پاڪستان ۾ ڪرپشن جو ناسُور ڪڏهن ختم ٿيندو…؟
ملڪ جو هر ٽيون ماڻهو رشوت ۽ ناجائز دولت گڏ ڪرڻ، بد ديانتي، چوربازاري ۽ اقرباپروري جانبداري، خواهش پروري ۽ پنهنجي ذات کي نفعي پهچائڻ لاءِ رات ڏينهن رُڌل آهي
جيڪڏهن ڪا رياست پنهنجي شهرين کي انصاف نه ٿي ڏئي سگهي ته اها رياست پنهنجو وجود گهڻي وقت تائين برقرار رکي نه سگهندي
پروفيسر مدد علي جهتيال، حيدرآباد، سنڌ
گھر ڌڻي جيڪڏهن پنهنجي گھر کي ڌاڙو هڻن ته باقي ٻين تي ڪهڙي ميار…! پاڪستان آزاد ٿيڻ کان اڳ 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي پهرين چونڊيل نمائندن کي باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح مخاطب ٿيندي ٽن ڳالهين جي سختي سان منع ڪئي هئي. اهي ٽي ڳالهيون ڪهڙيون هيون؟ انهن ۾ سڀ کان اول رشوت ۽ ناجائز دولت گڏ ڪرڻ، ٻي بد ديانتي، چور بازاري ۽ ٽين هئي اقربا پروري، جانبداري، خواهش پروري يا پنهنجي ذات جي نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ سڌو سنئون اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش. بدقسمتيءَ سان جن کي جناح سڀ کان پهريان مخاطب ٿي ان وبا کان پري رهڻ جو چيو ، اهي ئي ماڻهو ان ڪم کي جُنبي ويا. ڪاش گھر ڌڻي پنهنجي قائد جي ڏنل پيغام کي پنهنجو پيغام بڻائن ها ته اڄ هي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها.

ملڪ ۾ اهڙو ماحول جڙي ويو آهي جو هر ٽيون ماڻهو رشوت ۽ ناجائز دولت گڏ ڪرڻ، بد ديانتي، چوربازاري ۽ اقرباپروري جانبداري، خواهش پروري ۽ پنهنجي ذات کي نفعي پهچائڻ لاءِ رات ڏينهن رُڌل آهي. لڳي ايئن ٿو تہ هي مرض لا علاج ٿي ويو آهي. جيڪڏھن اهو سلسلو جاري رهيو ته يقين ڪريو ته ڏھ سال ته ڇا سئو سالن ۾ به اسان دنيا آڏو ايئن پندا رهنداسين. بقول عظيم ڏاهي افلاطون جي ته رياست جي قائم ڪرڻ جو مقصد اهو هوندو آهي ته هر شهريءَ سان انصاف ٿئي. جيڪڏهن ڪا رياست پنهنجي شهرين کي انصاف نه ٿي ڏئي سگهي ته اها رياست پنهنجو وجود گهڻي وقت تائين برقرار رکي نه سگهندي. اسان جي ملڪ جي وجود ۾ اچڻ جو مقصد اهو هو ته هر شهري سان انصاف ٿيندو، ماڻهن کي پنهنجا حق ملندا، ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي ۽ ملڪ جو نالو اهڙو روشن ٿيندو جو اسان جي ملڪ جو نالو هر هنڌ ڳائبو، افسوس ان ڳالھ جو آهي ته هتي اهڙي قسم جو ڪجھ به نه ٿيو، الٽو حڪمرانن جو حڪم قانون ٿي ويو، آئين محض ننڍڙو ڪتاب ٿي ويوجنهن کي حڪمرانن ڦاڙي ڦٽو ڪيو آهي. شيخ اياز جي اها ڳالھ واقعي ئي سچ ثابت ٿي رهي آهي ته ناڻي ۾ وڏي ڪشش آهي، ناڻو انسان جو ڇهون حواس آهي، ان کان سواءِ انسان جا پنج ئي حواس بيڪار آهن. اسان جي ملڪ جا ماڻهو عادي ٿي چڪا آهن ۽ عادت عضوو هوندي آهي جيڪا وڍي کان سواءِ نه ٿي وڃي.
مون کي اڄ واري موضوع جي مناسبت سان هڪ بادشاھ سلامت جو قصو ياد اچي رهيو آهي دل ٿي چوي اوهان کي ٻڌائيندو هلان. ”چون ٿا ته بادشاھ سلامت جي درٻار ۾ هڪ اهڙو شخص سپاهي پڪڙي آيا، جيڪو عادي ڪرپٽ يعني رشوت خورهو، هن جي زندگي جو مقصد ئي رشوت وٺڻ هو، بادشاھ پنهنجي خاص وزيرن کان صلاح وٺي، ان شخص لاءِ سزا ٻڌائي ته هن کي درياھ جي ڪپ تي ويهاريو وڃي، اتي درياھ جي ايندڙ ويندڙ لهرن کي ڳڻيندو ۽ لکندو رهي ۽ اها رپورٽ درٻار تائين پهچائيندو رهي ته ڪيتريون لهرون آيون ۽ ويون روزاني جي بنياد تي. مليل سزا مطابق ان شخص کي درياھ جي ڪپ تي ويهاريو ويو. ان ڏينهن کان ٻڌايل ڪم سرانجام ڏيندو رهيو. ڪجھ هفتن کن پوءِ بادشاھ سلامت کي اهو شخص ياد آيو ته پنهنجي وزيرن کان معلوم ڪيائين تہ اهو شخص پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي يا ڪاڏي غائب ٿي ويو. وزير بادشاھ سلامت کي عرض ڪيو ته بادشاھ سلامت اهو پنهنجو ڪم باقاعدي ذميواري سان ڪري رهيوآهي. بادشاھ وزير کي چيو ته مان هن سان ملڻ ٿو چاهيان، جتي هو پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي، ايئن بادشاھ سلامت ۽ ٻه وزير ويس بدلائي ٻيڙي تي چڙهي، ان طرف روانا ٿيا. ٻيڙي ان شخص جي ويجھو آئي ۽ ان کي ڏٺائون ته هائو ٻيلي اهو شخص واقعي پنهنجي ڪم سان لڳو پيوآهي، جڏهن ٻيڙي ويجھو ٿي ته هو دانهون، ڪوڪون ڪرڻ لڳو ته اوهان منهنجي ڪم ۾ رخنو وجھي ڇڏيو، اوهان جي اچڻ سان مان لهرون صحيع ڳڻي ۽ لکي نه سگھيو آهيان. جنهن جي دانهن مان بادشاھ سلامت کي ڏيندس. ٻيڙيءَ ۾ سوار کيس چوڻ لڳا ادا ايئن نه ڪجان اسان مسڪين ملاح آهيون ، اسان کي هڪ دفعو معافي ملي، آئيندي هن طرف ڪڏهن نه اينداسين. اهو شخص اڃا ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ کين چيائين ته مان اوهان جي بادشاھ سلامت کي دانهن ضرور ڏيندس. هڪ دفعو وري هي منٿون ڪرڻ لڳس. سزا کاڌل شخص چيو ته مان هڪ شرط تي اوهان جي دانهن بادشاھ سلامت کي نه ڏيندس، جڏهن اوهان مونکي درهم ڏيندا، تنهن تي ٻيڙيءَ وارا کيس چوڻ لڳا، هي دفعو معاف ڪريو، اسان وٽ ايترا پئسا ناهن، اسين غريب ملاح آهيون، جي صفا نه ٿو ڇڏين ته ڀلا هڪ درهم وٺ، پر بادشاھ سلامت کي دانهن نه ڏي، تنهن تي هن حامي ڀري. ٻيڙيءَ ۾ موجود بادشاھ سلامت ڪاوڙ ۾ باھ ٿي ويو ۽ کيس چوڻ لڳو، هن کي دربار وٺي هلو، مان هن کي درهم ڏيندس، هن کي سزا راس نه آئي.
مطلب چوڻ جو اهو آهي ته سالن کان اهڙا ڪم ڪندڙ ماڻهو ڪيئن تبديل ٿيندا جو اسان ڪا اميد رکون ته هاڻي سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي ويندو. يورپ يا ٻين ملڪن جو اسان مثال ڏيندا آهيون ته اتي هر ماڻهو پنهنجون ذميواريون ايمانداري سان پوريون ڪري ٿو، تڏهن اهي ملڪ ڪامياب ملڪ چورائين ٿا.
__________

پروفيسر مدد علي جهتيال تعليم کاتي ۾ پروفيسر آھي. حيدرآباد ۾ رھي ٿو.



