مِگجيني: سماجي ناانصافي، مذهبي منافقت ۽ انساني ڏکن تي شاعري ڪندڙ البانيائي شاعر
مِيلوش جيرجي نڪولا عرف مِگجيني ويھين صديءَ جي اوائل جو اھڙو شاعر ھو جنھن سان جديد البانيائي شاعريءَ جو سفر شروع ٿيو. سندس لھجو باغياڻو ھو جنھن ۾ هُو مذهبي اڳواڻن ۽ سرمائيدارن جي بي حسيءَ تي سخت وار ڪندو ھو. مِگجيني 26 آگسٽ 1938 تي صرف 26 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو، جيڪو جديد البانوي ادب لاءِ هڪ وڏو سانحو هو.

مِگجينيءَ جي نظمن جو ھڪ مجموعو شائع ٿيو. سندس سمورا نظم اڄ بہ وڏي اھميت رکن ٿا، پر سندس ھڪ نظم ”مفلسيءَ جو گيت“ تمام گھڻو مشھور آھي جنھن ۾ ھُو چوي ٿو:
غربت بشريت جي نراڙ تي هڪ اهڙو داغ آهي،
جيڪو صدين کان لڳل آهي،
۽ هي داغ ڪڏهن به انهن پراڻن عقيدن سان ڌوئي نٿو سگهجي،
جيڪي عبادتگاهن ۾ سڙي رهيا آهن.
مِگجيني (1911-1938) ھڪ اھڙو شاعر ھو جنھن سان گڏ جديد البانيائي شاعريءَ جو سفر شروع ٿيو ھو. ميگجيني Migjeni، ميلوش جيرجي نڪولا جو قلمي نالو هو جيڪو ھن پنھنجي اصل نالي Millosh Gjergj Nikolla جي حرفن کي ملائي ٺاھيو ھو.
مِگجيني شڪودرا (Shkodra) علائقي ۾ پيدا ٿيو، جيڪو سربيا جو حصو ھو. سندس والد، جيرجي نيڪولا (1872-1924)، هڪ آرٿوڊوڪس خاندان سان تعلق رکندو هو، جنهن جو اصل تعلق دبران (Dibran) سان هو، ۽ اتي هن جو هڪ بار (مئخانو) هو. ننڍپڻ ۾ هن شڪودرا جي هڪ سربيائي آرٿوڊوڪس پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ 1923 کان 1925 تائين مونٽينيگرن ساحل تي هڪ سيڪنڊري اسڪول ۾ پڙهيو، جتي سندس وڏي ڀيڻ لينڪا منتقل ٿي وئي هئي. 1925 ۾، جڏهن هو چوڏهن سالن جو هو، کيس ڏکڻ مقدونيه جي شهر مونسٽير (بيٽولا) جي هڪ سيڪنڊري اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي. هي مختلف نسلن وارو شهر، جيڪو يونان جي سرحد کان پري ناهي، شڪودرا جي هن نوجوان لاءِ ضرور ڪشش جو باعث رهيو هوندو، ڇو ته اتي هن جو واسطو نه رڳو بلقان جي مختلف حصن مان آيل البانوين سان پيو، پر مقدوني، سرب، اروموني، ترڪ ۽ يوناني شاگردن سان پڻ پيو.
پاڻ سلاوڪ نسل سان تعلق رکڻ جي ڪري، هو تنگ نظر قومپرست سوچن تائين محدود نه رهيو ۽ انهن ٿورڙن البانوي اديبن مان هڪ بڻجي ويو جن البانوين ۽ سربن جي وچ ۾ موجود ثقافتي کاهيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ پُل جو ڪردار ادا ڪيو. مونسٽير ۾ هن پراڻي چرچ سلاووني، روسي، يوناني، لاطيني ۽ فرانسيسي ٻولين جو مطالعو ڪيو. 1927 ۾ اسڪول مان امتحان پاس ڪرڻ بعد، هن سينٽ ھڪ آرٿوڊوڪس سيمينري ۾ داخلا ورتي، جيڪو پڻ مونسٽير ۾ هو، جتي سندس صحت جي مسئلن جي باوجود ھُن جُون 1932 تائين پنهنجي تعليم جاري رکي. هن وڌ ۾ وڌ ڪتاب پڙهيا، خاص طور تي روسي، سربي ۽ فرانسيسي ادب، جيڪو کيس مذهبي تعليم کان وڌيڪ پسند هو. مونسٽير ۾ گذاريل وقت کيس اوڀر ۽ اولهه جي تضاد ۽ ڏکڻ سلاوڪ قومن جي زندگيءَ سان متعارف ڪرايو، جيڪو هن دوستووسڪي، ايوان ترگنيف، ليو ٽالسٽاءِ، نيڪولاءِ گوگول ۽ ميڪسم گورڪيءَ جي لکڻين ۾ ڏٺو. ان سان گڏوگڏ هن اولهه جي سماجي تنقيد ڪندڙ ليکڪن جهڙوڪ جين جيڪ روسو، فريڊرڪ شلر، اسٽينڊل، ايمائل زولا کان وٺي اپٽن سنڪليئر، جيڪ لنڊن ۽ بين ٽريون تائين جو مطالعو ڪيو.
1932 ۾ شڪودرا واپسيءَ تي، وڌيڪ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ، هن پادري بڻجڻ بدران (جنهن جي کيس تربيت ڏني وئي هئي) تدريس جي پيشي کي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 23 اپريل 1933 تي، کيس شڪودرا کان ست ڪلوميٽر پري هڪ سربي ڳوٺ وراڪا جي هڪ اسڪول ۾ البانوي ٻوليءَ جو استاد مقرر ڪيو ويو. اِهو ئي دور هو جڏهن هن اهڙا نثري خاڪا ۽ نظم لکڻ شروع ڪيا جيڪي يورپ جي انتھائي پُٺتي پيل علائقي ۾ هڪ دانشور جي زندگي ۽ تڪليفن جي عڪاسي ڪن ٿا. مئي 1934 ۾، سندس پهريون مختصر نثري ٽڪرو ھڪ ميگزين ‘اليريا’ (Illyria) ۾ شايع ٿيو، جنهن لاءِ هن پنهنجو نئون قلمي نالو مِگجيني استعمال ڪيو.
جلد ئي، 1935 جي اونهاري ۾، ٽيهن سالن جي مِگجينيءَ کي سِلھ (ٽي بي) وڪوڙي وئي جيڪا کيس اڳ ۾ ئي لڳي چڪي هئي. هو علاج جي اميد ۾ جولاءِ ۾ اٿينس ويو، پر هڪ مهيني بعد بنا ڪنهن سڌاري جي واپس شڪودرا موٽي آيو.
1936 جي شروعات ۾ هن پنهنجي شاعريءَ جو مجموعو شايع ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. کيس جبلن واري ڳوٺ “پوڪا” ۾ بدلي ڪيو ويو، جتي هن هيڊماسٽر طور ڪم ڪيو. جبلن جي صاف هوا کيس ڪجهه فائدو ته پهچايو، پر اتي جي قبيلن جي غربت ۽ بدحالي ساحلي علائقن کان به وڌيڪ هئي. اتي ارڙهن سخت مهينا گذارڻ کانپوءِ، سندس صحت وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ هو علاج لاءِ اٽليءَ جي شهر تورين ويو، جتي سندس ڀيڻ اولگا پڙهندي هئي. پر سِلھ جي مرض ۾ ڪو فرق ڪونہ آيو. مِگجيني 26 آگسٽ 1938 تي صرف 26 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو، جيڪو جديد البانوي ادب لاءِ هڪ وڏو سانحو هو.
مِگجيني جي شاعريءَ جو اڪيلو مجموعو آزاد نظم (Vargjet e lira) سال 1933کان 1935 جي وچ ۾ لکيو ويو. سندس شاعريءَ جو بنيادي موضوع بدحالي ۽ تڪليف آهي. هي سماجي شعور ۽ نااميديءَ جي شاعري آهي. جڏھن ٻين شاعرن البانيا جي جبلن جي خوبصورتي ۽ قومي روايتن جا گيت پي ڳايا، تڏھن مِگجينيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن، بيماري ۽ غربت کي موضوع بنايو . هن چيو: “مان ان ٻار سان گڏ تڪليف سھان ٿو جنهن جو پيءُ کيس رانديڪو نٿو وٺي ڏئي سگهي… مان ان مريض سان گڏ تڪليف سھان ٿو جيڪو دنيا جي سڀني بيمارين ۾ ورتل آهي… مان ھر انسان سان گڏ تڪليف سھان ٿو.”
مِگجينيءَ جي شاعريءَ ۾ هڪ اهڙو دانشور نظر اچي ٿو جيڪو ڪميونسٽ ۽ فاشسٽ نظرين جي ٽڪراءُ واري دور ۾ پيدا ٿيو هو. هو نطشي (Nietzsche) جي سپر مين (Superman) واري تصور کان به متاثر هو. سندس مذهبي تعليم کيس مذهب کان پري ڪري ڇڏيو؛ هن لاءِ خدا هڪ اهڙو ديو هو جيڪو انسان جي مرضيءَ کي چيڀاٽي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ هڪ ٻيو پاسو “دٻيل جنسيت” (repressed sexuality) آهي، جنھن ۾ هُو عورتن، خاص ڪري بدحال عورتن ۽ جسم فروشي ڪندڙ مجبور عورتن جي زندگيءَ تي رحم ۽ جنسي دلچسپيءَ سان لکي ٿو.
اسٽالن پرست نقادن مِگجيني کي سوشلسٽ ريئلزم جو اڳواڻ قرار ڏنو، پر اهي سندس مايوسي، اولھ ڏانهن لاڙي ۽ نطشي واري سوچ کي سمجهڻ ۾ ناڪام رهيا. ڪن نقادن موجب، مِگجيني جي البانوي ٻولي به مڪمل طور درست نه هئي ڇو ته سندس گهرو ٻولي سربي-ڪروشين هئي. تنهن هوندي به، مِگجيني البانيا ۾ جديد ادب لاءِ رستو هموار ڪيو ۽ اڄ به سندس گيت وڌيڪ اهميت رکن ٿا. سندس نظم پنهنجي سماجي حقيقت نگاري ۽ غربت جي عڪاسيءَ سبب سڄي دنيا ۾ مشهور آهن.

ميگجيني جا نظم سنڌي سماج جي غربت ۽ بيوسيءَ سان به ڪافي ھڪجھڙائي رکن ٿا. سندس لھجو باغياڻو آهي ۽ هو مذهبي اڳواڻن ۽ سرمائيدارن جي بي حسيءَ تي سخت وار ڪري ٿو. البانوي شاعر جي ڪجھ نظمن جو سنڌي ترجمو هيٺ پيش ڪجي ٿو. هنن نظمن جو مرڪزي موضوع سماجي ناانصافي، مذهبي منافقت ۽ انساني ڏک آهي.
مفلسيءَ جو گيت Poema e mjerimit
غربت، اي ڀائرو! هڪ اهڙو گرهه آهي، جيڪو ڳھڻ ڏکيو آ،
هڪ اهڙو گِرھ، جو نڙيءَ ۾ ڦاسي، اکين ۾ لڙڪ آڻي ٿو.
توهان ڏسو ٿا اهي پيلا مُنھن ۽ لٿل اکيون،
جيڪي ڀُوتن وانگر توهان کي تڪين ٿيون ۽ خالي هٿ ٽنگين ٿيون؛
اهي سڄي عمر، مرڻ گهڙيءَ تائين، توھان جي پُٺيان پيل آهن.
سندن مٿان، حقارت مان، آڪاش کي چيريندي،
صليب ۽ منارا بيٺا آهن،
۽ رنگين لباسن ۾ نبي ۽ ولي پنهنجي شان جا جلوا ڏيکارين ٿا،
پر اتي… غربت پاڻ کي بيوس ۽ اڪيلو محسوس ڪري ٿي.
غربت جي پنھنجي هڪ گندي مُھر آهي،
هيءَ بدصورت آهي، نفرت جوڳي ۽ گهڻي ڀيانڪ.
اهو نراڙ جنهن تي هيءَ لکيل آهي، اهي اکيون جيڪي اُن جو اظهار ڪن ٿيون،
۽ اهي چپ، جيڪي اُن کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا؛
اهي سڀ جهالت جي پيداوار ۽ حقارت جا شڪار آهن.
هي اهي گندا ٽڪر آهن، جيڪي ان دسترخوان تان اڇلايا ويا آهن،
جنهن تي صدين کان، ڪو بي رحم ڪتو پلجي رهيو آهي.
غربت وٽ ڪا خوشبختي ناهي، رڳو ليڙون ليڙون لباس آهن،
اهي سندن اميدن جا ڦاٽل جهنڊا آهن،
جيڪي ڪوڙن وعدن جي لھرن ۾ تباهه ٿي ويا.
غربت گندگيءَ ۾ غرق آهي،
اونداهين ڪُنڊن ۾، ڪتن، ڪوئن ۽ ٻلين سان گڏ،
بدبودار ۽ گندن بسترن تي، ليٽيل پيلن جسمن سان،
جتي احساسن تي حيواني خواهشون غالب آهن.
هتي اهي بيوقوف، نوڪر ۽ پينو فقير جنم وٺن ٿا،
جيڪي سڀاڻي شهر جي گهٽين کي ڀريندا.
غربت نئين ڄاول ٻار جي اکين ۾ چمڪي ٿي،
هڪ ميري ۽ دونھاٽيل ڇت هيٺ، ميڻ بتيءَ جي جهيڻي لاٽ وانگر.
جتي بيمار کير پياڪ ٻار، پنهنجي ماءُ جي خشڪ ڇاتين لاءِ روئي ٿو،
۽ اها ماءُ، جيڪا وري اميد سان آهي، خدا ۽ شيطان کي پِٽي ٿي،
هوءَ پنھنجي پيٽ اندر پلجندڙ ٻار کي به پِٽي ٿي.
سندس ٻار کِلڻ نٿو ڄاڻي، اهو رڳو سُڪي ڪاٺي ٿيندو وڃي ٿو،
افسوس آهي، غريب جي ان پييگهي تي،
جتي ٻار کي لُڙڪن ۽ سُڏڪن سان لوڏيو وڃي ٿو.
غربت ٻار کي وقت کان اڳ جوان ڪري ٿي،
کيس سيکاري ٿي ته ڪيئن ان مُڪ کان بچجي، جيڪا کيس مارڻ لاءِ تيار آهي.
جڏهن بک جي ڪري اکين اڳيان انڌيرو اچي ٿو،
۽ معصوم چهرن تي موت جو پاڇو پوي ٿو،
ته مُرڪ جي بدران هڪ ڀيانڪ روپ پيدا ٿئي ٿو.
ميوو ته پچي ڪري پوندو آهي،
پر هي ٻار پچڻ کان اڳ ئي مٽيءَ جو ماس بڻجي وڃن ٿا.
غربت ڏينهن رات پگهر وهائي پورهيو ڪري ٿي،
گوڏن تائين گپ ۽ چيڪي مٽيءَ ۾ غرق،
پر پوءِ به پيٽ جي باهه نٿي وسامي.
اجرت جي نالي تي رڳو چند ٽڪا ۽ ملڪ بدر ٿيڻ جو حڪم!
غربت ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي چهري کي رنگي ٿي،
ڳاڙها چپ ۽ هٿرادو لالي، پنهنجي جسم جو سودو ڪرڻ لاءِ.
ڪجهه سِڪن جي عيوض، ميري چادر، ميري چهري ۽ ميري ضمير سان.
غربت ورثي ۾ ملڪيت يا بئنڪ بيلنس نٿي ڇڏي،
پر ڦڏيون هڏيون ۽ سيني جو سور ڏئي وڃي ٿي.
اهو ورثو، جتي پيءُ جي دانهن تي پادري چوي ٿو:
“هيءَ خدا جي ناراضگي آهي، جيڪا تنهنجي گناهن جو نتيجو آهي.”
غربت کي رحم نه، انصاف گهرجي!
رحم؟ اهو ته مڪارن جي اها ڌيءَ آهي،
جيڪا رڳو ڏيکاءُ لاءِ پينو فقير جي هٿ تي هڪ پئسو رکي ٿي.
غربت بشريت جي نراڙ تي هڪ اهڙو داغ آهي،
جيڪو صدين کان لڳل آهي،
۽ هي داغ ڪڏهن به انهن پراڻن عقيدن سان ڌوئي نٿو سگهجي،
جيڪي عبادتگاهن ۾ سڙي رهيا آهن.
***
ڪُفر Blasphemy
يادن جي گهيرن ۾ مسجدون ۽ ڪليسائون ترن ٿيون،
انهن جي ديوارن مان بي معني دعائن جا پڙاڏا اچن ٿا.
خدا جي دل ڪڏهن به انهن سان ناهي تڙپي،
پر پوءِ به اهو گهنڊن ۽ نغارن جي شور ۾ ڌڙڪي پئي.
عظيم مسجدون ۽ گرجا گهر، اسان جي هن بدحال سرزمين تي،
منارا ۽ گنبذ، انهن جهيڻن گهرن تي حاڪم بڻيا بيٺا آهن،
مُلن ۽ پادرين جو اهو گڏيل ۽ زوال پذير راڳ،
عظيم خواب! جيڪو هزار سال پراڻو آهي.
پرهيزگارن جي يادن ۾ اهي عبادتگاهون ترن ٿيون،
جتي گهنڊن جو آواز، مؤذن جي اذان سان ملي وڃي ٿو.
پادرين جي جبن ۽ ملن جي ڏاڙهين مان تقدس ليئا پائي ٿو،
دوزخ جي دروازن تي ڪيڏا نه سهڻا ملائڪ بيٺا آهن.
پراڻن قلعن تي ڪانءُ ويٺا آهن،
انهن جا پر لٽڪيل آهن – ڄڻ ته گم ٿيل اميدن جي علامت،
اهي مايوسيءَ ۾ ان دور جو ماتم ڪن ٿا،
جڏهن اهي قلعا ڪنهن مقدس خوشيءَ سان چمڪندا هئا.
***
باوقار پِيڙا جو گيت Song of Noble Grief
او پيڙھيل روح جي باوقار پِيڙا،
جيڪا آزاد نظم جي صورت ۾ ڦاٽي پئي آهي…
ڇا تون هن دنيا کي زيورن سان سينگاري،
ڪو سک ماڻي سگهندينءَ؟
او آزاد نظم ۾ سمايل غيرت مند پِيڙا،
جيڪا سچائيءَ سان گونجي رهي آهي،
ڇا تون ڪڏهن انسانن جي احساسن کي جهنجهوڙينديئن؟
يا خزان جي پنن وانگر سڪي مٽي ٿي وينديئن؟
او پِيڙا جا گيت… ڪڏهن به آرام نه ڪجانءِ!
پر پنهنجي جاڙي ڀاءُ “ماتم” سان گڏ، پنهنجي پيڙا ڳائيندو رهجانءِ،
ڇو ته وقت ئي تنهنجي تسلي بڻجندو.
***
سَرءَ جي پريڊ Autumn on Parade
فطرت ۾ به سَرءُ آهي ۽ اسان جي چهرن تي به سَرءُ،
هيءَ لُڪ روح کي ڪمزور ڪري ٿي، ۽ هيءُ سورج،
اسان جي سينن ۾ قيد بيمار روح کي چيڀاٽي ٿو.
پيليون رنگينيون پنهنجو آخري ناچ نچي رهيون آهن،
مرندڙ پنن جي هڪ آخري جنوني خواهش.
اسان جون خوشيون، جذبا ۽ آخري تمنائون،
سَرءَ جي گپ ۾ ڪري پامال ٿي رهيون آهن.
هڪ ٻٻر جو وڻ، آسمان جي لڙڪن ۾ پنهنجو عڪس ڏسي،
جوشِ جنون ۾ تڙپي ٿو ۽ رت روئي ٿو،
“مان جيئڻ چاهيان ٿو! جيئڻ!” – اهو ساهه کڻڻ لاءِ وڙهي ٿو،
۽ طوفان کي پنهنجي دردناڪ دانهن سان چيري ٿو.
افق، جيڪو ڪوهيڙي ۾ ٻڏل آهي، هن ماتم ۾ شامل آهي،
ميوي وارا وڻ مايوسيءَ ۾ پنهنجون ٽاريون دعا لاءِ کڻن ٿا،
پر اهي ڄاڻن ٿا ته سڀ بيڪار آهي، سڀاڻي انهن کي مرڻو آهي.
ڇا ڪٿي به ڪا اميد ناهي؟
اک اداس آهي، ۽ اداس آهي هيءَ دل،
موت جي گهڙيءَ ۾، جڏهن رڳون خاموش ٿي وڃن ٿيون،
۽ قبر کان وٺي عرش تائين،
اڻ ٻڌل سور جون دانهون گونجن ٿيون.
***
رُسوا ڪندڙ گيت Scandalous Song
هڪ پيلي چهري واري راهبه (Nun)، جيڪا هن دنيا جا گناهه،
۽ منهنجا گناهه به، پنهنجي ٿڪل ڪلهن تي کنيو گهمي ٿي،
اهي ڪلها، جيڪي ميڻ وانگر پيلا آهن،
گهمي ٿي گهٽين ۾ هڪ عارضي ملائڪ وانگر.
هڪ راهبه، سنگِ مرمر جي قبر وانگر ٿڌي،
اکيون اهڙيون ڄڻ رک ٿيل خواهشن جا ڍير،
پنهنجي دانهن کي دٻائڻ لاءِ پنهنجا چپ گهٽي بيٺي آهي،
سندس هڪ سرد تصوير منهنجي ياد ۾ رهجي وئي آهي.
ھُوءَ مقدس دعائون گهري اچي ٿي ۽ وري دعائن ڏانهن وڃي ٿي،
سندس اکين، چپن ۽ ٻڌل هٿن ۾ دعا ئي دعا آهي.
جي سندس دعائون نه هجن ها، ته دنيا جو ڪهڙو حشر ٿئي ها؟
پر اهي دعائون هڪ نئين ڏينهن کي اڀرڻ کان نٿيون روڪي سگهن.
او پيلي چهري واري راهبه! جيڪا اوليائن سان محبت ڪرين ٿي،
انهن جي اڳيان ميڻ بتيءَ وانگر پگهرين ٿي،
مون کي تنهنجي انهن بزرگن تي ساڙ اچي ٿو،
منهنجي لاءِ دعا نه ڪجانءِ، مان ته خواهشن جي دوزخ ۾ اڳ ئي سڙي رهيو آهيان.
تون ۽ مان، هڪ ئي رسي جا ٻه ڇيڙا آهيون،
جنهن کي ٻه ٽوليون هڪ ٻئي جي خلاف ڇڪي رهيون آهن،
هيءَ جنگ سخت آهي، ڪير ڄاڻي ته نتيجو ڇا نڪرندو؟
تنهنڪري رسي کي ڇڪيندي رهه، مقابلو جاري رهڻ ڏي.
***
تسليم و رضا Resignation
اسان لڙڪن ۾ ئي تسلي ڳولي ورتي آهي…
اسان جي زندگيءَ جو ورثو رڳو بدحالي آهي،
ڇو ته هي سڄي دنيا ڪائنات جي پيٽ ۾ هڪ قبر آهي،
جتي انسان ڪيڙن وانگر رڙهڻ تي مجبور آهن،
سندن مرضي هڪ ديو جي گرفت ۾ چيڀاٽيل آهي.
درد جي لڙڪن سان سجايل هڪ اک،
دوزخ جي پرئين پار کان چمڪي رهي آهي،
۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو خيال، بجليءَ وانگر ڪڙڪي ٿو،
پنهنجي غصي جو اظهار ڪرڻ لاءِ.
پر پوءِ ڪنڌ جهڪي وڃي ٿو، پلڪون لڙڪي پون ٿيون،
۽ هڪ لُڙڪ ڳل تان وهي مٽيءَ ۾ ملي ٿو،
۽ ان هر قطري مان هڪ انسان جنم وٺي ٿو،
پنهنجي مقدر جي راهه تي هلڻ لاءِ.
***
ٽڪرو Fragment
بي رحمن جي رحم تي،
اهو ننڍڙو پينو فقير جيئرو رهيو،
سندس زندگي گذري وئي،
گندين گهٽين ۾، اونداهين ڪنڊن ۾،
ٿڌن دروازن تي، ۽ ڪوڙن عقيدن جي وچ ۾.
پر هڪ ڏينهن جڏهن دنيا جو رحم ختم ٿي ويو،
ته هن پنهنجي سيني ۾ هڪ نئين سُور کي محسوس ڪيو،
اهو سُور، جيڪو غريبن جي دل ۾ حقارت مان پيدا ٿئي ٿو.
۽ هُو جيڪو ڪلهه تائين هڪ فقير هو، اڄ ڪجهه نئون بڻجي ويو،
پنهنجي ماضيءَ جو انتقام وٺندڙ!
سندس چپن تي هڪ بددعا آئي،
هن پنهنجو سڄو زور لڳايو ته اهو لفظ ٻاهر ڪڍي،
جيڪو غصي جي ڪري سندس نڙيءَ ۾ ڦاٿل هو.
هو خاموشيءَ سان چوواٽي تي ويٺو هو،
ته اوچتو هڪ گذرندڙ گاڏيءَ جي ڦيٿن کيس چيڀاٽي،
هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو.
***
موضوعThe Themes
ڇا يادن جي وچ ۾ ڪو نظم جو موضوع آهي؟
ٻالڪپڻ جي انهن معصوم يادن ۾،
جڏهن دل خوشين، اميدن ۽ مٺن خوابن سان ڀريل هئي؟
ڇا جوانيءَ جي انهن جذباتي يادن ۾ محبت جو ڪو موضوع آهي؟
جتي رڳو زندگيءَ جي لهر هئي.
پر ڏسو! انهن گناهگار عورتن جي پيلن چهرن تي،
جيڪي دروازن تي پنهنجو پاڻ کي وڪڻڻ لاءِ بيٺيون آهن،
سندس چهرن تي هڪ دردناڪ نظم لکيل آهي،
جيڪو لُڙڪن جي صورت ۾ آسمان تائين وڃي ٿو.
انهن اونداهين ڪُنڊن ۾ جتي نفرت جو راڄ آهي،
جتي ديوانا پنهنجي زالن ۽ ٻارن تي کلن ٿا،
اتي بغاوت جا عظيم موضوع تخليق جو انتظار ڪري رهيا آهن.
انسان جي سڄي زندگي موضوعن سان ڀريل آهي،
پر هاڻي سڀ کان آخري ۽ ڀيانڪ موضوع اچي ويو آهي،
چهري جو پيلو ٿيڻ، هڪ منحوس پاڇو، ۽ موت جي گهنڊ جو وڄڻ.
پِيڙا Suffering
ڪجهه وقت کان مان صاف ڏسي رهيو آهيان،
ته سور جي ڪري منهنجيون اکيون وڏيون ٿي رهيون آهن،
منهنجي چهري ۽ نراڙ جا گُهنج گهرا ٿي رهيا آهن،
۽ منهنجي مرڪ ڪڙي ٿي وئي آهي…
وقت سان گڏ مون ڏٺو آهي،
ته هن بي وفا زندگي،
منهنجي هر احساس کي هڪ هڪ ڪري ساڙي ڇڏيو آهي،
ايستائين جو اها خوشي به نه رهي، جيڪا ڪڏهن منهنجي هئي.
او زندگي! مونکي خبر نه هئي،
ته مان تنهنجي ان گرفت کان ايترو ڊڄندس،
جيڪا بي رحميءَ سان گُهٽي ماري ٿي.
هاڻي مان بيوس ٿي آئيني ۾ ڏسان ٿو،
ته مان زندگيءَ جي جنگين ۾ هڪ ڦاٽل جهنڊو بڻجي چڪو آهيان.
***
ملال جي جهنڊن هيٺ Under the Banners of Melancholy
اداس، ملال جا جهنڊا،
اسان جي سڄي ملڪ تي جهولي رهيا آهن…
ڪو به ايئن نٿو چئي سگهي،
ته هتي اهي ماڻهو رهن ٿا، جيڪي ڪجهه نئون اڏي رهيا آهن.
انهن جهنڊن جي پاڇي ۾،
ڪڏهن ڪڏهن هڪ ڪوشش نظر اچي ٿي،
موت تي فتح پائڻ جي هڪ عظيم جنگ،
ڪنهن وڏي انقلاب کي جنم ڏيڻ جي ڪوشش!
پر (او مقدر جي ستم ظريفي!)
ان سموري پورهئي مان رڳو هڪ “ڪُوئو” پيدا ٿئي ٿو.
۽ ايئن هيءَ ڪاميڊي اسان جي رڳن ۾ غصو ڀري ٿي،
هر گهر جي چائنٺ تي، جتي زندگيءَ جو ڪو نشان آهي،
اتي اداس، ملال پنهنجو جهنڊو کوڙي بيٺو آهي.
____________________
انگريزيءَ مان ترجمو: جيمناءِ
درستي ڪندڙ: نصير اعجاز
البانيائي ٻوليءَ مان انگريزي ترجمو: Robert Elsie
ھڪ نظم مفلسيءَ جو گيت اٽليءَ م رھندڙ البانيائي شاعرا اينجيلا ڪوسٽا Angela Kosta بہ ڪيو ھو.




زبردست سائين، البانيائي شاعر مِگجيني سان تعارف ڪرائڻ لاءِ مھرباني. ننڍڙي عمر ۾ ايڏي پختي ۽ سماجي جي ناانصافي تي شعر پڙهي پنھنجي سماج جي پيڙھا محسوس ٿي.