ڊينگ زيائو پنگ، ھڪ اھڙو اڳواڻ جنھن چين ۾ معاشي انقلاب جو بنياد وڌو
ڊينگ کي ويھين صدي جو عظيم اڳواڻ مڃيو وڃي ٿو. جنھن چين جي معاشي ترقيءَ جو معجزو ڪري ڏيکاريو
مائوزي تنگ کان پوءِ جنھن اڳواڻ چين کي نوان رستا، خيال، منصوبا ۽ راهون ڏنيون. اهو ڊينگ زيائو پنگ هو.
ھُن اعلان ڪيو ھو تہ حڪومت پرڏيھي سيڙپڪارڻ جي لاءِ چين جا دروازا کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر چين سوشلزم جي بنيادي اصولن تي قائم رهندو ۽ معاشي ڏوهن کي برداشت نه ڪيو ويندو
يوسف سنڌي
چين جي آزاديءَ جي عظيم هيري مائوزي تنگ 9 سيپٽمبر 1976ع تي وفات ڪئي. سندس چالاڻي کان پوءِ ڪيترائي سال اقتدار جي سياست ٿيندي رهي. نيٺ ڊينگ زيائو پنگ چين جو نمبر ون اڳواڻ بنجي ويو. مائوزي تنگ کان پوءِ جنھن اڳواڻ چين کي نوان رستا، خيال، منصوبا ۽ راهون ڏنيون. اهو ڊينگ زيائو پنگ هو.
ڊينگ جو قول آهي ته، ”ٻلي ڪاري هجي يا اڇي، ڪوبه فرق نه ٿو پوي، پر ڪوئا ضرور جهليندي هجي. غربت سوشلزم ڪونهي، امير ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي، حقيقت مان سچ جي ڳولا ڪريو.“

ڊينگ کي ويھين صدي جو عظيم اڳواڻ مڃيو وڃي ٿو. جنھن چين جي معاشي ترقيءَ جو معجزو ڪري ڏيکاريو. ڊينگ 1920ع ۾ تعليم پرائڻ جي لاءِ فرانس ويو. ڊينگ جي پيءُ کي ڌاڙيلن قتل ڪري ڇڏيو ۽ هو پنھنجي پيءُ جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿي نه سگهيو. ڊينگ ٽي شاديون ڪيون، جن مان ’زيائولن‘ سڄي عمر سندس ساٿ ڏنو.
مائو جي وفات کان پوءِ ڊينگ چين جو مرڪزي اڳواڻ ٿي اُڀريو. هن مائو جي فلسفي ۾ نظرثاني ڪري ’سوشلزم چيني خاصيتن جو‘ نعرو ڏنو. هڪ ڀيري ڊينگ پنھنجي ڊرائيور سان وڃي رهيو هو. جڏهن چوڪ آيو ته ڊرائيور پُڇيس، ”ڪھڙي پاسي هلان.“ ڊينگ پُڇيس ”سائن بورڊ تي ڇا لکيل آهي.‘ ڊرائيور ٻُڌايس، ”ليفٽ ٽو سوشلزم، رائٽ ٽو ڪيپٽلزم‘. ڊينگ چيس ”سگنل ليفٽ تي رائٽ واري پاسي مُڙي وڃ.“ ڊينگ پنھنجي ان چوڻي تي عمل ڪيو ته ’ٻلي ڪاري هجي يا اڇي، پر ڪوئا جهليندي هجي.‘
ڊينگ بحث مباحثي تي وقت نه وڃائيندو هو. هو عملي ماڻهو هو. ڊينگ ضرورت پوڻ تي طاقت جو استعمال ڪري تبت جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. 1952ع ۾ ڊينگ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري بنجي ويو ۽ فنانس جي وزارت به حاصل ڪيائين. 1954ع ۾ هو ’نيشنل ڊيفينس ڪميٽي‘ جو وائس چيئرمين ۽ نائب وزيراعظم مقرر ٿيو. 1955ع ۾ کيس پولٽ بيورو جو ميمبر بنايو ويو. ڊينگ پنھنجي ذميواري عزم ۽ محنت سان پوري ڪندو هو. کيس سدائين مائوءَ جو اعتماد حاصل رهيو. 1949ع کان 1955ع تائين چين جو دور شاندار رهيو.
ان دور ۾ معاشي استحڪام پيدا ٿيو. مائو جي زرعي سڌارن ۽ روس جي ماڊل تي ڳري انڊسٽري ۽ انفراسٽرڪچر جا معيشيت تي هاڪاري اثر پيا. مائو مغربي ملڪن جھڙو معاشي درجو حاصل ڪرڻ لاءِ ’گريپ ليپ فارورڊ‘ جو منصوبو پيش ڪيو، پر گهربل هدف حاصل نه ٿي سگهيو، بلڪه ان منصوبي جي نتيجي ۾ ڏڪار جي ڪري لکين ماڻهو مري ويا. مائو ذميواري قبوليندي پنھنجي مداخلت گهٽائي ڇڏي. ڊينگ ۽ ٻين اهم اڳواڻن جون ذميواريون وڌي ويون.
جڏهن ڊينگ اقتدار سنڀاليو ته بيورو ڪريسيءَ جو تعداد ٻه ڪروڙ ڏهه لک هو، جن مان گهڻائي نااهل ۽ بدديانتن جي هئي، جن کي ’ايڪسپرٽ نه پر ريڊ‘ جي اصول تي ڀرتي ڪيو ويو. ڊينگ اُن اصول کي بدلائي ’ريڊ نه پر ايڪسپرٽ‘ تي زور ڏنو. ڊينگ مرڪزي بيورو ڪريسيءَ تي ڀاڙڻ بدران لوڪل گورنمينٽ کي اهميت ڏني. هُن چين جي مختلف علائقن ۾ ايڪنامڪ زون قائم ڪيا ته جيئن هڪجھڙي ترقي ٿئي. ’شين زن‘ ماڊل معاشي زون بنجي ويو. جنھن جي ڪاميابي کان پوءِ 35 اسپيشل زون به ترقيءَ جا ماڊل بنجي ويا، چين مقامي حڪومتن جي جذبي جي آڌار تي معاشي طاقت بنيو.
ڊينگ، چين کان سواءِ ٻين ملڪن جي مزاج ۽ ڪلچر کان به واقف هو. هن جوانيءَ ۾ فرانس ۽ مغربي ملڪن جو مشاهدو ڪيو هو. ڊينگ 1950ع ۽ 1960ع جي ڏاڪن ۾ چين جي اقتدار ۽ مسئلن جو مشاهدو ڪري چڪو هو ۽ مڪمل پروسي سان فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت ٿي رکيائين. ڊينگ، مائوزيتنگ کان سکيو هو ته ’طاقت بندوق مان جنم وٺي ٿي‘. سندس سامھون ڪيتريون ئي للڪارون هيون، حڪومتي گهوٽالي کي ختم ڪرڻ، سياسي گروهه بندي ختم ڪرڻ ۽ مائو جي فلسفي کي زندهه رکڻ ڊينگ جون ترجيحات هيون.

1975ع ۾ ڊينگ جي اڳواڻيءَ ۾ چين جوگروٿ ريٽ 11.9 سيڪڙي تائين وڌي ويو. جيڪو 1974ع ۾ 1.4 سيڪڙو هو. ڊينگ 1977ع کان 1981ع تائين بھترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي پنھنجي اقتدار کي سگهارو ڪري ورتو. هو پارٽيءَ جو وائيس چيئرمين، نائب وزيراعظم ۽ ملٽري ڪميشن جو چيئرمين بنجي ويو. کيس احساس هو ته چين معاشي حوالي سان مغربي ملڪن ۽ جاپان کان گهڻو پٺتي آهي. ڊينگ ٻين ملڪن کان سکڻ لاءِ پرڏيھي ملڪن جا دورا ڪيا. هن پرڏيھي سيڙپڪاريءَ لاءِ چين جا دروازا کولي ڇڏيا. جيڪي مائوءَ جي زندگيءَ ۾ بند رهيا. ڊينگ، چين جي پراڻي حريف جاپان سان پنھنجا ناتا خوشگوار بنايا. آمريڪا کان قرض وٺڻ کان به نه لھرايو. ڊينگ سنگاپور جو دورو ڪيو ۽ پنھنجي دوست ’لي ڪوآن يو‘ کان ڪامياب معيشت جا گُر سکيا، ۽ ڊينگ جي ٽيم تجربيڪار ۽ ڀروسي لائق هئي. مائو جي فلسفي کان هٽي نئون سياسي فلسفو تشڪيل ڏيڻ ڪو سولو ڪم نه هو. ڊينگ پنھنجي صلاحيتن کي استعمال ڪري اهو تجربو ڪري ڏيکاريو. ڊينگ چين جو ٻيو وڏو اڳواڻ هو. 1982ع ۾ هو ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل بنجي ويو. هن چين جي ترقيءَ جي لاءِ وڏي محنت ڪئي. ڪرپشن جي خلاف ڪامياب مھم هلايائين. دفاعي بجيٽ گهٽ ڪيائين. ڳوٺاڻي ترقيءَ تي ڌيان ڏنائين. ڪميون سسٽم کي بدلائي عوام کي نجي ملڪيت جو حق ڏنو ويو، جنھن ڪري معاشي ترقيءَ ۾ واڌارو ٿيو. معاشي سُڌارن جي نتيجي ۾ روزگار جا موقعا 28 ملين مان وڌي 125 ملين ٿيا. ڳوٺاڻن سُڌارن کان پوءِ ڊينگ شھري ترقيءَ تي ڌيان ڌريو. چين جي مشرقي ساحل تي خاص اڪنامڪ زونز بنايا ويا. شروع ۾ چار اڪنامڪ زونز بنايا ويا. اهي زونر Shanzhen, shahtou, xiaman ۽ Zhonxud ۾ ٺاهيا ويا. اهي چار ئي زونز فوجيان ۽ گوان تنگ صوبن ۾ آهن. انهن هنڌن جو تعين گهڻي سوچ ويچار ۽ هڪ حڪمت عمليءَ تحت ڪيو ويو. اهي مڪاؤ ۽ هانگ ڪانگ جھڙن خوشحال علائقن ۽ چين جي علائقي تائيوان جي ويجهو هئا. انهن هنڌن جي چونڊ اُن اميد سان ڪئي ويئي ته ويجهن علائقن هئڻ جي ڪري ويجهو ٿيندڙ سيڙپڪاري انهن خصوصي اقتصادي زونز ڏانھن به رخ ڪندي. چيني حڪومت غير ملڪي سيڙپڪارن کي ان ڏانھن راغب ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي رعايتون ڏنيون، کين ٽئڪسن ۾ ڇوٽ ۽ معافي ڏني ويئي. انهن زونز جي اڏاوت ڪا سولي ڪانه هئي. شروع ۾ اهي عام ماهيگيريءَ جي لاءِ مشھور هنڌ هئا. حڪومت اتي انفراسٽرڪچر بھتر ڪيو. رستن جي تعمير ڪئي، سيوريج سسٽم ۽ ٽرانسپورٽ جي نظام کي بھتر ڪيو. رهائشي عمارتن، حڪومتي آفيسون ۽ واپاري عمارتون اڏيون ويون. ان سڄي تعميراتي ڍانچي تي تمام وڏي رقم خرچ ٿي.
ان کان پوءِ ڊينگ پراڻي معاشي مرڪز شنگهائيءَ تي ڌيان ڌريو. شنگهائي ۾ ڊينگ کي ’جيانگ زمن‘ جو سھڪار حاصل ٿيو، جيڪو پوءِ ڊينگ جو جانشين ٿيو. ڊينگ بھترين مردم شناس شخص هو، جنھن ’زيائو رونگ‘ جي جي معاشي مھارت کي تسليم ڪندي سندس سرپرستي ۽ حوصلي افزائي ڪئي. چين کي معاشي ٽائيگر بنائڻ ۾ ’زيائو رونگ‘ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڊينگ آمريڪا ۽ روس ٻنهي سان بھتر لاڳاپا قائم ڪيا. ڊينگ نين حالتن موجب معاشي پاليسيون بدلايون، جنھن جي نتيجي ۾ چين ۾ معاشي خوشحالي آئي. جيانگ زمن ۽ زيائو رونگ، ڊينگ جي اڳواڻيءَ ۾ چين جي اندر معاشي سڌارا ڪيا، جن جي ڪري روينيو ۾ واڌارو ٿيو.
ڊينگ، چين ۾ معاشي انقلاب برپا ڪري ڇڏيو ۽ سوشلسٽ خصوصيتن تي ٻڌل سرمائيداريءَ جو ڪامياب معاشي ماڊل دنيا جي سامھون پيش ڪيو ۽ مستقبل ۾ چين جي قيادت لاءِ جيانگ زمن ۽ هوجنتائو جي صورت ۾ اڳواڻ پيدا ڪيا.
ڊينگ زيائو پنگ 1997ع ۾ پارڪنس جي بيماريءَ سبب وفات ڪئي. سندس وصيت موجب سندس اکيون ۽ جسم جا ٻيا حصا ميڊيڪل ريسرچ جي لاءِ وقف ڪيا ويا. مائوزيتنگ کان پوءِ ڊينگ زيائو پنگ چين جو عظيم اڳواڻ ثابت ٿيو. ڊينگ ملٽري ڪميشن کي چيو ته، ”حڪومت پرڏيھي سيڙپڪارڻ جي لاءِ چين جا دروازا کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. البت چين سوشلزم جي بنيادي اصولن تي قائم رهندو ۽ معاشي ڏوهن کي برداشت نه ڪيو ويندو.“ ڊينگ جي اها پختي راءِ هئي ته مائو جو ثقافتي انقلاب چين جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيو. ڊينگ پاڻ به ان ثقافتي انقلاب جو نشانو بنيو ۽ کيس اهم عهدي تان لاهي هڪ ڏورانهين هنڌ تي هڪ ٽريڪٽر فيڪٽريءَ جو مئنيجر ڪري موڪليو ويو، ڊينگ جي خوش قسمتي اها هئي ته مٿس چواين لائي وڏو ڀروسو ڪندو هو ۽ ۽ کيس 1974ع ۾ نائب وزيراعظم مقرر ڪيو.
مائوزي تنگ جڏهن سخت بيمار ٿيو ۽ سندس ڳالهائڻ جي صلاحيت به متاثر ٿي ته هن چين ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ کي جانشين جي محاذ آرائي کان بچائڻ لاءِ هواڪوفنگ کي اختيار سونپيا ۽ هواڪوفنگ چين جو وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جو پهريون وائيس چيئرمين بنجي ويو. مائوزيتنگ 9 سيپٽمبر 1976ع ۾ وفات ڪئي. مائو کان پوءِ ڪيترائي سال اقتدار جي سياست ٿيندي رهي، جنھن ۾ پيپلز آرميءَ اهم ڪردار ادا ڪيو، نيٺ ڊينگ زيائو پنگ چين جو نمبر ون اڳواڻ بنجي ويو.
ڊينگ آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته، ”چين ۾ دولت جو مالڪ عوام آهي. امير بنجڻ جي اجازت آهي، پر سوشلزم جي اصولن کي ڇڏيو نه ٿو وڃي، چين جا اڳواڻ سرمائيدارن جي بالادستي ۽ غربت جي ٻيٽن تي يقين نه ٿا رکن.“ ڊينگ پهريون چيني صدر هو، جنهن آمريڪا جو دورو ڪيو.
چين جي اقتداري سياست ۾ چئن جي ٽولي جو ذڪر اڻٽر آهي. جيڪو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي چئن اڳواڻن تي مشتمل هو، انهن مائو جي وفات کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽي جي پاليسين تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ ٿي گهريو. ان ٽولي جي اڳواڻ جيانگ فنگ هئي. ٻين اڳواڻن ۾ زانگ چن ڪيائو، پائو وين يوان ۽ اُن ينگيون، جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جو وائيس چيئرمين هو. ”گينگ آف فور“ جو ٽڪراءُ ڊينگ زيائو پنگ سميت انهن اڳواڻن سان هو، جيڪي چين جي نظام ۾ سڌارن جا حامي هئا. مائو جي ثقافتي انقلاب جي دوران ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ لڳا. جن ۾ مکيه چئن اڳواڻن مائو جي تحريڪ جو ساٿ ڏنو. انهن ۾ جيانگ فنگ جيڪا مائوزي تنگ جي گهر واري هئي ۽ اڳ ۾ فلمي اداڪارا هئي، جنھن مائوزي تنگ سان شادي ڪئي هئي.
1969ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي نيشنل ڪانگريس جو نائون اجلاس ٿيو، جنھن ۾ مائوءَ جي حامين پارٽي جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. ڊينگ زيائو پنگ ۽ ليوشالوچيءَ کي اقتدار کان الڳ ڪيو ويو ۽ هو عتاب هيٺ آيا.

ثقافتي انقلاب جي دوران ماڻهن کي جنھن نموني تشدد جو نشانو بنايو ويو، اهو چين جي تاريخ جو هڪ افسوسناڪ باب آهي، هڪ رپورٽ موجب ثقافتي انقلاب جي دوران چار لک ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. 76 ملين ماڻهو جبر ۽ تشدد جو نشانو بنيا. پيپلز آرميءَ کي حڪم ڏنو ويو ته اها ريڊ گارڊ کي ڪنٽرول ڪري، سورهن ملين ماڻهن کي تربيت جي لاءِ هارين وٽ موڪليو ويو. انهن ۾ هاڻوڪو صدر شي چن پنگ به هو. مائو جي خواهش هئي ته انهن ماڻهن جي ذهنيت کي بدلائجي، جيڪي طاقت ۽ عھدن جي ڪري سوشلسٽ نظريي کان هٽي ڦونڊ ۾ ڀرجي ويا هئا. مائو بيجنگ جي انتظاميا، ڪميونسٽ پارٽي ۽ لبريشن آرمي تي ڪنٽرول رکڻ ٿي گهريو ۽ نظرياتي اختلاف کي برداشت نه ڪندو هو. ثقافتي انقلاب جي لھر مان فائدو وٺي مائوءَ پنھنجو ڪنٽرول مستحڪم ڪري ويو.
”گئنگ آف فور“ جو چين ۾ گهڻو اثر هو، هنن پنھنجي هزارن مخالفن کي مارايو ۽ جيلن ۾ وڌو.
1976ع ۾ مائو جي چالاڻي کان پوءِ نوان موقعا پيدا ٿيا، جنھن مان سُڌار پسند اڳواڻ فائدو وٺي ٿي سگهيا. پارٽي جي پولٽ بيورو جي اجلاس ۾ هواڪوفنگ ۽ ميڊم جيانگ فنگ جي وچ ۾ تلخ بحث ۽ مباحثو ٿيو. هواڪوفنگ، لبريشن آرمي سان اتحاد ڪري ورتو ۽ گينگ آف فور جي ٽن اڳواڻن کي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ گهرايو، سيڪيورٽي گارڊن انهن ٽنهي کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ميڊم مائو جيانگ فنگ کي گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو ۽ انهن جي خلاف سرڪاري سطح تي مھم هلائي ويئي ۽ کين ثقافتي انقلاب جي دوران هزارين شھرين کي قتل ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويو.
’چئن جي ٽولي‘ جي خلاف سپريم پيپلز ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو. جوابدارن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ موقف اختيار ڪيو ويو ته سندن فيصلن ۽ ڏوهن کي مائوزي تنگ جي حمايت ۽ تائيد حاصل هئي. جيانگ فنگ ۽ زانگ چن ڪيائو کي موت جي سزا ۽ وانگ ين گيائو ۽ پائو وين يوان کي قيد جي سزا ڏني وئي. چئن جي ٽولي کي سياسي منظر تان هٽائڻ کان پوءِ ’ڊينگ زيائو پنگ‘ جي اڳواڻيءَ ۾ سڌارن جو دور شروع ٿيو. جنھن جي نتيجي ۾ چين دنيا جي عظيم معاشي طاقت بنجي ويو.
______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ چين ۾ آھي



