برسات ۾ سڀ ماڻھو ھڪ ئي وقت ٻاھر ڇو نڪتا _ مُراد شاھ جو ڏوراپو
اسان ان وقت ميڊيا ذريعي عوام کي اپيل ڪئي هئي ته جيڪو جتي آهي اهو اتي ئي بيهي رهي، ڀلي آفيس ۾ هجي يا ٻار اسڪول ۾، ڪجهه ڪلاڪ بيهڻ وڌيڪ بهتر آهي
ڪراچي
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تازيون برساتون مقامي نه پر عالمي موسمياتي تبديليءَ جو تسلسل آهن جن جا اثر دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۽ خاص طور ڪراچيءَ تي به نمايان ٿي رهيا آهن۔
هن چيو ته غير معمولي برساتن باوجود انتظاميه فوري طور پاڻي جي نيڪالِ کي يقيني بڻايو ۽ شهر رات دير تائين صاف ڪيو ويو۔ مراد علي شاهه واضح ڪيو ته حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهي آهي، پر شهرين، نجي ادارن ۽ ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن عوام کي برسات دوران وڌيڪ تڪليفن کي منهن نه ڏيڻو پوي۔
اربع ڏينھن ڪراچيءَ ۾ جاري برسات دوران وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن سان گڏ شهر جو هنگامي دورو ڪندي اھڙيون ڳالھيون ڪيون.
وڏي وزير نرسري نالي جو معائنو به ڪيو ۽ پاڻيءَ جي وهڪري جو جائزو ورتو۔ ان موقعي تي ميئر ڪراچي نالن جي صفائي ۽ پاڻي نيڪال بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني۔ وڏي وزير شهرين کي اپيل ڪئي ته غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ته جيئن ٽرئفڪ ۽ ٻين مسئلن ۾ گهٽتائي اچي۔
ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪلائيميٽ چينج سبب سڄي دنيا متاثر ٿي رهي آهي۔ تازو خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ وڏو سانحو پيش آيو جتي 400 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون۔ وڏي وزير ياد ڏياريو ته گذريل مهينن ۾ چين ۽ ٻين ملڪن ۾ به غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏن سبب ماڻهن کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو۔ هن چيو ته پاڪستان به هن تبديليءَ کان محفوظ ناهي، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ تازين برساتن نتيجي ۾ وڏو نقصان ٿيو، پورو لاهور ٻڏي ويو۔ مراد علي شاهه چيو ته ڪراچيءَ ۾ ڪالهه شديد برسات رڪارڊ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف علائقن ۾ اربن فلڊنگ جي صورتحال پيدا ٿي۔ هن چيو ته ڪراچي ۾ صرف 3 کان 4 ڪلاڪن ۾ لڳ ڀڳ 160 کان 170 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي، جڏهنتہ 12 ڪلاڪن ۾ مجموعي برسات 185 کان 200 ملي ميٽر تائين پهتي۔ هن واضح ڪيو ته ايتري برسات جڏهن به ٿيندي آهي ته فلڊنگ اڻٽر هوندي آهي۔
وڏي وزير چيو ته ڀارت جي شهر ممبئي ۾ به سخت برسات ٿي، جتي 200 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو۔ ممبئي جي سراسري برسات ڪراچيءَ کان لڳ ڀڳ ڏهه ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ هن وقت ممبئي به مينهن سبب ٻڏل آهي۔ هيءَ غيرمعمولي برسات ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته آبهوا جي تبديلي جا اثر صرف هڪ شهر يا ملڪ تائين محدود ناهن.
وڏي وزير چيو ته ڪراچيءَ ۾ شديد برسات باوجود شهر مان پاڻيءَ جي نيڪالي رات دير تائين مڪمل ٿي وئي۔ ميڊيا ۽ عوام طرفان چيو ويو ته انتظاميه تيار نه هئي، پر مون پاڻ رات ٻارهين کان ساڍا ٻارهين تائين شهر جا مختلف علائقا گهميا ۽ ڏٺم ته اهي روڊ، جتي برسات کان پوءِ فوري طور پاڻي بيٺو هو، صبح تائين صاف ٿي ويا هئا۔ ھُن وڌيڪ چيو ته نالا صاف هئا ۽ نيڪال جو نظام سرگرم رهيو۔ هن چيو ته جيڪڏهن نالا بند هجن ها ته پاڻي ڏينهن تائين بيٺل رهي ها، پر ايئن نه ٿيو۔ ڪراچي هڪ گهڻ آباد شهر آهي، تنهن ڪري ڪجهه ڪلاڪن جي شديد برسات کان پوءِ عارضي طور پاڻي گڏ ٿيڻ فطري ڳالهه آهي۔ هن ياد ڏياريو ته 2020 ۾ به اهڙي برسات دوران صورتحال ڪيتري وڌيڪ خراب هئي۔
وڏي وزير چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ميڊيا تي پراڻا منظر ڏيکاري اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته شهر اڃا ٻڏل آهي۔ هن چيو ته مونکي حيرت آهي ته ڪي چينل ڪالهه جو منظر اڄ ڏيکارين ٿا۔ اهو ئي سبب آهي جو عوام کي گمراهه ڪندڙ تاثر ملي ٿو۔
هن چيو ته اسان پهرين اسڪول بند ڪيا ۽ پوءِ عام موڪل جو اعلان ڪيو ته جيئن شهري غير ضروري طور روڊن تي نه نڪرن۔ پر اڄ رڳو اڌ ڪلاڪ جي برسات کان پوءِ ڏسي سگهجي ٿو ته وڏي تعداد ۾ گاڏيون آفيسن مان نڪري گهرن ڏانهن وڃي رهيون هيون۔ جيڪڏهن برسات وڌيڪ تيز ٿي وڃي ها ته اهي سڀ ماڻهو روڊن تي ڦاسي پون ها ۽ پوءِ سارو الزام انتظاميه تي اچي وڃي ها۔ وڏي وزير چيو ته برسات جو پاڻي منٽن ۾ نٿو نڪري سگهي ۽ اهڙي حالت ۾ شهرين جو گهرن ۾ رهڻ ئي بهتر آهي۔ هن چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته قدم کڻون، پر هر شهري جي به ذميواري آهي ته هو حڪومت جي فيصلي تي عمل ڪري.
وڏي وزير چيو آهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ صرف ٻن کان ٽن ڪلاڪن جي برسات دوران شهر ۾ پاڻي گڏ ٿي ويو، گاڏيون بند ٿي ويون ۽ ڪيترن شهرين کي پنهنجون گاڏيون روڊن تي ڇڏي پيادل وڃڻو پيو۔ هن چيو ته اها صورتحال ان ڪري پيدا ٿي جو سڀ هڪ ئي وقت روڊن تي نڪري آيا۔ اسان ان وقت ميڊيا ذريعي عوام کي اپيل ڪئي هئي ته جيڪو جتي آهي اهو اتي ئي بيهي رهي، ڀلي آفيس ۾ هجي يا ٻار اسڪول ۾، ڪجهه ڪلاڪ بيهڻ وڌيڪ بهتر آهي، ان جي ڀيٽ ۾ جو ماڻهو روڊن تي ڦاسي وڃن يا سندن گاڏيون خراب ٿي وڃن۔ بدقسمتي سان ميڊيا هن پيغام کي ڀرپور نموني ۾ اجاگر نه ڪيو۔ هن چيو ته ميڊيا گهڻو ڪري ان وقت برسات جا منظر ڏيکارڻ ۾ مصروف رهيو ته ڪٿي پاڻي بيٺو آهي، گاڏيون ٻڏي رهيون آهن۔ اهو به ميڊيا جو ڪم آهي پر ساڳئي وقت عوام کي رهنمائي ڪرڻ به ميڊيا جي ذميواري آهي ته هو احتياط ڪن ۽ غير ضروري طور ٻاهر نه نڪرن۔
وڏي وزير چيو ته 12 انڊرپاسز مان 11 صاف ڪيا ويا آهن ۽ صرف 2 کان 3 تي ڪم جاري آهي. هن سوال ڪيو جيڪڏهن نالا صاف نه ڪيا وڃن ها ته پاڻي ڪيئن وهي وڃي ها؟. سيد مراد علي شاهه چيو ته مخالف ڌريون تنقيد ڪن ٿيون، پر حقيقتن کي به تسليم ڪرڻ گهرجي. اسان مڃون ٿا ته کوٽايون ٿيون آهن ۽ انهن تي ڪارروائي به ٿي رهي آهي.
هن چيو ته حڪومت اڳواٽ ئي اسڪول بند ڪيا هئا ۽ عام موڪل جو اعلان ڪيو هو، پر ڪيترين ئي خانگي آفيسن هدايتن تي عمل نه ڪيو. جڏهن برسات شروع ٿي ته هزارين گاڏيون روڊن تي اچي ويون ۽ ٽريفڪ جام ٿي وئي. جيڪڏهن ماڻهو ٿوري دير لاءِ آفيسن ۾ ويهي رهن ها ته اهي منظر سامهون نه اچن ها جتي هزارين گاڏيون ڦاٿل هيون.
سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته شهر جي نظام کي اثرائتي حڪمت عملي ۽ بااختيار ادارن جي ذريعي هلائڻو پوندو. مان روڊن تي ويهي سڌي ريت سڀ مسئلا حل نٿو ڪري سگهان، ان لاءِ هڪ اثرائتي اٿارٽي ضروري آهي. هن ياد ڏياريو ته واٽر بورڊ صوبائي حڪومت وٽ هو، پر ان کي ميئر حوالي ڪيو ويو آهي، ساڳيءَ ريت ٻين ادارن ۾ به ميئر کي نمائندگي ڏني وئي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ورلڊ بئنڪ 2020ع ۾ ڪراچي لاءِ 1.6 ارب ڊالرن جو پيڪيج منظور ڪيو هو، جنهن مان هن وقت تائين 100 ملين ڊالر خرچ ٿي چڪا آهن۔ هن چيو ته اهو تاثر ڏيڻ درست ناهي ته اسان کي ٻه ارب رپيا ملي ويا آهن۔ حقيقت اها آهي ته ورلڊ بئنڪ فنڊ مرحليوار ڏئي ٿي ۽ هر مرحلي سان گڏ واضح پلان ۽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ لازمي آهي۔
وڏي وزير ڪجهه مبصرن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته بدقسمتي سان هر ڪو ماهر بڻجي ٿو ۽ انگ اکر غلط پيش ڪري ٿو۔ حقيقت اها آهي ته هن وقت تائين 100 ملين ڊالر يعني لڳ ڀڳ 28 کان 30 ارب رپيا استعمال ٿي چڪا آهن، ۽ اهي انگ اکر ئي صحيح آهن جيڪي سرڪاري طور تي موجود آهن۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت شفاف نموني سان فنڊ استعمال ڪري رهي آهي ۽ شهرين کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين ادارن سان گڏجي قدم کنيا پيا وڃن۔
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ مختلف جماعتن جا چيئرمين ۽ ٽائون ايڊمنسٽريشن موجود آهن، جن ۾ جماعت اسلامي جا 13 ٽائون چيئرمين به شامل آهن۔ پر افسوس آهي ته اهي ئي ماڻهو حڪومت تي الزام ھڻي رهيا آهن ته ڪراچي کي تباهه ڪيو ويو آهي۔ هن چيو ته مان ڪنهن تي تنقيد نه ٿو ڪرڻ چاهيان، پر اها گذارش ضرور ڪندس ته هر ڪو پنهنجو پنهنجو فرض پورو ڪري۔ ميڊيا تي بيان ڏيڻ آسان آهي پر اصل امتحان ميدان ۾ آهي۔ وڏي وزير چيو ته 2020 ۽ 2022 جي سخت برساتن ۾ ڊسٽرڪٽ مونسپل ڪارپوريشن (ڊي ايم سي) ساوٿ جي مشينري ۽ عملي کي روڊن تي متحرڪ ڏٺو ويو هو، پر هن ڀيري گهٽ نظر آيا۔ هن چيو ته جڏهن گذريل رات ۽ اڄ گڏجاڻيون ٿيون ته اهو سوال اڀريو ته ٽائونز جي قيام کان پوءِ انتظامي ورهاست جي ڪري ڪارڪردگي متاثر ڇو ٿي؟ هن چيو ته تنقيد ڪرڻ سڀني جو حق آهي، پر صرف تنقيد سان مسئلا حل نه ٿيندا۔
وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ روڊ ڪٽڻ جي معاملي تي مختلف ادارن جي پنهنجي پنهنجي اجازت ڏيڻ واري پاليسي شهرين کي ڏکيائي ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ اھو ئي سبب آهي جنهن جي ڪري شهر جو روڊ رستا بار بار کنڊر جو منظر پيش ڪن ٿا۔ وڏي وزير چيو ته هينئر صورتحال اها آهي ته ڪنٽونمينٽ بورڊ، ڪي ڊي اي، ڪائونسلز يا ڪي ايم سي سڀ پنهنجي پنهنجي اجازت جاري ڪن ٿا ۽ ان جو ڪو به مربوط نظام ناهي۔ اسان اڳ به اهو مسئلو اٿاريو هو ۽ اڄ وري پنهنجي ناراضگي ظاهر ڪئي آهي ته جيڪڏهن هر ادارو پنهنجي مرضي سان اجازت ڏيندو رهندو ته شهر جي انفراسٽرڪچر کي نقصان ٿيندو۔ هن تجويز ڏني ته هڪ مرڪزي اٿارٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا روڊ ڪٽڻ جي اجازت ڏيڻ جا سڀ معاملا گڏ ڪري ۽ ان تي باقاعدي نگراني رکي۔ وڏي وزير چيو ته اهو به يقيني بڻايو وڃي ته جنهن اداري کي روڊ ڪٽڻ جي اجازت ڏني وڃي، ساڳيو ادارو ڪم معيار سان مڪمل ڪري، جيئن شهرين کي بار بار تڪليف نه ٿئي۔ (پريس رليز)
_____________