Editor's pickMain Slideثقافت

خوجا شيعا اثنا عشري برادري: ڪراچيءَ جي مٽيءَ جو قرض لاھيندڙ برادري

ڪراچيءَ ڏانھن خوجا شيعا اثنا عشري برادريءَ جي لڏپلاڻ، تجارتي مهارت، پاڪستان جي مالي ڍال بڻجڻ، ۽ اولڊ سٽي ايريا کان وٺي عالمي افق تائين فلاحي، طبي ۽ تعليمي ميدان ۾ سندن تاريخي ڪارنامن جو داستان

تحقيق: ابراهيم صالح محمد

​ڪراچيءَ جي ٻن سئو سالن جي تاريخ سمنڊ جي رستي ايندڙ عزم ۽ همت جي انهن قافلن جو داستان آهي، جن پنهنجي رت سان هن شهر جي معاشي ۽ سماجي ڍانچي کي تعمير ڪيو. ڪراچيءَ جي ڪهاڻي ان وقت تائين اڻپوري آهي، جيستائين اسان برادريءَ جو ذڪر نه ڪريون، جيڪا اڻويھين صديءَ جي وچ ڌاري هڪ وڏي نظرياتي ۽ تنظيمي موڙ کان پوءِ “خوجا شيعا اثنا عشري جي طور تي اڀري.

​اهو داستان انهن لهاڻا تاجرن جي پس منظر کان شروع ٿئي ٿو، جن کي سن 1400ع ۾ پير صدر الدين سنڌ ۽ گجرات جي علائقن ۾ اسلام جي روشنيءَ سان منور ڪيو هو ۽ فارسي لفظ “خواجه” مان سندن سڃاڻپ “خوجا تاجرن” جي طور تي قائم ٿي. پر سن 1845ع ۾ جڏهن آغا خان سنڌ جو دورو ڪيو ۽ پوءِ بمبئيءَ کي پنهنجو مرڪز بڻايو، ته برادريءَ جي تجارتي ۽ مذهبي فنڊن (جيڪي 20 سيڪڙو تائين جمع ڪيا ويندا هئا) ۽ نون فرمودات تي برادريءَ اندر هڪ فڪري ۽ قانوني ڪشمڪش جو آغاز ٿيو. ان تنازعي ۽ طويل قانوني جنگ جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ “خوجا شيعا اثنا عشريہ جماعتن” جو قيام عمل ۾ آيو. سڄي دنيا ۾ صرف ڏيڍ لک جي ننڍڙي آباديءَ تي مشتمل هن برادريءَ ڪراچيءَ جي بندرگاهه، پاڪستان جي معاشي بقا، ۽ اولڊ سٽي ايريا (کارادر ۽ لياري) جي سماجي، طبي ۽ مذهبي افق تي جيڪي لازوال نقش ڇڏيا، اهي تاريخ جو هڪ سنهري باب آهن.

​اڻويھين صديءَ جي وچ (1840ع واري ڏھاڪي) ۾ جڏهن ڪڇ، ڀڄ، پنيلي ۽ ڪاٺياواڙ جي خوجا تاجرن سخت قحط ۽ معاشي بحران سببان هجرت ڪئي، ته سندن سفر ٻن متوازي رستن تي گامزن ٿيو. هڪ ڌڙو سنڌ جي ساحل تي لهي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيو، جڏهن ته ٻيو وڏو حصو ڪاٺ جي روايتي ٻيڙين (Dhows) ذريعي بحرِ هند کي پار ڪندي اوڀر آفريڪا جي ساحلن، يعني زنجبار (Zanzibar)، ممباسا ۽ دارالسلام تي لٿو.

​عقيدي جي تبديلي ۽ اسماعيلي شيعا مان اثنا عشريہ شيعا بنجڻ کان پوءِ به، انهن ٻنهي خطن جي خوجا تاجرن وچ ۾ خانداني، ڪاروباري ۽ ثقافتي لاڳاپا ايترا مضبوط رهيا جو انهن ڪراچي بندرگاهه کي اوڀر آفريقا جي مارڪيٽن لاءِ هڪ مستقل سپلاءِ بيس بڻائي ڇڏيو.

​روايتي ٻيڙين (Dhow Trade) جي ان نيٽ ورڪ ذريعي ڪراچيءَ مان چانور، کنڊ، گرم مصالحا ۽ سوٽي ڪپڙو آفريقا موڪليو ويندو هو، جڏهن ته آفريقا جي زرخيز ساحلن تان هاٿي ڏند، قيمتي لونگ (Cloves)، ناريل ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ کان محفوظ رهندڙ عمارتي ڪاٺي (Mangrove Poles) ڪراچي آندي ويندي هئي، جنهن مان پراڻي ڪراچيءَ جي گهرن جون ڇتيون ۽ بندرگاهه جون ٻيڙيون ٺهنديون هيون.

انگريزن جي دور ۾ خوجا برادري

​اوڀر آفريڪا جي مختلف شهرن ۾ جيئن جيئن برادريءَ تجارتي عروج حاصل ڪيو، انهن منظم جماعتون قائم ڪيون. سن 1946ع ۾ دارالسلام (تنزانيا) ۾ آفريقا فيڊريشن (Africa Federation) جو بنياد رکيو ويو تہ جيئن ڪينيا، يوگينڊا، زنجبار، موزمبيق ۽ مڊغاسڪر جي جماعتن کي يڪجا ڪري سگهجي.

​ان آفريقا فيڊريشن ۽ ڪراچيءَ جي خوجا اثنا عشريہ جماعت وچ ۾ هڪ فلاحي ۽ مالياتي رشتو قائم ٿيو. آفريقا جي خوجا تاجرن ڪراچيءَ کي پنهنجو وطنِ ثاني سمجهيو ۽ هتان جي مذهبي، تعليمي ۽ طبي ادارن لاءِ باقاعدگيءَ سان ۽ دل کولي فنڊز موڪليا. پوءِ 1976ع ۾ لنڊن ۾ قائم ٿيندڙ “ورلڊ فيڊريشن آف خوجا شيعا اثنا عشري” جو ڪراچي هڪ مضبوط ٿنڀو بڻجي ويو. اڄ به ڪراچيءَ جي جوڙيا بازار ۽ ڪيميڪل مارڪيٽ جا خوجا تاجر تنزانيا ۽ ڪينيا سان چانهه جي پتي، دالين ۽ دوائن جي تجارت جو وڏو نيٽ ورڪ سنڀالين ٿا.

​ ​برادريءَ جي تاريخ ۾ هڪ خطرناڪ موڙ سن 1972ع ۾ آيو، جڏهن يوگنڊا جي صدر عيدي امين نسلي تعصب جو مظاهرو ڪندي سمورن ايشيائي ماڻهن ۽ خوجا تاجرن کي چوويهه ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو. انهن خوجا خاندانن جو سڀ ڪجهه اتي ئي رهجي ويو. جيتوڻيڪ برادريءَ جو وڏو تعداد برطانيه، يورپ ۽ ڪئناڊا ڏانهن نڪري ويو، پر هڪ چڱي تعداد پنهنجن آبائي لاڳاپن جي بنياد تي ڪراچي سنڌ جو رخ ڪيو.

​آفريقا مان بي دخل ٿي ايندڙ انهن باهمت تاجرن مايوس ٿيڻ بجاءِ پنهنجي پراڻي تجربي ۽ بچايل مُوڙيءَ کي ڪراچيءَ جي معيشت ۾ لڳائي ڇڏيو. ھنن ​ڪلفٽن ۽ گارڊن جي علائقن ۾ جديد رهائشي جائدادون تيار ڪيون، ​جوڙيا بازار جي هول سيل مارڪيٽ کي پنهنجي ڪاروباري مهارت سان وسعت ڏني، ​آفريقا ۾ پنهنجن پراڻن لاڳاپن کي استعمال ڪندي ڪراچيءَ مان سوٽي ڌاڳي ۽ ڪپڙي جي ايڪسپورٽ جو اهو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو جنهن پاڪستان جي ٽيڪسٽائل سيڪٽر کي قيمتي پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو فراهم ڪيو.

​ ​قيامِ پاڪستان جي تاريخ ۾ خوجا اثنا عشريہ برادريءَ جي مشھور حبيب خاندان جو ڪردار محض هڪ ڪاروباري خاندان جو نه، بلڪ ان معاشي ڍال جو هو جنهن آگسٽ 1947ع ۾ نئين ڄاول ملڪ کي ڏيوالپڻي ۽ معاشي موت کان بچايو. جُون 1947 ۾ قائدِ اعظم جي هدايت تي حبيب بينڪ جو پورو نيٽ ورڪ ۽ خزانو ڪراچيءَ منتقل ڪيو ويو. آگسٽ 1947 ​۾ هندوستاني حڪومت پاران 75 ڪروڙ رپيا روڪڻ سبب خزانو خالي ھو ۽ ملازمن جون پگهارون بند ھيون، تڏھن سيپٽمبر 1947 ۾ سيٺ محمد علي حبيب پاڪستان جي عبوري حڪومت کي 8 ڪروڙ رپين جو تاريخي چيڪ پيش ڪيو ويو. پھرين جولاءِ 1948 تي اسٽيٽ بئنڪ  جي قيام ۾ حبيب خاندان جي مالي ۽ تخنيقي معاونت شامل ھئي.

​​ورهاڱي کان اڳ برصغير جي بئنڪنگ تي هندو ۽ برطانوي سيڙپڪارن جو راڄ هو. قائدِ اعظم محمد علي جناح جون دور انديش نگاهون ڏسي رهيون هيون ته آزاد مسلم رياست لاءِ پنهنجي بئنڪ جو هجڻ ضروري آهي. سندس ئي خاص درخواست تي حبيب خاندان 25 آگسٽ 1941ع تي بمبئيءَ ۾ مسلمانن جي پهرين شيڊولڊ ڪمرشل بئنڪ، حبيب بئنڪ لئميٽڊ (HBL) جو بنياد ٻڌو.

​​جُون 1947ع ۾ ورهاڱي جي اعلان سان ئي، قائدِ اعظم جي هدايت تي حبيب خاندان هڪ لمحو ضايع ڪرڻ بنا پنهنجو پورو هيڊڪوارٽر ۽ نيٽ ورڪ بمبئيءَ مان ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو. بمبئيءَ مان سون، روڪ رقم، ۽ اهم دستاويز بحري جهازن ذريعي پرخطر حالتن ۾ ڪراچي پورٽ پهچائڻ ان برادريءَ جي وفادار ملازمن جو هڪ تاريخي ڪارنامو هو. ڪراچيءَ جو ايم اي جناح روڊ ان مالياتي نيٽ ورڪ جو مرڪز بڻجي ويو.

​​آزاديءَ کان ترت پوءِ ڀارت پاڪستان جي حصي جا 75 ڪروڙ رپين جا اثاثا روڪي ڇڏيا. پاڪستان جو سرڪاري خزانو بلڪل خالي هو، مهاجرن جون ڪئمپون ڀريل هيون ۽ ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ پئسا نه هئا. ان نازڪ وقت ۾ قائدِ اعظم سيٺ محمد علي حبيب سان رابطو ڪيو. سيٺ محمد علي حبيب حب الوطنيءَ جو لازوال مثال قائم ڪندي عبوري حڪومت کي 80 ملين (8 ڪروڙ) رپين جو قرض ۽ فنڊز جاري ڪيا. روائتن موجب، هنن قائدِ اعظم کي هڪ “بلئنڪ چيڪ” پيش ڪري ڇڏيو هو ته ملڪ کي بچائڻ لاءِ جيتري رقم گهربل هجي، ڪڍي ورتي وڃي. ان ئي رقم سان پاڪستان جي ابتدائي سرڪاري معاملا اڳتي وڌيا

​​جڏهن پهرين جولاءِ 1948ع تي قائدِ اعظم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو افتتاح ڪيو، ته ان جي انتظامي ڍانچي جي جوڙجڪ، سون جي ذخيرن جي منتقلي ۽ ابتدائي ورڪنگ ڪئپيٽل جي فراھميءَ ۾ حبيب بئنڪ جي ماهرن ۽ حبيب خاندان بنيادي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان سواءِ، سڄي دنيا مان جمع ٿيندڙ چندي جو مرڪزي اڪائونٽ “قائدِ اعظم محمد علي جناح پاڪستان فنڊ” به حبيب بئنڪ ئي سنڀاليندو هو. جيتوڻيڪ 1974ع ۾ هن بئنڪ کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو، پر ان خاندان معصومين هسپتال (لياري)، حبيب يونيورسٽي، حبيب پبلڪ اسڪول، بئنڪ الحبيب ۽ بئنڪ الفلاح ذريعي ڪراچيءَ جي معاشي ۽ تعليمي آبياري جاري رکي.

​​اولڊ سٽي ايريا جو هي خطو صرف تجارت جو مرڪز نه هو، بلڪ هي خوجا اثنا عشريہ برادريءَ جي مذهبي عقيدي، عزاداريءِ امام حسين عليه السلام ۽ عوامي فلاح جو سڀ کان پراڻو مرڪز آهي.

وڏو امام بارگاهه، کارادر (منزلِ عزا):

​کارادر جي تنگ ۽ تاريخي گلين ۾ واقع هي عظيم الشان امام بارگاهه 1878ع (ڪجهه ڪتبن موجب 1868ع) ۾ خوجا اثنا عشريہ برادريءَ جي معزز ۽ مخير اڳواڻ سيٺ حاجي ٿاور ٺريا (Seth Haji Thawer Tharia) ۽ سندس پٽن پنهنجي ذاتي زمين ۽ سرمائي سان تعمير ڪرايو هو. شروعات ۾ هي ٻه منزله عمارت هئي جنهن ۾ 1963ع ۾ ٽئين منزل جو اضافو ڪيو ويو.

​هتي جي عزاداريءَ ۾ سنڌي، ڪڇي ۽ ايراني ثقافت جو رنگ جھلڪي ٿو. محرم دوران هتي روايتي ايراني ماتمي ساز ‘سنج و دمام’ ۽ سنڌي طرز جي ‘نقارن’ جي گونج ۾ ماتم ڪيو ويندو آهي. هتي 27 ذوالحج تي سئو سال پراڻي تاريخي علم پاڪ کي لاٿو ويندو آهي (جنهن کي ‘علم نھار ڪرڻ’ چوندا آهن) ۽ 29 ذوالحج جي رات عقيدت سان ٻيهر علم ڪشائي ڪئي ويندي آهي.

حسينيه ايرانيان، کارادر:

​قيامِ پاڪستان کان ترت پوءِ 1948ع ۾ قائم ٿيل هي مرڪز خوجا اثنا عشريہ برادري ۽ ايران (شيراز ۽ بوشهر) مان آيل تاجرن جي باهمي اشتراڪ جو شاهڪار آهي، جنهن جو انتظام “انجمنِ حسينيه ايرانيان” هلائيندي آهي. هن مقام جي سڀ کان وڏي انتظامي اهميت اها آهي ته ڪراچيءَ جي سمورن مرڪزي ۽ سرڪاري جلوسن (9 ۽ 10 محرم جي يومِ عاشور وارا جلوس) نشتر پارڪ مان برآمد ٿي، ايم اي جناح روڊ تان لنگهندي هن ئي حسينيه ايرانيان تي اچي اختتام پذير ٿيندا آهن. هي اهو منبر آهي جتي علامہ رشيد ترابي ۽ علامہ طالب جوهري جهڙا خطيب ڏهاڪن تائين مجلسون پڙهندا رهيا. هتي 10 محرم جي صبح زائرين ۾ روايتي “ايراني پلاؤ ۽ چلو ڪباب” بطورِ نياز ورهايو ويندو آهي، جيڪا هن جي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي.

بشوڪي امام بارگاهه (نيا آباد، لياري):

​برطانوي راڄ کان به اڳ 1806ع ۾ قائم ٿيندڙ هيءَ امام بارگاهه ڪراچيءَ جي قديم ترين امام بارگاهه مڃي ويندي آهي، جڏهن شهر جي آبادي مس 35 هزار هئي. هن جو بنياد خليجِ فارس مان آيل هڪ عراقي تاجر “بشو” رکيو هو، پر ان جو انتظام هميشه لياريءَ جي مقامي معززين ۽ خاندانن وٽ رهيو، جيڪي سني عقيدي سان تعلق رکڻ باوجود نسل در نسل ان جا خادم ۽ محافظ آهن. بلديہ ڪراچيءَ (KMC) جي 1884ع جي تاريخي بجٽ رڪارڊ موجب، ان جي گهٽيءَ (امام بارگاهه روڊ) کي پڪو ڪرڻ لاءِ ان زماني ۾ 183 رپيا مختص ڪيا ويا هئا.

​ڪراچيءَ ۾ خوجا شيعا اثنا عشريہ برادريءَ جون خدمتون محض جوڙيا بازار جي تجارت، حبيب بئنڪ جي مالياتي ڍال يا کارادر جي عزاداريءَ تائين محدود ناهن، بلڪ هن برادريءَ ڪراچيءَ جي تاريخ ۾ علم ۽ شعور جون جيڪي شمعون روشن ڪيون، اهي سندن سڀ کان پائيدار ۽ لازوال اثاثو آهن. ويهين صديءَ جي وچ ڌاري، جڏهن ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ جي آباديءَ ۾ اوچتو لکين مهاجرن ۽ سفيد پوش خاندانن جو اضافو ٿيو، ته برادريءَ جي مقتدر علمائن، مخلص دانشورن ۽ مخير تاجرن محسوس ڪيو ته قوم جي بقا صرف تجارت ۾ نه پر جديد سائنسي ۽ انگريزي تعليم ۾ آهي. ان ئي سوچ تحت اولڊ سٽي ايريا سميت ڪراچيءَ ۾ اهڙا تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا جيڪي اڄ به روشني پکيڙي رهيا آهن.

​غلامانِ عباس اسڪول ۽ هاسٽل: هن اداري نه صرف خوجا برادري بلڪ ڪراچيءَ جي ٻين عام مسلم ۽ متوسط طبقي جي ٻارن کي انتهائي گھٽ فيس (۽ مستحق ٻارن کي مڪمل اسڪالرشپ) سان اهو معيارِ تعليم ڏنو جيڪو ان دور جي مهانگي ترين ڪلفٽن جي مشنري اسڪولن جو هوندو هو. هتان جا پڙهيل هزارين شاگرد اڄ سڄي دنيا ۾ ناميارن عهدن تي فائز آهن.

​حبيب پبلڪ اسڪول (1959ع)، جتي اڳواڻ ۽ اولمپينز تيار ٿيا: جڏهن اسان خوجا اثنا عشريہ برادريءَ جي تعليمي ادارن جو ذڪر ڪريون ٿا، ته مائي ڪولاچي ۽ مولوي تميز الدين خان روڊ تي واقع “حبيب پبلڪ اسڪول” جو ذڪر اڻٽر بڻجي ويندو آهي. هي اسڪول حبيب خاندان (سيڙپڪار: محمد علي حبيب) 1959ع ۾ قائم ڪيو هو ۽ هي صرف هڪ اسڪول نه پر پاڪستان جي نرسري آهي. حبيب پبلڪ اسڪول پاڪستان کي ڪئي اهڙا نالا ڏنا جن سڄي دنيا ۾ ملڪ جو جھنڊو بلند ڪيو. هي اسڪول پنهنجي بي پناهه سستي فيس، سخت نظم و ضبط، شاندار اسپورٽس گراؤنڊن ۽ ترڻ جي تلائن (سوئمنگ پولز) سبب پوري ڪراچيءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو واحد ادارو مڃيو ويندو هو، جتي امير ۽ غريب جو ٻار هڪ ئي ڊيسڪ تي ويھي تعليم حاصل ڪندو هو.

​حبيب يونيورسٽي پاڪستان جي پهرين لبرل آرٽس يونيورسٽي: تعليم جي ميدان ۾ برادريءَ جي حبيب خاندان اڻويهين/اڪويهين صديءَ ۾ جيڪو سڀ کان وڏو تاريخي قدم کنيو، اهو “حبيب يونيورسٽي” جو قيام آهي. هي پاڪستان جي تاريخ ۾ هائر ايجوڪيشن لاءِ ڪنهن به خانگي خاندان طرفان ڏنل سڀ کان وڏو تحفو آهي. هي يونيورسٽي عالمي معيار جي لبرل آرٽس، ڪميونيڪيشن ڊيزائن، ڪمپيوٽر سائنس ۽ انجنيئرنگ جا شعبا فراهم ڪري ٿي. هن جي سڀ کان وڏي خاصيت ان جو “يو هوسن” (YOHSIN) اسڪالرشپ پروگرام آهي، جنهن تحت ڪراچيءَ جي سرڪاري ڪاليجن ۽ غريب وسندين جي ذهين ٻارن کي 100 سيڪڙو فري اسڪالرشپ ڏني ويندي آهي.

سراج ڪالوني ۽ معصومين اسپتال:

لياريءَ جي موسي لين سان واقع سراج ڪالوني خوجا اثنا عشريہ ۽ پراڻن ڪڇي ۽ شيرازي سادات خاندانن جو مسڪن رهي آهي. ان ئي موسي لين ۽ کارادر جي سنگم تي، آتمارام پريتم داس روڊ (موجوده شاهه عبداللطيف ڀٽائي روڊ) تي “معصومين اسپتال” واقع آهي، جيڪو حبيب خاندان ۽ برادريءَ جي مخير حضرات جو قائم ڪيل هڪ فلاحي ادارو آهي ۽ ٻارهن ائمن ۽ چوڏهن معصومين عليه السلام جي نالي سان منسوب آهي. هي اسپتال ڏهاڪن کان لياريءَ جي غريب ماهيگيرن، جھونا مارڪيٽ ۽ اولڊ سٽي جي متوسط طبقي لاءِ سستي ترين زچگي (Maternity) ۽ هنگامي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي.

قابلِ ذڪر ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه (1994-1997)، جنهن جو تعلق ان ئي لياري (نيا آباد) سان هو، اهو نسلي طور خوجا نه پر قديم “سنڌي سادات” (شيرازي سيد) خاندان مان هو، تنهن هوندي عقيدي جي اعتبار کان شيعا اثنا عشري هجڻ ناتي اولڊ سٽي ايريا جي انهن سمورين مذهبي ۽ عزاداريءَ جي روايتن جو ننڍپڻ کان شاهد رهيو.

​​خوجا اثنا عشريہ برادريءَ جي سماجي نظم و ضبط ۽ پنهنجي ڪميونٽيءَ لاءِ خدمتن جو اندازو سندن قائم ڪيل تدفين ۽ آخري رسمن جي مربوط نظام مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو ڪراچيءَ جي اولڊ سٽي ايريا ۾ هڪ ڊگھي عرصي کان قائم آهي.

علي باغ قبرستان (قديم خوجا اثنا عشريہ قبرستان):

​موجوده بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽيءَ جي سامھون، لياري ۽ پراڻي ڪراچيءَ جي وچ ۾ خوجا اسماعيلي جماعت جي حسينيه باغ قبرستان جي ويجهو واقع “علي باغ” برادريءَ جو قديم ترين ۽ تاريخي قبرستان آهي. هي صرف هڪ قبرستان نه پر ڪراچيءَ جي هجري تاريخ جو هڪ ڪتبو آهي، جتي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ اوڀر آفريقا مان اچي ڪراچي بندرگاهه کي آباد ڪندڙ اوليائن، مقتدر تاجرن، حبيب خاندان جي بزرگن ۽ عام پورھيتن جون پراڻيون قبرون موجود آهن. هي باغ برادريءَ جي پراڻن بزرگن وقف ڪيو هو تہ جيئن ڪميونٽيءَ جي ماڻھن کي هڪ ئي جاءِ تي باوقار تدفين ميسر اچي سگهي. هارون فيملي، هدايت الله فيملي، ۽ BCCI واري مشهور بين الاقوامي بئنڪر آغا حسن عابديءَ سميت ٻيا وڏا وڏا خاندان ۽ تاريخ ساز شخصيتون هتي دفن ٿيل آهن.

​​لهاڻا برادريءَ جي تجارتي ماضيءَ کان وٺي بمبئيءَ جي قانوني ڪشمڪش تائين، ۽ ڪڇ جي قحط کان وٺي اوڀر آفريقا جي بي دخلي ۽ يوگنڊا جي بحران تائين، خوجا شيعا اثنا عشريہ برادريءَ تاريخ جي بي رحم طوفانن جو مقابلو انتهائي مردانگيءَ ۽ نظم و ضبط سان ڪيو. سندن تاريخي ڪردارشاھد آھي تہ هن بنھ ننڍڙي برادريءَ ڪراچيءَ جي مٽيءَ جو قرض ڪهڙي شان سان لاٿو آهي. معيشت جي بلند ترين عهدن کان وٺي لياريءَ جي پسمانده گلين تائين، سندن خدمتون عروس البلاد ڪراچيءَ جي تاريخ جو اهو ان مٽ نقش آهن جنهن کي وقت جي ڪابه لهر ڪڏهن مٽائي نه سگهندي.

_____________

Ibrahim Saleh Muhammad-TheAsiaN

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button