ڇا حقيقت بيان ڪرڻ ڏوهه آهي؟ سلمىٰ آغا جي انٽرويو ۽ سوشل ميڊيا جي ردعمل جو جائزو
شهريت بابت شفاف موقف جي باوجود سلمىٰ آغا جي بيان تي تڪرار ۽ سندس خلاف مهم پٺيان ڇا آهي؟

ماضيءَ جي نامياري اداڪارا ۽ گلوڪارا سلمىٰ آغا جي پنهنجي شهريت بابت ڏنل واضح بيان سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي. هڪ شخصيت پاران حقيقت جو اعتراف ڪرڻ تي جتي ڪجهه حلقن مٿس غير ضروري تنقيد ۽ سندس ڪردار ڪشي ڪئي، اتي ذميوار صحافت جي حوالي سان به گنڀير سوال اڀريا آهن. هن آرٽيڪل ۾ سلمىٰ آغا جي بيان، سوشل ميڊيا جي ردعمل ۽ صحافتي دعوائن جو غيرجانبدارانه جائزو پيش ڪجي ٿو.
ليکڪ: نسيم بخاري
اداڪارا ۽ ڳائڻي سلمىٰ آغا اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ڪئي، جنهن سان ڪو طوفان يا زلزلو اچي وڃي. هن سڌي، صاف ۽ سچي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا حقيقت تي ٻڌل آهي ۽ جنهن بابت شاهد ۽ ثبوت موجود آهن.
هڪ فنڪارا جيڪڏهن ڪا حقيقت بيان ڪري ٿي ته ان تي ايتري تنقيد شروع ٿي وڃي، سندس ڪردار ڪشي ڪئي وڃي، سندس خاندان کي ذليل وڃي، خانداني پس منظر تي آڱريون کنيون وڃن، کيس برو بدنام چيو وڃي، چور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي يا دوکي سان شادي ڪرڻ جا الزام بنيا وڃن، ته پوءِ صحافت تي بہ سوال ضرور اُٿندا.
سلمىٰ آغا پاڪستان جي وقار کي ڪو نقصان نه پهچايو آهي. هن ڪا پاڪستان مخالف ڳالھ نه ڪئي آھي، بلڪه پاڪستان جي نظام ۽ ماڻهن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ان جا مثبت پاسا ڳڻايا آھن .
ماضيءَ ۾ ڪير ڇا هو ۽ ڪيئن سماجي حيثيت جي حوالي سان وڏو ماڻهو بڻيو، جيڪڏهن اهي سمورا معاملا کوليا ويندا ۽ خاندان جي پس منظر کي بنياد بڻائي آڱريون کنيون وينديون يا رسوايون جاري رهنديون ته ڪيترن ئي ماڻهن جا راز فاش ٿي سگهن ٿا، پر ان مان ڪنهن کي به ڪو فائدو نه ٿيندو.

ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مثبت پاسن کي اجاگر ڪيو وڃي. مثبت سوچ سان ترقي، خوشحالي ۽ بهتري جا رڳو خواب نه ڏٺا وڃن، پر انهن خوابن کي حقيقت بڻائڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون وڃن.
سلمىٰ آغا جو معاملو ڇا آهي؟ اهو ڪيئن رپورٽ ٿيو؟ مٿس ڪيئن تنقيد ڪئي وئي؟ سوشل ميڊيا تي اهو معاملو ڪيئن بحث جو موضوع بڻيو؟ ڪهڙي معتبر صحافيءَ ان کي ڪهڙي انداز ۾ پيش ڪيو؟ انهن سمورن معاملن جو حقيقي حوالن سان پس منظر هيٺ پيش ڪجي ٿو، ته جيئن پڙهندڙ پاڻ اندازو ڪري سگهن ته سچ ڇا آهي ۽ ڪوڙ ڇا آهي، ۽ هن سڄي سلسلي ۾ تنقيد ۽ تخريب جو نشانو ڪنهن کي بڻجڻ گهرجي.
پاڪستاني ۽ ھندستاني فلمن مان شهرت حاصل ڪندڙ ماضيءَ جي سينيئر اداڪارا ۽ گلوڪارا سلمىٰ آغا هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي هڪ بيان سبب سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي.
اداڪارا هڪ تازي انٽرويوءَ دوران پنهنجي پاڪستاني شهريت بابت ڳالهائيندي چيو ته وٽس ڪڏهن به پاڪستاني شهريت نه رهي آهي.
سندس ان بيان تي ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين سخت تنقيد ڪئي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن سندس ماضي ۽ پاڪستان سان تعلق جو حوالو ڏيندي مختلف سوال اٿاريا.
سلمىٰ آغا پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جي فلمي صنعتن ۾ ڪم ڪيو آهي. هوءَ پاڪستاني فلمن جي مشهور اداڪارائن ۾ شمار ٿيندي رهي آهي. سندس فلم ”نڪاح“ ڀارت ۾ پڻ چڱي مقبول ٿي. ڪيترن ئي سالن تائين پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ ۽ هتي فني وابستگي رکڻ کان پوءِ سندس موجوده شهريت ۽ سڃاڻپ بابت تازو بيان ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.
هڪ انٽرويوءَ ۾ سلمىٰ آغا کان سوال ڪيو ويو ته هوءَ پاڪستاني شهريت نه رکڻ باوجود پاڪستان ۾ به ڪم ڪندي رهي ۽ ڀارت ۾ به ڪم ڪري رهي آهي. ان تي اداڪارا صاف لفظن ۾ چيو ته هن وٽ ڪڏهن به پاڪستاني شهريت نه رهي آهي. سلمىٰ آغا چيو: ”مون وٽ ڪڏهن به پاڪستاني نيشنلٽي نه هئي. منهنجو سڄو خاندان برطانيا منتقل ٿي ويو هو، ان ڪري مان انگلش آهيان. منهنجي سڄي خاندان ۽ ٻارن وٽ به برطانيا جا پاسپورٽ آهن.“
هن وڌيڪ چيو: ”مون پاڪستان ۾ رڳو هڪ پروفيشنل آرٽسٽ جي حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ اتي منهنجو تجربو تمام سٺو رهيو. اتي جا ماڻهو تمام سٺا آهن. خاص طور تي پاڪستان جا ڊراما هر هنڌ تمام گهڻو پسند ڪيا وڃن ٿا.“
اداڪارا وڌيڪ ٻڌايو ته وٽس ڀارتي شهريت به ناهي، پر ڀارت کيس 2017ع ۾ PIO يعني ”Person of Indian Origin“ ڪارڊ جاري ڪيو هو. سندس چوڻ موجب، هن ڪارڊ سبب کيس ڀارت ۾ رهڻ لاءِ ڪجهه خاص سهولتون حاصل آهن ۽ ڀارتي پاسپورٽ کان سواءِ به هوءَ اتي رهڻ جون مخصوص قانوني سهولتون حاصل ڪري ٿي. هن ٻڌايو ته کيس اهو ڪارڊ ان ڪري مليو، ڇاڪاڻ ته سندس ڏاڏيءَ جو تعلق ڀارتي شهر امرتسر سان هو.
سلمىٰ آغا وڌيڪ چيو: ”مون کي هندستان نالو ڏنو، عزت ڏني ۽ مون کي اتي وڃي تمام سٺو لڳندو آهي.“
سوشل ميڊيا جو ردعمل
سلمىٰ آغا جي ان بيان کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ڪجهه پاڪستاني صارفين سخت ردعمل ظاهر ڪيو. هڪ صارف تنقيد ڪندي لکيو: ”ڌوٻيءَ جو ڪتو، نه گهر جو نه گهاٽ جو. “
هڪ ٻئي صارف تبصرو ڪندي چيو: ”توهان وٽ هاڻي به ڀارتي نيشنلٽي ناهي، ڇاڪاڻ ته ڀارت ۾ ٻٽي شهريت جي اجازت ناهي.“
هڪ صارف سلمىٰ آغا جي ماضيءَ جو حوالو ڏيندي لکيو: ”توهان جي والد جو گهر ڪراچي ۾ هو.“

اهڙيءَ طرح سلمىٰ آغا جو تازو بيان سوشل ميڊيا تي مختلف بحثن جو سبب بڻجي ويو آهي. ڪجهه صارف سندس پاڪستان ۾ گذاريل وقت ۽ پاڪستاني فلمي صنعت لاءِ خدمتن کي سامهون آڻي رهيا آهن، جڏهن ته اداڪارا پنهنجي انٽرويو ۾ پنهنجي قانوني شهريت ۽ موجوده سڃاڻپ بابت پنهنجو موقف واضح ڪيو آهي.
واضح رهي ته سلمىٰ آغا جو تعلق هڪ اهڙي خاندان سان آهي، جنهن جون پاڙون برصغير جي مختلف علائقن سان ڳنڍيل آهن. انهيءَ ڪري سندس سڃاڻپ، شهريت ۽ پاڪستان ۽ ڀارت سان وابستگيءَ جو معاملو اڪثر مداحن ۽ عوام جي توجهه جو مرڪز رهيو آهي.
تنهن هوندي به سندس تازو بيان هڪ ڀيرو ٻيهر هن موضوع کي سوشل ميڊيا تي نمايان ڪري ڇڏيو آهي.
جاويد چوڌري جي بيان بابت
جاويد چوڌري، سلمىٰ آغا جي آڊيو ٻڌائيندي پنهنجي طرفان ڪجهه اهڙا خيال به پيش ڪيا، جن ۾ سندس خانداني پس منظر بابت مختلف دعوائون ڪيون ويون. انهن دعوائن موجب، شاعر ۽ موسيقار رفيق غزنوي جي ڌيءَ زرينه، جنهن ”نسيم“ جي نالي سان فلمن ۾ ڪم ڪيو، فلمي دنيا ۾ ڪاميابي نه ملڻ کان پوءِ افغانستان سان تعلق رکندڙ لياقت گل آغا سان شادي ڪئي، جيڪو ايران ۾ ڪاروبار ڪندو هو.
اڳتي هلي اها به دعويٰ ڪئي وئي ته زرينا ۽ سندس ماٽيلي ماءُ پارو، ڪشمير جي مهاراجا هري سنگهه جي درٻار ۾ ناچ ڪنديون هيون. چيو ويو ته هندستان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي وقت اهي ڪراچي آيون ۽ پاڻ سان مهاراجا جا 32 قيمتي زيور به چوري ڪري کڻي آيون.

ان دعويٰ ۾ هڪ اهڙي هيري جو به ذڪر ڪيو ويو، جنهن بابت چيو ويو ته اهو دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ رکندڙ هو. پاڪستان اچڻ کان پوءِ مسئلو اهو پيدا ٿيو ته اهي قيمتي زيور ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪيئن منتقل ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ مبينا طور اهڙي آفيسر يا بااثر واسطيدار سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪو انهن جي مدد ڪري سگهي.
انهيءَ پسمنظر ۾ اها دعويٰ پڻ ڪئي وئي ته سلمىٰ آغا جي شادي هڪ بيوروڪريٽ سان ڪرائي وئي، جيئن هن ذريعي ان معاملي ۾ مدد حاصل ڪري سگهجي. ۽ اهو به چيو ويو ته سلمىٰ آغا، زرينا عرف نسيم جي ڌيءَ آهي.
اهي دعوائون يقيناً انتهائي سنگين نوعيت جون آهن. ان ڪري انهن کي قطعي حقيقت طور قبول ڪرڻ کان اڳ معتبر تاريخي دستاويزن، سرڪاري رڪارڊ، معاصر اخباري حوالن ۽ ٻين قابلِ اعتماد ثبوتن سان پرکڻ ضروري آهي.
صحافت جو بنيادي اصول اهو ئي آهي ته الزام کي الزام طور ۽ ثابت ٿيل حقيقت کي حقيقت طور پيش ڪيو وڃي.
ڪردار ڪشي، خانداني تذليل ۽ غيرمصدقہ قصن کي ڪنهن شخص جي خلاف فيصلو بڻائڻ بدران سوال ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ ثبوت سامهون آڻڻ ئي ذميوار صحافت جو رستو آهي.
______________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



