وڏيرڪي، ڀوتارڪي ۽ جرڳائي نظام کان ڇوٽڪاري کانسواءِ ترقي ناممڪن آھي
ڪامورن جي ڪرپشن، وَڏيرا شاهي ۽ ڀوتارڪي نظام سبب ماڻھو مسئلن ۽ مسڪلات م ڦاٿل آھن. سنڌ جُون حالتون وَڌيڪ خراب آهن، ڇو ته ھتي وڏيرڪو، ڀوتارڪو، ۽ جرڳائي نظام وڌيڪ حاوي آهي.

پروفيسر مدد علي جهتيال
پاڻ ماڻهو جَن مسئلن، ۽ مُشڪلات کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون، ۽ پاڻ اڃان پوئتي وَڃي رَهيا آهيون ته اُن جو هِڪ وَڏو سَبب ڪامورن جي ڪرپشن سان گڏ وَڏيرا شاهي ۽ ڀوتارڪو نظام پِڻ آهي، جيڪي اَڪثر ڪري حُڪومت ۾ اَچن ٿا، ۽ پوءِ ايڏي ته تَباهي مَچائين ٿا، جو ماضيءَ جا سَڀ رڪارڊ ٽُٽي وَڃن ٿا. هاڻي ته مُلڪ جو حشر ئِي خراب ٿِي ويو آهي. دَرد ڪٿا بيان ڪنداسين ته لَفظ ئِي نه مِلندا. سنڌ جُون حالتون وَڌيڪ خراب آهن، ڇو ته سنڌ ۾ وڏيرڪو، ڀوتارڪو، ۽ جرڳائي نظام وڌيڪ حاوي آهي.
وڏيرا شاهي جي ڳالھ تاريخ جي تناظر ۾ ڪجي ته اهو بهتر رهندو، ڇو ته تاريخ آئينو هوندي آهي، ۽ آئينو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي. ننڍي کنڊ مان چار مُلڪ وجود ۾ اچي چڪا آهن، سڀ کان پهريان 1935ع ۾ برما ملڪ وجود ۾ آيو، تنهن کانپوءِ 14 ۽ 15 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ۽ انڊيا ۽ 20 ڊسمبر 1971ع تي بنگلاديش وجود ۾ آيو.
جڏهن مٿيان ملڪ نه هئا، ان وقت انهن جي اها پوزيشن هئي جو هي علائقو سوين رياستن تي مشتمل هو، جنهن مٿان سوين حاڪم حڪمراني ڪندا هئا، ۽ اهو سلسلو صدين تائين هلندو رهيو. هنن حاڪمن کي پنهنجي حڪمرانيءَ ۾ ايڏو ته مزو آيو جو دنيا جهان ۾ ٿيندڙ ترقي ڏانهن هنن جو ڌيان ئي نه ويو، خبر تڏهن پئي جڏهن ڌاريا اچي مٿان ڪڙڪيا، پوءِ به هنن کي اهو هوش نه هو ته رياستن جو الحاق ڪري هڪ ٿي دشمن سان مهاڏو اٽڪائجي، الٽو هڪٻئي جا پير ڪڍندا رهيا، ايستائين جو ڌارين جو ساٿ ڏئي پنهنجن جا پير ڪڍيائون، نتيجو اهو نڪتو جو ڌاريا هن علائقي تي قابض ٿيا ۽ حڪمراني ڪرڻ لڳا، جيڪو سلسلو ڪيتريون ئي صديون هلندو رهيو. هن خطي تي مسلمانن جي حڪمراني لڳ ڀڳ اُٺ صديون هلي، هنن ڌارين کي به طاقت جو ايترو نشو رهيو جو پوئين حڪمرانن جيان هنن جو به هوش ختم ٿي ويو، ڏسندي ڏسندي سندن مٿان برطانيا کان آيل واپاري حاوي ٿي ويا، ۽ سندن حڪمراني ختم ڪري اهي واپاري حڪمراني ڪندا رهيا. وري به هن خطي جي ماڻهن جي هيءَ ڀلائي ٿي جو جنگ عظيم ٻي لڳي، اهي واپاري ان جنگ ۾ تمام گهڻا متاثر ٿيا جو هي خطو سنڀالڻ ڏکيو ٿي پيو ۽ هنن خطي مان هٿ ڪڍيو، نه ته اڃا ڪيئي صديون هتي حڪمران هجن ها، ڇو ته هتان جي ماڻهن کي هو پرکي چڪا هئا ته هتي رهندڙ قومون سُست، ڪاهل ۽ ڪم چور آهن، جيڪي لٺ ۽ ڏنڊي جي سامُهون بيهي نه سَگهنديون، ۽ اُنهن جا حُڪمران تَمام گهڻا لالچي آهن، جيڪي ٽَڪي پئسي تي وڪامجي سَگهن ٿا!
هاڻي ڳالھ ٿا ڪريون پاڪستان جي وجود ۾ اچي وڃڻ کانپوءِ جي. جيئن ملڪ انگريز حڪمرانن جي تسلط کان آزاد ٿيو، ڏهاڪو سالن تائين ملڪ جو ڪو آئين ٺاهي نه سگهيا، جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو ڪم هلندو رهيو. انگريزن جا مراعات يافته ماڻهو جائز ناجائز طريقا استعمال ڪري ملڪيتون ٺاهيندا رهيا، کانئن ڪو پڇڻ وارو نه هو، ايتري تائين جو ڏهن ورهين جي عرصي ۾ لڳ ڀڳ ڏهاڪو حڪمران ٿيا، جيڪي پڻ ملڪ ۽ قوم کي ٻنهي هٿن سان لٽيندا ڦريندا رهيا. کين ڪو چوڻ وارو ڪون هو، مٿان وري ملڪ جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان آمريڪا وڃي اتان جي حڪمرانن کان ڇھ لک ڊالر قرض ورتو. ان پئسي جي به خبر نه پئجي سگهي ته اهو پئسو ڪاڏي ويو. قرض وٺڻ جو اهو سلسلو ايڏو ته تيز ڪيو ويو جو جيڪو حڪمران اچي پيو، اهو قرض وٺندو رهيو، جنهن جو به اڄ ڏينهن تائين حڪمرانن کان پڇاڻو نه ٿيو. ان نه پڇڻ ڪري اڄ اسان جو ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي جو هن وقت ملڪ کي ڪو قرض ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جي ڪو قرض ڏئي ٿو ته ڳرا مطالبا مڃرائي پوءِ ڏئي پيو، جنهن جو عذاب عام ماڻهن مٿان پوي پيو. عوام ڏينهون ڏينهن غربت جي لڪير کان به هيٺ وڃي پيو، غربت گهر گهر جي ڪهاڻي ٿي چڪي آهي، بدامني کان ويندي قانون جي لتاڙ عام ٿي چڪي آهي. پوئتي پيل ملڪن جو سڪو اسان جي ملڪ جي سڪي کان زور وٺندو پيو وڃي. ملڪ اندر ننڍيون ننڍيون اسٽيٽ قائم ڪري جاگيردارن، سردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي حوالي ڪيون ويون آهن، جيڪي جيئن چاهين ٿا، اهو ڪن ٿا. ملڪ جي دولت مالِ غنيمت سمجهي استعمال ڪن ٿا، ايتري تائين جو ملڪ کان ٻاهر وڃي ٻين ملڪن ۾ موج مستيون پڻ هتان جي ڦرلٽ واري پئسي مان ڪن ٿا. ملڪي ادارا، جيڪي ڪنهن به ملڪ کي هلائڻ لاءِ ڪرنگھي جي حيثيت رکن ٿا، انهن کي هلائڻ وارا ماڻهو ڪرپشن ڪري ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن. ڪي چند ماڻهو بهتر ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا ته انهن جا هٿ وڍيا وڃن ٿا. مجبور ٿي اهي به ساڳيو ڪم ڪن ٿا. ملڪي ماڻهن کي اهڙو ته ماحول ڏنو ويو آهي جو ملڪ جو هر ٽيون ماڻهو جائز ۽ ناجائز جي تميز ختم ڪري چڪو آهي. جيڪڏهن اهو سلسلو ايئن هلندو رهيو ته ملڪ جو الله واهي هوندو. ڌاريون قوتون ان مان فائدو وٺي. مُلڪي حالتون وَڌيڪ خراب ڪري صوماليه ۽ سوڊان کان به بَدتر ڏسڻ چاهين ٿيون. اَسان کي اُن صُورتحال مان نِڪرڻو پَوندو. ڪامورن جي ڪرپشن کي لغام ڏيڻ سان گڏ وَڏيرا شاهيءَ جو پِڻ انت آڻڻو پَوندو، نه ته وَڌيڪ تَباهه ۽ بَرباد ٿِي وينداسين!
هِي مُلڪ اسلام جي نالي سان وجود ۾ آيو هو، ۽ اهو تصور هو ته هي ملڪ اسلامي دنيا جو واحد ملڪ هوندو، جتي اسلامي اصول لاڳو هوندا، اسلام جو بول بالا هوندو. اسان جي بزرگن جاني مالي قرباني ان لاءِ ڏني ته سندن ايندڙ نسل بهتر زندگي بسر ڪري دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري. هتي ته ڪم ئي ٽيون ٿي ويو آهي. ڪنهن ڪنهن کي ان جو قصور وار ڪجي، اسان سڀ ان ڏوھ جا ڏوهي آهيون، پر اڃا به وقت ويو ناهي. جيڪڏھن اڄ به اسان جپان ۽ ٻين سڌريل ملڪن جيان انقلابي فيصلا ڪيا ته اهو ڏينهن پري نه هوندو جو اسان دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائي سگهون. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو. ملڪ ۾ قانون جي عملداري تي عمل ڪرڻو پوندو، هر ماڻهو خاص ڪري اسان جو پڙهيل لکيل ۽ شعور رکندڙ طبقو ان ۾ اڳڀرو ٿئي. رات ڏينهن ملڪ ۽ قوم جي بهتري جا پلان جوڙڻا پوندا، تڏهن وڃي ڪا بهتري اچي سگهي ٿي، باقي ملڪ کي وڏيرا شاهي، حڪمران شاهي طرح هلايو ويو ته اهو ناممڪن آهي جو اسان دنيا جي ٻين ملڪن جيان ڪا ترقي ڪري سگهون. ضرورت اُن ڳالهه جي آهي ته ھڪدم وَڏيرڪي ۽ ڀوتارڪي نظام مان جان ڇڏائجي ۽ حقيقي عَوامي راڄ قائم ڪجي ته جِيئن اَسان باقي دُنيا سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ مِلائي اڳتي وَڌي سَگهون!
_______________

پروفيسر مدد علي جهتيال ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ استاد آهي ۽ حيدرآباد ۾ رھي ٿو.




اسان جي معاشري جي حقيقي عڪاسي