Editor's pickMain Slideاولھ ايشيا

اسرائيلي بم بارود حملن جي باھ ۾ سڙندڙ لبنان ۽ دنيا جي جوابن جا منتظر سوال

اهي ڪي الڳ ٿلڳ واقعا يا الميا ناهن. اهي تشدد جي ان وسيع سلسلي جو حصو آهن جنهن ڏهاڪن کان لبنان جي زندگيءَ کي تباهي ۽ ناپائيدار امن جي چڪرن ۾ ڦاسائي رکيو آهي. هر دفعي اهي حملا پنهنجي پويان گهرا جسماني، معاشي ۽ نفسياتي زخم ڇڏي وڃن ٿا، جڏهن ته اصل معاملا حل ٿيڻ کان رهجي وڃن ٿا.

ڏهاڪن کان، اسان روزاني بمباري، بي گهر ٿيڻ ۽ پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن جي تباهي ان بي رحم دشمن هٿان برداشت ڪئي آهي جيڪو نه ڪنهن بين الاقوامي قانون کي مڃي ٿو ۽ نه ئي انسانيت جي اصولن کي.

اسرائيل ھڪ ڏينھن ڏهن منٽن جي وقفي ۾، 90 کان وڌيڪ جهازن بيروت، ڏکڻ، جبلن ۽ بقاع واديءَ ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ھوائي حملا ڪيا. 357 مارجي ويا، 1,232 زخمي ٿيا. گذريل مهيني دوران، ٻڌايل انگن اکرن مطابق مارجي ويلن جو تعداد 3,000 کان وڌي ويو آهي ۽ 7,000 زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڏهن لکن کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن.

دنيا ۾ مشھور لبنان جي خوصورت شھر بيروت جو تازو ڏيک

ليکڪا: گھينا حالڪ

بيروت: انگ اکر بلڪل واضح آهن: 357 مارجي ويا، 1,232 زخمي ٿيا. پر انگ اکر، چاهي ڪيترائي وڏا ڇو نه هجن، گهڻو ڪجهه لڪائين ٿا. اهي زندگين کي رڳو ڊيٽا جي نقطن ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا، ۽ انهن جي پويان انسانن کي—ٻارن، والدين، پيشي ور ماڻهن ۽ پاڙيسرين کي لڪائي ڇڏين ٿا، جن جون مستقبل جون اميدون چند منٽن ۾ ختم ٿي ويون.

گذريل هفتي، لبنان پنهنجي تازي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ موتمار ڏينهن مان هڪ ڏٺو. رڳو ڏهن منٽن جي وقفي ۾، 90 کان وڌيڪ جهازن بيروت، ڏکڻ، جبلن ۽ بقاع واديءَ ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ھوائي حملا ڪيا. بچي ويل ماڻهو باهه ۽ ڌماڪن سان ڀريل منظر بيان ڪن ٿا: بنا ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي بم گولا وسايا ويا، عمارتون ڊهي رهيون هيون، دونهون ڏينهن جي روشنيءَ کي اونداهيءَ ۾ بدلائي رهيو هو، ۽ سڄا سڄا پاڙا ملبي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا.

انهن حملن جي پيماني ۽ هڪ ئي وقت ٿيندڙ ڪارروائيءَ هر شيءِ کي ناس ڪري ڇڏيو. نه رڳو گهرن ۽ رستن کي، پر ملڪ جي اڳ ئي ڪمزور هنگامي امداد جي نظام کي پڻ. اسپتالن کي زخمين جي وڏي انگ کي سنڀالڻ ۾ سخت مشڪلات پيش آيون. امدادي ڪارڪن محدود اوزارن سان ملبي مان ماڻهو ڪڍڻ لاءِ وقت سان مقابلو ڪري رهيا هئا، جيڪو وقت اڳ ئي هٿن مان نڪري رهيو هو.

هن پَل کي جيڪا شيءِ وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ بڻائي ٿي، اها ان وقت جي چونڊ هئي. هي حملا ان وقت ٿيا جڏهن جنگبنديءَ لاءِ سفارتي تحرڪ جي خبرن کانپوءِ اها اميد پيدا ٿي هئي ته شايد شدت ۾ ڪمي اچي. ڪيترن ئي لبنانين لاءِ، اها اميد اوچتو ان احساس ۾ بدلجي وئي ته تشدد ڪنهن به وقت، سياسي اشارن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ، وڌي سگهي ٿو.

زميني حالتن جا احوال وڏي پيماني تي شهرين جي نقصان جي نشاندهي ڪن ٿا. رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو. خاندانن کي انهن جي گهرن ۾ ئي دفن ڪيو ويو. ڪجهه حالتن ۾ ته سڄا سڄا گهراڻا ختم ٿي ويا. تازن حملن ۾ مارجي ويلن ۾ پيرا ميڊيڪل عملو، صحافي ۽ بين الاقوامي امن فوج جا دستا پڻ شامل آهن جنهن فوجي آپريشن جي طريقي ۽ دائري بابت وڌيڪ ڳڻتيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن.

انهن لاءِ جن اهو ڏينهن پنهنجي اکين سان ڏٺو، اهو تجربو بيان کان ٻاهر آهي. جڏهن بمباري شروع ٿي ته مان ڪم تي وڃي رهي هيس. ڪجهه ئي لمحن ۾، روزاني جي معمول جي جاءِ خوفناڪ ٺڪائن والاري ورتي: ڪهڙي پاسي وڃجي، ڪنهن کي فون ڪجي، ۽ پنهنجي گهر وارن تائين ڪيئن پهچجي جن جي سلامتيءَ جي ڪا پڪ نه هئي.

ڌماڪن ۾ منهنجي آفيس کي به نقصان پهتو. منهنجي چوڌاري، واقف شهر اڻ واقف بڻجي ويو. رستا خالي ٿي ويا، تاريخي نشانيون مٽجي ويون، ۽ زندگيءَ جي عام لهر اوچتو بيهي وئي.

سڄي لبنان ۾ اهڙيون ئي ڪهاڻيون پکڙيل آهن. هڪ دڪاندار جيڪو ڪڏهن زندگيءَ جي خوشين کي گلن سان ملهائيندو هو، هاڻي کنڊرن ۾ پنھنجي پيارن کي ڳولي رهيو آهي. هڪ پيءُ جيڪو گهر مان ڪنهن ڪم سان نڪتو هو، واپس نه موٽيو. خاندان پنهنجي گم ٿيل مائٽن جي خبرن جو انتظار ڪري رهيا آهن، ڪجهه ان اميد ۾ ته شايد اهي بچي ويا هجن، ۽ ڪجهه انهن جي وڇوڙي جي تصديق جي انتظار ۾ آهن.

اهي ڪي الڳ ٿلڳ واقعا يا الميا ناهن. اهي تشدد جي ان وسيع سلسلي جو حصو آهن جنهن ڏهاڪن کان لبنان جي زندگيءَ کي تباهي ۽ ناپائيدار امن جي چڪرن ۾ ڦاسائي رکيو آهي. هر دفعي اهي حملا پنهنجي پويان گهرا جسماني، معاشي ۽ نفسياتي زخم ڇڏي وڃن ٿا، جڏهن ته اصل معاملا اڻ حل ٿيل رهجي وڃن ٿا.

رڳو گذريل مهيني دوران، ٻڌايل انگن اکرن مطابق مارجي ويلن جو تعداد 3,000 کان وڌي ويو آهي ۽ 7,000 زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڏهن لکن کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. اهي انگ اکر نه رڳو موجوده شدت کي ظاهر ڪن ٿا، پر ان جي مجموعي اثرن جي به نشاندهي ڪن ٿا: استحڪام جو خاتمو، برادرين جو ٽٽڻ، ۽ وڏي پيماني تي ٿيندڙ انساني تڪليفن کي معمول بڻائڻ.

پر بنيادي سوال، فوري تباهي کان اڳتي آهن. اهي سوال جوابدهي ۽ عام شهرين جي تحفظ بابت آهن. هي اُهي اصول آهن جن کي جنگ جي دوران لاڳو ٿيڻ گهرجي ها، پر عملي طور تي انهن کي بار بار ٽوڙيو وڃي ٿو. جڏهن سڄا پاڙا تباهه ڪيا وڃن ۽ شهرين جا لاش وڌي وڃن، ته پوءِ لکيل قانونن ۽ تلخ حقيقتن جي وچ ۾ موجود خال کي نظرانداز ڪرڻ ناممڪن ٿي پوي ٿو.

ڏهاڪن کان، اسان روزاني بمباري، بي گهر ٿيڻ ۽ پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن جي تباهي ان بي رحم دشمن هٿان برداشت ڪئي آهي جيڪو نه ڪنهن بين الاقوامي قانون کي مڃي ٿو ۽ نه ئي انسانيت جي اصولن کي.

پنهنجي سلامتي ۽ پنهنجي ماڻهن جي تحفظ جي بهاني، هي دشمن، قومن کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. وقت بوقت امن جي ڳالهه به ٿئي ٿي، پر لبنان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ اهي لفظ روزاني جي تجربي کان ڪوهين ڏور آهن. اهو امن ڪٿي آهي جڏهن اسرائيل اڄ به لبنان کي تباهه ڪرڻ، ان تي قبضو ڪرڻ ۽ ان جي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ويٺو آهي؟

انگن اکرن ۾ اضافو ٿيندو رهندو. سوال اهو آهي ته ڇا ان کان علاوه ڪجهه ٻيو به تبديل ٿيندو؟ جيڪا شيءِ اڄ به يقيني آهي، اها آهي “غير يقيني صورتحال”: ته ڇا ايندڙ حملو ٿيندو، ڇا بچاءُ لاءِ وقت ملندو، ۽ ڇا زنده رهڻ رڳو اتفاق جي ڳالهه آهي؟

لبنان جو هي “ڪارو ڏينهن” رڳو مري ويلن جي انگ جي ڪري ياد نه رکيو ويندو. پر اهو ان ڪري ياد رکيو ويندو ته هن شهرين جي بي وسي، بين الاقوامي ردعمل جي محدود حدن، ۽ هڪ اهڙي جهيڙي جي تسلسل کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي قيمت، بار بار، انساني جانين جي صورت ۾ چڪائي پئي وڃي.

______________

گھينا حالڪ بيروت ۾ رھندڙ صحافڻ آھي.

ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري The AsiaN جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button