ٽيچنگ لائسنس: 4000 مان فقط 646 اميدوار پاس
سنڌ جي وڏي وزير 646 اُميدوان ۾ ٽيچنگ لائسنس ورھايا جن مان 297 جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر ۽ 195 پِري سروس لائسنس شامل ھئا
ڪراچي
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪلھ 29 جولاءِ تي استادن ۾ ٽيچنگ لائسنس ورھائيندي انڪشاف ڪيو تہ لڳ ڀڳ 4000 اميدوارن مان رڳو 646 امتحان پاس ڪري سگهيا جنهن مان ڪاميابي جي شرح صرف 16 سيڪڙو بيھي ٿي.
تقريب دوران وڏي وزير 646 ڪامياب اميدوارن کي ٽيچنگ لائسنس جاري ڪيا جن مان 297 جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز (JEST) ۽ 195 پِري-سروس لائسنس شامل هئا.

تقريب کي خطاب ڪندي هن افسوس ظاهر ڪيو ته لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ۽ چيو ته جيڪي ٻار اسڪولن ۾ پڙهن پيا، انهن کي ڏني ويندڙ تعليم جو به سخت جائزو وٺڻ گهرجي. تعليم جي معيار ۾ گذريل چاليهه پنجاهه سالن جي زوال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ان وقت پرائمري اسڪولن ۾ به معياري تعليم ملندي هئي ۽ استاد خالص ميرٽ تي ڀرتي ٿيندا هئا.
مراد علي شاهه موجوده چئلينجن جو اعتراف ڪندي چيو ته جيڪڏهن سڀ ٻار اسڪول ايندا ته حڪومت پنهنجا سڀ وسيلا انهن جي تعليم تي خرچ ڪندي.
هن مقامي سطح تي استادن جي ڀرتين بابت خدشن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ تعليمي نظام ۾ شفافيت جي ضرورت تي زور ڏنو.
مستقبل جي حڪمت عملي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير تدريسي لائسنس کي خانگي تعليمي ادارن ۽ ارلي چائلڊ ايجوڪيشن تائين وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. هن سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي خاطري ڪرائي ته حڪومت پاليسي تي عملدرآمد جي رنڊڪن کي ختم ڪندي ۽ ان جو دائرو وڌائيندي.

چيف منسٽرز ھائوس ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ تعليم واري وزير سيد سردار شاهه، لائيو اسٽاڪ واري وزير محمد علي ملڪاڻي، اسڪول ايجوڪيشن سيڪريٽري زاهد عباسي، سفارتڪارن، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، تعليمي ماهرن، زندگي ٽرسٽ جي شهزاد راءِ ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.
مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سڀني صوبن مان تعليم لاءِ سڀ کان وڌيڪ بجيٽ رکندي آهي پر اڃا به وڌيڪ سيڙپ جي ضرورت آهي. تعليم لاءِ خرچ وڌائڻ لاءِ وڌيڪ وسيلا پيدا ڪرڻا پوندا نه ته اهو ناممڪن ٿيندو. مراد علي شاهه ياد ڏياريندي چيو ته ٽي سال اڳ تدريس لائسنس جاري ڪرڻ جو تصور سيد سردار شاهه پيش ڪيو هو ۽ اهو چيو ويو هو ته اهڙو لائسنس رڳو انهن کي ڏنو وڃي جيڪي قوم جي مستقبل کي سنواري رهيا آهن.
تقريب دوران تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو ته تدريس لائسنس جو نفاذ تعليمي نظام ۾ اهم تبديليون آڻيندو. هن دلچسپ انداز ۾ ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهن لائسنس کي استادن لاءِ ھٿيار لائسنس سمجهي ورتو هو. هن وضاحت ڪئي ته شروعاتي مرحلي ۾ اسين بنا لائسنس استادن کي ڀرتي ڪيو ڇاڪاڻتہ اسان جي ترجيح اسڪول هلائڻ هئي. تعليم واري وزير تصديق ڪئي ته ايندڙ وقت ۾ هر نئون ڀرتي ٿيندڙ استاد پهرين تربيت حاصل ڪندو ۽ صرف لائسنس يافته استادن کي ئي ڀرتي ڪيو ويندو. (پريس رليز)
_______________



