چين جي ڪميونسٽ پارٽي ميمبرن جو تعداد 100 سالن ۾ 58 مان وڌي 9 ڪروڙ ٿي ويو
سينٽرل ملٽري افيئرز ڪميشن اعلي ادارو آهي، جنھن جي وسيلي چين جي ’پيپلز آرمي‘ کي پارٽيءَ جي تابع رکيو وڃي ٿو
ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اسڪول وڏي اهميت رکي ٿو، جنھن ۾ چين جا اڳواڻ تيار ڪيا ويندا آهن. سندن تربيت ڪئي ويندي آهي. چين جي سڀني قوميتن جا ماڻهو ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل آهن. اها قومي سياسي پارٽي بنا ڪنھن فرق ۽ متڀيد جي عوام جي اجتماعي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ جدوجھد ڪري ٿي
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
1917ع ۾ هڪ ڌرتي ڌوڏيندڙ واقعو ٿيو. روس ۾ ’والاديميئر ايليچ لينن‘ جي اڳواڻيءَ ۾ بالشويڪ انقلاب آيو، جنھن جا پڙاڏا سڄي دنيا ۾ ٻُرائجڻ لڳا. صدين کان قائم زار شاهي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري وڏن جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ زميندارن جي حڪومت جي جاءِ تي پورهيتن يعني مزدورن، هارين ۽ عوام جي حڪومت قائم ٿي.
ھيءُ اهو انقلاب ھو جنھن کي آڪٽوبر انقلاب چيو وڃي ٿو. لينن ۽ سندس انقلابي اُستادن ڪارل مارڪس ۽ اينگلس جا انقلابي مضمون ۽ ڪتاب چيني ٻوليءَ سميت ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيا ۽ محب وطن ۽ آزادي چاهيندڙ پڙهيل نوجوانن ۾ مقبول ٿيڻ لڳا.
مارچ 1920ع ۾ پيڪنگ يونيورسٽيءَ جي هڪڙي پروفيسر انهن انقلابي ڪتابن جي باقاعده پڙهائي لاءِ هڪ ’سنگت‘ ٺاهي. ان سنگت ٺھڻ جون خبرون جڏهن چين جي ٻين شھرن ۾ پھتيون، تڏهن اُتي به ان جون شاخون کوليون ويون. 1921ع جي بھار جي مُند تائين چين جي مکيه شھرن بيجنگ، شنگهائي، چانگشا، ڪينٽين، ووهان ۽ سنيان ۾ انقلابين جا ٽولا ٺھي ويا.

جولاءِ 1921ع ۾ شنگهائيءَ ۾ هم خيال انقلابين هڪ ڳُجهي ڪانفرنس ڪوٺائي جنھن ۾ مٿين ڇھن شھرن مان ٻن ٻن عيوضين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. جاپان ۾ رهندڙ چينين مان به هڪڙو عيوضي سڏيو ويو. ڪامنٽرن جا به ٻه نمائندا ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. سي. آءِ. ڊي کي ڪانفرنس جي کُڙڪ پئجي ويئي، تنھنڪري ڪانفرنس جا عيوضي شنگهائي مان کسڪي نڪري ويا ۽ وڃي چيڪيانگ صوبي جي هڪڙي ڍنڍ ۾ ٻيڙي ڀاڙي تي ڪري، ان ۾ سير ڪرڻ بھاني ڪانفرنس هلائڻ لڳا. انهيءَ ڪانفرنس ۾ چين جي ’ڪميونسٽ پارٽي‘ جو بنياد رکيو ويو. مائوزيتنگ ان ڪانفرنس ۾ ’هونان‘ صوبي جي عيوضي طور شريڪ ٿيو ۽ کيس ’هونان‘ صوبي جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
ان وقت ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبرن جو تعداد 58 هو. 2021ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي پنھنجي تاريخ جا هڪ سؤ سال مڪمل ڪيا. هينئر پارٽي جي ميمبرن جو تعداد 90 ملين کان به وڌيڪ آهي.
شروع ۾ ڪميونسٽ پارٽي روس جي بالشويڪ پارٽيءَ جي اشارن تي هلند.ي هئي. گهڻيون تڻيون پاليسيون اتان ٺھي اينديون هيون. جيڪي اڪثر چين جي حالتن سان ٺھڪندڙ نه هونديون هيون، پر انهن تي اکيون پوري عمل ڪيو ويندو هو. جنھن ڪري ڪافي ناڪامين کي منھن ڏيڻو پيو. ڪومنتانگ سان وحشياڻي جنگ ۽ لانگ مارچ جي تڪليفن کان پوءِ مائوزيتنگ پارٽيءَ جي اڳواڻي سنڀالي ورتي ۽ ڊگهي ويڙهاند کان پوءِ چين تي قبضو ڪري ورتو. ڪميونسٽ پارٽي ’چيانگ ڪائي شيڪ‘ جي فوج جو بھادريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ جپان جي جارحيت جو پڻ دليريءَ سان مقابلو ڪيو.

ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر ٿيڻ لاءِ ڪنھن به بالغ شھري، جنھن جي عمر ارڙهن سال آهي، باضابطه طور تي درخواست ڏيندو آهي، جنھن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اها رد يا قبول ڪئي ويندي آهي، پارٽيءَ جو ميمبر بنجڻ جي لاءِ تعليمي پيشه وراڻي قابليت جي به هڪ ڪوٽا هوندي آهي، درخواست جي منظوري ملڻ جي صورت ۾ پارٽي جو ميمبر بنجڻ وارو هڪ حلف کڻندو آهي. شروعاتي طور تي پارٽي ميمبر هڪ سال جي لاءِ پروبشن تي هوندو آهي. ان دوران هو نه ووٽ ڏيئي سگهندو آهي ۽ نه ئي ڪنھن چونڊ ۾ حصو وٺي سگهندو آهي. هڪ سال کان پوءِ هو ووٽ ڏيڻ ۽ چونڊن ۾ بيھڻ جو اهل هوندو آهي. چين جي هاڻوڪي صدر ۽ ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ’شي چن پنگ‘ ڏهه ڀيرا ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ پارٽي جو ميمبر بنجي سگهيو.
پارٽي جي ميمبرن جي تربيت جو به باقاعده بندوبست هوندو آهي، پارٽي قاعدن موجب هڪ ميمبر کي پارٽي جو وفادار، نظم ۽ ضبط جو پابند رهڻون پوندو آهي. پارٽي ميمبر پارٽيءَ جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ ڪنھن بحث هيٺ مسئلي تي کليل نموني خيالن جو اظھار به ڪري سگهي ٿو. واسطيدار پارٽي دستاويز پڙهي سگهي ٿو. پارٽي جي ڪنھن به پاليسيءَ يا پارٽي ميمبر تي منطقي تنقيد به ڪري سگهي ٿو. ان حدتائين جو ڪنھن سينيئر اڳواڻ سان پڻ. ڪميونسٽ پارٽي جو اعلي سطحي ادارو نيشنل پيپلز ڪانگريس آهي. جنھن جي ميمبرن جو تعداد 2980 آهي، جنھن جو هر پنجن سالن کان پوءِ اجلاس ٿيندو آهي، جنھن ۾ اهم نوعيتن جا فيصلا ڪيا ويندا آهن. ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جا 205 ميمبر آهن. جڏهن ته 171 متبادل ميمبر آهن، جن جو هر سال کان پوءِ اجلاس ٿئي ٿو.
ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبرن جو تعداد 25 آهي، جن جي هر مھيني گڏجاڻي ٿيندي آهي، پولٽ بيورو جي اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي پنجن کان نون ميمبرن جي هر هفتي گڏجاڻي ٿيندي آهي، پارٽي جو سڀ کان وڏو ۽ اهم عھدو سيڪريٽري جنرل جو هوندو آهي. اڄ ڪلهه ’شي چن پنگ‘ سيڪريٽري جنرل آهي، جيڪو چين جو صدر ۽ سينٽرل ملٽري ڪميشن جو چيئرمن به آهي.
ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اسڪول وڏي اهميت جو حامل آهي، جنھن ۾ چين جا اڳواڻ تيار ڪيا ويندا آهن. سندن تربيت ڪئي ويندي آهي، کين ٽاسڪ ڏنا ويندا آهن ۽ سندن صلاحيتن کي نکاريو ويندو آهي. انهن اسڪولن جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته چين جون ڪيتريون ئي نالي واريون شخصيتون، جن ۾ هاڻوڪو صدر شي چن پنگ ۽ اڳوڻي صدر هوجنتائو کان سواءِ ڪيترائي مرڪزي اڳواڻ پارٽي اسڪولن جا سربراهه رهي چڪا آهن.
چين جي ڪميونسٽ پارٽي مشاورت ۽ اجتماعي قيادت جي اصول تي عمل ڪندي حالتن موجب پنھنجي حڪمت عملي تبديل ڪئي. جمود ۽ تقليد جي بدران ارتقائي سوچ تي عمل ڪيو ۽ چين جا دروازا پرڏيھي سيڙپڪاري لاءِ کولي ڇڏيا ۽ بقاءِ باهمي ۽ گڏيل ترقيءَ جي اصولن تي عمل ڪندي چين جي گروٿ ۾ واڌارو ڪيو ۽ ٻين ملڪن جي ترقي لاءِ به موقعا فراهم ڪيا. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سؤ سالن جي تاريخ ۾ عظيم ليڊر مائوزيتنگ، چواين لائي، ڊينگ زيائوپنگ، جيان زمن، هوجنتائو، چن ين، ليوشائوچي، شي چن پنگ ۽ ٻيا انقلابي اڳواڻ روشن ستارن وانگر چمڪي رهيا آهن.

چيني عوام پنھنجي تاريخ ۾ ڏکن، تڪليفن ۽ مصيبتن کي مڙس ماڻهو ٿي منھن ڏنو ۽ انقلاب کان پوءِ هڪ صديءَ جي اندر چين جي عوام ۽ قوم دنيا جي قومن ۾ شاندار ۽ باوقار مقام حاصل ڪيو آهي. ان مقام تائين پھچڻ لاءِ چيني قوم وڏا لڪَ لنگهيا آهن. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي عظيم قيادت جي اڳواڻي ۾ ۽ چيني قوم جي سھڪار سان امپيريلزم، جاگيرداريت ۽ بيورو ڪريٽڪ ڪيپيٽل ازم جا پھاڙ عبور ڪيا. پاڻ ڀرائپ جي اصول تي عمل ڪندي چيني عوام سگهاري قوم بنجي اڀري. چين جي عوام کي اها اهم ڪاميابي جاگيرداريت جي مڪمل خاتمي ۽ سوشلسٽ نظام جي ڪري ملي.
ثقافتي انقلاب کان پوءِ ڊسيپلين انسپيڪشن ڪميشن ۽ پارٽي اسڪول جي اهميت ۾ واڌارو ٿيو. ڊسيپلين انسپيڪشن ڪميشن پارٽي ۽ حڪومت ۾ نظم ۽ ضبط کي يقيني بنائي ٿي. جڏهن ته پارٽي اسڪول ۾ ڪيڊر جي تربيت ڪئي وڃي ٿي، جيڪي رياست جون مختلف ذميواريون سنڀاليندا آهن، اهي ٻيئي شاخون پارٽي ۽ حڪومت جي بنيادي اصولن موجب هلائڻ جون ذميوار آهن. ڪرپشن تي نظر ٿي رکي، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بنائي ٿي.
سينٽرل ملٽري افيئرز ڪميشن اعلي ادارو آهي، جنھن جي وسيلي چين جي ’پيپلز آرمي‘ کي پارٽيءَ جي تابع رکيو وڃي ٿو. سينٽرل ملٽري ڪميشن دفاع واري وزارت کان به وڌيڪ سگهارو ۽ بااختيار ادارو آهي. اهو ادارو پيپلز آرميءَ جي پاليسين جي جوڙجڪ ڪري ٿو. ملٽري آپريشن جو ڪنٽرول ۽ ڪمانڊ به سينٽرل ڪميشن جي اختيارن جي دائري ۾ آهي. حقيقت اها آهي ته ’پيپلز آرمي‘ رياست جي بدران ’سينٽرل ڪميشن‘ جي اڳيان جوابدار آهي. سينٽرل ملٽري ڪميشن جي ڪمانڊ مائوزي تنگ، ڊينگ زيائوپنگ، هواڪوفنگ، جيانگ زمن وٽ رهي آهي. هينئر ’شي چن ينگ‘ ان ڪميشن جو سربراهه آهي.
چين جي ڪميونسٽ پارٽي ’جمھوري مرڪزيت‘ جي اصول تي عمل ڪري ٿي. چين جي مختلف ادارن ۾ پارٽيءَ جي اهميت کي محسوس ڪيو ويندو آهي. پارٽي چين جي پارليامينٽ ۽ انتظاميه کي ڪنٽرول ڪندي آهي ۽ قوم جي سماجي ۽ اخلاقي قدرن تي ڪڙي نظر رکندي آهي. پارٽيءَ جي اهميت ۽ مرڪزيت کي گهٽائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بنايو ويو. مائوزيتنگ جي ثقافتي انقلاب، ڪميونسٽ پارٽي جي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول کي متاثر ڪيو، جيڪو هوريان هوريان درست ڪيو ويو ۽ پارٽي جي ’جمھوري مرڪزيت‘ جو تسلسل برقرار رهيو. ثقافتي انقلاب جي ناڪامي کان پوءِ عوام جي حاڪميت ۽ اڳواڻ جي پارٽي جي بنيادي انقلابي اصولن سان وابستگي کي لازمي قرار ڏنو ويو، ته جيئن ڪوبه ليڊر مھم جوئي ڪري نه سگهي.
چين جي ڪميونسٽ پارٽي هڪ اهڙي جماعت آهي، جنھن جي ايجنڊا عوام جي خدمت آهي. هن انقلابي پارٽيءَ جي اڳواڻن جا ذاتي مفاد نه آهن، پر سڀ عوام جي گڏيل مفاد لاءِ ڪم ڪن ٿا. چين جي سڀني قوميتن جا ماڻهو ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل آهن. ڇو ته اها قومي سياسي پارٽي بنا ڪنھن فرق ۽ متڀيد جي عوام جي اجتماعي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ جدوجھد ڪري ٿي.
___________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي



