Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

تصور يادن جو تخليقڪار آھي ۽ سوچون ئي خوابن کي جنم ڏينديون آھن

تصور  يادن جو تخليقڪار آھي، جتان يادون ارتقا جا روز نوان وڳا پائين ٿيون. ڪي يادون وقت سان گڏ وکون کڻن ٿيون تہ ڪي وري بي جان کنڊرن وانگر خاموش ٿي ذھن جي سرزمين ۾ پاڻ لڪائي ڇڏين ٿيون

رشيد  احمد خاصخيلي

تصور جنھن کي پاڻ  خيال ئي چئون، ڏٺو وڃي تہ  يادن جو تخليقڪار آھي، جتان يادون ارتقا جا روز نوان وڳا پائين ٿيون. ڪي يادون وقت سان گڏ وکون کڻن ٿيون تہ ڪي وري بي جان کنڊرن وانگر خاموش ٿي ذھن جي سرزمين ۾ پاڻ لڪائي ڇڏين ٿيون.اُھي سڀئي وڃايل يادون ڪڏھن دريافت ٿينديون ڪير نہ ٿو ڄاڻي.!

خيال ھنيئر تائين تہ پنھنجي پختي سگھ سان اولين ئي آھي ”  ساجد سومرو لکي ٿو تہ ” خيال ئي درصل انساني سماج تي انساني ڏاھپ تي حڪمراني ڪري ٿو. خيال  سڀ کان وڏو ۽ اڳاٽو ڀڳوان  آھي. خيال لاءِ تڏھن تہ شاھ لطيف فرمايو:

نہ ڪا  فيڪون ھُئي نہ ڪا مورت ماھ

نہ ڪا  سُڌ ثواب جي نہ ڪو غرض گناھَ

ھيڪائي ھيڪ ھُئي، اُت ڳجاندر ڳاھ،

اکين ۽ ارواح،  اُھا  ساڃاھ سپرين

(شاھ لطيف)

شاھ لطيف واري پنڌ کي اڳتي وڌائيندي سچل سرمست پڻ ان ڳالھ جي وڌيڪ ترديد ڪجھ ھن انداز ۾ ڪئي تہ :

مي تا اڪ خيال ھان

ملسان نال خيال دي

(سچل)

 يادن جو تسلسل بہ حيرت ۾ وجھندڙ ٿئي ٿو ڇو تہ انسان جي پنھنجي ياد تي ھن جو ڪو بہ حق ناھي اُھا تہ ڪنھن ٻئي انسان جي ملڪيت ۾ شامل ٿيڻي آھي ۽ ان ٻئي انسان جي ياد وري ڪنھن ٻئي انسان جي حصي ۾ اچڻي آ. ھي يادن جو ڦيرو ائين ئي ڦرندو رھندو جيسين ھن ڌرتي تي ذھن موجود آھن. جيڪڏھن پاڻ مٿين ڳالھ کي اڃا وڌيڪ سولائي سان سمجھون تہ اسان کي ھيگل جي فڪر جو مطايلعو ڪرڻو پوندو. جيڪو تضادن جي باري ۾  ٻڌائي ٿو ھن جو چوڻ آھي ” ڪائنات جي نظام جي ارتقا بلڪل ائين ٿي جيئن انسان جي ذھن ۾ عقل جي ارتقا ٿي ۽ اھا ھڪ مشاھدي جي ڳالھ آھي تہ انسان جي سوچن ۽ خيالن جي ارتقا ۾ تضاد ۽ اتحاد جو عمل ھڪ ئي وقت جاري ۽ ساري آھي اھو ئي سبب آھي جو ڪنھن بہ خيال يا تصور کي تڏھن ئي صحيح نموني سمجھي يا مڪمل چئي سگھجي ٿو، جڏھن ان خيال يا تصور سان گڏ  ان جو متضاد ۽ مخالف خيال ۽ تصور بہ لاڳاپيل ۽ موجود ھجي.

 ھيگل جي مٿين ڳالھ کي ھيئن بہ سمجھي سگھجي ٿو تہ فرض ڪريو  جيڪڏھن اسان کي لفظ ”صحيح“ کي سمجھڻو آھي تہ لفظ ”غلط“ جي پرک کي بہ اڳيان رکڻو آھي، لفظ غلط جي پرک پڄاڻان ئي اسين لفظ صحيح جي افاديت جو اندازو عقل جي ڪسوٽي تي پرکي ۽ پروڙي سگھون ٿا. جي فرض ڪريون جيڪڏھن پاڻ وٽ لفظ غلط ھجي ئي نہ تہ اسين ڪڏھن بہ لفظ صحيح کي سُلجھائي ۽  ان جي افاديت سمجھي ئي نہ ٿا سگھون.!  ٻيو مثال ڏسجي لفظ زندگي ۽ موت کي اڳيان رکي جي زندگي ھوندي تہ موت بہ ھوندو جي زندگي نہ ھوندي تہ موت جي اھميت ئي ڪھڙي؟ تڏھن تہ ڪنھن شاعر چيو آ

موت ڪيڏو کڻي ڊيڄاري پر،

زندگي  پوءِ بہ ڀئي ھوندي

(پروفيسر ساجد سومرو)

 ۽ ائين ھر شئي جا متضاد تضاد آھن جيڪي آخر تائين قائم رھڻا آھن جيڪي روز پاڻ سان گڏ پھريان ھاڪاري پوءِ ناڪاري تصور کڻي اچن ٿا. ڀلي پوءِ لفظ ياد ئي ڇو نہ ھجي. لفظ ياد پويان بہ ڪيترائي متضاد تضاد جوڙي پون ٿا جيڪي يادن کي سالم رکيون اچن ٿا ۽ يادون انھن متضاد تضادن جي ڪري ئي ارتقا جي عمل مان گذرنديون رھن ٿيون.!

نہ صرف يادن جو تسلسل حيرت ڪن ٿيئي ٿو پر يادن جا اڏيندڙ بہ عجب روايتن جا امين ٿين ٿا ھو ڪيترائي لفظن جا جزيرا دريافت ڪن ٿا جن جزيرن تي ويھي ايندڙ وقت ڪيترو ئي ڪجھ سوچي ۽ لکي سگھي ٿو.

سمونڊن کي سانڍي بدن ۾ ھلون ٿا،

اسان ئي جزيرن تي ڪئي روشني آ.

(پروفيسر ساجد سومرو)

يادن کي لفظن ۾ آڻڻ جون ٻہ واٽون ٿين ٿيون. ھڪڙي واٽ حقيقت ۾ بيھي تصور کي ڪيترائي اظھار جا رستا ڏيکاري ٿي، تہ ٻئي واٽ تصور ۾ رھي  بہ حقيقت کي حال جي ڊائرين تي لظن جي شڪل ۾ اڻي ٿي.!

لفظ ”ياد“ کي بہ ڪيترائي ئي نانءُ ڏئي سگھجن ٿا ۽ ھن جا ڪيترائي روپ ٿين ٿا جن  روپن تي ڪيترائي ڪتاب لکي ۽ ترتيب ڏئي سگھجن ٿا.!

علي بابا، جي يادن واري تخيل جو سٻنڌ ٻئي واٽ سان نظر اچي ٿو جنھن جو اظھار ھن پنھنجي ڪھاڻين جي ڪتاب ( منھنجون ڪھاڻيون) جي مھاڳ ۾ ظاھر ڪيو آھي. ” شايد مان لاڳيتو ھڪ فئنٽاسي (تصور) جي دنيا ۾ رھندو اچان سپنا ئي سپنا اُڻندو ٿو رھان اھڙا سپنا جي رڳو جاڳ ۾ اُڻبا آھن“

سپنا ساري رات جرڪن منھنجي جاڳ ۾،

جيسين ٿي پرڀات مون کي ننڍ نہ آئڙي.

(شيخ اياز)

جارج برنارڊشا چيو آھي  ” ٿورا ماڻھو اھڙا آھن جيڪي سال ۾ ھڪ يا ٻہ ڀيرا مس سوچيندا آھن. مان وري ھفتي ۾ ھڪ يا ٻہ ڀيرا مس سوچيندو آھيان. ۽ ھن معاملي ۾ ڄڻ تہ جڳ مشھور ئي ٿي ويو آھيان.“ براڊشا جي ڳالھ پڄاڻان چئجي  تہ سوچڻ ويچارڻ ڏاڍو اوپڙو ۽ اڙانگو ڪم آھي. اُھوئي ڪارڻ آھي جو غور فڪر تمام ٿورڙا ماڻھون ڪندا آھن.

الله ڏاھي مَ ٿيان ڏاھيون ڏک ڏسن،

(شاھ لطيف)

 نه صرف برنارڊشا پر اي. بي. الڪاٽ. پڻ چيو آھي” سوچڻ معني  زندگي آھي ۽ جيڪي ماڻھون سوچيندا نہ آھن اُھي صحيح معني ۾ زنده  ڪونہ ھوندا آھن.

ھينري لورين پنھنجي ڪتاب (دماغي طاقت جا راز) ۾ ڄاڻايو آھي تہ سوچڻ ويچارڻ ڇا ھوندو آھي.؟ ھن بابت تہ مان ڪجھ بہ چئي نہ ٿو سگھان. سوچڻ (To Think) لفظ جي خاص وصف بيان ڪرڻ سولي ڪونه آھي. ھڪ ڊڪشنري ۾ ھن لفظ جون اٽڪل ٽيھارو کن مختلف وصفون ڏٺم. انھن مان ھيٺيون ٽي وصفون وڌيڪ مناسب ڏسڻ ۾ آيون

(1) دماغ کي الٽ پلٽ ڪرڻ، فڪر ڪرڻ، تورڻ تڪڻ، غور ڪرڻ عقل ذھن مسلسل خيال ڏيڻ، ڪنھن فيصلي تي پھچڻ، سمجھڻ حل ڪرڻ وغيره

(1) ڌيان رکڻ ياد ڪرڻ

(3) توقع ڪرڻ پيش بيني ڪرڻ

 مٿي بيان ڪيل ٽي وصفون سوڻ جي ھڪ جامع تصوير پيش ڪن ٿيون. لورين اڳتي لکي ٿو ته  ”صاف ۽ موثر طريقي سان سوچڻ ويچارڻ انسان ذات جو ھڪ عظيم ورثو آھي. اسان کي ھيءَ حقيقت لڳاتار چتائي ويندي ته ماڻھوءَ ۽ پسوءَ کي جنھن خاصيت الڳ ڪري بيھاريو آھي، سا آھي سوچڻ جي اھليت. موثر نموني سان سوچڻ ويچارڻ ھڪ فن آھي ھن ڪلا کي ھڪ لڳاتار عمل وسيلي ائين زنده رکڻ کپي جھڙيء ريت اسان مصوري ۽ موسيقي جو رياض ڪري انھن کي زنده رکندا آھيون، .“

شيخ اياز، پنھنجي ھڪ تقرير ۾ چيو ھو تہ: ” ھر سچو فنڪار ڪنھن بہ نقش قدم تي ھلڻ کان پاسو ڪندو آھي. ۽ پنھنجي منزل ۽ پنھنجي راھ پاڻ متعين ڪندو آھي. اُھو سچ آھي تہ ماحول فنڪار کي متاثر ڪري ٿو پر باغي فنڪار ڪڏھن بہ ماحول جو محتاج نہ  آھي. ھو پنھنجو ماحول پاڻ پيدا ڪري ٿو.“ فڪري اک سان ڏسجي تہ مٿيون سڀ نشانيون اسان کي علي بابا جي فڪر ۾ جاءِ بجاءِ نظر اچن ٿيون. سچار دماغن جي سوچن جا زاويا ڪنھن بہ سرحد جا پابند ناھن ٿيندا نہ ئي ٿي سگھن ٿا. البتہ سوچ کي گھڻي ڀاڱي عارضي آسائشن جي حدبندين ۾ قيد ڪيو ويندو آھي. پر باغي فنڪار ان حد بندين کي پنھنجي فڪري سگھ ۽ پنھنجي قلم جي سگيني سان ٿڏي ڇڏيندا آھن ۽ پنھنجون راھون پاڻ متعين ڪندا آھن.! ڏٺو وڃي تہ  عارضي آسائشن جي حد بندين ۾ قيد ذھن محض نار جي اُٺ وانگر دماغ جي اڱڻ تي گول ڦيرا ئي  پائيندا رھيا آھن. آسائشن جي ٿڌ ۾ ورتل سوچن جو جامد ٿي وڃڻ ڪنھن بہ ڊگھي منزل جو تعين نہ  ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ڪو اھڙي منزل جو ڏس ڏئي سگھي ٿو. جنھن منزل پڄاڻان آزاد شادمانين جا ڪيترائي آزاد گيت ڳائي سگھجن. ڇو تہ آسائشن جا ھيراڪ ذھن آزاد گگن جي آزاد رستن جا راھي ناھن ٿيندا.!

اھڙن رستن جو تعين ۽ ادارڪ ۽ انھن رستن مٿان تياڳ تہ سچار دماغن جي ڀلي رھيو آھي.!  آزاد شادمانين جا گيت سچار دماغ ئي تخليق ڪري ڳائي وڄائي لوڪ کي شعوري طور سجاڳ ڪندا آيا آھن.

اھڙي سوچ علي بابا جي فڪر بہ  وڏي پيماني تي ڏسڻ وٽان آھي. جيڪا سوچ ڪيترين ئي منزلن جو تعين ڪرڻ  ڄاڻي ٿي. ۽ ڪيترن ئي آسائشن جي مڪار ۽ عارضي چمڪ رکندڙ آئينن ۾ ڪيترائي شگاف پنھنجي سچ جا وجھي سگھي ٿي.

 اُھو دنيا جو مڃيل سچ آھي تہ ھن دنيا ۾ تمام گھٽ اھڙا ماڻھو آھن جيڪي سوچيندا آھن.! انھن جو سوچون ئي خوابن کي جنم ڏينديون آھن. ھونئن بہ خواب ماضي جي يادن جا عڪس ئي تہ آھن تڏھن تہ علي بابا پنھنجي ھڪ ڪھاڻي (  جيون  ھڪ جھوٽو آھي) ۾ لکيو آھي

” ڀلا سپنا ڇا ٿيندآ آ ھن؟

 ماضيءَ  جون يادون.

ڀلا ماضيءَ مان ڇا ملندو؟

ساھن جي سرھاڻ…..

ڀلا يادن کان پوءِ ڇاھي؟

 اونداھي اوماس!

اونداھي اوماس!

 ھا، او سرتي، اونداھي اوماس!“

”او جيڏا، تون ته ڊڄي ويو آھين!

 ھا او سرتي، منھنجو ھانءُ ھجي ٿو.

ڇا لاءِ تنھنجو ھانءُ ھڄي ٿو؟ تو وٽ يادن الاءِ ڦول ناھن ڇا؟

آھن، سرتي آھن….

ڇا تو وٽ يادن الاءِ – سپنا ناھن ڇا؟

 آھن سرتي آھن…..

ڇا ڇا مون ھا پيار لٽايا – ياد اٿئي؟

ھا او جيڏي، سڀ ياد آٿم!“

علي بابا ڄاڻائي ٿو تہ  سپنا گذري ويل گھڙين  جا ئي عڪس ۽ اولڙا آھن جيڪي جوڻ مٽائي يادن جي خاڪي ۾ چٽجي پون ٿيون نہ صرف ايترو پر ھيءَ تہ اُھو بہ ڄاڻي ٿو تہ يادن جي روشنائي کان سواءِ ذھن اڻپورو آھي جنھن اڻپورتا پويان تاريڪ ئي تاريڪ آھي. تصور ڪجي جيڪو ذھن يادن جي خيالن ۽ خاڪن کان آجھو ھُجي ڇا اھو تاريڪ ناھي.؟ علي بابا وٽ يادن لاءِ جيڪي گُل  آھن اُھي ذھن جي ڦلواڙيءَ ۾ جوان ٿي پنھنجي سُرھاڻ لفظن ۾ کڻي ھن جي تحريرن ۾ ٽڙي پون ٿا.!

 علي بابا، وٽ تصور جو نقطو اھم آھي. جنھن ۾ حقيقت آھي ۽ ان حقيقت ۾ ڪيتريون ئي سچايون ۽ يادون آھن. علي بابا اھڙين سچائين جي تائيد پنھنجي ھڪ انٽرويو ۾ ڄاڻائي ٿو جڏھن ھن کان ڪو سوال ڪري ٿو:

 سنڌ بابت خواب؟

جواب: ”سنڌ بابت مون وٽ تمام گھڻيون سچايون آھن. سنڌ ھڪ عظيم وطن آھي، انساني تاريخ جي ھر صديءَ ۾ سنڌين سنڌ کي عظيم بڻائي رکيو.“

اھڙي تصوراتي ياد ھن وٽ نارائڻ شيام جي بہ آھي. جيڪا ڪتابن مان ذھن ۾ اُڀري حقيقت جي ڳالھ ڪري ٿي. علي بابا،  1991ع ۾ ھڪ ٽيڙو لکيو ھو

ٻُڙا تارا تر چانڊوڻي رات،

لَئيءَ مٿان ڦُڙي ڦُڙي ڳڙي،

بڻجي  پئي    ماڪ    ڦُڙا.

(علي بابا)

 جنھن ٽيڙو مٿان نوٽ ھڻندي ھن واضح ڪيو ھو تہ ” ھي ٽيڙو مون شيام جي ياد ۾ لکيو آھي، شيام جنھن کي مون فقط  ڪتابن ۾ پڙھيو آھي. سچ ائين ٿو ڀاسي ڄڻ اسين ڪي جنب گڏ رھيا ھجون“

 اھا بہ ھڪ ڪفيت آھي تہ  جڏھن دماغ جي سلطنت ۾ ساروڻين جا قافلا ڪھي ايندا آھن تہ گڏ رھڻ وارين ساعتن جا پھر بہ صدين تي محيط ٿي ويندا آھن، ڀلي پوءِ اُھي گڏ رھڻ وارا جنب مطالعي جي رستي تان ئي سفر ڇو نہ ڪندا ھُجن.

وھڪرو درياھ جو ڏسي سوچيم،

ھي تہ صدين جو سلسلو آھي.

(پروفيسر ساجد سومرو)

___________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button