Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

پ پ پ ۽ ن ليگ جي حڪومتي اتحاد ۾ ڦوٽ: حقيقت يا ڏيکاءُ؟

ٻئي پارٽيون اقتدار جي سياست ڪن ٿيون. ضرورت پوڻ تي گڏجي وڃن ٿيون، ۽ جنهن وقت پنهنجي سياسي بقا جي ويڙهه وڙهڻي هوندي اٿن ته الڳ ٿي وينديون آهن

پ پ قيادت جي انداز مان محسوس ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت سان سندن اختلافن جو ڪوبه کڙتيل نڪرڻو ناهي، نه ئي موجودهه حڪومتي نظام وکرجڻ وارو آهي. جن ڌرين نظام جوڙيو آهي، اهي چاهيندا ته اسٽيٽس ڪو واري صورتحال برقرار رهي

الهه بخش راٺوڙ

ڪجهه سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي حڪومت واڳ ڌڻين جي عمران خان مخالف  Narrative جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪي وري ان خيال جا آهن ته ڪيئن تہ ٻئي پارٽيون اقتدار جي سياست ڪن ٿيون، تنھنڪري کين جتي ايڊجسٽمنٽ جي ضرورت پئي ٿي ته گڏجي وڃن ٿيون، ۽ جنهن وقت پنهنجي سياسي بقا جي ويڙهه وڙهڻي هوندي اٿن ته الڳ ٿي وينديون آهن. حقيقت اها به آهي ته عمران خان پڻ اسٽيبلشمنٽ جو ناڪام Narrative آهي، انڪري ان جو متبادل ٻئي پارٽيون آهن. واڳ ڌڻي يا اسٽيبلشمنٽ پهريائين ٻنهي کي الڳ الڳ خانن ۾ رکيو، پوءِ هڪڙو اهڙو به دور آيو جو ٻنهي پارٽين يعني ن ليگ ۽ پ پ ۾ ڪو خاص فرق نه رهيو. انڪري اصل طاقتن لاءِ آسان ٿي پيو ته ٻنهي ڌرين کي گڏيل طور تي استعمال ڪن. توڙي جو سياسي پارٽين ۾ ڪو نظرياتي فرق نه رهيو آهي، پر ان جي باوجود انهن جا رويا الڳ الڳ آهن. انڪري انهن ۾ اختلاف پيدا ٿيندا رهن ٿا.

هينئر جڏهن به ۽ جنهن وقت بہ پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلاف ڏسڻ ۾ ايندا آهن ته ن ليگ يا ان کان ٻاهر ويٺل هٿ ٺوڪيا ئي سهي دانشور هي تاثر به ڏيندا آهن ته ٻئي پارٽيون واڳ ڌڻين جي اشاري کانسواءِ ڪيڏانهن به نه وينديون. جيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪمران اتحاد کان الڳ ٿيڻ جو سوچيندي ته اها عسڪري هائوس جي هڪڙي فون جو خرچ آهي. انڪري ن ليگ کي هيءَ خوشفهمي هوندي آهي ته اها جنهن وقت به چاهي پ پ کي پنهنجي پاسي واري کيسي ۾ محسوس ڪندي آهي. ان جي باوجود ٻنهي پارٽين ۾ اختلاف سامهون ايندا رهيا آهن ۽ هينئر به نظر اچن پيا. هن ڀيري پيپلز پارٽي ن ليگ جي حڪومت کي هڪ مهيني جو وقت ڏنو آهي ته اها پنهنجي گهر ۽ حڪمرانيءَ جو نظام درست ڪري، ٻي صورت ۾ هو پنهنجو فيصلو ڪندا. ٻنهي ڌرين ۾ اختلاف سامهون آيا، ھنن هڪٻئي خلاف بيان بازي ڪري هانءَ هلڪو ڪيو، پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ وزير اعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۾ اسپاٽ فڪسنگ نظر آئي، انڪري نتيجواهو ئي ڪڍيو ويو ته ڪجهه نئون ناهي ٿيڻو. ٻنهي ڌرين کي جيڪا گولاباري ڪرڻي هئي، ڪري ڇڏي، انڪري ٻئي ڌريون ساڳي پگهار تي ڪم ڪنديون.!

سياسي ربديلين تي نظر رکندڙن جو خيال آهي ته پنجاب جي وزير اعلي مريم نواز سنڌو درياهه مان جن پنهنجي مرضيءَ وارن ڪينالن ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي، اها ايجنڊا واڳ ڌڻين جي آهي. انهن ڪينالن مان فائدو به واڳ ڌڻين کي ٿيو پئي، انڪري انهن زور ته لڳايو پر سنڌ ۾ سياسي پارٽين خاص ڪري وڪيلن ھٿان رستا روڪ صورتحال کي نئون موڙ ڏنو. طاقتور حلقن سمجهي ورتو ته هي اڪ جي ماکي ناهي. انڪري کين ڪينالن تان هٿ کڻڻو پيو. مريم نواز ته بلڪل ٻاراڻي ڳالهه ڪئي. هن پاڻ کي رنجيت سنگهه سمجهيو پئي، پر ٻين جي ايجنڊا تي لهي آئي. هن سمجهيو پئي ته ايئن ڪرڻ سان هوءَ واڳ ڌڻين لاءِ قابل قبول ٿي ويندي. جيئن ته ن ليگ جا اڪثر وزير اعظم سينٽرل پنجاب مان آيا، هاڻ اتي به پي ٽي آءِ جو دٻاءُ برقرار آهي. توڙي جو پي ٽي آءِ جي ڪابه ڊائريڪشن ناهي، ان جي باوجود اها اهڙو نيريٽو اختيار ڪري ٿي، جنهن سان ن ليگ کي تڪليف ٿئي ٿي.

مريم نواز جي کوکلن داٻن جو فائدو ڪنهن ٻيءَ ڌر نه پر پيپلز پارٽيءَ کي ئي ٿيو. ان وري پراڻن اشوز تي سياست ڪئي. نتيجو ته Calculated هو. پ پ پنهنجي سياسي تڪ کي بچائڻ لاءِ جوابي ڪارروائي ڪئي جنھن سان پنجاب حڪومت ته دٻاءُ هيٺ آئي، پر وفاقي سطح تي ن ليگ جي حڪومت مشڪلاتن جي ور چڙهي وئي. پيپلز پارٽي، ن ليگ خلاف ڪنهن هڪ وڪيٽ تي نه پئي کيڏي پر هڪ ئي وقت مختلف وڪيٽن تي کيڏي رهي هئي. ان سوال ته گهڻا اٿاريا پر جن سوالن جا جواب گهربل هئا، جيڪي ھنن حاصل ڪري ورتا. پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته جيڪڏهن پنجاب ڪينالن جي اڏاوت واري اشو تي ڪامياب ويو ته انهن جو آخري تڪ سنڌ به هٿن مان هليو ويندو. ان سان گڏ پ پ پنجاب وري ڪجهه ٻيا اشوز به سامهون آندا. انهن وري پنجاب سطح تي جن معاملن تي اتفاق ڪيو هو، انهن کي سامهون آندو. سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي پ پ پنجاب جي موقف کي Endorse ڪيو، جن ۾ ٻوڏ متاثرن جي بينظير انڪم سپورٽ ذريعي امداد ڪرڻ، موجودهه مڪاني قانون بدران اتفاق راءِ هيٺ آيل مڪاني ادارن جي قانون تحت چونڊون ڪرائڻ ۽ پ پ جي نمائندن کي فنڊز فراهم ڪرڻ جهڙا مطالبا شامل آهن. بلاول ڀٽو، پنهنجي ئي پارٽي جي اڳواڻن کي هيءُ تاثر ڏنو ته وزير اعظم ٿورو وقت گهريو آهي، ممڪن آهي ته پنجاب ۾ اهي علائقا جتان پ پ جا نمائندا کٽي آيا، اتان جي ٻوڏ متاثرن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي امدادي رقم فراهم ڪئي وڃي. انڪري هي اعلان ڪيو ويو ته پ پ، وفاقي حڪومت کي هڪ مهيني جو وقت ڏنو آهي. هاڻ سوال هيءُ آهي ته ڇا جيڪڏهن ن ليگ هڪ مهيني اندر ڪا اڳڀرائي نه ڪئي ته پوءِ پ پ وفاقي حڪومت جي حمايت ڪرڻ ڇڏي ڏيندي؟، ان سوال جو جواب آسان آهي ته امڪان اهي ئي آهن ته ناراض پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو رهندي، پر پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر  جهڙو ڪردار ادا ڪندي.

هن ڀيري پ پ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران هيءُ به فيصلو ڪيو ويو ته پارٽي وفاقي ڪابينا جو به حصو نه ٿيندي. انڪري ته جيڪڏهن سڀاڻي آئين جي ڪا تڪراري ترميم منظوريءَ لاءِ آئي ۽ ان جي مخالفت به ڪئي وئي پر منظور ٿي وئي ته پوءِ پ پ جو ڇا ٿيندو؟ ان سان گڏ نئين مالياتي ٺاهه لاءِ ته سڀ تيار آهن، پر اسٽيبلشمنٽ ۽ ن ليگ جي خواهش آهي ته 18 ترميم تحت طئہ ٿيل اين ايف سي ٺاهه تي نظرثاني ڪري تبديلي ڪئي وڃي. پيپلز پارٽي ان جي مخالفت ڪري ٿي. وفاقي حڪومت به چاهي ٿي ته وفاقي ورڇ جوڳي پول مان صوبن خاص ڪري سنڌ جي حصي مان رقم ڪاٽي وفاق کي ڏني وڃي، ته جيئن اهو عياشيون ڪري سگهي. هي اهڙو معاملو آهي، جنهن تي پنجاب حڪومت، واڳ ڌڻي ۽ وفاق هڪ پيج تي آهن. ان جي باوجود هو اهڙي ترميم منظور ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن، ڇاڪاڻ ته ترميم بل جي صورت ۾ پارليامينٽ ۾ ايندي، جيڪا ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور ٿي قانون جي صورت اختيار ڪندي، پر پ پ ۽ ڪجهه ٻين ڌرين پاران مخالفت جي صورت ۾ منظور ٿي نه سگهندي.

پ پ قيادت جي روئي مان محسوس ٿئي ٿو ته پ پ ۽ وفاقي حڪومت جي اختلافن جو ڪوبه کڙتيل نڪرڻو ناهي، نه ئي موجودهه حڪومتي نظام وکرجڻ وارو آهي. جن ڌرين نظام جوڙيو آهي، اهي چاهيندا ته اسٽيٽس ڪو واري صورتحال برقرار رهي. طاقتور ڌريون جيڪي اڳ ۾ ئي سرحدن تي مشڪلات محسوس ڪن پيون، ان سان گڏ انهن ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڪجهه ٻين معاملن ۾ به پاڻ کي الجهايو آهي، انڪري هو نه چاهيندا ته پ پ انهن کان پري وڃي. پي ٽي آءِ جي ڪي پي ۾ نئين قيادت يا وڏو وزير ضرور آيو آهي، پر ان کي في الحال ڏٺو پيو وڃي. هو مڪمل طور تي اسٽيبلشمنٽ جي گهيري ۾ آهي، انڪري ان مان گنڊاپور کان وڌيڪ ڪا به اميد نه رکڻ گهرجي.

____________

AB-Rathore-TheAsiaN

الھ بخش راٺوڙ ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر صحافي آھي  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button