Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

اڄ سڄي دنيا جي سنڌين ٿَڌڙيءَ جو ڏِڻ ملھايو  

ٿڌڙي  يا شيٽلا ستَم (ستھن)  سنڌين جو اهم تھوار آھي  

هي تھوار تپ ۽ ٻين بيمارين کان بچاءَ، گھر ۽ گھراڻي جي سُک سلامتي لاءِ شيٽلا ماتا جي پوڄا سان جڙيل آهي . لوڪ روايت موجب شيٽلا ماتا ”ٿڌ“ ۽ صفائيءَ جي ديوي آهي.

سانوڻ مھيني ۾ ٿڌڙي ٻـ ڀيرا ايندي آھي . پندرھن ڏينھن اڳ ننڍي ٿڌڙي ۽ پوءِ وڏي ٿڌڙي. تيزيءَ سان بدلجندڙ زندگيءَ ۾ ٿڌڙي اسان کي سست رفتاريءَ جي لمحن، گهر جي ساٿ، ۽ سادگيءَ جي سوند ياد ڏياري ٿي

ناري لڇواڻي  _ ھِردارام نگر (بيراڳڙھ) انڊيا

ٿڌڙي سنڌين جو هڪ جھوِنو، قديم  ۽ گَھرُو تھوار آهي، جيڪو عام طور تي سانوڻ مهيني ۾ ”شيٽلا ستَم يا ستھن “ جي ڏينھن ملهائبو آهي. ”ٿڌڙي“ لفظ جو سڌو مطلب ئي ٿڌو کاڌو آهي. ان ڏينھن گھرن ۾ باھ ٻارڻ کان پاسو ڪيو ويندو آهي، ان ڪري ھڪ ڏينھن اڳ پچايل کاڌو، صبوح جو اٿي سنان پاڻي ڪري گھر ۽ پاڙي جون عورتون / گھر ڌياڻيون گڏجي سيتلا ماتا جي پوڄا ۽ اُستتيءٓ جا گيت-ڀڄن ڳائي پوري ڀڳتي ۽ صدق سان سڄي گھر ۽ گھر جي سڀني ڀاتين کي جل ديوتا جو ڇنڊو ھڻي پوتر ٿيڻ جو احساس ٿيڻ کان پوءِ ئي سڀ گڏجي ڪلھوڪو تيار ڪيل ٿڌو کاڌو ورتائينديون آھن .

 هي تھوار تپ، موچھ ۽ وچڙندڙ بيمارين کان بچاءَ ۽ گھر-گھراڻي جي سُک سلامتي لاءِ شيٽلا ماتا جي پوڄا سان جڙيل آهي .

لوڪ روايت موجب شيٽلا ماتا ”ٿڌ“ ۽ صفائيءَ جي ديوي آهي. سنڌي سماج ۾ جڏهن به وبائون يا ٻارڙن ۾ بُک، ڦوهار يا تپ جھڙيون بيماريون وڌنديون هيون ته بزرگ صفائي، ساڌائي ۽ سادگيءَ تي زور ڏيندا هئا. ٿڌڙي ان يادگيري ۽ شڪرگذاريءَ جو ڏِڻُ بڻجي ويو،

رسمون ۽ رواج

ٿڌڙي کان هڪ ڏينھن اڳ گھرن ۾ گڏيل طور ”رنڌڻ“ ٿيندو آهي—جنهن کي ڪجھ علائقن ۾ ”ڇَٺ“ يا ”رَنڌڻ ڇَٺ“ به چون ٿا. ان ڏينھن ڪَنيائون ۽  ڀينريون ڀائرن سان گڏجي وڏي سِڪ سان کاڌو پچائين ٿيون: ڪوڪي، سِيٓل مَاڻي/سيل روٽي،  لولا، ڀُڄيا آلو، ڀڄيا چڻا، ڏهي-ٻونڊي، سيون، ۽ ڪڏهن ڪڏهن مٺو ڀت يا کير وارو سويرو پڻ تيار ٿيندو آهي.

اڳلي صبح يعني ستھن/ سٓتم تي شيٽلا ماتا جي  تصوير اڳيان ديوڙي يا آڱڻ ۾ سادي اوتر، اگربتي، فُل ۽ پاڻيءَ سان اوڀاڻ ڪئي ويندي آهي. ٻارن جي مٿن تي تِڪو يا ڪجلي رکي دعائون گهريون وينديون آهن. ان ڏينھن چُلھو  نہ ٻاريو ويندو آهي؛ گھر ڀاتين ۽ پاڙي وارين کي ٿڌو کاڌو ورهايو ويندو آهي .

اڄ جي دور ۾ اهميت

تيزيءَ سان بدلجندڙ زندگيءَ ۾ ٿڌڙي اسان کي سست رفتاريءَ جي لمحن، گهر جي ساٿ، ۽ سادگيءَ جي سوند ياد ڏياري ٿي. هن تھوار وسيلي صفائيءَ جون عادتون، کاڌي جي حفاظت، ۽ برادريءَ سان ڳانڍاپو نئين سر پختو ٿئي ٿو.

سانوڻ مھيني ۾ ٿڌڙي ٻـ ڀيرا ايندي آھي . پندرھن ڏينھن اڳ ننڍي ٿڌڙي ۽ پوءِ وڏي ٿڌڙي . سانوڻ مھيني جي وڏي ٿڌڙيءَ (سٰتھن/سٓتم ) تي سيتلتا جي ديوي شيتلا ماتا جي پوڄا ڪري سُک، شانتي، آسودگي ۽ سٺي صحت لاءِ پرارٿنا/ ارداس ڪيو ويندو آھي جيڪو تصويرن ۾ ڏسي سگھجي ٿو.

(ھن آرٽيڪل ۾ شامل تصويرون اڃ ليکڪ جي گھر ۾ گھر ڌياڻين جي ڪيل پُوڄا وقت نڪتل آھن)

_________________ 

ناري لڇواڻي مڌيہ پرديش رياست جي شھر ڀوپال لڳ سنڌين جي شھر ھِردارام نگر (اڳوڻو نالو بيرا ڳڙھ) ۾ رھي ٿو. ھُو ناميارو شاعر، ڪلاڪار آھي. ناري لڇواڻي ال انڊيا ريڊيو تي پنجويھ ورھيہ براڊڪاسٽر طور سنڌي پروگرام ڪندو رھيو آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button