Editor's pickMain Slideڪالم

احساساتي لکڻيون ۽ عقل جي سائنسي اھميت

عقل ۽ سائنس, احساس جا مخالف ناهن. انسان جا فيصلا احساس ۽ سوچ ٻنهي جي گڏيل اثر هيٺ ٿين ٿا. ڪيترين حالتن ۾ جذبات انسان کي ڄاڻ ڏين ٿا، پر جيڪڏهن اھي تمام شديد هجن ته ڌيان ۽ فيصلا متاثر به ٿين ٿا. تنهنڪري بهتر اصول هيء آهي ته, احساس کي دٻائڻ نه، پر سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آهي.

حميد منگي

“احساس” عربي ٻوليءَ جي لفظ “حس” مان ورتل آهي، جنهنجي معنيٰ آھي ڪنهن ڳالهه، حالت يا واقعي کي اندر جي اک سان ڏسڻ، ڪنهن به ڪيفيت کي محسوس ڪرڻ ۽ ذهن سان ڄاڻڻ يا جاچڻ. جڏھن ڪو ماڻھو ڪجھ محسوس ڪندو، تڏھن منجھس احساس پيدا ٿيندو. احساس ٻڌائي ٿو ته انسان کي اندر کان ڪيئن محسوس ڪبو آهي. ھتي ھڪ ننڍڙو جملو استعمال ڪجي ٿو “فلاڻي ھنڌ جھيڙو ٿيو, جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو مري ويا ۽ ڪجهه ڦٽجي پيا آهن“ ان جملي مان ھڪ ته ڄاڻ ملي ٿي يعني ڪٿي ڪو وڏو واقعو ٿيو آهي، ٻيو ته ان مان ھڪ ڏکائتو احساس اڀري ٿو, ڪجهه جانيون وقت کان اڳ وڇڙي ويون ۽ ڪجهه اپاھج ٿي ٻين جون محتاج ٿي پيون آهن.

انسان ٻين ساھوارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سياڻو ساھوارو آهي، تنهن ڪري اھڙن احساسن جو اظهار انجي زباني جملن، عملي قدمن ۽ لکڻين مان ملندو رهيو آهي. جيڪا حساسيت انجي لکڻين مان ملي ٿي, ان کي “احساساتي لکڻي” چئبو آهي. احساسن تي مبني لکڻي اها هوندي آهي, جنهن ۾ ليکڪ ڪنهن واقعي يا حادثي متعلق ٻين جي تڪليفن کي محسوس ڪندي پنهنجين اندروني ڪيفيتن ۽ تجربن کي لفظن جي صورت ڏئي پڙهندڙن تائين پهچائي. اهڙي لکڻيءَ ذريعي پڙهندڙن جي ذهنن کي ڇُهڻ, انساني خوشين ۽ آزادين جي خواهش کي بهتر مستقبل جي اميد بڻائڻ جي به ڪوشش ڪندو آهي. رڳو ايترو نه پر احساساتي لکڻين ۾ لکاري, انسانن جي اندر ۾ جھاتي پائي, انهن جي سوچن ۽ ڪيفيتن ۾ پنهنجا تجربا شامل ڪري پڙهندڙن آڏو پيش به ڪندو آهي.

سٺين احساساتي لکڻين جون, ڪجهه وڌيڪ خاصيتون ھي به ٿين ٿيون، ليکڪ پنهنجين لکڻين ۾ سچائي, گهرائي ۽ حقيقتون اوتي, ڪنهن به واقعي کي ڪا معنيٰ ڏيندو, لفظن سان منظر ڪشي ڪندو يا ذھني ڪيفيتون محسوس ڪندي, پڙهندڙن کي سمجهائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. جن لکڻين ۾ ھو فڪر, سوال, سوچن ۽ احساسن سان گڏ اعتدال به شامل ڪندو آهي ته, اھي لکڻيون امر ٿي وينديون آهن. ڇو ته حد کان وڌيڪ جذباتي جملا ۽ بيان لکڻين کي ڪمزور ڪن ٿا. ليکڪ جيڪڏهن انھيءَ لکت ۾ امن, انصاف, انساني مستقبل بابت فڪر به شامل ڪندو آهي ته، اهڙي لکڻي رڳو دليل ناهي رهندي, اھا پڙهندڙ جي ذھن ۾ صدين تائين ياد بڻجي ويندي آهي جنهن جو ھڪ مثال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري آهي. جنهنجا اڪثر شعر موجوده حالتن تي به ٺھڪي اچن ٿا.

“ڪاش دنيا مان جھيڙا ختم ٿي وڃن“ اميدن سان ڀريل ھي جملو پنهنجي اندر ۾ ھڪ وڏو درد لڪائي ويٺل آهي, ھن جملي کي موضوع بڻائي, ڪو لکاري وڌيڪ لفظي ويس پارائي, الائي ته ڪيترن پڙھندڙن جا احساساتي جذبا جاڳائي سگھي ٿو. ڇو ته ھر ويڙھ, ويڙھن جا ويڙھا ويران ڪري ڇڏيا آهن, ڪيترن ڪنٽبن کان سالن پڄاڻان پنهنجا گهر, گهرڀاتي ۽ وطن وسري ناهن سگهيا. احساساتي لکڻين کي وڌيڪ گهري نظر سان ڏسنداسين ته اهي رڳو جذبات نه، پر انساني ذهنن، تجربن ۽ سماجي شعور جو به گڏيل اظهار ھوندا آھن. پر انهيءَ ڳالهه جو افسوس به رھيو آهي, اڪثر پڙھندڙ اھڙين لکڻين مان فائدن ۽ نقصانن کي سمجهڻ جي ضرورت محسوس ناھن ڪندا. تنهنڪري اھي سدائين احساساتي لفظن ۽ جملن ۾ ڦاٿل رھندا آھن. پاڻ ھاڻي جڏهن ھن موضوع تي لکون ٿا ته, انجي فائدن ۽ نقصانن کي جاچي پوء ئي اڳتي وڌنداسين. اچو ته اڳ ۾ ان جي فائدن کي پڙھون.

اھڙيون لکين لکڻيون جن ۾ انصافن جا آسرا, حقيقن جا احوال ۽ دردن جا درياھ سمايل ھوندا آهن, پڙهندڙن تائين پهچي کانئن فيصلا ڪرائي, ذهني زخمن تي مرھم پٽيون رکندا آهن. ڇو ته احساساتي الفاظ سوچن کي ڇهي جڏهن ڪنهن غريب، مظلوم، متاثر ماڻهن يا بي سهارا ٻارن, ٻڍن جون حالتون بيان ڪن ٿا ته, پاڙهو انھن جون پاڙون پڪڙي حلن ڏانهن وڌن ٿا. احساساتي لکڻين جو ٻيو فائدو اھو به آھي ته, اهي لکڻيون ماڻهن ۾ ھڪٻئي لاءِ همدرديون پيدا ڪرڻ سميت ڪٺور دلين کي نرم ڪن ٿيون جنهن سان ماڻھن جي اندروني ۽ ظاهري حالتن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. مثال طور ليکڪ ڪنهن خاص واقعي بابت رڳو اهو لکي ٿو ته ”ھڪڙي واقعي ۾ هزارن جي تعداد ۾ بي قصور متاثر ٿيا“ ته ان لکڻيء ۾ ماڻهن جي وڇوڙن، بربادين ۽ مستقبل جي پريشانين بابت قصا گھڙجي وڃن ٿا.

احساساتي لکڻين جي ٻين فائدن جا تفصيل به جاچڻ جوڳا آهن, انهن جي پڙهڻ سان امن جا قدر مضبوط ٿين ٿا, محبتن، آزادين, برابرين ۽ ڀائيچارن جا خيال واڌ کائن ٿا, اھي لکڻيون سياسي, سماجي ۽ معاشرتي مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ ٿين ٿيون. جيڪي ماڻهو جن مسئلن کي معمول سمجهي ويھندا آهن, انھن آڏو به اھڙيون لکڻيون سامهون اينديون آهن ته, ھو انهن مسئلن تي ٻيهر سوچڻ تي مجبور ٿيندا آهن. ناانصافين, بيروزگارين, ڪرپشن, مختلف طبقن سان ٿيندڙ بي واجبين واريون لکڻيون, يادگيريءَ ۾ وڌيڪ عرصو جيئريون رهنديون آهن.

هڪ سٺي نموني ۾ لکيل احساساتي واقعو يا ٻڌل قصو, پڙهندڙن جي ذهن ۾ ڊگهي عرصي تائين رهجي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جي ذاتي ڪيفيت به ڄڻ لکڻيء سان ڳنڍجي وڃي ٿي. اھڙيون لکڻيون ليکڪ ۽ پڙهندڙن وچ ۾ تعلق پيدا ڪن ٿيون. ليکڪ جڏهن پنهنجا حقيقي احساس، تجربا, سوچون ايمانداري سان بيان ڪن ٿا ته, پڙهندڙ محسوس ڪري ٿو, ڄڻ ته ليکڪ ان جي اندروني دنيا کان واقف هجي. بھرحال اھڙيون لکتون پڙھندڙن ۽ ليکڪن وچ ۾ مضبوط تعلق جو سبب بڻجن ٿيون. احساساتي لکڻيون ماڻهن ۾ اميدون ۽ حوصلا به پيدا ڪن ٿيون, ڇو ته اھي رڳو صدمن ۽ تڪليفن کي بيان نه ٿيون ڪن پر خواهشن، جدوجهدن ۽ بهتر مستقبل جو خواب به پيدا ڪن ٿيون. اھي رڳو واقعن جون تباهيون ۽ مايوسيون بيان نه ٿيون ڪن پر, انھن مان اڻ ڳڻيون اميدون به پيدا ٿين ٿيون.

ھاڻي پاڻ اچون ٿا احساساتي لکڻين جي اُگرن يعني نقصانڪار نتيجن تي, جن کي اڪثر ليکڪ توڙي پڙھندڙ نظرانداز ڪري اڳتي وڌي ويندا آهن. جيتوڻيڪ احساس پاڻ نقصانڪار ناهن ھوندا پر, حقيقت کان ھٽي لکيل ڪا به لکڻي ماڻھن کي جذباتي بڻائڻ ۾ دير ناهي ڪندي. جذبات ڪڏهن به مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو, ڇو ته جذبو گهڻو ڪري دليل تي غالب اچي ٿو. ليکڪ جي موضوع سان تمام گهڻي جذباتي وابستگي رکڻ سبب به مخالفن جو نقطه نظر, انگ اکر ۽ حقيقتون نظرانداز ٿين ٿيون. ان ڪري لکڻ مھل احساس تمام ضروري آهي، پر انکي ھرگز دليل جو متبادل نه بڻائڻ گهرجي. احساساتي لکڻين ۾ مبالغي جو خطرو به پيدا ٿئي ٿو, ڪڏهن ڪڏھن ليکڪ پڙهندڙن تي وڌيڪ اثر وجهڻ لاءِ واقعي کي حقيقت کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ انداز ۾ پيش ڪري ٿو. اهڙيون لکڻيون ڪجهه وقت لاءِ ته اثرائتيون ٿين ٿيون، پر اڳتي هلي جڏهن اصل حقيقون ظاهر ٿين ٿيون, پڙھندڙ جو اعتبار گهٽجي ٿو.

اسان ڪڏھن ڪڏهن اھو به وساري ويھندا آھيون ته, اھڙين لکڻين سان جانبداري به پيدا ٿيندي آهي, ڇو ته احساساتي لکڻي ۾ ليکڪ پسنديده ڌر کي مڪمل طور درست ۽ مخالف ڌر کي غلط ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو, خاص ڪري تاريخ ۽ سياست بابت لکڻ وقت اهو خطرو وڌيڪ هوندو آهي. اھي لکڻيون ايتريون ته غلط فهميون پيدا ڪن ٿيون, جو انهن جو اثر سالن تائين قائم رھي ٿو. ھونئن به جيڪڏهن پڙهندڙن کي رڳو جذباتي واقعا ٻڌايا وڃن انھن جا پسمنظر، سبب ۽ حقيقتون نه ٻڌائجن ته پڙهندڙ غلط نتيجو ڪڍي سگهن ٿا. اھڙين لکڻين سان جذباتي استحصال جو امڪان به وڌي ٿو. جڏھن ته ڌر بڻجي لکڻ وارا سدائين احساساتي لکڻيءَ جي طاقت کي غلط مقصد لاءِ استعمال ڪندي, ڪنهن ماڻهو يا گروهه جي جذباتن کي ڀڙڪائي, پنهنجي مرضي ۽ منشا لاءِ استعمال ڪندا رھيا آهن. ان ڪري احساساتي ۽ جذباتن کي ڀڙڪائيندڙ لکڻين ۾ فرق رکڻ ضروري هجي ٿو. اھڙين لکڻين سان مسئلن جا حل نڪرڻ بدران, رڳو افسوس ئي رهجي وڃن ٿاـ

ڪجهه  احساساتي لکڻيون اڻپوريون اڌوريون ۽ کٽل به ھونديون آهن. مثال طور جن سماجن ۽ معاشرن ۾ تمام گهڻي غربت, مھانگائي, بي روزگاري, ناانصافيون, بي واجبيون ھونديون آهن. جتي بيوس ۽ مسڪين ماڻهو, تڪليفن ۾ ھوندا آهن. اتي اڻپوريون لکڻيون, احساس پيدا ڪري ختم ٿي وڃن ٿيون, جن سان مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌندا آهن. اصل ۾ ھر پڙھندڙ کي ڪابه لکڻي پڙهي, اھو ضرور پڇڻ ۽ سوچڻ گھرجي ته , غربت سميت ٻين سمورن سماجي مسئلن جا سبب ڪهڙا ۽ انھن کي گهٽائڻ لاءِ ڪهڙا اپاء وٺي سگهجن ٿا. پر ليکڪ جڏھن لکڻين جو پورائو ناھن ڪري سگهندا ته, اھي لکڻيون ٿوري ئي عرصي اندر پنهنجا اثر وڃائي ويھنديون آهن. ھتي اھو به ذڪر ڪندا ھلون ته, لڳاتار جذباتي لکڻي لکت کي ڪمزور ڪري ٿي. جيڪڏهن هر جملو تمام گهڻي درد، ڪاوڙ, جوش سان لکيو وڃي ٿو ته, ڪجهه وقت کانپوءِ پڙهندڙن تي ان جو اثر گهٽجي ٿو. دراصل احساس ۾ اعتدال شامل ڪبو ته, اھو لکڻيء سان گڏ ادب کي به  طاقت بخشيندو.

ھتي ٻه سوال ٻيا به پيدا ٿين ٿا ته, ڇا اسان جون اڪثر احساساتي لکڻيون جذبات وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ناھن ڪنديون رهيون؟ يا انهن ڪڏهن ايمانداراڻي واٽ ورتي آهي؟ اصل ۾ هڪ مضبوط احساساتي لکڻي, عام طور ٽن مختلف مرحلن مان گذري ٿي. ھڪ واقعو, ٻيو احساس ۽ ٽيون فڪر. مثال طور ڪنهن ھڪ واقعي سبب ڪو خاندان, پنهنجو گهر وڃائي ٿو, ان جي روزگار جا وسيلا تباهه ۽ برباد ٿين ٿا, کيس اتان لڏپلاڻ ڪرڻي پئجي وڃي ٿي ته, اھو واقعو وڇوڙي، خوف ۽ بيوسيءَ جو احساس ڏياري ٿوـ انسان غور ڪري ٿو, آخر اهڙو نظام ڇو نه ٿو ٺاهيو وڃي، جنهن ۾ اختلاف جھيڙن بدران ڳالهين سان حل ٿين. هتي لکڻي رڳو روئارڻ جي ڪوشش نٿي ڪري پر, سوچڻ تي به مجبور ڪري ٿي. تنهن ڪري بهترين لکڻي اھا چئبي, جيڪا نه رڳو ذهن سان لکيل هجي، پر احساساتي انداز ۾ حقيقت کي به شامل ڪري ۽ موضوع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حقيقت، تاريخ، دليل ۽ عملي سوچ به رکي. مختصر لفظن ۾ احساس لکڻيء کي دل ڏئي ٿو، عقل رستو ڏيکاري ٿو، دليل طاقت ۽ اعتبار ڏئي ٿو اصل ڳالهه اها به آهي ته, احساس کي فڪر، دليل ۽ حقيقت ۾ ايترو توازن رکيو وڃي جو, سچائي پڌري ٿي پئي.

ڪجھ ليکڪ احساساتي لکڻيون لکي انهن کي مذهبن, فرقن, نظرين, ذاتي ۽ ٻين مخصوص فڪرن سان ڳنڍڻ جون ڪوششون ڪندا آهن جن کي ”ڀٽڪائيندڙ لکڻيون“ چئبو ته ڪا اربع خطا نه ٿيندي. ڇو ته احساس کي انسان جي سوچ وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي, نه ڪي اٻوجهه ذهنن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ. ھتي هن جملي جو سڀ کان اهم حصو ھي به آهي ته, جيڪڏهن لکڻي جو مقصد اهو هجي ته منهنجو مذهب، منهنجي قوم، منهنجي پارٽي، منهنجو نظريو يا منهنجو گروهه ئي صحيح آهي ته لکڻي پڙهندڙ جي سڃاڻپ کي مضبوط ته ڪري سگهي ٿي، پر لازمي ناهي ته سندس سوچ جو دائرو به وسيع ڪري. ان جي ابتڙ سچ تي مبني لکڻيء جو مقصد اھو ھجڻ کپي ته اختلاف ضرور رکجن، پر حقيقت کي نه وسارجي. جيڪڏهن ٻن گروهن ۾ اختلاف هجن ته احساساتي پروپيگنڊا چئي سگهي ٿي اسان مظلوم آهيون، باقي سڀ دشمن آهن پر حقيقي فڪر پڇندو اسان سان ناانصافي ٿي آهي ته ان جي انصاف لاء بي قصورن سان به ناانصافي ٿيڻ ضروري آهي ڇا.

اصل ۾ پنهنجي حق سان گڏ ٻئي سان انصاف بابت به ضرور سوچجي. پاڻ موضوع کي سمجهڻ لاءِ ھتي هڪ عارضي اصول جوڙيون ٿا ته ڪا احساساتي لکڻي, چوي ته هي مسئلو ڏسو ان جا سبب سمجهو، دليل تي غور ڪريو ۽ پنهنجو نتيجو پاڻ ڪڍو ته, اها احساس کي شعور لاءِ استعمال ڪري ٿي پر جيڪڏهن لکڻي چوي ته توهان کي رڳو اهو مڃڻو آهي, جيڪو لکيو ويو آهي ان تي سوال ڪرڻ غلط آهي ته, اها احساس جھڙي عظيم جذبي کي ذهني غلامي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي ۽ پڙھندڙ ان وقت ڀٽڪي سگهن ٿا, جڏهن اھا لکڻي ڪنهن قوم, نظريي، مذهب، جماعت يا اڳواڻ سان ڳنڍجي وڃي ٿي. ڪن حالتن ۾ ته جذبو دليل جي جاءِ به وٺي ٿو. ھر ڳالهه تي جذباتي پيغام ماڻهن جي سوچن تي اثر وجهن ٿا. خوف، نفرت يا ڪاوڙ کي استعمال ڪري, مخالف کي دشمن بڻايو وڃي ٿو. ھن پيچيده مسئلي جو تمام سادو جواب ڏئي سگهجي ٿو. جيڪي لکاري سوال ڪرڻ يا اختلاف ڪرڻ کي غلط قرار ڏين ٿا, پنهنجي گروهه کي مڪمل درست ۽ ٻين کي غلط ڏيکارين ٿا, تاريخن يا حقيقتن جي مخصوص ٽڪڙن کي چونڊي چونڊي پيش ڪن ٿا, اهي لکڻي کي ادب يا فڪر کان ڦيرائي پروپيگنڊا جو روپ ڏين ٿا. هڪ فرق اھو به آهي ته, ڪو به نظريو يا مذهب پاڻ مسئلو ناهي ھوندو, پر ان سان لاڳاپيل لکڻيءَ جو طريقو مسئلا پيدا ڪري ٿو.

ليکڪ پنهنجي پسنديدھ فڪر تي احساساتي انداز ۾ لکي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو پنهنجي ڳالهه جا دليل ڏئي، تاريخي حقيقتون درست رکي، اختلاف ڪندڙ جو احترام ڪري، سوال ڪرڻ جي آزادي ڏئي ۽ پڻ پڙهندڙ کي به آزاد نتيجي تائين پهچڻ ڏئي، ته ان کي ڀٽڪائڻ نٿو چئي سگهجي. احساس انسان کي ڇهي ٿو، دليل انسان کي سوچڻ سيکاري ٿو. لکڻي ڪنهن کي خاص گروهه جو پيروڪار بڻائڻ بدران وڌيڪ انسان دوست بڻائي ته, اھا شاھڪار لکت ليکي ويندي. سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا لکڻي انسان کي سوال ڪرڻ، سوچڻ ۽ حقيقت ڳولھڻ کان روڪي ٿي، اها شعور وڌائڻ بدران انجي آزاديء کي محدود ڪري ٿي. انهيءَ لحاظ کان احساساتي لکڻي خطرناڪ تڏهن بڻجي ٿي، جڏهن احساس کي سچ جي جاچ بدران پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جو اوزار بڻايو وڃي ٿو. انھيء عمل پويان اهم فڪري اصول آهن, احساس انسان ۾ ردعمل پيدا ڪن ٿا، پر دليل ان ردعمل کي پرکڻ ۽ سمجهڻ جو رستو ڏئي ٿو. جيڪڏهن لکڻي ٻنهي کي گڏ ڪري ته اها پڙهندڙ کي رڳو متاثر نه پر باشعور به ڪري ٿي. انسان رڳو عقل سان زندگي نٿو گذاري, خوشيون، ڏک، محبتون، خوف، اميدون ۽ همدرديون به سندس فيصلا متاثر ڪن ٿيون.

ڪنهن به احساساتي لکڻيءَ کي پرکڻ لاءِ اهم سوال هي به آهي ته لکڻي پڙهڻ کانپوءِ سوچ وسيع ٿي يا جذبو وڌيڪ تيز ٿيو. جيڪڏهن لکڻي پڙهندڙ کي وڌيڪ سوال ڪرڻ، حقيقت ڳولھڻ، مختلف نقطه نظر سمجهڻ ۽ اختلاف برداشت ڪرڻ سيکاري ته اها شعور وڌائيندڙ لکڻي بڻجي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن اها رڳو نفرت ۽ خوف وڌائي ”اسان“ ۽ ”هو“ جي ديوار مضبوط ڪري، سوال ڪرڻ کان روڪي, ڪنهن کي بغير تحقيق جي صحيح يا مڪمل غلط ثابت ڪري، ته اها احساس جي ذريعي ذهني طور تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي.  سائنس جي نظر سان به احساس کي انسان جي دماغ، جسم ۽ ماحول جي وچ ۾ ٿيندڙ پيچيده عمل طور سمجهي سگهجي ٿو. سائنس احساسن کي رڳو ذهن جي ڳالهه نٿي سمجهي، ان جا حياتياتي، نفسياتي ۽ سماجي بنياد به ڳولھي ٿي. عام ٻوليءَ ۾ احساس مان مراد اندروني ڪيفيت آهي, مثال طور خوشي، ڏک، خوف، ڪاوڙ، همدردي يا اميد. سائنسي لحاظ کان اهي ڪيفيتون دماغ ۾ ٿيندڙ مختلف عملن، جسماني تبديلين ۽ انسان جي گذريل تجربن سان لاڳاپيل آهن. جيئن خطري جو احساس پيدا ٿيڻ وقت دماغ خطري کي سڃاڻڻ، ڌيان وڌائڻ ۽ جسم کي تيار ڪرڻ لاءِ مختلف نظام فعال ڪري ٿو.

ڪجهه ليکڪ احساس ۽ جذبي کي هڪ ئي شيءِ سمجھندا آهن پر اھي بلڪل هڪجهڙا ناهن. جذبو ڪنهن واقعي جي جواب ۾ پيدا ٿيندڙ نسبتن تيز ۽ جسم سان لاڳاپيل ڪيفيت آهي, جڏهن ته احساس, تجربي جي شعوري ڪيفيت کي چئجي ٿو. جديد نفسيات ۾ به انهن جون حدون هڪ نموني سان بيان نٿيون ٿين. مختلف سائنسي نظريا, انهن جي تعلق کي ٿورو مختلف انداز ۾ سمجهن ٿا. احساس جو ڪم فيصلن ۾ مدد ڪرڻ, خوف ۽ خطري کان بچاء ڪرڻ آهي. جڏهن ته خوشي تجربن جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. ڏک نقصان کي سمجهڻ ۽ موٽ ۾ مدد ڳولڻ ڏانهن وٺي وڃن ٿا. همدردي ٻين جي حالت سمجهڻ ۾ مدد ۽ محبت سماجي رشتن کي مضبوط ڪري ٿي, مطلب ته عقل ۽ سائنس, احساس جا مخالف ناهن. انسان جا فيصلا احساس ۽ سوچ ٻنهي جي گڏيل اثر هيٺ ٿين ٿا. ڪيترين حالتن ۾ جذبات انسان کي ڄاڻ ڏين ٿا، پر جيڪڏهن اھي تمام شديد هجن ته ڌيان ۽ فيصلا متاثر به ٿين ٿا. تنهنڪري بهتر اصول هيء آهي ته, احساس کي دٻائڻ نه، پر سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آهي.

_______________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سرگرم رُڪن اھي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button