آمريڪا جو سانڊي وانگر رنگ مٽائيندڙ ڪردار: طاقت، تضاد ۽ امن جي دعويداري
آمريڪا سال 2026 جي شروعات ئي وينزويلا تي فوجي ڪارروائيءَ سان ڪري، دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيوآهي. اها عالمي قانون ۽ رياستي خودمختياريءَ جي اصولن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.
هي تضاد رڳو سياسي منافقت ناهي، پر اهو عالمي امن ۽ اخلاقي قدرن لاءِ هڪ سنگين خطرو بڻجي چڪو آهي
عالمي سياست اڃا تائين طاقت جي ان پراڻي منطق ۾ قيد آهي، جنهن کي ”جهنگ جو قانون“ چيو وڃي ٿو. دنيا اڄ به اصولن، قانونن ۽ اخلاقي قدرن بدران بندوق، ڌمڪي ۽ دٻاءَ جي ٻولي سمجهندي نظر اچي ٿي
مُشتاق ٽانوري
هيءَ هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندڙ حقيقت آهي ته ايڪيهين صديءَ جي جديد دور ۾، جڏهن انسان چنڊ کان مريخ تائين پهچڻ جا خواب ساڀيان ڪري رهيو آهي، جڏهن سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ڄاڻ انساني زندگيءَ کي نوان رخ ڏئي رهيون آهن، تڏهن به عالمي سياست اڃا تائين طاقت جي ان پراڻي منطق ۾ قيد آهي، جنهن کي ”جهنگ جو قانون“ چيو وڃي ٿو. دنيا اڄ به اصولن، قانونن ۽ اخلاقي قدرن بدران بندوق، ڌمڪي ۽ دٻاءَ جي ٻولي سمجهندي نظر اچي ٿي، جيڪا انساني ترقيءَ تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي. عالمي منظرنامي ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ، آمريڪا، پاڻ کي جمهوريت، انساني حقن ۽ آزاديءَ جو عالمي علمبردار سڏائيندو رهيو آهي. آمريڪي اڳواڻن جا بيان هميشه امن، استحڪام ۽ عالمي ڀلائيءَ سان ڀرپور هوندا آهن. ڊونلڊ ٽرمپ به پنهنجي سياسي سفر دوران اهڙي ئي بيانبازي ڪندي دنيا کي جنگين کان پاڪ ڪرڻ جون دعوائون ڪيون. هن پاڻ کي امن جو داعي، جنگين جو خاتمو ڪندڙ ۽ پاڻ کي امن جي نوبل انعام جو حقدار پڻ قرار ڏنو. پر افسوس جو عملي پاليسيون انهن دعوائن جي ابتڙ نظر اچن ٿيون.

سال 2026 جي شروعات ئي آمريڪا وينزويلا تي فوجي ڪارروائيءَ سان ڪري، دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيوآهي. اها عالمي قانون ۽ رياستي خودمختياريءَ جي اصولن جي سڌي ڀڃڪڙي آهن. هي تضاد رڳو سياسي منافقت ناهي، پر اهو عالمي امن ۽ اخلاقي قدرن لاءِ هڪ سنگين خطرو بڻجي چڪو آهي. وينزويلا جي صدر نيڪولس مادورو جي اغوا ۽ گرفتاريءَ جو واقعو ته عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هڪ خودمختيار ملڪ جي چونڊيل صدر کي زبردستي کنڀي کڻڻ، سندس زال کي به اغوا ڪرڻ ۽ پوءِ عدالتي ڪارروائيءَ جو دعويدار ٿيڻ دنيا لاءِ انتهائي خطرناڪ مثال آهي. وينزويلا جو معاملو خاص اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو ملڪ دنيا جي سڀ کان وڏن تيل جي ذخيرن مان هڪ جو مالڪ آهي. جڏهن وينزويلا قومي وسيلن تي رياستي ڪنٽرول وڌايو ۽ آمريڪي اثر کان آزاد پاليسيون اختيار ڪيون، تڏهن واشنگٽن لاءِ اهو ناقابلِ قبول بڻجي ويو. پابندين، سفارتي اڪيلائي ۽ آخرڪار فوجي ڪارروائيءَ جا قدم اصل ۾ تيل، علائقائي اثر ۽ چين-روس جي وڌندڙ موجودگيءَ کي روڪڻ جي حڪمتِ عمليءَ جو حصو آهن. تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به آمريڪا جا معاشي، فوجي يا سياسي مفاد خطري ۾ پيا آهن، تڏهن جمهوريت ۽ انساني حقن جا نعرا پوئتي رهجي ويا آهن. پوءِ اها عراق تي حملا هجن، افغانستان ۾ ڊگهي جنگ هجي يا ليبيا ۾ حڪومت جي زبردستي تبديلي هر جاءِ تي طاقت جو استعمال امن بدران افراتفري، تباهي ۽ عدم استحڪام کڻي آيو آهي. هڪ سپر پاور ملڪ کان اها اميد رکجي ٿي ته هو دنيا لاءِ تحفظ ۽ استحڪام جو ذريعو بڻجي، پر عملي طور آمريڪا اڪثر سامراجي مفادن جو نگهبان نظر اچي ٿو. وينزويلا جو تازو واقعو ته عالمي قانون جي اکين ۾ آڱر وجهي چئلينج ڪرڻ برابر آهي. هي اهڙو قدم آهي، جيڪو جيڪڏهن معمول بڻجي ويو ته بين الاقوامي نظام مڪمل طور ٽٽي پوندو. ان واقعي خلاف نه صرف وينزويلا ۾، پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ احتجاج ٿيا آهن.

ايران جي حوالي سان به ساڳيو ٻٽو معيار نظر اچي ٿو. آمريڪا هڪ طرف ايران ۾ معاشي مسئلن ۽ مهانگائي خلاف ٿيندڙ احتجاجن جي اخلاقي ”حمايت“ جو اعلان ڪري ٿو، ته ٻئي پاسي سخت معاشي پابنديون مڙهي، عوامي زندگي کي وڌيڪ مشڪل بڻائي ٿو. نيوڪليئر معاهدي مان هڪ طرفي طور نڪرڻ، فوجي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ سياسي دٻاءُ وجهڻ، سڀ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته مقصد امن نه، پر ايران کي جهڪائڻ آهي. اهڙي مداخلت انساني همدرديءَ کان وڌيڪ سياسي هٿيار بڻجي چڪي آهي. اهي سڀ واقعا ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته سال 2026 دنيا لاءِ نون تڪرارن ۽ ڇڪتاڻن سان ڀريل ٿي سگهي ٿو. آمريڪي حڪومتي حلقن مان ايران کانپوءِ ٻين حساس علائقن، خاص ڪري بلوچستان جهڙن خطن جو ذڪر، پاڪستان سميت پوري خطي لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب آهي. جيڪڏهن ايران کي اندروني طور غير مستحڪم ڪيو ويو، ته ان جا اثر پاڙيسري ملڪن تائين پکڙجندا، جنهن سان علائقائي امن ۽ سلامتي شديد خطري ۾ پئجي ويندي.

ان صورتحال ۾ بنيادي سوال اهو آهي ته ڇا دنيا اڃا به طاقت جي منطق تحت هلندي رهندي، يا آخرڪار قانون، آئين ۽ اخلاقي قدرن کي حقيقي معنيٰ ۾ بالادست بڻايو ويندو؟ تاريخ ٻڌائي ٿي ته فوجي مداخلتون مسئلن جو حل نه ٿيون بڻجن. عراق، افغانستان ۽ ليبيا جهڙا مثال اڄ به سامهون آهن، جتي جنگين حالتن کي وڌيڪ بگاڙيو، رياستن کي ڪمزور ڪيو ۽ عام ماڻهن لاءِ مصيبتون وڌايون. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري گڏ ٿي، هڪ طرفي ۽ جارحاڻي پاليسين جي کلي مخالفت ڪري. قانون کي رڳو ڪمزور ۽ غريب ملڪن لاءِ نه، پر طاقتور رياستن لاءِ به برابر لاڳو ڪيو وڃي. جيڪڏهن دنيا خاموش رهي، ته طاقت جو نشو آخرڪار ايٽمي تباهيءَ جهڙي قيامت خيز انجام ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو.
آمريڪا به فوجي طاقت ۽ معاشي دٻاءَ تي ڀروسو ڪرڻ بدران، اخلاقي قيادت جو ڪردار ادا ڪري. حقيقي عظمت هٿيارن سان نه، پر انصاف، قانون ۽ انسانيت جي خدمت سان حاصل ٿيندي آهي. تاريخ بار بار اهو سبق ڏنو آهي ته جيڪي قومون پنهنجي ئي وڻ جون ٽاريون ڪٽين ٿيون، سي آخرڪار پاڻ به زوال جو شڪار ٿين ٿيون.
_______________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو



