنھن سھڻي صورت تي موھت ٿي پوي ٿو، پر سندن عادتن جي خبر وڃي تڏھن ٿي پوي جڏھن کيس ويجهو ٿجي ٿو۔ “سھڻا ٽوھ پَٽن تي، کڻي کاءُ تہ ڪوڙا”۔ جھڙي folk wisdom ڪو ايئن جنم ٿوروئي ورتو ھوندو۔ سو ھي محبوب بہ ڪو ٽوھ جھڙو آهي۔ جنهن ڏانھن روح تہ ڇڪ کائي ٿو پر سندس صحبت يا ورونھن جو ساءُ وٺي نہ ٿو سگهجي۔ عاشق جيئن ئي ويجهو ٿئيس ٿو تہ کيس جلائي خاڪ ڪري ڇڏي ٿو۔ ان جي باوجود بہ، جو خبر اٿس تہ محبوب جلائي ڇڏي ٿو پر پوءِ بہ کيس ساڳيو ئي گهرجي۔
”ماڙھُو گُهرِنِ مالُ، آئُون سَڀ ڏِينهَن گُهران سُپِرِين؛
دُنيا تَنھن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ؛
ڪَيَسِ نامَ نھالُ، پَسَڻُ تان پَري ٿِيو.“
ماڻهو دنيوي خزانو طلبين ٿا، ماڻھن کي سيم و زر کپي، سون چاندي کپي ۽ پئسو ڏوڪڙ کپي۔ پر مونکي سال جا ٣٦٥ ئي ڏينھن، منھنجو محبوب کپي۔ اُنھيءَ محبوب تان مان ساري دنيا کي جيڪر گهوري ڇڏيان. مون کي سندس نالي ئي خوش ڪري ڇڏيو آھي۔ جو مان سندس نالو وٺڻ سان ئي ٺري ٿو پوان، ڏسڻ تہ اڃا پري رهيو!
ھيٺيون بيت لطيف سائينءَ جي آرٽ ۽ ڪرافٽ جو ڪمال آھي۔ ماڻھوءَ جو موجود ھجڻ ۽ نہ موجود ھجڻ دراصل ڪا معنا نہ ٿا رکن۔ اڻ وڻندڙ ماڻھو ڀلي گڏ ويٺو ھجي، ڄڻ آھي ئي ڪو نہ۔ ٻئي طرف وري پيارو ماڻھو ڀلي سامھون نہ بہ ھجي، ڀل ڪوھين ڏور ھجي پر ایئن لڳندو آھي، ڄڻ اکين جي آڏو ويٺو آھي۔ ڪڏھن وري دل ۾ ويٺل محسوس ٿيندو آھي۔
“ڪي اوڏائِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ بہ اوڏا سُپِرِين؛
ڪي سَنڀِرجَن نہ ڪَڏھِين، ڪي نہ وِسرَنِ مُورِ؛
جِئَن مينھن ڪُنڍِيءَ پُورِ، تِئَن دوسِتَ وَراڪو دِلِ سين.“
ڪنھن جو نالو ذھن تي زور ڏيڻ جي باوجود بہ ياد ڪو نہ ٿو اچي، ۽ ڪي وري چوويھ ڪلاڪ وسرن ئي نہ ٿا۔ جئن ڪُنڍين مينھن/وريل سڱن واري مينھن جي سڱن جو پيچ ٿيندو آھي۔ تئن دلبر جي محبت جو پيچ، منهنجي دل کي پيل آهي.
ڪُنڍيون مينھون سنڌ جو سھڻو نسل آھي۔ گهر ۾ ڪُنڍي مينھن معنا گهر جو سينگار۔ کير ايترو گهڻو نہ ڏيندي آھي پر سھڻي ٿيندي آھي۔ بيھڪ ۾ شاندار ٿيندي آھي۔ شوقين مالوند پنھنجي نالي جي مشھوريءَ جي ڪري کيس پاليندا آھن۔ سڱ وريل ٿيندا اٿس۔
ھن سر ۾ تہ مطلب اھو ئي ٿو نڪري تہ جیئن ڪنڍي مينھن جا سڱ پورا وريل ٿيندا آھن منھنجو محبوب ائين ئي منھنجي دل ڏانھن مڪمل وريل آھي۔
ڌنار ٻڌائيندا آھن تہ جيڪڏھن ھڪڙي ڪُنڍي مينھن جا سڱ ڪنھن ٻئي ڪُنڍي مينھن سان اٽڪجي ويا تہ سڱ، سڱ مان نڪري نہ سگهندو۔ ان کي چئبو آھي ڪنڍين مينھين جو پور پئجي وڃڻ۔ بس پوءِ ڪارائي اچي ھڪڙو سڱ ڪٽي ٻئي سڱ کي آجو ڪندي۔ سو ھتي تشبيھ ڏيڻ جي پويان بہ شايد اھو ئي سبب ھجي۔ لطيف سائين بہ اھو ئي ٻڌائڻ ٿو چاھي تہ موت جي ڪارائي ئي منھنجي محبوب کي منھنجي دل کان جدا ڪري سگهي ٿي۔ باقي جيئري تہ جدا ٿيڻ مشڪل آھي۔ مٿين بيت جي وچين سٽ جو پھريون پد “ڪي چڙھن نہ چت تي” بہ لکيو ۽ پڙھيو ويندو آھي۔
ان ڪري ھي ھڪ طرفو پيار بہ اندر کائي کوکلو ڪري ڇڏي ٿو۔ ھاڻي ھن بيرحم محبوب جون عادتون ۽ رويا بيان ڪري ثابت ڪيو ويندو تہ عشق ڪرڻ ڪيڏو نہ ڏکيو معاملو آھي۔ ان ڪري ئي تہ لطیف سائين ھن کي ٻاراڻي/ڳڀروئن جي راند نہ ٿو ڪوٺي ني۔ ھتي سر جو سانگو لاھڻو پوندو آھي۔
“ڪوٺي ڪُٺائُون، اَڄُ پڻ اَکَڙِيُن سين؛
ماسُ وِراھي ھَلِيا، ڪَرنگَلُ ڇَڏِيائُون؛
”وَتَوَاصَوۡ ابِالۡحَقِّ وَتَوَاصَوۡابِالصَّبۡرِ“ اِئين اُتائُون؛
مُئِي مارِيائُون، کِلِي گهائِيو سَڄَڻين.”
اکين سان تڪبير ڏئي ڪھڻ، ماس ورھائي ڇڏڻ ۽ باقي وڃي ڍانچو يا ھڏائون پڃرو بچائڻ سمجهو ٿا تہ عشق ڪيڏي نہ وڏي سزا آھي؟ پر تنھن ھوندي بہ عاشق نڀايون اچن ٿا۔
“ڪِئان سِکِئين سُپِرِين، ڪاسائِڪِي ڪارِ؟
تِکِي ڪاتِي هَٿِ ڪَري، مُنِيءَ سين مَ مارِ؛
چوري چاڪَ نِھارِ؛ سورَنِ سانگهيڙا ڪَيا.”
پرين ايئن صفا ڪاساين واري روش ڪٿان سکيو آھين؟ پر ڪاسائي بہ چڱو۔ ھو بہ تيز ڪاتيءَ سان سير ڏيندو آھي۔ اوھان جي هٿ ۾ بہ اھا تکي ڪاتي آھي تہ سھي، پوءِ ڀلا single stroke سان نڙگهٽ تي وھائي، سورن کان آجو ڪيو ني۔ ھي مُڏيءَ ڪاتيءَ سان ڇو ٿا اڌ مئو ڪيو؟ نہ ماریو ٿا ۽ نہ ئي جيئڻ ٿا ڏيو! اوھان ڀلي منھنجي زخمن کي اٿلائي پٿلائي ڏسو، ڪيئن نہ سورن مون ۾ سل ڪڍيا آهن؟ ڪجهہ پڙھندڙ آخري پد “مون ۾ رتي بہ ناھي رت جي” ڪري لکندا ۽ پڙھندا آھن۔ سو ھي وارتائون ٻڌڻ وارا تہ ٻئي ھٿ ڪنن جي پاپڙين ۽ نڪ جي چوٽيءَ تي ٿا رکن۔ اصل توبھ توبھ ٿا ڪن۔
قديم زماني ۾ يوناني ماڻھو محبت کي ديوتائن جو ڏمر سمجھندا ھئا. سندن خيال ھو تہ حسن جي ديوي Aphrodite کي ڪو فاني انسان رنجائيندو ھو تہ ھوءَ رنجائڻ واري تي ڏمر ڪري ھن کي عشق ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي ھئي۔ جنھن جي ڪري ھو بي وس ٿي ويندو ھو، ھوش وڃائي ويھندو ھو ۽ چرين وانگر ڀتين سان ٽڪر ھڻندو ھيو۔ پر وري اھو سڀ ڪجهہ جیستائين ڪنھن انسان کي نصيب نہ ٿيندو ھيو تيستائين کيس نامڪمل ئي سمجهيو ويندو ھيو۔ يوناني عشق کي، ديويءَ جو ڏمر تہ مڃيندا ھئا پر ساڳئي وقت انسان جي تڪميل، سندس جرئت ۽ طاقت جو وسيلو ۽ حياتيءَ جي قوت جو سرچشمو بہ سمجھندا ھئا.
عربيءَ ۾ “العشق نار” معنا عشق کي باھ سان تشبيھ ڏني وئي آھي۔
“ڀَلِي ڪِيَئِي ڀَلا پِرِين! ھِينءَ نہ مُناسِبُ ھوءِ،
لائي چِتُ چَرِيو ڪَري، پاڻُ ڪڍِي وِيين پوءِ،
توڙي حُبَّ نہ ھوءِ تَپِ ھوتُ! نہ ڪِجَنِ ھيڏِيُون.”
ھيڏي ڪرڻ جو مطلب صرف اھو انسان ئي سمجهي سگهي ٿو جنھن سان اھو وھيو واپريو ھوندو۔ زماني جي ڪري مڙوئي ٿورو لبيس ئي ڪبو آھي۔ ڀلي حب نہ ھجي پر ڪجهہ تہ ڀرم رکبو آھي۔ دنيا ڇا چوندي؟ مختصر عرصي لاء محبت ڏئي، ۽ پوء پاڻ ڪڍي وڃڻ ڪا چڱي روش ناھي۔ ”لائجي تہ نڀائجي نہ تہ اصلي نہ لائجي۔“
“اڄُ پُڻِ اَکَڙِيَنِ، سَڄَڻَ پَنھنجا ساريا،
ڳَلَنِ تان ڳوڙھَنِ جُون، بُوندُون بَس نہ ڪَنِ،
سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، لوڪَ ڏِٺيئِي نہَ لَھي.”
سڄو لوڪ ڀلي سامھون گذري وڃي، ڪو اکين کي ڀائيندو ئي ناھي۔ انھن سمورن ماڻھن ڏانھن ان ڪري ڏسبو آھي تہ متان انھن ۾ پنھنجو محبوب ھجي۔
ھيٺين بيت ۾ پنھنجي دوست سان commitment جو شاندار ذڪر ٿيل آھي۔
”جڏَھانُڪرَ ٿِئامِ، ساڃاھ سُپِيرِيَنِ سين،
تَڏَھانڪُرَ تِرَ جيتَرو، ويرَ نہ وِسَرِيامِ،
اَندَرِ رُوحَ رَھِيامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.”
اھڙي دل گهرئي دوست جي آڏو آزي نيازي ۽ ھيٺائينءَ سان ئي ڪم ھلندو ني۔
“تون صاحبُزادو سُپرين، آئُون نسورو نَوۡڪَرُ،
بيحَدُ ڪَرِيان بَندۡگِي، ھَٿ ٻَڌِي “حاضُرُ!”
ڇِنَ ڇَڏِيندِيَسِ ڪِينَ ڪِي، دوسَ اَوھان جو دَرُ،
مُون تان مِھرَ نَظَرُ، پرِين! لاھ مَ پاھِنجو.”
لطيف سائين ٻوليءَ جو انجنيئر آھي۔ ڪٿي لفظ “پنھنجي مان “پانھنجو” ٿو ڪري وڃي تہ وري ڪٿي “پنھنجو” مان “پھجو” ڄڻ تہ ٻوليء تي کيس سمورا حق ۽ واسطا مليل ھجن۔ ڪھڙي لفظ کي ڪيئن استعمال ڪرڻو آھي اھو سندس ئي discretion آھي۔ اسين بہ سندس مرضيءَ آڏو لاچار آھيون۔ ڪو بہ اعتراض نہ ٿا ڪيون۔
بيان عشق جو پيو ھلي سو عشق ڄي فراق واري phase ۾، محبوب جو وڇوڙو تڪليف ڏي ٿو ۽ وصال راحت۔ سو ان جي وصال جي طلب ۽ اچڻ تي خوش ٿي انسان ڇا ڇا ڪري سگهي ٿو، ھن بيت ۾ ان جو بيان آھي۔
“اچين جي ھيڪارَ، مُون ساريندي، سُپِرِين!
پيرين ڌرِيان پنبِڻُيون، ھَنڌَ وڇايان وارَ،
ساڄَنَ! سَڀُ ڄَمارَ، ھُوندَ گولِي ٿِيَ گُذارِيان”
ھي ڪھڙي عورت آھي جيڪا ايتري تڪليف ۾ آھي۔ سندس محبوب جي ياد ۾ اکين مان ٻارھوئي مينھن ٿو وسي۔ ھيءَ بي نام سورمي وڏي عذاب ۾ آھي۔ بيوسيءَ جي دوزخ ۾ آھي۔ depression جي گهاڻي ۾ آھي۔ اڪيلائيءَ جي اوڙاھ ۾ آھي۔ مونکي تہ لڳي ٿو ھي لطيف سائين پاڻ آھي۔ جيڪو “اديون عبداللطيف چوي” جي اوٽ ۾ ويھي، پنھنجي اندر جي اڻ تڻ بيان ڪري ٿو۔ سندس ھنئين ۾ ڪا ھورا کورا آھي۔ سيني ۾ ڪا آنڌ ماند اٿس۔ اصل ۾ علاج جي ضرورت اٿس پر ويڄ بہ ڪو اھڙو ملي ويو اٿس جيڪو دل جي ڪيفيت کي سمجهيس ئي نہ ٿو۔ ان جي ابتڙ وري ٻانھن کي ٿو ڏنڀيس۔ لطيف سائين اھڙن ڪويڄن مان ڪسرون، سر يمن ڪلياڻ ۾ خوب ڪڍي آيو آھي۔
“ويڄَ! ڏَنڀِئين ڪُہ ٻانھَن؟ سُورَهِنئين کي سامُھان.”
ظلم ناھي، تہ تڪليف دل ۾ ۽ ڏنڀجي پئي ٻانھن؟ اڳئين دؤر ۾ ڏنڀن وارا بہ ڪي استاد ھئا۔ مريض جو ھڪ بيماريءَ مان توجھ ھٽائڻ لاء کيس وري ٻئي بيماريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا ھئا۔ ان ڪري لطيف سائينءَ جو غصو جائز آھي۔
لطيف سائينءَ جي ھڪ ٻي خوبي بہ ڪمال جي آھي۔ بيان جو ڪو بہ موقعو ھٿان نہ وڃائيندو آھي۔ ھن سر ۾ فراق جي ڪيفيت جي ذري پرزي جو بيان ٿيل آھي۔ سنڌي شاعريء ۾ محبوبہ کي محبوب، دوست، پرين، صاحب، سپرين، جاني، ھوت ۽ ٻين نالن چوڻ جو رواج شايد ايراني شاعريءَ جي اثر ھيٺ آھي۔ ۽ پاڻ کي وري عورت جي روپ ۾ پيش ڪرڻ۔ “وار ھنڌ ڪري وڇائڻ” ۽ “ساجن سڀ ڄمار تنھنجي گولِي ٿي تہ گذاريان” لطيف سائين “گولو” بہ تہ لکي سگهي پيو ني، پر ھن “گولِي” لکي پاڻ کي عورت جو روپ ڏئي، فيمينسٽ شاعرن کان بہ مٿاھون ٿي، روايت شڪن، باغي ۽ انقلابين وانگي پاڻ کي declasss ڪري، تمام گهڻي ھيٺائين ۽ ڪسر نفسيءَ کان ڪم ورتو آھي۔ صرف ۽ صرف پنھنجي محبوب کي ريجهائڻ ٿو چاھي۔ سر بروو سنڌي سرکنڀات، ۽ سر پورب وانگر لطيف سائينءَ جو ذاتي عشق آھي۔ جنھن عشق ۾ لطيف سائين گهر گهاٽ ڇڏي وڃي ڀٽ وسائي ھئي۔
جو سندس والد صاحب، شاھ حبيب شعر جي ھڪ سٽ چئي ھئي تہ۔
“لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا ڍڪجي”
جنھن تي لطيف سائين ٺھ پھ وراڻيو ھيو تہ
”پئي کڻي پساھ، پسڻ خاطر پرينءَ جي۔”
ھن سُر ۾ ايتري تہ آسان سنڌي ٻولي استعمال ڪئي وئي آھي جو صديون گذرڻ باوجود بہ ھي ساڳيا لفظ مروج آھن ۽ مطلب واضح ۽ چٽو سمجهہ ۾ اچي ٿو۔
“جانِبَ مُنھنجي جِيءَ ۾، تُنھنجِي طَمَعَ پوءِ؛
وَٺُ ڪاتِي، وَڍِ اَنگُڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪوءِ؛
ڀانيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساڄَنَ! سَنئون نِهارِئين.
سنئين منھن سان ڳالھائڻ، eye to eye contact، عاشقن جا اصل ۾ سڀ مسئلا حل ڪري ڇڏيبدو آھي۔ دنيا ۾ منھنجي نظر ۾ سڀ کان وڏو ڏوھ اھو آھي تہ ڪو انسان توھان سان ڳالھائي ۽ توھان ان کي توجھ سان نہ ٻُڌو۔ عدم توجھ جھڙي جڳ ۾ ٻئي ڪا ترار ئي ناھي۔ ڪو انسان صرف توھان سان ٿو ڳالھائي ۽ اوھان بہ منھن ڦيري ڇڏيو۔ ان کي ٻُڌي، اڻ ٻُڌو ڪيو يا سندس ڳالھ ھڪ ڪن مان ٻُڌي، ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيو، ان کان سٺو آھي تہ جیڪر ڪُھي ڇڏيوس۔
”جانِبَ! اِيئَن نہ جُڳاءِ، جِيئَن مارِيو، موٽِيو نہ پُڇِين؛
رَتِيءَ رَتُ نہ سِنجُري، سِڪَ تُنھنجي ساءِ؛
اَسان تو ئِي لاءِ، پَرِ ۾ پُڇائُون ڪَيُون.“
مارڻ يا ڪھڻ کانپوءِ رت جو وھي وڃڻ تہ سمجھ ۾ اچي ٿو۔ پر وڇوڙي جو وڍ جيڪو ويڳاڻپ ۽ نراسائي پيدا ڪري ٿو سو بہ رت ساڙي ڇڏي ٿو۔ “رتي رت نہ سنجري” مان مراد آھي تہ رت جو ڦڙو بہ ڪو نہ ٿو ٺھي۔ رَتي پيمائش جو ننڍڙو پيمانو آھي۔ هيرن، جواھرن، سون، چاندي ۽ دوائن جي تور جو ننڍڙو ايڪو. چيڻوٺيءَ جي وڻ جو ٻج (جيڪو اڳاٽن زمانن ۾ تور جو ننڍڙو ايڪو ڪري استعمال ڪبو ھئو)، چيڻوٺي. ماسي جو اٺون حصو ، چئن مُڱن يا جَوَن جو وزن، مطلب آھي ذرِڙي۔ سو ھڪ ڦڙي رت جي بہ نہ ٿي ٺھي۔ رت خوشيءَ ۾ ٺھندي آھي ۽ ڳڻتيءَ ۾ سڙي ويندي آھي۔ تڏھن ئي تہ چوندا آھن نہ خوشيءَ جھڙي ڪا خوراڪ ئي ناھي ۽ ڳڻتيءَ جھڙو وري ڪو مرض ئي ناھي۔ ۽ ڪنھن شاعر چيو آھي تہ “عشق جھڙو نان ڏٺو مون مرض ڪوئي لادوا، واعظ ملن جو ڪيئن ٻڌان، مونکي پنھنجي لڳي ٿم ھاءِ ھاءِ۔” ھونءَ بہ ڊپريشن جي مريض جي بک ۽ ننڊ ختم ٿي ويندي آھي۔ ان ڪري مريض کائيندو پيئندو نہ ۽ آرام نہ ڪندو تہ وري رت ڪٿان ٺھندو؟
عاشق جو محبوب سان تعلق ڪو ٽٽڻ جھڙو ٿورو ئي آھي۔ ڪُنڍيءَ مينھن جي ذڪر کانپوءِ وري ٻيو مثال زنجير جو بہ اوترو ئي شاندار آھي۔
“ڪَڙو مَنجهہ ڪَڙي، جِيئَن لُھارَ لَپيٽِيو؛
مُنھِنجو جِيُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪَيو.“
زبردست تشبیھ آھي۔ زنجير جي ھڪ ڪڙي کي ٻئي ڪڙي سان لپيٽڻ جو مشاھدو ۽ جيءَ کي جانب سان جڙڻ جھڙي سھڻي ترڪيب کي خوبصورت تشبيھ ڏيڻ، لطيف سائينءَ جو ئي ڪمال آھي۔ اھڙي دوست کان ڪيئن پري گذارجي۔ جيڪو پري ھجڻ جي باوجود بہ پري ناھي۔ ايترو ويجهو آھي جيئن زنجير جو ھڪڙو ڪڙو ٻئي ڪڙي سان۔ ٻئي طرف ايڏي وڏي تخيلاتي وصل يا ميلاپ جي پڪ ھجڻ جي باوجود بہ، محبوب جي روبرو ديدار ۽ جسماني طور گڏ رھڻ جي طلب، پوءِ بہ پنھنجي جاءِ تي پوري شدت سان موجود آھي۔
ھيٺيون بيت دنيا جي بي ثباتي جي ڳالھ ڪندي لکيو ويو ھوندو۔ ان ۾ ھڪ تڙپ ۽ ھڪ ميار آھي، تہ موت، ملاقات سڀني جي مٿان بيٺو آھي۔ اجايو مري وڃڻ کان بھتر آھي تہ جیڪر ملجي۔ وصال ۾ ئي دوام آھي۔ بقا آھي۔
“فانِي ڙي فانِي، دُنيا دَمُ نہ ھيڪِڙو؛
لَٽي لوڙھ لَتُنِ سين، جوڙِيندَءِ، جانِي!
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَڪَنھين.“
ڪانيءَ سان مئٿَ/لاش جي ماپ وٺبي آھي۔ ۽ ڪوڏر سان ڌرتي کوٽي قبر کڻبي آھي۔ سو اھي مرحلا ھر ڪنھن جي سِر تي اچڻا ئي آھن۔ “مرڻو ناھي مھڻو، پرڻو ناھي گار۔” ابو ڏاڏو ڪاڏي ويو؟ پر دنيا کي فاني ڪيئن چئجي؟ جيڪا مونکان اڳ موجود آھي ۽ مونکان پوءِ رھندي۔ مان ان کي فاني ڪيئن چوان؟
دنيا جي فاني ھجڻ جو تصورڪيترو پراڻو آھي، اھو خود ھڪڙو سوال آھي؟ دنيا کي لطيف سائين بہ فاني ٿو چوي۔ جڏھن تہ کائونس لکين سال اڳ بہ دنیا موجود ھئي ۽ سوین سال پوءِ بہ ڏسون ٿا تہ موجود ئي آھي۔ دنيا کي فاني چوڻ کان سٺو آھي تہ ھر انسان پاڻ کي فاني چوي۔ پر ٻئي طرف انسان تہ پاڻ بہ فانی ناھي۔ ساھ جو نڪري وڃڻ ۽ فاني ٿيڻ ٻہ الڳ موضوع آھن۔ لاش کي لتن سان لٽڻ بہ ڪا ايڏي خراب يا ڪا خوفناڪ ڳالهہ ناھي، جنھن کان ڊيڄاريو وڃي ٿو۔ مرڻ کانپوءِ matter وري ڪو ٻيو روپ وٺندو۔ جن law of conservation of matter پڙھيو آھي، تن کي مِٽي ٿيڻ يا خاڪ ٿي وڃڻ کان ڪو بہ خوف ناھي۔ زمين جي زرخيزي وڌندي، اَنُ ڀان، گل ٻوٽا، سبزيون ميوا، ان ئي مٽيءَ مان تہ پيدا ٿين ٿا۔ “اھا مٽي حڪم ڪريندي ھزار”۔ Food chain وارو سبق جن جو پڙھيل آھي، تن کي ڪو بہ ڀؤ ڀولو ڪونھي۔
لطيف سائين جتي دنيا جي بي ثباتيءَ جي ڳالھ ڪري ٿو اتي ڪوڙن يارن ۽ بي وڙن انسانن جو بہ ذڪر ڪندو ھلي ٿو۔ دنيا جيئن تہ پنھنجي جوھر ۾ ھڪ وڏو تجربيگاھ آھي ان ڪري سائنسي تجربن مان نتيجا تہ نڪرندا ئي نڪرندا۔ سو ھي ٽي بیت اھڙن ئي تجربن جو نچوڙ آھن۔
“يارُ سَڏائي سَڀُڪو، جانِي زِبانِي؛
آهي آسانِي، ڪَمَ پِئي ٿِي ڪَلَ پَوي.”
زبان سان هر ڪو پاڻ کي جگري يار پيو سڏائي. ۽ اها ڳالھ آسان بہ آهي. ان ۾ تہ صرف وات خرچ آھي ني۔ زبان سان پاڻ کي دوست سڏائڻ تي ڪھڙا لک خرچ ٿين ٿا؟ پر جڏهن ڪم ٿو پوي، تڏهن سڌ ٿي پوي۔ پرک ٿيندي تہ کوٽي ۽ کري جي ڄاڻ پوندي. دوستيءَ جي اصل پرک ئي اتي آھي، جڏھن دوست ۾ ڪو ڪم پوي۔ وٺڻ دل جي مٿان آھي ۽ ڏيڻ دل جي ھيٺان۔ دوست جي درِ ڪنھن ڪم سانگي وڃجي ۽ دوست اگر مگر ڪري تہ بس ڏينھن ئي اھو ڪجيس۔ مري وڃي تہ وري منھن ئي نہ ڏسجيس۔ ايئن سمجهجي ڄڻ سڄي عمر ڪو رانگ نمبر ڊائل ڪيو ھيو۔
ان ڪري،
“دلِ جو دِلبَرُ ھيڪَڙو، گهڻا تان نہ ڪِجَنِ،
دِلِ ڀي ڏِجي ھِڪَ کي، توڙي سَوَ سِڪَنِ،
سي چِلوِلا چَئِجَنِ، جي دَرِ دَرِ لائِنِ دوسِتِي.”
ڪيڏو نہ عام فھم ۽ عوامي بيت آھي۔ اڄڪلهہ ھزارين دوست صرف سوشل ميڊيا تي واھ واھ ڪرڻ وارو ئي ڪم ڪري سگهن ٿا۔ اوھان انھن کي آزمائڻ لاء کين ڪو ڪم چئو، ڏسو تہ ڪيئن ٿا گوھيون ھڻن؟ الٽو وري صلاحون ڏيڻ شروع ڪندا۔ سو اھڙن بيشمار مگر بيڪار دوستن کي ڪاڏي ڪبو۔
A friend in need is a friend indeed.
وانگر دوست چئبو ئي ان کي آھي جيڪ ڏکئي وقت ۾ ڪم اچي۔
”یہ کہاں کی دوستی ہے کہ بنے ہیں دوست ناصح۔
کوئی چارہ ساز ہوتا، کوئی غم گسار ہوتا“ (غالب)۔
وري ٻيو تجربو۔
“آدمِيُنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪَيو؛
هاڻِ کائي سَڀُڪو، سَندو ماڙُهُوءَ ماسُ؛
دِلبَرَ! هِنَ دُنيا ۾، وَڃِي رَهندو واسُ؛
ٻئي سَڀُ لوڪَ لِباسُ، ڪو هِڪَدِلِ هُوندو هيڪِڙو.”
ماڻھو رڇ ڀولا ٿي ويا آھن۔ ھڪ ٻئي جو ماس ٿا کائن، رت پيا چوسين۔ ھونء مونکي رڇ ڀولا لکڻ نہ کپي ھا۔ پر صرف سمجهائڻ خاطر لکيو اٿم۔ ڪو اخلاص، ڪا مروت، ڪا سپت، ڪا سچائي، ماڻھن ۾ ڪجهہ بہ نہ رھیو آھي، حيرت آھي! ٻئي طرف وري دنيا ۾ ماڻھوءَ جو ڪردار ئي وڃي رھندو. ڪردار جي سڳنڌ ۽ سرھاڻ کي ئي بقا آھي۔ ظاھري ڏيک وارا ۽ دولابي تمام گهڻا آھن پر دل جو سچو دوست بس ھڪڙو ئي ھوندو آھي۔ وڻ جي ڇانوَ ۾ ھرڪو ويھندو آھي پر دل جي ڇانو ۾ ھڪڙو ئي ويھندو آھي۔
ان ڪري لطيف سائين پنھنجي محبوب کي پڪ ڏياري ٿو تہ اي دوست! آئون تو لاءِ ئي آھيان، توسان سچو آھيان، توڙ نڀائڻ وارو آھيان۔
تڏھن سندس پرينءَ کي اھڙي پڪ ٿئيس ٿي تہ ھو بہ سڀ لڳ لاڳاپا لاھي ھليو اچي ٿو، پنڌ ڪري ٿو۔ لطيف سائين ان جي اچڻ کان وٺي، ھميشہ لاء گڏ رھڻ تائين ھر مرحلي کي خوب قلمبند ڪيو آھي۔ محبوب جي ڀليڪار لاء زمين سندس رستي کي چميون ٿي ڏي، حورون اڀي پير بيھي سندس آجيان ڪن ٿيون۔ ڇا تہ چرندڙ پرندڙ عڪس آھن۔
“نازَ مَنجهاران نِڪرِي، جَڏھِن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ؛
ڀُون پڻ ”بِسِمِ اَلله“ چئِي، راھَ چُمي ٿِي رَندُ؛
اُڀِيُون گَهڻي اَدَبَ سين، حُورُون حَيۡرَتَ ھَنڌُ؛
سائِينءَ جو سَوڳَندُ، ساڄَنُ سَڀَنِئان سُھڻو.”
اصول آھي تہ نازن وارو محبوب ڪائنات جي سڀني شين کان وڌيڪ حسين لڳندو آهي۔ اھڙي محبوب سان وصال ٿيڻ پنھنجي پر ۾ ھڪ عيد جو ڏينھن آھي۔ وصال وقت محبوب منھنجي انگن/عضون کي رڱي ڇڏيو آھي۔ جيئن سوٽي سنگن کي ڪٽي سٽي الڳ ڪندي آھي تيئن ئي محبوب اچي سورن سان ڪئي آھي۔
“اَڄُ پِڻُ اَنگِيَمِ اَنگَ، ھٿان حَبِيبَنِ جي؛
جا پَرِ سَوۡنٽِيءَ سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِئِي.“
ڀاڳ سڻائو ٿيو آھي۔ محبوب اچي ويو۔
فراق ختم ٿيو ۽ وصال جون واڌايون مليون۔
“اڄُ پِڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيھي دَرِ آئِيو؛
سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مُحۡڪَمُ ڏِنِي موڙَ؛
جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي.”
جا ڪار ڌوٻي، ڪپڙن جي کيپ سان ڪندو آهي، سا ڪار سورن سان ٿي. سورن جي اصل صفائي ٿي ويئي.
جيئري ملڻ جي مبارڪ جو مزو ئي پنھنجو آھي۔
“شڪُرُ گَڏِياسُون، سپِرِين! جِئَري، جانِي يارَ!
ويٺي جن جي وَٽِ ۾، ڪوڙين ٿِيا قَرارَ؛
ڌَڻِـيَم! ڪَرِ مَ ڌار، پاڙو تِن پِرِيُنِ کان.”
اي جاني! شڪر ٿيو جو جيئري ئي پاڻ ۾ مليا سين. اوھانجي ڀر ۾ ويھڻ جو مزو ئي پنھنجو آھي۔ جيڪا راحت اوھان سان ملي ڪري پلئہ پئي ٿي تنھنجو ڪو جوڙ ئي ناھي۔ اي ڌڻي سڳورا! شل وري وڇوڙو وچِ نہ پوي، شل وري نہ پرینءَ کان پاڙو پري ٿئي۔
پرينءَ کي وري ساڳيو ئي عرض ڪري ٿو تہ ھو پنھنجون نظرون مٿس ايئن ئي ڄمائي رکي جيئن ماضيءَ ۾ رکندا ھئا۔
“کوڙي، کَڻُ مَ سُپِرِين! کَنيَئِي تان کوڙِ؛
عادَتَ جا اَکِيُن جِي، سا نيئِي نِباهِجِ توڙِ؛
مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِج، سُپِرِين!
سر سارنگ جي بيت جي آخري سٽ ھتي وڌيڪ سمجهہ ۾ ايندي تہ “اسان ۽ پرين شل ھون برابر ڏينھڙا”
اتي ھن سُر جو پردو ڪري ٿو۔
مجموعي طور ھي ھڪ مختصر سر آھي جيڪو عشقيہ داستان آھي۔ فراق ۽ وصال جا باريڪ نقطا سمجهائڻ لاء ئي ھي سر سرجيو ويو آھي۔
ھن سر ۾ ٽي داستان آھن ۽ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ ٢٤ بيت آھن ۽ ڪا بہ وائي ناھي۔ جڏھن تہ غلام محمد شاھواڻيءَ جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ ٤١ بيت ۽ ٣ وايون آھن۔
استاد محمد ابراھيم ھن سر جي وائي “ايندو سڄڻ سائين الا منھنجو ايندو ڍولڻ سائين” روح سان ڳائي آھي۔” جيڪا ھيٺ ڏنل وائي ئي آھي پر ان کي ڳائڻ مھل منجهس ٿوري ڦير ڦار ڪئي وئي آھي۔
ھاڻِ ايِندو، ھاڻِ ايندو،
مُنھنجو سَڄَڻ سائِين، ھاڻِ ايندو.
آڱر لائي انڌِيُون،
وسئين نيئي وجھندو،
ڏيئي وَرُ ولھيُن کي،
ڪامِلُ ڪَرم ڪَريندو،
شَمع ٻاري شَبَ ۾،
نرملَ نُورُ سَڏِيندو۔
نِماڻيءَ جو نِجهرو،
پاسي پاڻَ اَڏِيندو،
مَٿان لَڪَن ساٿِڙو،
صَحِيح سَلامَتَ نِيندو،
ھادي جَهلي ھَٿَڙا،
چِڪَڻ مان چاڙِھيندو،
ھاڻ ايندو، ھاڻ ايندو۔
__________________

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي. سکر ۾ رھي ٿو.



