يورپ کان وٺي ڏکڻ ايشيا تائين آبھوا جي تبديليءَ جو بحران
گرمي پد ۾ غير معمولي واڌ، گرميءَ جون خطرناڪ لھرون ۽ ٻيلن ۾ اوچتو لڳندڙ باهيون سڄي دنيا لاءِ هڪ نئون معمول بڻجي چڪيون آهن.
هيءُ بحران رڳو ترقي پذير ملڪن تائين محدود نه رهيو آهي پر يورپ جهڙا ترقي يافته ۽ قدرتي طور تي ٿڌا ملڪ به ان جي زد ۾ اچي چڪا آهن
عبدالله عثمان مورائي
آبھوا جي تبديلي هڪ عالمي حقيقت بڻجي چڪي آهي جنھن جا اثر دنيا جي هر ڪنڊ ۾ محسوس ڪري سگهجن ٿا. ماحولياتي ماهرن جي سالن کان ڪيل تحقيق ۽ ڊيڄاريندڙ اڳڪٿين جو نتيجو هاڻي اسان جي آڏو آهي جتي گرمي پد ۾ غير معمولي واڌ، گرميءَ جون خطرناڪ لھرون ۽ ٻيلن ۾ اوچتو لڳندڙ باهيون سڄي دنيا لاءِ هڪ نئون معمول بڻجي چڪيون آهن. هي بحران رڳو ترقي پذير ملڪن تائين محدود نه رهيو آهي پر يورپ جهڙا ترقي يافته ۽ قدرتي طور تي ٿڌا ملڪ به ان جي زد ۾ اچي چڪا آهن. اهي واقعا ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته آبھوا جي تبديلي ڪنھن به ملڪ يا علائقي کي معاف نه ڪندي آهي ۽ اهو مسئلو گڏيل عالمي ڪوششن کانسواءِ حل ٿيڻ ناممڪن آهي.

يورپ ۾ گرميءَ جي لهر ۽ ٻيلن ۾ لڳل باهيون
گذريل ڪجھ سالن کان يورپ جا ڪيترائي ملڪ جهڙوڪ اسپين، فرانس، پرتگال، يونان ۽ اٽلي گرميءَ جي شديد لهرن ۽ ٻيلن ۾ لڳندڙ باهين جو مقابلو ڪري رهيا آهن. اهي گرميءَ جون لهرون رڪارڊ ٽوڙ گرمي پد سان گڏوگڏ سخت خشڪي جو سبب بڻجي رهيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ جهنگن ۾ لڳل باهيون تيزي سان پکڙجن ٿيون ۽ انهن تي قابو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويندو آهي. سائنسي تحقيق مطابق يورپ ۾ گرمي پد عالمي سراسري گرمي پد جي واڌ کان به وڌيڪ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. ان ڪري هي علائقو آبهوا جي تبديليءَ جو وڌيڪ حساس علائقو بڻجي ويو آهي.
اسپين ۽ پرتگال اڪثر ڪري ٻيلن جي باهين جو شڪار رهن ٿا. شديد گرمي ۽ خشڪي جي ڪري هتي باهيون جلدي پکڙجن ٿيون جن سان وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل ٻيلا ۽ زرعي زمينون تباهه ٿي وينديون آهن. هزارين ماڻهن کي پنهنجا گهر ڇڏڻا پون ٿا ۽ معاشي نقصان به تمام گهڻو ٿيندو آهي.
يونان، اٽلي ۽ ترڪي وري ميڊيٽرينين يعني ڀونوچ سمنڊ جي ويجهو هجڻ ڪري سخت گرميءَ جي لهرن ۽ ٻيلي جي باهين جو شڪار بڻجن ٿا. انهن باهين ۾ وڏا وڏا ٻيلا جن ۾ قديم وڻ ۽ منفرد جهنگلي جيوت رهي ٿي سڀ تباهه ٿي ويندا آهن. انهن باهين جي نتيجي ۾ مقامي ماڻهن ۽ سياحن کي به وڏي نقصان جو خطرو رهي ٿو.
انهن سڀني واقعن جو سڌو سنئون تعلق آبھوا جي تبديلي سان جوڙيو وڃي ٿو. ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته گرين هائوس گئسن جي اخراج سبب ڌرتيءَ جو گرمي پد وڌي رهيو آهي جنهن جي ڪري موسمي حالتون انتهائي سخت ٿينديون ٿيون وڃن ۽ اهي قدرتي آفتون وڌيڪ طاقتور ۽ تباهه ڪندڙ ٿي پون ٿيون.
ترقي پذير ملڪن جي ڪمزوري ۽ آبھوا جي تبديلي جا چئلينج

جتي يورپ جهڙا ترقي يافته ملڪ آبھوا جي تبديليءَ جي اثرن کي منهن ڏيئي رهيا آهن اتي پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش جهڙن ترقي پذير ملڪن ۾ ان جا اثر وڌيڪ شدت ۽ تباهي آڻين ٿا. انهن ملڪن کي آبھوا جي تبديليءَ جي ڪري پاڻي جي کوٽ ۽ خوفناڪ ٻوڏن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هماليه جا گليشيئرز (Glaciers) تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن، انهن جي ڪري ۽ ٻيو شديد بارشن جي ڪري شروعات ۾ درياهن ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌي ٿو ۽ ٻوڏون اچن ٿيون. پر اڳتي هلي مستقبل ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ٿيڻ جو خطرو هر وقت موجود آهي.
پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ ان جو هڪ خوفناڪ مثال آهي جنهن ۾ ملڪ جو وڏو حصو پاڻي هيٺ اچي ويو ۽ تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. ان ڪري هنن علائقن ۾ ٻوڏن جي ڪري زراعت، انفراسٽرڪچر يا بنيادي ڍانچو ۽ معيشت کي ناقابل تلافي نقصان رسندو آهي. پاڪستان جي اترين علائقن ۾ تازيون بارشون ۽ ٻوڏون پڻ ان آبهوا ۾ تبديليء جو هڪ مثال آهن.
ٻيو ته انهن ملڪن جي معيشت جو گهڻو دارومدار زراعت تي آهي. آبهوا جي تبديليءَ سبب موسم جو وقت بدلجي رهيو آهي. ڪڏهن شديد گرمي ۽ ڪڏهن ڊگهي عرصي تائين برساتن جي غير موجودگي سبب فصل تباهه ٿي ويندا آهن جنهن سان خوراڪ جي کوٽ ۽ مهانگائي پيدا ٿيندي آهي. کاڌن ۾ اها عذائيت پڻ موجود نه رهندي جيڪا هڪ انسان کي گهربل هجي ٿي.
نه رڳو اهو پر بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ساحلي علائقن لاءِ سمنڊ جي سطح ۾ واڌ پڻ هڪ وڏو خطرو آهي. ان سان گڏوگڏ طوفانن جي شدت ۾ به واڌ ٿي آهي جنهن ڪري ساحلي آبادي مسلسل خطري هيٺ رهي ٿي. ان سان گڏوگڏ وڌندڙ گرمي پد ۽ ماحولياتي آلودگي سبب ماڻهن ۾ گرميءَ جو اسٽروڪ (Heat Stroke) ۽ ٻيون بيماريون عام ٿي رهيون آهن.
آبھوا جي تبديليءَ جو حل: هڪ عالمي حڪمت عملي

آبھوا جي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، جنهن ۾ سڀ کان پهريان ۽ اهم قدم ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻين گرين هائوس گئسن جي اخراج کي گهٽائڻ آهي. ان لاءِ قومن کي گهرجي ته ماحول دوست توانائي جي وسيلن تي گهڻو ڌيان ڏين ۽ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن کي بند ڪن ۽ ان جي برعڪس شمسي، هوائي ۽ آبي بجلي جي استعمال کي وڌائن ۽ پنهنجي معيشت کي صاف توانائي جي ذريعن تي منتقل ڪن.
ان ڏس ۾ ترقي يافته ملڪن جي ڪيل ڪوششن مان ڪنهن حد تائين فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. ٻيو ته ترقي يافته ملڪن کي ترقي پذير ملڪن کي آبهوا جي تبديليءَ جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فنانس (Climate Finance) جي صورت ۾ مالي مدد فراهم ڪرڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي به ضروري آهي ته جيئن اهي ملڪ آبهوا جي تبديليءَ جي خطرن کان بچاءُ ڪري سگهن.

ٻوڏن، طوفانن ۽ ٻين قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط ۽ ماحول دوست بنيادي ڍانچو تعمير ڪرڻ گهرجي. انهن سڀني ڳالهين کان مٿاهين ڳالهه ته عوام ۾ آبھوا جي تبديليءَ جي خطرن بابت شعور پيدا ڪرڻ انتهائي اهم آهي. اسڪولن جي نصاب ۾ ماحولياتي تعليم شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ نسل ان مسئلي کي سنجيدگي سان وٺي ۽ ان جو حل ڳولڻ لاءِ تيار ٿئي.
آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته آبهوا جي تبديلي هڪ اهڙو عالمي مسئلو آهي جنهن کي ڪنهن هڪ ملڪ جي انفرادي ڪوششن سان حل نه ٿو ڪري سگهجي. يورپ ۾ ٿيندڙ گرميءَ جي لھرن ۽ ٻيلن جي باهين ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ٿيندڙ ٻوڏون ۽ ڏڪر ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته اسان سڀ هڪ گڏيل خطري کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ان مسئلي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي عالمي سطح تي تعاون ڪرڻو پوندو ۽ گرين هائوس گئسن جي اخراج کي گهٽائڻ، صاف توانائي کي اختيار ڪرڻ ۽ ترقي پذير ملڪن کي مالي ۽ فني مدد فراهم ڪرڻ ضروري آهي. اهو ئي رستو آهي جنهن تي هلي اسان پنهنجي ۽ ايندڙ نسلن جي زندگين کي محفوظ بڻائي سگهون ٿا.
______________
عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر ۽ ناميارو ليکڪ آھي جيڪو انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ باقاعدہ لکندو رھي ٿو