Editor's pickMain Slideڪالم

ايران جي موجوده طاقت، مزاحمت ۽ دفاعي صلاحيتون هڪ ڏينهن جو نتيجو ناھن

موجوده تڪرار کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان کي تاريخي تناظر ۾ ڏٺو وڃي. اقتصادي پابندين ايران کي اندروني صنعتن، خاص طور دفاعي ٽيڪنالاجي ۾، ترقي ڪرڻ تي مجبور ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ايران پنهنجي دفاعي صلاحيتن جي بنياد تي مضبوط بيٺل نظر اچي ٿو.

انيتا پنجاڻي

اڄ آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ جاري تڪرار کي 37 ڏينهن ٿي چڪا آهن. جنگبنديءَ لاءِ زباني ڳالهيون ته ٿي رهيون آهن، پر عملي طور تي ڪا سنجيده ڪوشش نظر نٿي اچي. ظاهري طور هي جنگ ٽن ملڪن جي وچ ۾ محدود لڳي ٿي، پر ان جا ناڪاري ۽ هاڪاري اثر پوري دنيا تي پئجي رهيا آهن ۽ شايد ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ شدت سان محسوس ڪيا ويندا.

ايران لاءِ هيءَ جنگ پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ بڻجي چڪي آهي، جڏهن ته آمريڪا جي عالمي پاليسين کي اڪثر طاقت جي نشي، ٻين ملڪن تي اثر رسوخ قائم رکڻ ۽ وسيلن تي قبضي جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي ٿو. اسرائيل جي قيادت، خاص طور تي بنيامين نيتن ياهو جي دور ۾، هڪ وسيع جاگرافيائي ۽ نظرياتي سوچ “گريٽر اسرائيل” جي حوالي سان به بحث هيٺ رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪنهن سپر پاور جهڙوڪ آمريڪا جي قيادت مان مڪمل ساٿ ملي، ته اها اسرائيل لاءِ هڪ غيرمعمولي سياسي طاقت بڻجي وڃي ٿي.

اهو سوال اهم آهي ته ڇا هيءَ جنگ اوچتو شروع ٿي يا ان جا بنياد اڳ ئي موجود هئا؟ ان جو جواب تاريخ جي ورقن ۾ ملي ٿو، جتي ايران مسلسل اندروني ۽ بيروني دٻاءَ سان مقابلو ڪندو رهيو آهي.

1925 کان 1941 تائين رضا شاهه پهلويءَ جي حڪمراني رهي، جنهن کان پوءِ 1941 کان 1979 تائين محمد رضا شاهه پهلوي اقتدار ۾ رهيو. هن دور ۾ بظاهر جديديت، لبرل سوچ ۽ ترقيءَ جا نعرا ڏنا ويا. چونڊون به ٿينديون هيون، پر اڪثر انهن ۾ ڌانڌلي جو عنصر شامل هوندو هو ۽ اقتدار مخصوص حلقن تائين محدود رهندو هو. سماج ۾ طبقاتي فرق تمام گهڻو هو. وڏن شهرن ۾ رهندڙ اشرافيا کي سهولتون ميسر هيون، جڏهن ته عام عوام، خاص طور تي ڳوٺاڻا، بنيادي ضرورتن کان محروم رهيا.

عورتن کي بظاهر آزادي حاصل هئي، لباس، تعليم ۽ روزگار جي حوالي سان، پر اهي سهولتون به گهڻو ڪري شهري علائقن تائين محدود هيون.

1951 کان 1953 جو دور ايران جي تاريخ ۾ انتهائي اهم آهي جنهن جا اثر اڄ به موجود آهن. وزيراعظم محمد مصدق ملڪ جي تيل جي صنعت کي قومي ملڪيت بڻايو، جيڪا اڳ برطانوي ڪمپني Anglo-Iranian Oil Company جي ڪنٽرول ۾ هئي ۽ جنهن جي آمدني جو وڏو حصو برطانيا ڏانهن ويندو هو. مصدق جي هن فيصلي کي عوامي سطح تي وڏي حمايت ملي، خاص طور تي توده ڪميونسٽ پارٽي طرفان، جيڪا شاگردن ۽ مزدورن ۾ مقبول هئي.

پر هن قدم عالمي طاقتن، خاص طور تي آمريڪا ۽ برطانيا، کي سخت ناراض ڪيو. نتيجي طور 1953 ۾ هڪ خفيه آپريشن—Operation Ajax—ذريعي مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. ان عمل ۾ برطانيا جي MI6 ۽ آمريڪا جي CIA اهم ڪردار ادا ڪيو. سياسي اڳواڻن، فوجي آفيسرن، صحافين ۽ مذهبي شخصيتن کي مختلف طريقن سان استعمال ڪري مصدق کي ڪمزور ڪيو ويو. کيس ڪميونسٽ قرار ڏئي عوامي راءِ کي متاثر ڪيو ويو ۽ آخرڪار کيس گرفتار ڪيو ويو.

مصدق جو دور ايران ۾ حقيقي جمهوريت قائم ڪرڻ جي ڪوشش طور ڏٺو وڃي ٿو، جتي قانون جي بالادستي ۽ قومي وسيلن تي عوامي حق کي ترجيح ڏني وئي. سندس حڪومت جو خاتمو ايران جي سياسي تاريخ تي گهرو اثر ڇڏي ويو.

ان کان پوءِ محمد رضا شاهه جي حڪومت کي ٻيهر مضبوط ڪيو ويو. SAVAK نالي خفيه اداري ذريعي مخالفن کي دٻايو ويو. گرفتاريون، تشدد ۽ قتل عام عام ٿي ويا.

1979 جو ايراني انقلاب انهن ئي حالتن جو نتيجو هو. لڳ ڀڳ 25 سالن جي مزاحمت کان پوءِ مختلف ڌريون ڪميونسٽ، شاگرد، مزدور، واپاري ۽ مذهبي قوتون، گڏ ٿيون ۽ شاهه جي حڪومت جو خاتمو آندائون. ان انقلاب کان پوءِ جي اڳواڻي آيت الله روح الله خميني جي هٿ آئي ، جيڪو انقلاب کان اڳ جلاوطن هيو.

انقلاب کان پوءِ هڪ نئون نظام قائم ٿيو، جنهن کي اسلامي جمهوريه جو نالو ڏنو ويو. هن نظام ۾ جمهوريت ۽ مذهب جو هڪ ميلاپ موجود آهي. چونڊون ٿين ٿيون، پر اصل اختيار سپريم ليڊر وٽ هوندا آهن ۽   Guardians Council جهڙا ادارا ملڪ جي سموري  سياسي ۽ فوجي  عمل تي نظر رکندا آهن، جن جا ميمبر اعلي درجي جي مذهبي ۽ علمي قابليت رکندڙ هوندا آهن. منتخب وزيراعظم صرف اندروني سياسي ۽ اقتصادي معاملن کي ڏسندو آهي.

انقلاب کان پوءِ جلد ئي سياسي مخالفن کي ختم ڪيو ويو. ڪميونسٽن کي قيد يا جلاوطن ڪيو ويو، ۽ سماج تي مذهبي ضابطن جو نفاذ ڪيو ويو. عورتن لاءِ حجاب لازمي قرار ڏنو ويو ۽ اخلاقي پوليس جو قيام عمل ۾ آندو ويو.

ان هوندي به، ايران تعليم، صحت ۽ سائنس جي شعبن ۾ نمايان ترقي ڪئي. وڏي شرح سان خواندگي وڌي ۽ سائنسي تحقيق کي هٿي ملي. اقتصادي پابندين باوجود، ملڪ پنهنجي وسيلن تي ڀاڙڻ سکيو.

1980 کان 1988 تائين ايران-عراق جنگ هڪ ٻيو وڏو امتحان هئي. هن جنگ ۾ عالمي طاقتن جا پنهنجا مفاد هئا ۽ هو ٻنھي ملڪن کي ڪمزور ڪرڻ چاهين پيا . صدام حسين هڪ مظبوط ۽ طاقتور حڪمران هيو ۽ تيل جي  ذخيرن جي ڪري امير ملڪ هيو.  آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن صدام حسين کي ايران تي حملي ڪرڻ لاء اُڀاريو ۽ صدام حسين کي به وچ اوڀر ۾ پنهنجو تسلط قائم ڪرڻ جي لالچ جاڳي . سو صدام حسين ايران تي حملو ڪرڻ لاء تيار ٿي ويو. عراق کي مختلف سطحن تي مدد ملي ۽ ايران کي به ڳجھ ڳوھ ۾ آمريڪا مدد ڪندو رهيو. اهڙي طرح  آمريڪا جي هٿيارن جي ڪارخانن خوب ڪمايو . ايران ۾ جيئن ته نئون جوش ۽ جذبو هيو تہ هنن  عوامي جذبي ۽ مزاحمت سان مقابلو ڪيو. هن جنگ ايران کي دفاعي طور مضبوط بڻايو ۽ خود انحصاريءَ جو سبق ڏنو. پر عراق تمام ڪمزور ٿي ويو ، معاشي طور تباہ حال ۽ قرضائي بڻجي ويو.

اقتصادي پابندين به ايران کي اندروني صنعتن، خاص طور دفاعي ٽيڪنالاجي ۾، ترقي ڪرڻ تي مجبور ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ايران پنهنجي دفاعي صلاحيتن جي بنياد تي مضبوط بيٺل نظر اچي ٿو.

وچ اوڀر ۾ مذهبي فرقن شيعه ۽ سني جي بنياد تي اختلافن به علائقي کي غير مستحڪم رکيو آهي، جنهن مان عالمي طاقتون پنهنجا مفاد حاصل ڪنديون رهيون آهن. فلسطين جي معاملي تي ايران جو واضح موقف پڻ علائقائي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

ايران جي عورتن بابت صورتحال ٻٽي نوعيت جي آهي. هڪ طرف انهن کي تعليم، صحت ۽ سائنس ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏنا ويا آهن، ۽ ڪيترين عورتن سائنسدان طور پاڻ مڃرايو آهي. ٻئي طرف، سياسي فيصلا ڪندڙ ادارن ۾ انهن جي نمائندگي تمام گهٽ آهي. اهو سوال اڃا به اهم آهي ته جيڪڏهن عورتن کي مڪمل سياسي شموليت ملي ها ته شايد ملڪ جي پاليسين ۽ نتيجن ۾ وڌيڪ بهتري اچي سگهي ها.

آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته ايران جي موجوده طاقت، مزاحمت ۽ دفاعي صلاحيتون ڪنهن هڪ ڏينهن جو نتيجو نه آهن، پر ڊگهي تاريخي عمل، جنگين، پابندين ۽ اندروني پاليسين جو گڏيل نتيجو آهن. موجوده تڪرار کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي تاريخي پاڙُن کي به نظر ۾ رکيو وڃي.

________________

انيتا پنجاڻي سنڌو واس فائونڊيشن جي چيئرپرسن، ۽ وومن ايڪشن فورم ڪراچي چييپٽر جي ميمبر آهي. ھُوءَ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي خواتين شاخ جي جنرل سيڪريٽري رهي چڪي آهي.  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button