آمريڪا-ايران ڳالهيون: ٻنھي ڌُرين کي پنھنجي عوام کي ڏيکارڻ لاءِ فتح گھرجي
هڪ ذريعي جو چوڻ آهي ته ٻنھي ڌرين کي پنهنجي عوام کي مطمئن ڪرڻ لاءِ اهڙي ‘وقار بچائيندڙ‘ (Face-saving) رستي جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان اھڙو ڪو رستو ڳولڻ جي ڪوشش ۾ آھي
ٻنهي ڌرين کي پنهنجي عوام کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ ‘فتح’ گهرجي، ۽ اها ئي ڳالھ هن تڪرار کي حل ڪرڻ ۾ بنيادي رڪاوٽ آهي. جيڪڏهن آمريڪا گهربل ايٽمي معاهدي کان سواءِ ٻاهر نڪري ٿو، ته ٽرمپ جي نه صرف بچيل مقبوليت ختم ٿي ويندي پر آمريڪا جي واحد سپر پاور هجڻ واري تاثر کي به نقصان پهچندو.”

عامر لطيف | ڪراچي، سنڌ
پاڪستان وچ اوڀر ۾ جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا-ايران معاهدي بابت پراميد آهي ۽ هڪ ڪاميابي جي توقع رکي ٿو. ٽياڪُڙيءَ جي عمل سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ذريعن موجب، پاڪستاني اختياريون هڪ اهڙو “وقار بچائيندڙ” رستو ڳولڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن جنهن کي ٻئي ڌريون پنهنجي سوڀ طور پيش ڪري سگهن.
پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ بريفنگ دوران چيو ته “اسان کي جلد کان جلد معاهدي جي اميد آهي.”
ايران هن وقت آمريڪا جي امن تجويز جو جائزو وٺي رهيو آهي. اپريل جي شروعات ۾ اسلام آباد جي ٽياڪُڙيءَ سان ٿيل جنگ بندي جي خاتمي جو اعلان ڪنهن به ڌر ناهي ڪيو، جيتوڻيڪ هرمز جي سوڙھي لنگھ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي هئي، جيڪا اڃا تائين گهڻي حد تائين بند آهي.
ذريعن تُرڪيءَ جي خابرو اداري ’انادولو‘ کي ٻڌايو ته جنگ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ “عارضي” معاهدي جي مختلف نسخن تي خيالن جي ڏي وٺ جاري آهي، “پر اڃا تائين ڪجهه به حتمي ناهي ٿيو.”
ذريعن موجب، اسلام آباد کي اها توقع آهي ته واشنگٽن ۽ تهران 14-15 مئي تي ٽرمپ جي چين جي دوري کان اڳ هڪ شروعاتي مفاهمت تي پهچي ويندا، جنهن سان وڌيڪ تفصيلي ڳالهين لاءِ هڪ فريم ورڪ تيار ٿي سگهندو.
هڪ ذريعي جو چوڻ آهي ته “اسلام آباد ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ٻنهي ڌرين کي اهم معاملن تي ’ڏيو ۽ وٺو‘ (Give-and-take) لاءِ قائل ڪري ته جيئن تڪرار حل ٿي سگهي، ڇو ته ٻنهي ڌرين کي پنهنجي عوام کي مطمئن ڪرڻ لاءِ وقار بچائيندڙ رستي جي ضرورت آهي. پر مسئلو اهو آهي ته جيڪو هڪ کي وڻي ٿو، اهو ٻئي لاءِ موزون ناهي.”
ذريعن موجب، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اڪثر مسئلا حل ٿي چڪا آهن، پر ايران جي ايٽمي پروگرام بابت اتفاقِ راءِ اڃا تائين هڪ وڏي رڪاوٽ آهي. هڪ ذريعي ٻڌايو ته “ٻئي ڌريون هن معاملي تي جهڪڻ لاءِ تيار ناهن.”
اندروني ذريعن جو چوڻ آهي ته هن عارضي انتظام جو مقصد ٻيهر جنگ کي روڪڻ ۽ هرمز جي سوڙھي لنگھ ذريعي جهازن جي آمد و رفت لاءِ محفوظ رستو يقيني بڻائڻ آهي. گذريل مهيني ايران اها تجويز ڏني هئي ته جنگ بندي کي مستقل بڻايو وڃي ۽ ايٽمي معاملي کي بعد ۾ ڏٺو وڃي، پر آمريڪا اها تجويز رد ڪري ڇڏي هئي.
‘براہ راست ڳالهيون ڪاميابي ڏياري سگهن ٿيون‘
ايٽمي معاملي جي رڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي، جن ۾ ٽينءَ ڌر پاران نگراني، اعليٰ سطح جي يورينيم جي تياريءَ تي 5 کان 10 سالن تائين پابندي، ۽ تياريءَ جي سطح کي محدود ڪرڻ شامل آهن.
ذريعن موجب، پاڪستان کي هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ آمريڪي تجويز تي ايران جي جواب جي اميد آهي، جنهن ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ايٽمي معاملي کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
ٽرمپ هن وقت سڌيءَ ريت ڳالهين جي هڪ ٻئي دور کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پر هڪ ذريعي جو چوڻ آهي ته صرف ٽينءَ ڌر جي ٽياڪُڙي ڪافي ناهي. “مسئلي جي پيچيدگي ۽ نوعيت کي ڏسندي، صرف ٽينءَ ڌر ذريعي پيغام پهچائڻ ڪافي ناهي. پاڪستان کي يقين آهي ته جيڪڏهن ٻئي ڌريون گڏجي ويهن ۽ سڌي ريت ڳالهيون ڪن ته ڪاميابي ملي سگهي ٿي.”
پاڪستان 11 اپريل تي واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ ڳالهين جي پهرين دور جي ميزباني ڪئي هئي، پر ڪو معاهدو نه ٿي سگهيو هو. اهي ڳالهيون 8 اپريل تي پاڪستان پاران ڪرايل ٻن هفتن جي جنگ بندي کانپوءِ ٿيون هيون، جنهن کي بعد ۾ سفارتڪاريءَ لاءِ اڻڄاتل مدت تائين وڌايو ويو هو.
‘ٻنهي ڌرين کي سوڀ جي ضرورت آهي‘
جتي وچون رستو ڳولڻ هڪ چئلينج آهي، اتي ڌمڪيون، تبصرا ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا تي سوڀ جون دعوائون به ڪم ۾ رڪاوٽ بڻيون آهن.
آمريڪا ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير مسعود خان موجب، ٻنهي ڌرين کي نه صرف “سخت ضرورت” جي بنياد تي پر هڪ “حتمي رستو” گهرجي، ڇو ته هيءَ جنگ ٻنهي لاءِ تباهه ڪندڙ رهي آهي.
مسعود خان ’انادولو‘ کي ٻڌايو ته “بنيادي سبب صرف شهرين کي خوش ڪرڻ ناهي پر پنهنجي اهم قومي مفادن جي حفاظت ڪرڻ آهي.” هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ڌرين انتهائي سخت موقف اختيار ڪيا آهن.
هن چيو ته ٻنهي طرفن کان سخت بيان بازي جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي، جيڪو گهڻو ڪري گهريلو سياسي اشارن ۽ ڳالهين ۾ دٻاءُ وڌائڻ لاءِ هوندو، پر ٻئي حڪومتون سفارتڪاريءَ کي “سنجيدگي ۽ طريقي سان” اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم نظر اچن ٿيون.
بين الاقوامي لاڳاپن جي ماهر شازيه انور چيمه جو چوڻ آهي ته پاڪستان هڪ ثالث طور مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي ڇو ته ٻئي ڌريون پنهنجي موقف تي اڙيل آهن.
شازيه چيمه چيو ته “ٻنهي ڌرين کي پنهنجي عوام کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ ‘فتح’ گهرجي، ۽ اها ئي ڳالھ هن تڪرار کي حل ڪرڻ ۾ بنيادي رڪاوٽ آهي. جيڪڏهن آمريڪا گهربل ايٽمي معاهدي کان سواءِ ٻاهر نڪري ٿو، ته ٽرمپ جي نه صرف بچيل مقبوليت ختم ٿي ويندي پر آمريڪا جي واحد سپر پاور هجڻ واري تاثر کي به نقصان پهچندو.”
هن وڌيڪ چيو ته “اهڙي طرح، جيڪڏهن ايران ايٽمي معاملي ۽ هرمز جي سوڙھي لنگھ تي مڪمل طور تي آمريڪي مطالبن آڏو جهڪي ٿو، ته ان کي شڪست تصور ڪيو ويندو.”
_________________
عامر لطيف ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر صحافي ۽ تُرڪيءَ جا خابرو اداري انادولو جو عيوضي آھي
انادولو Anadolu Agency جي ٿورن سان



