Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چين جي شھر ايوو ڏانهن اُڏامَ ۽ ھاءِ اسپيڊ ٽرين جو سفر

فلائيٽ جي انتظار ۾ ويٽنگ روم ۾ ويٺاسين، جتي ٻيا به ڪيترائي مسافر  ويٺل هئا، پر سڀني جا منھن موبائيلن ۾، آسپاس کان لاتعلق. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ به ماڻهن جا منھن موبائيلن ۾ هوندا آهن، پر هھڙو حشر ڪونهي، جھڙو هنن چينين جو آهي

چين جي هاءِ اسپيڊ ٽرين، چيني عوام جي سفر جو بھترين ذريعو آهي. اهي ٽرينون مختلف شھرن جي وچ ۾ هلن ٿيون. چين جي هاءِ اسپيڊ ٽرين جي شروعات 2008ع کان ٿي. گذريل سال چئن ارب ماڻھن انھن ۾ سفر ڪيو. ٽرين ڪنھن مھل 340 ڪلوميٽر رفتار سان تہ ڪنھن مھل گھٽ ھلي، پر ايتري رفتار م بہ ذرو لوڏو ڪونہ.

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

”ابو، ايوو چڪر ڏيڻ هلون؟“ ڪجهه ڏينھن اڳ وشال مون کان پُڇيو.

”جتي به وٺي هلين. ايوو يا آسمان تي، پر نئننگ مان ته ڪڍ. هِتي اچي صفا پيرن ۾ نيئر پئجي ويا آهن. ڪيڏانھن نڪرڻ ئي نه پيو ٿئي.“ مون وشال جي سوال تي مُرڪندي وراڻيو. جنھن تي وشال به کلي پيو. سمجهي ويو ته آءٌ ڪٿي پيو سُر ملايان.

”ٺيڪ آهي ته پوءِ سومر جي رات واري فلائيٽ ۾ ايوو هلنداسين، اتي منھنجا دوست حيدر ۽ منور رهن ٿا. ٻنهي تازو اتي هوٽلون کوليون آهن، چون ٿا اچو ۽ چڪر هڻي وڃو.“

”ٺيڪ آهي… مون کي رڳو ٽئڪسي ۾ ويھڻ جي دير آهي.“ مون وراڻيو.

وشال جي مصروفيتن سبب ڪيترائي پروگرام ٺھندا ۽ ڊهندا ٿي رهيا. ٻي ڏينھن ابوذر اقبال آيو ته وشال کيس نئننگ کان ايوو تائين فلائيٽ سرچ ڪرڻ جي لاءِ چيو، ٿوري دير سرچ ڪرڻ کان پوءِ ابوذر ٻڌايو ته ان تاريخ تي ايوو ڏانھن ته فلائيٽ ڪونهي البت هانگچو تائين آهي. اوهان هانگچو وڃو ۽ اتان ايوو هليا وڃو.

وشال هڪدم حيدر سان رابطو ڪيو ۽ کيس صورتحال ٻڌائي، جنھن چيس ته ”اوهان ڀلي هانگچو اچو. اتان آءٌ اوهان کي کڻڻ ايندس.“

”هانگچو کان ايوو ڪيترو پري آهي؟“ وشال پڇيس.

”ڪلاڪ مُني جي ڊرائيو تي.“ حيدر وراڻيو.

”اهو ته گهڻو پري آهي. توکي تڪليف ٿيندي.“ وشال چيس.

”نو پرابلم جاني اها ڊرائيو عام ڳالهه آهي. تون بس اچ.“ حيدر وراڻيو.

”بس پوءِ ڊن.“ وشال چيس.

ايئن پوءِ ابوذر اقبال سومر جي ڏينھن اڱاري جي رات نوَ لڳي پنجاهه منٽن تي نئننگ کان هانگچو ويندڙ فلائيٽ تي آن لائين ٻه ٽڪيٽون بوڪ ڪرائي ڇڏيون. تڏهن وڃي پڪ ٿيم ته هاڻ هانگچو پھچي، اتان ايوو وڃبو.

سومر جي ڏينھن پنجويھن نومبر تي ديدي (ٽئڪسي) ڪري نئننگ ايئرپورٽ پھتاسين، نئننگ ايئرپورٽ تي اڳ ۾ به 9 نومبر تي آيا هئاسين. جڏهن اسلام آباد مان وشال جي هوٽل جو نئون شيف وايا گوانچو نئننگ پھتو هو ۽ اسان کيس کڻڻ جي لاءِ ايئرپورٽ آيا هئاسين، پر کيس ٻاهران ئي کڻي موٽي آيا هئاسين، اندر گهڙڻ جي نه ضرورت هئي ۽ نه موقعو مليو هو.

ايئرپورٽ پھچي، پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ ڏيکاري، چيڪنگ جي مختلف مرحلن مان لنگهي اچي گيٽ نمبر 19 تي پھتاسين ۽ فلائيٽ جي انتظار ۾ ويٽنگ روم ۾ ويٺاسين، جتي ٻيا به ڪيترائي مسافر  ويٺل هئا، پر سڀني جا منھن موبائيلن ۾، آسپاس کان لاتعلق. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ به ماڻهن جا منھن موبائيلن ۾ هوندا آهن، پر هھڙو حشر ڪونهي، جھڙو هنن چينين جو آهي. هلندا پيا يا هنگدا پيا، پر اک موبائيل ۾. موبائيل هنن چينين لاءِ سڄو جھان آهي، چيني موبائيل جا ايئن موالي آهن، جيئن پٺاڻ نسوار جا. جيڪڏهن اها چينين کان کسي وڃي ته رڙيون ڪري مري وڃن.

ايئرپورٽ تمام وڏو هو. عمارت جھڙي ٻاهران خوبصورت هئي، تھڙي اندران به. نئننگ چين جو آخري چيني وڏو شھر ۽ گوانگسي خودمختيار ريجن جي گاڌي جو هنڌ آهي. ويٽنام جو بارڊر هتان کان ٻه سؤ ڪلوميٽر پري آهي، پر پوءِ به هن کي سرحدي شھر چوندا آهن. جيتوڻيڪ هي ڪو ايترو مصروف ايئرپورٽ چئي نه ٿو سگهجي، پر پوءِ به جيڪڏهن ڪراچي ۽ اسلام آباد جي ايئرپورٽ جي هِن ايئرپورٽ سان ڀيٽ ڪجي ته هي ايئر ٽريفڪ جي حوالي سان گهڻو مصروف ايئرپورٽ آهي. هتان ڪيترين ئي ايئرلائينز جون ملڪ جي مختلف شھرن ڏانھن اڏامون وڃن ٿيون، پر انٽرنيشنل اڏامون به اچن ۽ وڃن.

اتان اسان جوس ۽ کائڻ لاءِ هلڪيون ڦلڪيون شيون ورتيون. جيتوڻيڪ گهران نڪرڻ مھل اسان بيف شورما کائي نڪتا هئاسين، پر هِتي جو پھتاسين ۽ وشال ٽڪ شاپ ڏٺو ته چيو، ”ابو، ڪجهه هلندو؟“ ۽ منھنجي جواب کان اڳ ئي اندر گهڙي ويو ۽ جوس ۽ ٻيون شيون وٺي آيو. مون کيس نه روڪيو، جو خبر هيم ته منھنجي منع جي باوجود به وشال اهي وٺي ها. ان معاملي ۾ وشال جي خواهش آهي ته اسان سڄو چين کائي وڃون. روزانو رات جو به الائجي ڇا ڇا وٺي ايندو آهي. منھنجي ۽ ماڻهنس جي منع ڪرڻ باوجود به ناهي مُڙندو. ڀلا کائي کائي اسان ڪيترو کائينداسين؟ وشال ۾ به چينين جھڙيون عادتون ٿي ويون آهن. جيڪو به سڄو ڏينھن پيو کائيندو آهي. جنھن ڪري سندس وزن به وڌي ويو آهي. هاڻ اهو گهٽائڻ جي لاءِ مٺاڻ ۽ ٻيون شيون واپرائڻ بند ڪري ڇڏيون اٿس ۽ ورزش به شروع ڪري ڇڏي اٿائين ۽ هاڻ اهو کائڻ جو ڪم اسان جي حوالي ڪيو اٿس. حيدرآباد ۾ گهر هوندو آهيان ته منھنجي پوٽي اُفق هٿ ۾ ڪانه ڪا شئي کڻيو اچي منھنجي وات ۾ وجهندي آهي ۽ جڏهن چوندو آهيان، ”اُفق بابا نٿو کاوان.“ ته پيار مان ڪنڌ ڌوڻي چوندي آهي، ”دادا…. ڪا… ڪا…“ سو وشال به پيو چوندو آهي، ”ابو ۽ امي کائو… کائو….“

۽ ان کائڻ اسان جو ته وزن ئي وڌائي ڇڏيو آهي ۽ چھرن جا رنگ ئي نکري پيا آهن، ڪنھن سان وڊيو ڪال تي ڳالهائجي ٿو يا فيس بوڪ تي ڪا تصوير رکجي ٿي ته دوست چون ٿا، ”صفا نکري پيو آهين.“

ڪجهه ڏينھن اڳ نسيم مون کي چيو، ”حيدرآباد ۾ گرمين ۽ ٻين ٽينشنن پاڻ ٻنهي کي اهڙو ڪري ڇڏيو هو، جو اُتي هجون ها ته ڪر پاڻ ٻنهي مان ڪو هڪڙو هيستائين پورو ٿي وڃي ها.“

ٿوري دير کان پوءِ جھاز ۾ ويھڻ جي لاءِ چيو ويو. وشال اڳيان ۽ آءٌ سندس پويان هلندا، جھاز ۾ گهڙياسين، جتي XIAMEN AIR سُھڻي صورت وارين ايئر هوسٽس ”ني هائو“ چئي، مُرڪي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. سندن نقش ۽ نگار ته چيني هئا، پر قد جون به ڊگهيون، جنھن کي پاڻ ’سروقد‘ چئون ۽ منھن به ٺيڪ هئن. اهي اصل ۾ ’هانگچو‘ جون رهاڪو هيون. هانگچو جا رهاڪو چين جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ قد جا ڊگها آهن. هي ايئر هوسٽس به هانگچو جون هيون، جيڪا ڳالهه سندن ڊگهن قدن مان پڌري هئي.

اسان پنھنجون سيٽون سنڀاليون ۽ بيلٽ ٻڌاسين. ٿوري دير کان پوءِ اڏام جو اعلان ٿيو ته اندريون بتيون بند ٿيون ۽ جھاز رن وي تي ڊوڙڻ شروع ڪيو ۽ پنھنجي اڏام شروع ڪئي. پرواز سڌي ٿي ۽ هانگچو ڏانھن منھن ڪيو ته جھاز جون اندريون بتيون ٻريون. موبائيل ته ڪم نه پي ڪيو، سو اڳيان رکيل XIAMEN AIR جو رسالو، جيڪو چئن ڪلرن ۾ آرٽ پيپر تي نھايت خوبصورت ڇپيل هو، کڻي ڏسڻ شروع ڪيم. رسالو سڄو چيني ۾ هو، البت انهن جون هيڊنگس چيني سان گڏ انگريزي ۾ هيون. ايڊيٽوريل پڻ هڪ پاسي چيني ته ان جي سامھون انگريزي ۾ هو. ڪجهه مضمونن جا انگريزي ۾ عنوان هن ريت هئا:

1.           Hsotory Book of wood and stone

2.          Encountering of Tang dynasty

3.          The context of ancient temples hidden in Deep Mountain

4.          Bay flowing green

5.          Symphony of water and flames six day tour of Indonesia.

ٿوري دير مون رسالي جون تصويرون ڏسي مون واپس رکي ڇڏيو. چيني زبان منھنجي لاءِ ”زبان يار من چيني- من چيني نمي دانم“ واري ڪار هئي. چيني جنھن کي سرڪاري طور تي مينڊرين (Mendaren) چئجي ٿو، دنيا جي سڀ کان وڏي زبان آهي. حڪومت ان کي آسان بنائڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيون آهن، جيڪا پڙهي ۽ سمجهي ته سگهجي ٿي، پر ان جو اسڪرپٽ ڏاڍو ڏکيو آهي، هاڻ اها ڦينن ۾ لکي وڃي ٿي، پر لکڻ لاءِ ڪنھن غير چيني کي وڏي محنت ڪرڻي ٿي پوي.

ان مھل مون کي هڪ عجيب خيال آيو ته هينئر آءٌ پنھنجي پٽ سان گڏ انسان جي ٺاهيل هوائي مشين ۾ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾، سفر ڪري رهيو آهيان. اها مون تي منھنجي پالڻھار جي ڪرم نوازي آهي، جو هن مون کي چين ولايت ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ گهمايا. منھنجو ڪُٽنبي پسمنظر نھايت غريب ۽ هيٺينءَ طبقي وارو آهي. بابا ڍڳا گاڏي هلائيندو هو، پوءِ رازن سان گڏجي مزدوريون ڪيائين، امان ويچاري ساريون ڏريندي هئي، ڪپڙو وڪڻندي هئي. هُنن زندگيءَ جو گاڏو هلائڻ لاءِ ڪيتري نه محنت ڪئي ۽ ڏک ڏٺا. بابا ۽ امان ٻيئي الله جا صابرين بندا هئا. اڄ سندن پٽ، سندن ئي محنت ۽ دعائن سان پنھنجي پٽ يعني سندس پوٽي سان گڏ دنيا پيو گهمي.

مون ڊاڪٽر وشال ڏانھن ڏٺو، جيڪو اکيون ٻوٽيون ڪنڌ پويان ڪريو سيٽ تي آهليو پيو هو. مون کيس پيار ڀرين نظرن سان ڏٺو ۽ پوءِ پنھنجي اکين کي ڀڄندي محسوس ڪيو. تيسين هوائي ميزبانڻ، کاڌي پيتي جو سامان کڻي ٽري گهليندي اچي پھتي ۽ اسان پنھنجي سيٽ جي اڳيان ٽيبلون کوليون. هنن اسان کي چڪن بن، جوس ۽ ڪوڪ ڏني. اهو سوچي واپس نه ڪيوسين ته ويچاريون ڊگهيون ۽ سُھڻيون هوائي ميزباڻيون کڻي آيون آهن. سو بھتر آهي ته سندن دل رکڻ خاطر کڻي کائي ڇڏجي، جيئن هو دل ۾ نه ڪن. اسان ٻنهي پيءُ ۽ پٽ کڻي انهن تي هٿ صاف ڪيا.

جھاز پنھنجي رفتار سان هلي رهيو هو ۽ نيٺ هانگچو جي هوائي حدن ۾ داخل ٿيو. مون جھاز جي دري مان ٻاهر ڏٺو ته نيڻ نھار تائين روشنيون ئي روشنيون نظر اچي رهيون هيون. ان مھل هانگچو ۾ هلڪي برسات وسي رهي هئي ۽ برسات جا ڦڙا جھاز جي درين تي پئجي رهيا هئا ۽ هانگچو جون روشنيون برسات سبب ترورن وانگر نظر اچي رهيون هيون.

جھاز لينڊنگ ڪئي ته مون دري مان ٻاهر ڏٺو. XIAMAN AIR جا ڪيترائي ئي جھاز قطار ۾ بيٺا هئا. ٻاهر نڪرڻ مھل مون ڏٺو ته مختلف ٽرمنلس تي ٻين به ڪيترين ئي هوائي ڪمپنين جا جھاز قطارن ۾ بيٺا هئا. اهي سڀ نجي ايئرلائينز هيون. انهن مان هڪ هڪ ايئر لائين وٽ ايترا ته جھاز آهن، جو پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن وٽ انهن جي اڌ جيترا به هوائي جھاز نه آهن.

حيدر لڳاتار وشال سان فون تي رابطي ۾ هو. جيڪو اسان کي وٺڻ لاءِ هانگچو ايئرپورٽ پھچي چڪو هو. ٻاهر نڪرڻ مھل وشال چيو ته منھنجي حيدر ۽ منور سان اڳ ۾ ڪڏهن به ملاقات نه ٿي آهي. اسان جو رڳو فون تي ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ هڪٻئي سان رابطو رهي ٿو. ان مھل وشال جي سامھون بيٺل حيدر ۽ منور تي نظر پئي ۽ پوءِ هڪٻئي کي ٻکين پئجي ويا. ان مھل وشال چيو، ”ٻيئي حريف گڏ آيا آهيون.“ جنھن تي سڀئي کلياسين. مذاق ۾ حريف اُن ڪري چيو ته ٻنھي ساڳئي علائقي ۾ هوٽلون کوليون آهن. منور ’معطم بيري بيري‘ جي نالي سان ماني جي هوٽل ۽ حيدر ’پانڊاز ڪيف (Panda’s cafe) جي نالي سان ڪافي شاپ، جيڪو اڃا اسٽارٽ نه ڪيو اٿس. هفتي کن ۾ افتتاح ڪندو. حيدر وشال کي اهو ڪونه ٻڌايو هو ته منور به ساڻس گڏ آيو آهي، اها وشال لاءِ سرپرائيز هئي. هانگچو ۾ ڏاڍو سيءَ هو، ٿوري دير اڳ اوڙڪون ڪري برسات پئي هئي، جيڪا هاڻ رڪجي چڪي هئي. حيدر اڳ ۾ ئي وشال کي چيو هو ته هتي گهڻو سيءَ آهي، تنھنڪري جيڪٽ وغيره کڻي  اچجو. وشال کي ته جيڪٽ پاتل هو، پر مون کي پاتل نه هو، جنھن ڪري ڏند وڄڻ لڳا ۽ وشال بيگ کولي مون کي جيڪٽ ڪڍي ڏنو، تڏهن وڃي بُت جهليم.

حيدر ۽ منور کي شابس هجي، جيڪي هيڏي برسات ۾ ڪلاڪ سوا جي ڊرائيو ڪري اسان کي وٺڻ آيا هئا. حيدر ٻڌايو ته پاڻ اها ڪار ڪجهه ڏينھن اڳ ورتي آهي، جيڪا اليڪٽرڪ آهي. سامان ڪار جي ڊگيءَ ۾ رکيوسون. حيدر ڊرائيور سيٽ سنڀالي. وشال، منور کي زوري اڳيان ويھاريو ۽ ڪار پنھنجو سفر شروع ڪيو. ان دوران ڪچھري به جاري رهي.

هانگچو چين جو صنعتي ۽ ڪاروباري شھر آهي. هتي ’علي بابا‘ گروپ گهڻن ڪاروبارن کي سنڀالي ٿو.  ”جيڪ ما“ ان ڪمپني جو ايگزيڪيوٽو چيئرمن آهي. 2008ع ۾ ’جيڪ ما‘ جو شمار دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ ٿيندو هو ۽ سندس ذاتي ملڪيت 38.6 بلين ڊالر هئي. ’جيڪ ما‘ کي عالمي ڪاروباري سفير مڃيو وڃي ٿو. نئون ڪاروبار شروع ڪندڙ همراهه ’جيڪ ما‘ کي رول ماڊل تصور ڪن ٿا. سندس زندگي ۽ ڪاروباري تجربن جي ڪھاڻي انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڇپجي چڪي آهي. ان ڪتاب جو اردو ۾ به ترجمو به ڇپجي چڪو آهي. ’جيڪ ما‘ سيپٽمبر 2018ع ۾ ’علي بابا‘ گروپ تان استعيفيٰ ڏيئي تعليمي ۽ فلاحي سرگرمين ۾ مصروف ٿي ويو.

هانگچو- ايوو مصروف ترين روڊ آهي. هانگچو مان مال جا ڪنٽينر ڀرجي ٻين شھرن ۽ ملڪن ڏانھن ويندا آهن. ان مھل رات جو ڏيڍ ٿي رهيو هو، ان هوندي به روڊ تي گهڻي ٽريفڪ هئي ۽ ٿوري دير اڳ وٺل برسات جو نالو نشان به نه هو. چين جي ٻين شاهراهن وانگر هانگچو کان وٺي ايوو تائين، ٻنهي پاسن کان ’شاهراهه‘ وڻن ۽ ساوڪ سان جنجهيل هئي. روڊ جي ٻنهي پاسن کان روشنيون رات جي اونداهيءَ ۾ تارن وانگر چمڪي رستي جي سونھن وڌائي رهيون هيون.

مون کي ڪنھن مھل ننڊ جو جهٽڪو اچي ٿي ويو. پر وشال، حيدر ۽ منور جي وچ ۾ ڪچھري جاري هئي. ڪار ۾ ٿورو اڳيان وڌياسين ته حيدر، وشال کي چيو، ”وشال يار آپ ڪا ابو تو جوان لگا پڙا هي.“ جنھن تي مون کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ چيومانس، ”آءٌ جوان اُن ڪري آهيان ته وشال منھنجو دوست آهي.“

جنھن تي حيدر چيو، ”اگر باپ دوست بن جائي تو پهر ڪيا بات هي.“

ڪلاڪ سوا جي ڊرائيو کان پوءِ اسان ايوو (Yiwu) ۾ داخل ٿياسين. حيدر ٻڌايو ته ”هينئر ’ايوو انٽرنيشنل بزنيس اينڊ ٽريڊ سٽي‘ آهي. 2004ع کان اڳ هي شھر ايترو ترقي ڪيل نه هو. هفتي جو هڪ ڏينھن يا وچ ۾ ٻھراڙي جا چيني لوڪ اچي خيما کوڙي شيون وڪڻندا ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪندا هئا. پوءِ حڪومت ڌيان ڏنو ۽ شھر جي قسمت بدلجي ويئي. هينئر دنيا جي وڏي ’هول سيل مارڪيٽ‘ آهي ۽ ڪھڙي شئي ڪونهي، جيڪا هتي نه ٿي ٺھي.“ روڊ جي ٻنهي پاسن دڪانن تي چيني سان گڏ انگريزي، شنچيان (سنڪيانگ) جي زبان ايغور، ترڪي، فارسي، عربي ۽ ڪجهه ٻين زبانن ۾ به بورڊ نظر اچي رهيا هئا. منور ۽ حيدر ٻڌايو ته پوئينءَ پاسي واري مارڪيٽ ۾ ڪٿي ڪٿي اردو به بورڊ نظر اچن ٿا، جيڪي پاڪستانين جا آهن.

ايوو (Yiwu) ڪاروباري شھر هئڻ سبب هتي فارينرس تمام گهڻا آهن. ايشيا جي ملڪن کان وٺي آفريقا کنڊ جي ڏورانھين ڏيھن جا ماڻهو هتي نظر اچن ٿا.

حيدر اسان کي ماني کارائڻ جي لاءِ ڪار اچي هڪ افغاني هوٽل جي اڳيان بيھاري، جيڪا چوويھه ئي ڪلاڪ کليل رهي ٿي. حيدر ٻڌايو ته هن هوٽل جي ماني ڏاڍي لذيذ آهي. اسان کي ماني جي گهرج نه هئي. حيدر کي چيوسين ته فقط چانھه ٿا پيئون، پر همراهه ڪٿي ٿو مُڙي. اندر گهڙياسين ته هوٽل جو ماحول ڏاڍو وڻندڙ هو. ڪيترائي افغاني ويٺا شيشو پي رهيا هئا ۽ ماني پڻ کائي رهيا هئا. ساڻن گڏ سندن چيني ني ڦنگيو (گرل فرينڊس) به گڏ هيون، افغاني به عجيب آهن. نشو به ويٺا ڪندا، پنھنجي ’ني ڦنگيو‘ سان  چُم چٽ به پيا ڪندا، وري جي نماز جو وقت آيو ته اُٿي وڃي نماز پڙهندا ۽ موٽي اچي چينائڻ ’ني ڦنگيو‘ کي ٻک وجهيو چم چٽ ۾ شروع ٿي ويندا.

ويٽر ڇوڪري مينيو کڻي آئي ته حيدر ڪجهه شين جو آرڊر ڏنو. پھرين افغاني قَھوو شيشي جي ڪٽلي ۽ ننڍين ننڍين پيالين سان گڏ آيو، جيڪو پيتوسين. پوءِ سلاد آيو، ۽ ان کان پوءِ چانورن جي هڪ وڏي ڊش آئي، جنھن جي مٿان ڇيلي جي ران جو وڏو ٽڪر رکيل هو. ان کان پوءِ مِٺن چانورن جي ڊش آئي، ان جي اندر نرم گوشت جو هڪ گولو رکيل هو. اهي افغاني چانور، گوشت ۽ سلاد ڏاڍا لذيذ هئا، بک نه هوندي به انهن کي چڱو سٽڪو ڏيئي ويس. مون افغاني کاڌو پھريون ڀيرو کاڌو هو ۽ گهڻو وڻيم.

ماني کائي، هلڪي ڦلڪي ڪچھري ڪري اٿياسين، حيدر پھرين منور کي ڊراپ ڪيو ۽ پوءِ اسان کي هڪ هوٽل Oitin Boutique Hotel تي  اچي ڇڏيو، جتي پاڻ اسان لاءِ ڪمرو اڳ ۾ ئي بوڪ ڪرائي ڇڏيو هئائين. ڪمري جي ’ڪُنجي ڪارڊ‘ وٺي اسان کي ڏنائين. رسيپشن تي اسان جا پاسپورٽ جمع ٿيا. جيڪي انٽري کان پوءِ صبح جو اسان کي واپس ڏنائون. حيدر اسان کي صبح جو يارهين بجي ملڻ جو چئي موڪلايو ۽ اسان لفٽ ۾ چڙهي هوٽل جي ٿرڊ فلور تي ڪمري 202 ۾ اچي ديرو ڄمايو ۽ جلد ئي ننڊ جي آغوش ۾ هليا وياسين.

ٻي ڏينھن صبح جو يارهين ڌاري تيار ٿي هيٺ اچي هوٽل جي لائونج ۾ ويٺاسين. جتي ڪجهه ٻيا فارينرس به ويٺل هئا. سامھون رينڪس ۾ ڪافي ڪتاب به رکيل هئا، ۽ ڀر ۾ ٻه چار چيني ٻوليءَ ۾ اخبارون ۽ رسالا، جيڪڏهن ڪو چاهي ته کڻي ويھي پڙهي سگهيو ٿي. ڪتابن مان هڪ ٻه ڪتاب مون کڻي ڏٺا. ڪتاب سڀ چيني ۾ هئا. هڪ ڪتاب کڻي ان جي ڪور ۽ بيڪ ڪور جو فوٽو ڪڍيم، جيڪو ڪور جيڪو پوءِ مون بيدو ذريعي انگريزي ۾ ترجمو ڪري پڙهيو، لکيل هو.

No one can pull to heaven

With one hand

No one can kick you to hell

Fate is both bitter and Joyul

In your own hands,

So,

Doing can chang me’s destiny!

صوفا تي ويھي، شيشي مان هوٽل جي ٻاهر ڏٺم، هڪ ٿلهو متارو شيدي بادشاهه، جنھن جو نالو سندس اڳيان رکيل ننڍي صندلي تي ’يوسف‘ لکيل هو. مني ايڪسچينج ڪري رهيو هو، جنھن کان ڪافي ماڻهو خاص ڪري ايفريقن پئسا چينج ڪرائي رهيا هئا. ان ڳالهه تي حيرت ٿي ته چين ۾ به ائين ڪم هلي ٿو. پوءِ ته ٻيا به ڪيترائي مني ايڪسچينجر نظر آيا. حيدر ۽ منور ٻڌايو ته ايوو ڪاروباري شھر آهي، تنھنڪري ائين به ڪم هلي ٿو. واپاري همراهه انهن کان ئي مني ايڪسچينج ڪرائيندا آهن. جو ائين ڪم جلدي ٿيو وڃي ۽ ريٽ به مناسب ٿو ملي. بئنڪن مان چينج ڪرائڻ سان وڏي پراسيس مان گذرڻون ٿو پوي. هنن اهو به ٻڌايو ته هتي پٺاڻ به اهو ڪم ڪن ٿا ۽ ان ۾ گهڻو اڳتي آهن. ايوو انٽرنيشنل بزنيس اينڊ ٽريڊ سٽي هئڻ ڪري حڪومت ان سڄي مني ايڪسچينج جي ڪاروبار کان اکٻوٽ ڪري ٿي، ڪنھن به طريقي سان پئسا ته وري به چين ۾ ئي اچن ٿا. ٻين لفظن ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته جتي ڪاروباري مفاد آهن ته اتي قانون کان اکٻوٽ ڪندي چيني به دير نه ٿا ڪن.

اُتي ئي ويٺا هئاسين جو حيدر به اچي ويو، جيڪو اسان کي ناشتو ڪرائڻ لاءِ پاسي ۾ ئي هڪ ’معطم پاڪستاني ريسٽورينٽ‘ ۾ وٺي هليو. ان هوٽل جي ڀر ۾ ئي منور ’معطم بيري بيري‘ جي نالي سان هوٽل کولي آهي. جيڪو منھنجي خيال ۾ وڏو رسڪ هو، پر منور ٻڌايو ته معظم پاڪستاني جو مينيو ڌار آهي ۽ اسان جو مينيو ڌار آهي، ۽ اسان اگهه به صفا گهٽ رکيا آهن. هوٽل جي اُٿڪ سُٺي آهي، مون کي فيوچر ۾ ان جي هلڻ جا سٺا امڪان نظر آيا.

’معطم پاڪستاني‘ ۾ ناشتي ۾ اسان بيدا ۽ پراٺا کاڌا. گذريل ڏيڍ مھيني ۾ اهو پھريون ڀيرو هو، جو اسان ڪڻڪ جا ڳاڙها پراٺا کاڌا. نه ته هيستائين اسان مئدي جي ماني کائي کائي صفا ڀرجي ٿي پياسين. مئدي جي ماني کائڻ سان پيٽ به ڀريل ٿي رهيو، معطم پاڪستاني جو ناشتو ڀلو هو، مٿان وري چانھه دل خوش ڪري ڇڏي.

مون ڏٺو ته ’معظم پاڪستاني‘ ۾ ويٽر ڇوڪرين کي اسڪارف پاتل هئا ۽ پوءِ منور جي هوٽل ۾ ويٽر طور ڪم ڪندڙ هڪ ڇوڪري کي به اسڪارف پاتل هو، جنھن جو نالو ڪريما هو. مون حيدر کان انهن بابت پڇيو، ٻڌايائين ته، ”هي شنچيان جون مسلمان آهن ۽ هتي جي ڪم ڪندڙ اڪثر مسلم هوٽلن ۾ ڪم ڪندڙ عملو شنچيان جو ۽ مسلمان آهن. تنھنڪري هنن کي اسڪارف پاتل آهن. شنچيان جا مسلمان نسلي طور تي ايغور يعني ترڪ نسل جا آهن. جيتوڻيڪ 2014ع ۾ چيني حڪومت شنچيان ۾ ڏاڙهي رکڻ ۽ اسڪارف پائڻ تي پابندي هڻي ڇڏي، پر ٻين علائقن/ صوبن ۾ اها سختي يا پابندي ڪونهي. شنچيان جون اهي ڇوڪريون يا مرد جڏهن واپس شنچيان موٽندا آهن، ته هو نه رڳو حجاب لاهي ڇڏينديون آهن، پر پنھنجا ’وي چيٽ اڪائونٽ‘ به ڊليٽ ڪري ڇڏينديون آهن. جيئن هو شنچيان ۾ ڪنھن جانچ يا پوليس جي وٺ پڪڙ کان بچي سگهن. چيني حڪومت، شنچيان جي مسلمانن کي پاسپورٽ نه ڏيندي آهي، جيئن هو ملڪ کان ٻاهر وڃي نه سگهن. کين شنچيان مان ٻي صوبي يا علائقي ڏانھن وڃڻ لاءِ پوليس کي انفارم ڪري، خاص موڪل وٺڻي پوندي آهي.

شنچيانگ، جنھن جو پراڻو نالو ’ايسٽ ترڪستان‘ هو. ڪڏهن آزاد رياست ته ڪڏهن چين جي قبضي ۾ رهيو آهي. 1993ع ۾ جمھوريه ايسٽ ترڪستان جي نالي سان آزاد رياست به رهي. 1949ع ۾ انقلاب کان پوءِ ايسٽ ترڪستان جي آزاد حيثيت ختم  ٿي ويئي ۽ اهو چين جو حصو بنجي ويو.

’ايوو‘ ۾ ڪيترن ئي شنچيان جي مسلمانن جون هوٽلون به آهن، جن تي اها پابندي آهي ته هو ’حلال‘ کاڌي جي فرج رکڻ سان گڏ ’حرام‘ کاڌي جو فرج به رکن.

شنچيان جي ايغور نسل جي مسلمانن سان ٿيندڙ انهن زيادتين تي آمريڪا چين کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ جي لاءِ اهو مسئلو اُ ٿاريو ۽ دنيا جي ملڪن کي هُشڪاريو ته اهي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن کي خط لکي احتجاج ڪن. آمريڪا جي اهڙي ٻٽي ڪردار تي حيرت ٿئي ٿي. کيس چين جي انهن مسلمانن جو وڏو درد آهي، ۽ سندس ننڊ ئي ڦٽل ٿي رهي، پر اسرائيل، فلسطينين سان جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، ان تي چپ سُبيل اٿس. گذريل سوا سال کان اسرائيل غزه ۾ جنھن نموني فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، جنھن ۾ هڪ لک کان به وڌيڪ فلسطيني مري چڪا آهن، ان کي هو اسرائيل جي بقا لاءِ ضروري ۽ اسرائيل جو حق ٿو سمجهي. شيم ٽو آمريڪا.

آءٌ مذهبي بنيادن تي سياست جو قائل نه آهيان، جيتوڻيڪ شنچيان جا مسلمان جبر جو شڪار آهن، پر هنن پنھنجي حقن لاءِ جيڪو مذهبي سياست جو رستو اختيار ڪيو آهي، اهو سندن لاءِ وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿيندو. ’ايسٽ ترڪستان اسلامڪ موومينٽ‘ پاران ڪيتريون ئي دهشتگرديءَ واريون ڪاروايون ڪيون ويون، پر انهن جو الٽو نقصان ٿيو. منھنجي خيال ۾ جيڪڏهن هو ’مسلم سياست‘ بدران ’ايغور قوميت‘ جي حقن جي پليٽ فارم تان پُرامن هلچل هلائين ته کين پنھنجا مقصد حاصل ٿيڻ ۾ ٻين قوميتن جي به سپورٽ ملي سگهي ٿي.

حيدر سان اهو حال احوال ٿيندو رهيو، جڏهن هڪ عجيب ڳالهه ٻڌائي ته ”ايوو“  ۾ جمع جي نماز جو وڏو اجتماع ٿيندو آهي. نمازين جو تعداد هزارن ۾ هوندو آهي. جن ۾ هر رنگ ۽ نسل جا مسلمان شامل هوندا آهن. حڪومتي ادارا ڀرپاسي وارا رستا بند ڪري کين خصوصي سيڪيورٽي مھيا ڪندي آهي، جيئن کين نماز پڙهڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي. جيتوڻيڪ اسان کي اتي جمع نماز پڙهڻ جو موقعو ته نه مليو، پر پوءِ حيدر جمع نماز دوران نمازين جون وڊيو ڪلپ ڏياري موڪليون. جيڪي ڏسي ايئن لڳو، ته اها نماز چين ۾ نه پر پاڪستان جي ڪنھن شھر ۾ ٿي رهي آهي. ’ايوو‘ جي ڀيٽ ۾ چين جي ٻين شھرن ۾ ايئن ڪونهي. اتي مسجد جي اندر ئي ٻانگ ڏيڻ ۽ نماز پڙهڻ جي موڪل آهي، کلي عام پڙهڻ جي اجازت ڪونهي. حيدر اهو به ٻڌايو ته عيد جي نمازن جي موقعي تي نمازين جو انگ هڪ لک کان به ٽپي ويندو آهي، جن ۾ مقامي ماڻهن سان گڏ فارينرس جو به وڏو انگ هوندو آهي ۽ انتظاميا انهن جي تحفظ جو بندوبست ڪندي آهي.

معطم پاڪستاني تان اٿي، ڀر ۾ ’معطم بيري بيري‘ آياسين، پر منور اڃا نه آيو هو، تنھنڪري اسان سوچيو ته مارڪيٽ مان چڪر هڻي اچجي، جيڪا ٿورو پريان هئي. حيدر پھرين پنھنجي ڪمپني آفيس وٺي ويو. حيدر ’ايوو‘ ۾ هڪ چيني همراهه سان گڏ بيڊ منٽن جي سامان جي سپلائي جو پڻ ڪاروبار ڪري ٿو ۽ آرڊر وٺي پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ڏانھن موڪليندو آهي. سندس ڪمپني آفيس ۾ هڪ چينائي نوجوان ۽ هڪ چينائي ڇوڪري ويٺا هئا. ڇوڪرو، حيدر جي چيني پارٽنر جو پُٽ هو، جيڪو اتي ويھندو آهي. آفيس ڏاڍي سھڻي سجايل هئي، شام جو جڏهن اتي ٻيھر آياسين ته حيدر اسان کي ڀر ۾ مٿي چوٿين ماڙ تي بيڊ منٽن راند کيڏڻ وٺي ويو. حيدر ان راند جو شوقين آهي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو کيڏندو آهي. اتي حيدر، منور، وشال ۽ حيدر جي چينائي پارٽنر ڪلاڪ کن راند کيڏي. ڪجهه هٿ مون به هنيا، پر اڻ تجربيڪاريءَ سبب کيڏي نه سگهيس. ٿوري دير جيڪا به کيڏيم، ان مان محسوس ٿيو ته اها راند جسم کولي ڦڙت ڪري ٿي ڇڏي. سو گهڙي سوا آءٌ ڦڙت ٿي ويس.

حيدر جي ڪمپني آفيس جي پاسي ۾  بال پينن، اسٽيشنري، ميڪ اپ ۽  ٻين شين جي هول سيل جا ڪمپني شاپس هئا. جيڪي اسان سرسري طور ڏسي، اگهه پار معلوم ڪري، پنھنجي مقصد واري مارڪيٽ روانا ٿياسين. اسان کي ليڊيز پرسن ۽ مرداڻن وايوليٽس يعني ٻٽوئن سان گڏ شوز جي مارڪيٽ به ڏسڻي هئي. حيدر چيو ته شوز ۽ موبائيل ايسيسريز جي مارڪيٽ ڏسڻي اٿئو ته پوءِ گوانچو يا فنچيان شھرن جو ڪڏهن چڪر هڻجو، جو هتي اهي شيون اتان ٿيون اچن.

حيدر اصل پنجاب جو پنجابي نوجوان آهي، عمر ڇوويھه سال اٿس، پر وڏو ٽئلنٽيڊ ۽ گُڻائتو نوجوان آهي. شادي پاڪستان مان ڪئي اٿس. هڪ ٻارڙو به اٿس. هِتي ڪاروبار ڪري ٿو، وڏو محنتي همراهه آهي. پاڻ جيڪو ”پانڊا ڪافي شاپ“ کوليو اٿس، اهو منور جي ’معطم  بيري بيري‘ کان ٿورو اڳتي مين روڊ تي نھايت سٺي جاءِ تي آهي. ان جي آرائش تي به وڏو خرچ ڪيو اٿس. سندس چوڻ موجب ٽي لک آر. ايم. بي خرچ ڪري چڪو آهي، واپسيءَ ۾ اسان کي اتي وٺي هليو ۽ هٿ سان ڪافي ٺاهي پياريائين. رڳو ڪافي ٺاهڻ واري مشين ئي سندس چواڻي ته چاليھن هزار يوانن ۾ ورتي اٿائين. ڪافي شاپ جو فرنيچر، ڪپ ۽ ٻي ڪراڪري ڏاڍي خوبصورت ۽ جاذب نظر هئي، جنھن مان سندس ذوق جي خبر ٿي پئي. ڪافي شاپ جي هڪ ٽيبل تي مون چيني زبان ۾ قرآن شريف جو ترجمو رکيل ڏٺو. جنھن ۾ فقط چيني ٻولي ۾ ٽيڪسٽ هو، عربي نه هئي. حيدر ٻڌايو ته سندس شنچياني مسلمان چيني ويٽر ڪريما پڙهندي آهي، ڪريما في الحال منور جي هوٽل تي ڪم ڪري رهي هئي، جيسين حيدر ڪافي شاپ چالو ڪري. ڪريما ڪم جي سَچلي لڳي، مون کيس معطم بيري بيري تي ڪم ڪندي ڏٺو. حيدر ۽ منور ٻيئي سندس واکاڻ ڪري رهيا هئا. ٻاهر نڪرڻ مھل حيدر ڪافي شاپ جي اڳيان ٻه وڻ بيٺل ڏيکاريا. چيائين ته انهن تي هو خوبصورت لائٽنگ لڳائيندو، جنھن سان ڪافي هائوس جي سونھن ۾ واڌارو ٿيندو.

حيدر ڳالهين ڪندي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائي. چيائين رشوت چين ۾ به هلي ٿي، پاڻ ’پانڊا ڪافي هائوس‘ هلائڻ لاءِ هڪ وڪيل وسيلي اجازت نامون حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏنائين. چين ۾ آفيسن جا اڪثر ڪم ڪار وڪيلن جي وسيلي ٿين. تنھن ڪري وڪيل مون کي چيو ته واسطيدار آفيسر تو وٽ ڪافي هائوس وزٽ ڪرڻ ايندو ۽ سندس خدمت چاڪري ڪج. هڪ ڏينھن هو مون وٽ آيو، ڪچھري ٿي ۽ مون سندس خدمت چاڪري ڪئي. ڪيڪ کارايومانس ۽ ڪافي پياري مانس، پوءِ هو هليو ويو.

ڪجهه ڏينھن مون اوسيئڙو ڪيو ۽ پوءِ وڪيل کان پُڇيم ته مون وارو اجازت نامون صحيح ٿيو؟ چيائين ته پُڇا ڪري ٻڌايان ٿو. ڪلاڪ کن کان پوءِ فون ڪري ٻڌايائين ته اڃا مجاز آفيسر صحيح نه ڪيو آهي.

پڇيومانس، ”صحيح ۾ ايتري دير ڇو؟“

وراڻيائين، ”همراهه تو وٽ آيو هو.“ چيومانس، ”آيو هو.“

”تو کيس خرچي پاڻي ڪرائي؟“ وڪيل چيو.

”نه….. هن چيو ئي ڪونه.“

جنھن تي وڪيل چيو، ”مون توکي چيو هو ته تو وٽ ايندو. باقي زبان سان نه گهرندو.“

نيٺ خرچي پاڻي ڏيئي پيپر صحيح ڪرايم.

حيدر جي هڪ ٻي ڳالهه تي به ڏاڍي حيرت ٿيم، مون ۽ وشال جڏهن پاڻ ۾ سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ ٿي شروع ڪيو ته هڪ ڀيري حيدر پُڇيو، ”اوهان ڪھڙي ٻولي پيا ڳالهايو؟“ ٻڌايوسين ته ”سنڌي ۾“ ته چيائين، ”مون سمجهيو سرائيڪي پيا ڳالهايو. مون ڪڏهن به ڪنھن کي سنڌي ڳالهائيندي نه ٻُڌو آهي.“

اسان سڌو پرس مارڪيٽ آياسين. جنھن ۾ سوين دڪان هئا. چار ماڙ اهو شاپنگ مال سڄو ڏينھن گهمجي ته به پورو نه ٿئي. ٻين وکرن جا به اهڙا ئي وڏا وڏا مال هئا، جن ۾ سوين دڪان آهن. ’ايوو‘ انٽرنيشنل بزنيس اينڊ ٽريڊ سٽي‘ آهي. ڪجهه سال 2022ع جي انگن اکرن موجب ان سال ستر بلين آمريڪي ڊالرن جيترو مال هتان ايڪسپورٽ ڪيو ويو هو. ان هڪ سال جي انگن اکرن مان هن شھر جي ٽريڊ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

اسان پرس مارڪيٽ گهمي ڦري اگهه پار معلوم ڪيا. اهي سڀ دڪان ڪمپني آئوٽ ليٽ هئا. اوهان جھڙو به وڙ پسند ڪريو ۽ جيترو به ٺھرائڻ گهرو، مضبوط يا پاڪستانين جي لفظن ۾ ’چائنا جو مال‘ آهي، جنھن جي گارنٽي ڪونهي. اهڙو به. همراهه اوهان کي ٺاهي ڏيندا. سنڌي ماڻهن جو هن پاسي ڌيان ڪونهي، پر پنجابي ۽ پٺاڻ هن فيلڊ ۾ گهڻا ٿا نظر اچن. وشال جو هڪ پنجابي دوست آهي، جنھن کي نه چيني اچي نه انگريزي، اهو هر ٽين، چوٿين مھيني چين ايندو آهي ۽ لکين روپين جو مال وٺي پاڪستان موڪليندو آهي. اهو همراهه چينين سان اگهه پار طئي ڪرڻ ۽ بارگيننگ وغيره ۾ ۽ ڳالهه ٻولهه وشال کان فون وسيلي انهن سان ڪرائيندو آهي.

اسان ڏيڍ ٻه ڪلاڪ پرس مارڪيٽ گهمي ڦري واءُ سواءُ وٺي، اگهه پار پڇي واپس ورياسين. ان وچ ۾ منور جي وشال ۽ حيدر کي ٻه ڀيرا فون اچي چڪي هئي ته لنچ متان ڪجو، مون وٽ اچجو گڏجي ڪنداسين. مارڪيٽ مان نڪري سڌو منور جي هوٽل ’بيري بيري معطم‘ تي پھتاسين، پر منور اڃا نه آيو هو. اسان هوٽل تي ويھي رهياسين. هوٽل جو شيف جيڪو پنجاب جو هو، ان اسان کي چانھه چڪو پياريو ۽ مانيءَ جو پڇيو ۽ پوءِ ان جي تياري ۾ لڳي ويو. اسان چانھه پيئندا ۽ ڪچھري ڪندا رهياسين. آسپاس ٻيون به ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ دڪان هئا. جن جو ماني کائڻ کان پوءِ مون جائزو ورتو. گهڻو ڪري مسلمانن جون ۽ حلال هوٽلون آهن. جن جي بورڊن تي چائنيز سان گڏ انگريزي، ترڪي ۽ ايغور ٻوليءَ به لکيل هئي. هڪ دڪان ٿلھن افغاني نانن جو به ڏٺم. ان جي ڀر ۾ هڪ وڏو ۽ خوبصورت وائين شاپ، ۽ وائين جا مختلف قسم نھايت خوبصورت پيڪنگ ۾ پيڪ ٿيا مستن کي مستيءَ جي دعوت ڏيئي رهيا هئا. پوءِ شام جو اسان جڏهن منور سان گڏجي علائقي جو چڪر هنيو ته منور ٻڌايو شام ٿيندي ئي پاڻ وارن ايفريقن شيدين جا هتي ڊنبلا نظر ايندا آهن.

شيف ماني لڳائي ته اسان بسم الله ڪري شروع ٿي وياسين، ماني ۽ پيزا سميت ٽي چار ٻيا ائٽم به هئا. بورچي جي هٿ ۾ وڏي ’شيري‘ هئي. اهي ڏاڍا لذيذ هئا. اسان لنچ ڪري دنگ ڪئي ته منور به اچي ويو. جيڪو ڀر سان ئي ٻن ڪمرن جي فليٽ ۾ رهندو هو. منور پنجاب جو آهي. ڪاروبار ۾ ڏاڍو ڪامياب آهي. پاڪستان مان پٿر هيڏانھن موڪليندو آهي ۽ ٻيا ڪم به ڪندو آهي. سندس شادي به هڪ چينائڻ سان ٿيل آهي. جنھن کي پاڻ ’بائسو‘ ۾ هوٽل کولي ڏني اٿس ته اتي مصروف رهي. مائي صاحبه ساڻس گڏ پنج سال پاڪستان ۾ به رهي آئي آهي. کيس ٻه ٻار به آهن، جيڪي زالھنس سان گڏ ’بائسو‘ ۾ رهن ٿا. منور بائسو ۾ پنھنجي زال کي نه رڳو گهر ۽ ڪار وٺي ڏني آهي، پر کين خرچ پکي لاءِ پندرهن هزار آر. ايم. بي پڻ ڏيندو آهي. جنھن تي مون وشال کي چيو ته ”منور ته زالھنس کي صفا اڏي ڇڏيو آهي.“

البت اهو آهي ته منور پنھنجي زال کان پنھنجن ٻين ڪاروبارن کي لڪائي ٿو. سندس چواڻي ته چيني زالون ڏاڍيون ڏکيون آهن. کين حد اندر رکجي. منور وٽس مھيني ٻي ويندو آهي، باقي وقت پنھنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ کي ڏيندو آهي. زالھنس، جي ذڪر تي منور بار بار ٿي چيو، ”ميري بڊي، ميري بڊي“ جنھن تي مون سمجهيو ته چوي ٿو، ”منھنجي پوڙهي، منھنجي پوڙهي.“ ڇو ته زالھنس عمر ۾ کانئس گهڻي وڏي آهي. پر پوءِ خبر پئي ته چينيءَ ۾ زال کي ”بڊي“ چئبو آهي.

ان مھل ته ’معطم بيري بيري‘ ۾ ايتري رش نه هئي، پر رات جو اسان جڏهن ٻيھر اچي ماني کاڌي ته هوٽل ۾ گراهڪن جي چڱڙي آوت جاوت نظر آئي. جن ۾ فارينرس ڪورين ۽ ايفريقن سان گڏ چيني به هئا.

ان علائقي کي ڏسي ايئن محسوس ٿيو ته اهو چين نه پر ڪراچي شھر جو ڪو حصو آهي. اُتي چيني صفا گهٽ ٿي نظر آيا. باقي سڀ فارينرس، خاص ڪري پاڪستاني، افغاني، ايغور، ترڪ، عرب ۽ ايفريقن جي گهڻائي ٿي نظر آئي.

ڪلاڪ کن ڪچھري کان پوءِ اٿياسين. منور چيو ته رات جو ايوو جي نائٽ مارڪيٽ ڏسنداسين. حيدر چيو ته اوهان ڀلي ڪلاڪ ٻه هوٽل تي آرام ڪيو، تيسين آءٌ پنھنجي ڪمپني آفيس مان چڪر هڻي اچان. ايئن اسان منور کي اتي ڇڏي هوٽل اچي پنھنجو ڪمرو والاريو ۽ حيدر پنھنجي آفيس هليو ويو.

شام جو حيدر آيو ته منور، وشال ۽ آءٌ ساڻس گڏجي سندس بيڊ منٽن ڪمپنيءَ جي دڪان تي آياسين ۽ مٿي وڃي بيڊ منٽن کيڏي سين، جنھن جو اڳيان ذڪر ڪري آيو آهيان.

جڏهن ايوو (Yiwu) پي آياسين ته حيدر چيو ته ٻي ڏينھن سندس هڪ دوست سان گڏجي شنگهائي هلنداسين. هو اتي ٿيل هڪ واپاري نمائش ڏسنداسين. پر اڄ سڄو ڏينھن حيدر جو ان سان رابطو نه ٿيو، بيڊمنٽن کيڏندي وشال حيدر کان پڇيو ته سڀاڻي شنگهائي هلڻ جو پروگرام آهي، يا نه؟ جيئن آءٌ نئننگ جي ٽڪيٽ بوڪ ڪرايان، حيدر وراڻيو ته، ”هاڻ اهو دوست 3 ڊسمبر تي ايندو.“ ٻين لفظن ۾ شنگهائي نه هلبو.

اتان ئي چڪر چاڙي هڻي واپس منور جي هوٽل تي آياسين. جتي هڪ ڀيرو ٻيھر منور نھايت لذيذ ماني کارائي. حيدر چيو ته سڀاڻي رهي پئو فلاڻي هنڌ گهمڻ هلنداسين، پر وشال معذرت ڪئي ۽ آن لائين ’ايوو کان نئننگ تائين ’هاءِ اسيپڊ‘ ٽرين جون ٻه ٽڪيٽون بوڪ ڪرائي ڇڏيون. ماني کائي ڪافي دير ڪچھري هلندي رهي، پوءِ سڀ اٿياسين. منور اسان کي نائيٽ بازار وٺي هلڻ لاءِ پنھنجي ڪار ڪڍي ۽ حيدر اهو چئي موڪلايو ته سڀاڻي سوير ايندس ۽ اوهان کي ريلوي اسٽيشن ڇڏي ايندس. اسان جي ٽرين جو وقت ڏهه لڳي 35 منٽ هو ۽ نون ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اسان کي نئننگ ڇڏيندي.

ڪار ۾ منور ۽ وشال پاڻ ۾ ڪچھري ڪندا رهيا ۽ آءٌ پوئين سيٽ تي ويٺو ايوو جا نظارا ڪرڻ لڳس. نئننگ جي ڀيٽ ۾ ايوو ۾ وڏين عمارتن جو انگ ايترو گهڻو نه هو، پر جيڪي به عمارتون هيون، اهي نھايت شاندار هيون ۽ ايندڙ وقت ۾ رهائشي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ وڏين عمارتن ۽ پلازائن ٺھڻ جا امڪان وڌيڪ آهن.

منور هڪ هنڌ ڪار پارڪ ڪئي ۽ اسان ٽنهي لھي پنڌ ئي پنڌ نائيٽ بازار وڃڻ لڳاسين. حقيقت ۾ هڪ سياح کي پنڌ گهمڻ ۾ جيترو مشاهدو ٿئي ٿو، ايترو ڪار يا ڪنھن سواريءَ ۾ نه ٿو ٿئي. هڪ چوڪ تي ڏٺوسين ته هڪ چينائڻ پٽ تي چادر وڇائي ان تي ڪجهه شيون رکي ويٺي هئي. ان جي اڳيان رکيل ننڍي ميگا فون تي قرآن شريف جي هلڪي آواز ۾ تلاوت جاري هئي. جنھن مون کي سخت حيرت ۾ وڌو ته مائي رستي تي ائين قرآن شريف جي تلاوت پئي هلائي. منور کان پڇيم، چيائين ”شنچيان جي مسلم خاتون آهي، خيرات وٺي رهي آهي. ايوو ۾ مذهبي حوالي سان گهڻي سختي ڪونهي.“ جنھن تي وشال چيو ته، ”نئننگ ۾ ايئن ويٺل هجي ها ته ڪڏهوڪي پوليس کڻي وڃيس ها.“ هر ماڻهو پنھنجي انداز مان ٿو پني. نائيٽ بازار ۾ اندر گهڙياسين ته اتي به هڪ فقير نظر آيو. جنھن جون ٽنگون ڪپيل هيون. پَٽ تي پيٽ ڀر ليٽيل هو. سندس اڳيان هڪ پيالو رکيل هو، جنھن ۾ ڪجهه يوان پيا هئا ته وي چيٽ اڪائونٽ به رکيل هو، هاڻ اوهان جي مرضي ته وي چيٽ ذريعي خيرات ڏيوس يا ڪئش جي صورت ۾.

اسان هلندا ونڊو شاپنگ ڪندا اچي نائيٽ بازار ۾ گهڙياسين، جيڪا تمام وڏي هئي، کاڌي پيتي جي اسٽالن کان وٺي بوٽ، ميڪ اپ، ڪپڙو لٽو، جيڪٽ، جوراب، سڀني جا اسٽال هئا. رش به وڏي هئي. ڪلاڪن کن اتي وڙڪندا ۽ شين جا اگهه پار پُڇندا، پاڻ ۾ کل ڀوڳ ۽ هِتان هُتان جي ڪندا واپس ورياسين ۽ اچي هڪ ’ڪيفي‘ ۾ ويٺاسين. جنھن جو ماحول ڏاڍو سُٺو هو. ٻاهريون لُڪ به وڻندڙ هو. اندر ڪافي فارينرس هئا، جن ۾ عرب، افغاني، ايفريقن ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو شامل هئا. شراب سان گڏ شيشو به هلي رهيو هو. اسان به هڪ ميز سنڀالي ۽ شيشي پيئڻ جو موڊ ٺاهي آرڊر ڏنوسين. ان سان گڏ آئسڪريم ۽ قھُوو ۽ سورج مکيءَ جا ٻج به گهراياسين. شيشو ته مون نئننگ ۾ به پيتو هو، پر هن شيشي واهه جو مزو ڏنو. اصل سرور اچي ويا. اسان جي پاسي ۾ ڪجهه عربي همراهه ويٺا هئا، انهن جي به شيشي جي دم لڳي پيئي هئي. تيسين هڪ چيني ڳڀرو ’ني هائو‘ چئي اچي هنن سان ويٺو ۽ هنن ۾ شرارتون شروع ٿي ويون. چيني ڳڀرو به انهن جي ساڻس شرارتن تي خوش ٿي کل کل ڪرڻ لڳو. ڪلاڪ کن اتي ويٺل رهيس. ماحول صفا پُرڀاش لڳو پيو هو. دل ۾ آيم ته ٿورو اڪيلو ٻاهر جو مزو وٺجي ۽ وانڊرنگ ڪجي. تنھنڪري وشال ۽ منور کي اهو چئي اٿيس ته ٻاهران چڪر چاڙي هڻي موٽي ٿو اچان. ٻاهر اچي مون هوريان هوريان هلڻ شروع ڪيو ۽ مکيه روڊ تي اچي پھتس. مون سان ڪڏهن ڪڏهن عجيب ڪيفيت ٿي ويندي آهي ۽ ويٺي ويٺي ڪو اهڙو دورو پوندو اٿم جو دل چوندي هجي تنھائي هجي، رستا هجن ۽ آءٌ هُجان. ائين پري تائين نڪري ويس. مون ڏٺو ته جيئن جيئن رات مَچي رهي هئي، تيئن ’ايوو‘ جي فوٽ پاٿن جون رونقون وڌڻ لڳيون هيون. ڪلاڪ سوا اڳ جن فوٽ پاٿن تان لنگهي نائٽ بازار ويا هئاسين. اهي هاڻ خود نائٽ بازار بنجي چڪا هئا. گهوريئڙن ڀانت ڀانت جون شيون کڻي اچي وڪري لاءِ اسٽال لڳايا هئا. جن ۾ ولايتي ڪُتا ۽ ٻليون به هيون، چيني هونئن به ڪتا ۽ ٻليون سانڍڻ جا شوقين ٿين. آءٌ انهن کي ڏسندو اڳتي وڌندو ويس ۽ هڪ هنڌ بيھي رهيس. هڪ ننڍي اسٽال جي مٿان لکيل هو Sex tools مون بيھي ان کي ڏٺو. ان مھل مون کي ڪجهه ڏينھن اڳ هڪ دوست فون تي ڪيل فرمائش ڪئي هئي ته “منھنجي لاءِ چين مان ڪا خاص شئي وٺي اچج.“ ان مھل مون کي شرارت سُجهي آئي سو ويجهو وڃي، ”خاص اوزار“ جي تصوير ڪڍي کيس واٽسپ ڪيم ۽ وائيس ڪيومانس، ”هن کان وڌيڪ ٻي ڪا خاص شئي مون کي چين ۾ نظر نه آئي آهي. چئو ته تنھنجي لاءِ هيءَ ’خاص شئي‘ وٺي اچان.“ همراهه ان مھل آن لائين هو، سو واٽسپ تي فوٽو ۽ منھنجو ميسيج ٻڌي، جواب ۾ مون تي گارين جا دَس لائي ڏنائين ۽ پوءِ ٻيئي ڏاڍو کلياسين.

مون کي ايئن وڙڪندي ڪلاڪ کن گذري ويو ۽ هاڻ مون واپسي جي ڪئي، پر مون کان واپسيءَ جو رستو وسري ويو. دم هن پاسي وڃان ته دم هُن پاسي. جڏهن رستو نه لڌم ته وشال کي فون ڪيم ته ”ڀائو، تو وارو ابو رستو ڀلجي ويو آهي. سو کيس وڃائجڻ کان بچائڻ لاءِ واهر ڪر.“ مون کيس نشان ۽ پار پتا ڏنا، پر کيس سمجهه ۾ نه آيا. اتي جي ڪنھن خاص شئي جو فوٽو ڪڍي موڪلڻ لاءِ چيائين. سامھون ئي Kasion pugis Hotel هئي، جنھن جو وي چيٽ تي فوٽو ڪڍي موڪليومانس. اهو ڏسي چيائين، ”بس اجهو ٿا پھچون.“

اصل ۾ آءٌ کانئن ڪو پري نه هئس، پر گهوريئڙن جي اسٽالن لڳائڻ سبب ڄڻ لوڪيشن ئي بدلجي ويئي هئي. سو ٿورو پرڀرو نڪري ويو هئس.

آءٌ اتي ئي رستي تي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي ڏسندو رهيس. دير ئي نه گذري جو وشال ۽ منور کي پريان ايندي ڏٺم. مون سندن رنگ ۾ ڀنگ وڌو هو، سو معذرت ڪيم، پر ٻئي ڄڻا مُرڪي پيا. رات به گهڻي گذري چڪي هئي. سيءَ به ڏند ڏيکارڻ شروع ڪيا هئا. تنھنڪري وڌيڪ ترسڻ جي بدران واپس ورڻ جي ڪئيسين. منور اسان کي سندس هوٽل تي وٺي آيو، جتان اسان جي ٻي ڏينھن جي سفر لاءِ ”ٻه پيڪ ٿيل چڪن شوارما“ اسان جي حوالي ڪيا. اسان کانئس اتان ئي موڪلايو، جو اسان کي صبح جو ڏهه لڳي پنجٽيھن منٽن تي ٽرين ۾ نئننگ روانو ٿيڻو هو.

هوٽل پھچي لت کوڙي سمھي رهياسين جو سڄي ڏينھن جي هل هلان ٿڪائي ڇڏيو هو.

صبح جو سوير جاڳ ٿي ته مون دري جو پردو هٽايو. اڃا ڌنڌلڪو هو. تنھنڪري ڪمبل ۾ ويڙهيو ليٽيو پيو هئس. پوءِ وري اٿي پردو ورائي ڇڏيم. اٺين بجي ڌاري بسترو ڇڏيم. برش، شيو وغيره مان واندو ٿي گرم پاڻي سان وهنجي ڪپڙا بدلائي تيار ٿي ويٺس. تيسين وشال به اُٿي ويو. هن به تيار ٿيڻ ۾ دير نه ڪئي، ان دوران حيدر جي فون به اچي ويئي ته بس پندرهن منٽن ۾ پھچان ٿو. سامان ته ايترو هو ئي ڪونه جو پريشاني ٿئي. سو لاٿل ڪپڙا رات ئي ويڙهي سيڙهي بئگ ۾ وجهي ڇڏيا هئاسين.

هيٺ لٿاسين ته حيدر اڳ ۾ ئي پھچي چڪو هو. وشال ڪارڊ ڪائونٽر تي جمع ڪرايو ۽ بل جو پڇيائين، پر حيدر اهو اڳ ۾ ئي ڏيئي ڇڏيو هو. اسان اچي حيدر جي ڪار ۾ ويٺاسين. پھرين حيدر ڪار ۾ ڀرپاسي جا چڪر هنيا ته ڪا هوٽل کليل هجي ته ناشتو ڪجي، پر ڪابه کليل نه هئي. معطم پاڪستاني به ڏهين بجي کلندي آهي. اسان حيدر کي چيو ته ”ناشتي کي ڇڏيو، اهو اسٽيشن تي ڪري وٺنداسين.“ جنھن تي حيدر چيو، ”انڪل، بنا ناشتي جي اوهان کي ڇڏڻ مناسب ته نه پيو لڳي.“

هاڻ حيدر جي ڪار ايوو ريلوي اسٽيشن ڏانھن رواني ٿي، وشال ۽ حيدر پاڻ ۾ ڪچھري ڪرڻ لڳا ۽ آءٌ ڪار مان ايوو جا نظارا ڪرڻ لڳس. نئننگ جيان هن شھر ۾ به ساوڪ ئي ساوڪ هئي ۽ اکين کي ٿڌو ڪري رهي هئي، ويھن منٽن جي ڊرائيور کان پوءِ ’ايوو‘ ريلوي اسٽيشن پھتاسين. حيدر اتان اسان کان موڪلايو. حيدر ۽ منور ٻنهي ڄڻن جنھن نموني پنھنجو وقت ڏنو ۽ خدمتون ڪيون، اهي وسارڻ جھڙيون ناهن. ريلوي اسٽيشن ايندي حيدر ٻڌايو ته هن ارڙهن سالن کان سفر شروع ڪيا، ۽ هيستائين ايشيا، يورپ، آفريقا جا ڪيترائي ملڪ گهمي چڪو آهي. حيدر ويو ته اسان بئگ ڪلهي ۾ پائي اسٽيشن ۾ گهڙياسين. پھرين ٻاهران ڪجهه کائڻ جون شيون به ورتيون سين، جو نون ڪلاڪن جو ڊگهو سفر هو. ان مھل اڃا ساڍا انوَ ٿي رهيا هئا. بورڊ تي ڏٺوسين ته اڃا اسان واري ٽرين نه آئي هئي. تنھنڪري سامھون هڪ ڪيفي ۾ ناشتو ڪرڻ هليا وياسين. اهڙو بي لذت ناشتو مون ڪڏهن به نه ڪيو هو، پر ڪاٺياواڙي واري ڳالهه ته ”پيٽ ته ڀرڻون ئي هو، سو ڀاءُ ڪرو ڪجي.“

 اتان وري ٻي شاپ تان ڪجهه بسڪوٽ ۽ منھنجي فرمائش تي ٻه وڏا بوائل ٿيل مڪئي جا سنگ به ورتاسين. چيني مڪئي جا سنگ پاڻيءَ ۾ کنڊ وجهي، پوءِ بوائل ڪري اڪثر نيرن مھل کائيندا آهن. نئننگ ۾ اڪثر وشال جي سالي وانگ ين ڇنگ سوير وڃي ڀاڄي ڀتي وٺي ايندي هئي، جن ۾ اڪثر ڪري مڪئي جا سنگ به هوندا هئا. جيڪي هو رڌي سڄا سارا ٻه سنگ اچي منھنجي ۽ نسيم جي اڳيان رکندي هئي. پاڻ وٽ هتي سنڌ ۾ اهي سنگ ننڍا ٿين، پر چيني سنگ ڪافي وڏا ۽ گهڻو ڀرتو آهن، تنھنڪري اسان ٻه ڄڻا هوندي به ٻيئي سنگ کائي نه سگهندا هئاسين.

سوا ڏهه اچي ٿيا هئا، پر اڃا ٽرين نه پھتي هئي، جنھن تي مون وشال کان پڇيو ”ٽرين ليٽ ته ڪونهي.“ نه ليٽ ڪونهي. ٽرين جي روانگي کان پندرهن منٽ اڳ بورڊنگ ڪري اندر ڇڏيندا آهن، وشال چيو. ان مھل سامھون بورڊ تي اسان جي ٽرين جو ڪوڊ نمبر به اچي ويو ته پليٽ فارم تي پھچي چڪي آهي. ته ڏسندي ئي ڏسندي قطارون ٺھي ويون ۽ ماڻهو ٽڪيٽ ڏيکاريندا اندر روانا ٿيڻ لڳا. اسان به ٽڪيٽ ڏيکاري اندر روانا ٿياسين. اصل وٺ وٺان، پندرهن منٽن ۾ ٽرين تائين پھچڻو هو، نه ته سورهون منٽ ٽرين اسان جو انتظار نه ڪري ها. پليٽ فارم ڪافي وڏو ۽ سُھڻو ۽ صاف سٿرو هو. اسيڪليٽر تان هيٺ مٿي چڙهندا اچي اسان واري ٽرين وٽ پھتاسين. جيڪا ان مھل سامھون ايندي نظر آئي. اسان چوٿين نمبر تي بيٺاسين ۽ چوٿون نمبر بوگي بلڪل اسان جي سامھون اچي بيٺي. ان مھل پورا ساڍا ڏهه ٿيا هئا. ٽرين جا دروازا کليا ۽ مسافر چڙهيا. اسان به چڙهي پنھنجون سيٽون ڳولهي اچي ٽرين ۾ ويٺاسين ۽ پليٽ فارم تائين اچڻ لاءِ جيڪو تيز تيز هليا هئاسين، سو پاڻ کي سامت ۾ آڻڻ لڳاسين.

چين جي هاءِ اسپيڊ ٽرين، چيني عوام جي سفر جو بھترين ذريعو آهي. اهي ٽرينون مختلف شھرن جي وچ ۾ هلن ٿيون. چين جي هاءِ اسپيڊ ٽرين جي شروعات 2008ع کان ٿي. اهي هاءِ اسپيڊ ٽرينون سڄي دنيا ۾ چين جي سُڃاڻپ آهن. چين ۾ هاءِ اسپيڊ ريلوي نيٽ ورڪ 124000 ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ آهي. ان ٽريڪ جي 2595 کان وڌيڪ هاءِ اسپيڊ  ٽرينون هلن ٿيون. اهو تعداد دنيا ۾ هلندڙ هاءِ اسپيڊ ٽرينن جو سٺ سيڪڙو آهي. چين جي سرڪاري انگن اکرن موجب 2024ع ۾ چئن ارب کان به وڌيڪ ماڻهن انهن ٽرينن ۾ سفر ڪيو.

ٺيڪ ڏهه لڳي پنجٽيھن منٽن تي ٽرين هلي. ان کان اڌ منٽ اڳ ٽرين جا گيٽ بند ٿيڻ جو اعلان ٿيو. هاڻ اسان کي نوَ ڪلاڪ هن ٽرين ۾ گذارڻا هئا. ٽرين هلي، مون ٻاهر ڏسڻ شروع ڪيو. ٿوري ئي دير ۾ ٽرين ’ايوو‘ ڇڏي ايندڙ اسٽيشن چنگهائو (Longhuo) ڏانھن ڊوڙڻ لڳي. سامھون لڳل اسڪرين تي ايندڙ اسٽيشن جو نالو ۽ ٽرين ڪيتري رفتار سان هلي رهي هئي، لکجي ٿي آيو.

ايوو کان نئننگ تائين نون ڪلاڪن جي ان سفر ۾ اسان جي ٽرين سترهن اسٽيشنن تي بيٺي ۽ هر اسٽيشن تي بيھڻ جو دورانيو پنج منٽ هو. ان دوران مسافر لٿا ٿي ۽ چڙهيا ٿي، پر نه ڪو هُل ۽ هنگامو، نه ڪلهي گس، نه وٺ وٺان. هر ڪو خاموشيءَ سان قطار ۾ لٿو ٿي ۽ چڙهيو ٿي.

ٽرين هلي ته وشال چيو، ”ابو سمھي رهو، ڊگهو سفر آهي.“

”هائو سُمھان ٿو.“ مون کيس وراڻيو. وشال ته اکيون ٻوٽي ليٽي پيو، پر مون سمھڻ پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيو. سمھڻ لاءِ رات ئي ڪافي آهي ۽ ڏينھن جاڳڻ جي لاءِ آهي، تنھنڪري مون سمھڻ بدران پَٽيل اکين سان هي ملڪ ڏسڻ ٿي گهريو.سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جھڙن جهنگ جي بلائن لاءِ چين جي ترقي ڏسي لفظ ’حيرت تي‘ ’حيرت‘ ٿي ٿئي.

ٽرين هلندي رهي ۽ ان دوران ڪيترائي ننڍا وڏا شھر، ۽ ڳوٺ، جبل، ڍنڍون، ڍورا، ٻنيون ٻارا منھنجي اڳيان ڪنھن فلم جي ريل جيان گذرندا ويا. ٻنين ۾ ٺھيل پڪا رستا، گند ڪچھري کان صاف، ڳوٺن ۾ پڪا گهر، گهرن جي اڳيان بيٺل ڪارون، ٻنين ۾ بيٺل ٽراليون ۽ ٽريڪٽر نظر ٿي آيا، جن مان چين جي هاريءَ جي خوشحالي جي پروڙ ٿي پئي. آباديءَ لائق زمين جي هڪ ٻاري به آباديءَ کان خالي نظر نه آئي، پوکي راهي به جديد طريقي سان ٿيل نظر آئي. جيتوڻيڪ چين جو گهڻو علائقو جابلو آهي، پر اهي جبل به اسان جي جبلن وانگر ٺوڙها نه پر ساوڪ سان ڀرپور نظر آيا.

ڳوٺن جا گهر ننڍا، پر ٻه يا ٽي ماڙ نظر آيا ۽ ڊزائين سڀني جي هڪجھڙي هئي، اهي گهر زندگيءَ جي سڀئي سھوليتن سان آراسته هئا.

چين ۾ ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن جو انتظام مقامي ليول تي چونڊيل نمائندن جي هٿن ۾ آهي ۽ اتي چونڊون ٿينديون آهن، جن ۾ نمائندا چونڊيا ويندا آهن، اهي چونڊيل نمائندا پاڻ وارن نمائندن وانگر چونڊجي پوءِ گم ٿي نه ويندا آهن، پر هر وقت الرٽ ۽ پنھنجن علائقن جي ترقيءَ لاءِ ڪوشان هوندا آهن، نه ڪي پاڻ وارن چونڊيل نمائندن وانگر هر وقت فنڊ کائڻ جي چڪر ۾. وڏيرا شاهي نه هئڻ سبب اهي نمائندا موروثيت جي بنياد تي نه پر خدمت جي بنياد تي چونڊجي ايندا آهن. چين ۾ احتساب جو ڪڙو نظام آهي. تنھنڪري ڪرپشن ٿيندي به کڻي هوندي ته به هلڪي ڦلڪي، پر جي همراهه جهليو ته پوءِ سزا کان بچڻ مشڪل آهي.

هي ملڪ، هن ملڪ جون خوبصورتيون، ماڻهن جون هن ملڪ کي ترقي ڏيکارڻ لاءِ جانين جون قربانيون ۽ محنتون چين جي قيادتن جو پنھنجي ملڪ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ vision ۽ سچائي، ايمانداري ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ جو ئي نتيجو آهي. جو اڄ چين دنيا جي ٻيون نمبر وڏي معيشت آهي ۽ ايندڙ وقت چين جو ئي آهي.

چين ۽ چين جو انقلاب سدائين منھنجي لاءِ آئيڊيل رهيو آهي. سنڌ بدترين وڏيرا شاهي جو شڪار آهي. جيئن 1949ع کان اڳ چين هو. سنڌ ۾ به ڪيترائي وڏيرا وانگ آهن.  جيڪي پنھنجن هارين کي چٿي چُپي، سندن محنت کائي، مچي مواڙ ٿيل آهن. منھنجي اکين جي ماڻڪين ۾ اهڙي انقلاب جا خواب اڃا ڌنڌلا نه ٿيا آهن. پنھنجي وطن ’سنڌ‘ ۽ ان جي خوشحاليءَ جا خواب، منھنجي پنھنجي خوشحاليءَ جا خواب آهن. جيڪي هڪ ڏينھن ضرور ساڀيان ماڻيندا.

هاءِ اسپيڊ ٽرين پنھنجي رفتار سان هلي رهي آهي. ڪيڏي مھل اها 340 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ٿي هلي ته ڪنھن مھل گهٽ، پر ڪو هلڪو لوڏو به محسوس نه پي ٿيو.

اها ٽرين ايوو (Yiwu) اسٽيشن کان رواني ٿي ۽ پوءِ سترهن اسٽيشنون، چنگهائو (Long hou)، لونگهائو (Longyou)، چوزائو (Quzhou)، شنگارائو (Shangrao)، شنگهتا تائو (Ying tanhou)، نانشنگسي (Nanchangn)، يي چن (Yichan)، پنگشي زنگبي (Pingshningbeic)، چنگ شينن (Changshanan)، هنگ يانگ ڊونگ (Hengyang dong)، چيانگ (Qying)، يونگزوهو (Yongzhou)، تونگان تانگ (Dongon dong)، چنجو (Quonzhounnan)، گيولين بي (Gui lin bei)، لي زوهائو (lizuhou) تي پنجن پنجن منٽن جو اسٽاپ ڪندي نيٺ آخري اسٽيشن نئننگ (Naning dong) تي اچي بيٺي.

ايوو کان نئننگ تائين هاءِ اسپيڊ جي ان سفر مون کي صحيح معنيٰ ۾ ڏسڻ ۽ مشاهدو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. منھنجي خيال ۾ چين کي ڏسڻ لاءِ چين ويندڙ دوستن کي هاءِ اسپيڊ ٽرين جو سفر ضرور ڪرڻ گهرجي.

اسٽيشن تي لھي، اسان سب وي پڪڙي ۽ سڌو وڃي ’هوچو لو‘ جي ويجهي اسٽيشن تي لٿاسين، پوءِ اتان پنڌ ڪري گهر پھتاسين. جتي مريم پنھنجي سدا بھار مُرڪ سان ۽ پنھنجن ٻاتن ٻولن ”شي شا‘ چئي اسان جي آجيان ڪئي. کيس ڏسندي ئي اسان جا سڀئي ٿڪ لھي ويا.

______________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ آھي ۽ ھن وقت چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button