پرڏيھي سرزمينن تي سنڌين جون ملاقاتون ۽ اجنبي دنيا ۾ پنھنجائپ جي خوشبو
سنڌيت ڪا فقط جاگرافيائي سڃاڻپ ناهي پر اها احساسن جي هڪ گڏيل ڌرتي آهي۔ جتي به ڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندو آهي، اتي هڪ عجيب روحاني لاڳاپو محسوس ٿيندو آهي۔ شايد اهو ئي سنڌ جو اصل روح آهي يعني محبت، مروت ۽ پنھنجائپ
عبدالله عثمان مورائي
ڪنھن به پرڏيھي ملڪ ۾ جڏهن اوچتو ڪو سنڌي ملي وڃي ٿو، تڏهن دل اندر هڪ نرمي، هڪ خوشي ۽ هڪ عجيب سڪون پيدا ٿيندو آهي۔ اهو احساس لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ڇو ته اها خوشي ٻولي، يادگيرين ۽ پنهنجي مٽيءَ جي سڳنڌ سان ڳنڍيل هوندي آهي۔
اسان سنڌي، جتي به هجون، هڪ ٻئي کي ڏسندي ئي ائين محسوس ڪندا آهيون ڄڻ ته پنهنجو ڪو پُراڻو سڃاڻو مليو آهي۔ مزي واري ڳالھ ته گھڻو ڪري هر ملاقات ۾ پھريون سوال هڪ جھڙو هوندو آهي ته ادا يا ڀائو يا سائين يا ادي اوهان اصل ڪٿان جا آهيو؟ جڏهن ڪو جواب ملي ٿو ته سکر، مورو، ڀريا، ميرپورخاص، بدين، ٺٽو، نوابشاهه ، حيدرآباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، ڄامشورو، دادو، اوٻاوڙو،ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، ٿاڻوبولا خان، ڪراچي يا سنڌ جي ڪنهن ٻئي ننڍي شھر يا ڳوٺ جو ته تڏهن اجنبيت جو احساس هڪ گھڙيءَ ۾ ئي ختم ٿي وڃي ٿو۔

اسٽاڪھولم جا لمحا جڏهن ٻوليءَ جو آواز وقت کي چيري آيو
مون کي هڪ شام اسٽاڪھولم ۾ هڪ عجيب ملاقات ياد آهي۔ اسان ڪجھ سنڌي دوست انڊرگرائونڊ يعني زمين اندر هلندڙ ريل گاڏيءَ جي هڪ اسٽيشن تي بيٺل هئاسين ۽ سڀئي پاڻ ۾ سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين۔ اوچتو هڪ تمام پوڙهو ماڻهو، جيڪو لڳي رهيو هو ته پنهنجي پوري هوش ۾ نه آهي، اسان ڏانھن آيو۔ هڪ تمام وڏي عمر ۽ ٻيو شايد ڊيمينشيا جو شڪار هو، پر جڏهن هن اسان جي ٻولي ٻڌي، تڏهن سندس مُنھن تي اوچتو روشني پکڙجي وئي۔ هن سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، اڌورا لفظ، پر محبت سان ڀرپور۔
هن چيو، توهان سنڌي آهيو؟ مان به سنڌي آهيان… منهنجو نالو ڪبير…
شايد هن صوفي ڪبير جو نالو کنيو يا شايد پنهنجي يادگيرين جي ڪُنڊ مان اهو لفظ کڻي آيو۔ ان لمحي ۾ اسان سڀ خاموش ٿي ويا سون ۽ ايئن لڳو ڄڻ وقت به بيھجي ويو هجي۔

ساڳي اسٽاڪھولم ۾ ئي هڪ ڀيري مون کي هڪ ٻيو دلچسپ تجربو ٿيو۔ منھنجي ملاقات هڪ اڌڙوٽ عمر واري شخص سان ڪنھن آفيس ۾ ٿي جيڪو پڻ سنڌي ڳالھائي رهيو هو ۽ لڳي رهيو هو ته هو شايد هندستان مان آيو آهي ۽ پوء خبر پئي ته هو واقعي هندستان مان آيو هو ۽ اسٽاڪھولم ۾ پنھنجي ڌيءَ سان ملڻ آيو هو، جيڪا هتي رهندي هئي۔ جڏهن کيس معلوم ٿيو ته آءُ سنڌ مان آهيان ته حيران ٿي پڇيائين ته اها ڳالھ ٻڌي اٿم ته اتي سنڌ ۾ سڀ ماڻھو مسلمان ٿي ويا آهن؟ مون مُرڪندي چيس ته”ها، اڪثريت مسلمانن جي آهي پر اتي اڃا تائين ڪيترائي هندو به رهن ٿا۔ هو ڪجھ پل لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو، پوءِ مرڪي چيائين ته چڱو ٿيو، ته سنڌ اڃا تائين پنھنجي رنگ سان زنده آهي۔
دبئيءَ جي ميٽرو ۾ مورو جو ڳوٺائي
مون کي هڪ ٻيو منظر ياد اچي ٿو جڏهن آءُ دبئيءَ جي ميٽرو ٽرين ۾ ويٺو هوس۔ منھنجي ڀرسان هڪ شخص فون تي ڪنھن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو۔ جڏهن هن فون رکيو ته مُرڪي پڇيومانس ته ادا اوهان سنڌ ۾ ڪٿان جا آهيو؟ جنھن تي هن وراڻيو ته ادا آءُ مورو جو آهيان. آءُ حيران ٿي ويس ۽ چيومانس ته يار عجيب ڳالھ آهي ته مان به مورو جو آهيان ۽ پاڻ ٻئي وري دبئيءَ ۾ ٽرين ۾ ساڳي هڪ ئي سيٽ تي اچي ويٺا آهيون. پوءِ اسان ٻئي ڳالھين ۾ گھڙي وياسين. موري جون گھٽيون، اسڪول، ماڻھن جون عادتون ۽ سنڌ جون يادون۔ پرڏيھي ملڪ جي ٿڌي ٽرين ۽ مشيني دنيا ۾ اهو لمحو دل کي واقعي گرم ڪري ويو۔

ڪابل جي بس ۾ سنڌيت جي خوشبو
قادِر جتوئي صاحب هڪ ڀيري پنهنجي يادگيرين مان هڪ دلچسپ قصو ٻڌايو۔ هُو ۽ سندس ڪو هڪ دوست ڪابل ۾ هئا ۽ هڪ دفعي بس جو انتظار ڪري رهيا هئا۔ جڏهن بس آئي ته بس ۾سيٽون نه هيون۔ هڪ ننڍڙي ڇوڪري پنھنجي سيٽ سندس دوست کي پيش ڪئي۔ ان عمل تي سندس ڀاءُ کيس چيو ته هي پڻھين آهي ڇا جو تو پنھنجي سيٽ کيس ڏني؟
اهي لفظ سنڌيءَ ۾ هئا۔ جتوئي صاحب ۽ سندس دوست هڪ ٻئي ڏانھن ڏسي مُرڪيا ته ٻارڙا حيران ٿي ويا ته اهي ماڻھو به سنڌي سمجھن ٿا ۽ شايد سنڌي آهن؟ شروعاتي اڻڄاڻائيءَ ۽ لڄ کان پوءِ سندن وچ ۾ اوچتو هڪ پنھنجائپ پيدا ٿي وئي۔ جڏهن انھن ٻارن جي منزل اچڻ لڳي ۽ لھڻ لڳا تڏهن چيائون ته اسان جي وڏي ڀيڻ ٽيلفون ايڪسچينج ۾ ڪم ڪندي آهي ۽ اسان کيس منجھند جي ماني ڏيڻ آيا آهيون، اسان سان هلو ته اوهان جي ان سان ملاقات ڪرايون.
قادِر جتوئي صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته پوء اسان به بس مان لھي پياسين۔ اتي ٽيليفون ايڪسچينج ۾ هڪ نرم مزاج ۽ محبت سان ڀريل سنڌي ڇوڪري جنھن جو نالو گلشن هو سندن استقبال ڪيو۔ عليڪ سليڪ کان پوءِ کين رات جي ماني جي دعوت ملي، ۽ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ هو انھن جي گھر ويا جتي سنڌي کاڌن جي خوشبوءِ، ڳالھين ۽ مُرڪ ۾ ڄڻ ڪابل نه پر ڄڻ تہ شڪارپور جو ماحول ٿي لڳو . انھن جي ناني کين ٻڌايو ته هو اصل ۾ شڪارپور جا هئا جتان پوءِ سندن وڏڙا قنڌار ۽ پوءِ ڪابل ۾ اچي رهيا هئا۔ انهن جا ابا ڏاڏا سوويت يونين تائين ڪاروبار ڪندا هئا۔
آفريڪا ۾ سنڌيت جا نشان
تازو ئي سائين مختيار سمون صاحب ۽ جنيد ڏهر، ٻئي لاڙڪاڻي جا دوست، ڪجھ آفريڪي ملڪ گهمڻ ويا هئا. سائين سمون صاحب ٻڌايو ته انھن کي روانڊا جي گاديءَ واري شھر ڪگالي ۾ هڪ سنڌي نوجوان مليو، جيڪو اصل ۾ خيرپور ناٿن شاهه جو هو ۽ اتي هڪ ڪاروباري شيخ خاندان سان گڏ چانورن جي درآمد ۽ برآمد جي ڪاروبار سان لاڳاپيل هو. انھن کي اتي ان سنڌي نوجوان سان ملاقات ڪري تمام گھڻي پنھنجائپ جو احساس ٿيو.
هڪ ڀيري مون کي ٻه سنڌي نوجوان ڪراچيءَ کان استنبول واري جھاز ۾ منھنجي پٺيان ويٺل مليا۔ انهن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي معلوم ٿيو ته هو مڊگاسڪر وڃي رهيا هئا. ھُو گرم مصالحا خريد ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا۔ مون سوچيو ته سنڌي جتي به وڃي ٿو ڪاروبار ۽ محنت جو جذبو پاڻ سان گڏ کڻي وڃي ٿو ۔

ٻولي ۽ سڃاڻپ ڄڻ دلين جو رستو
منھنجي خيال ۾ ته اهڙيون ملاقاتون ثابت ڪن ٿيون ته سنڌيت ڪا فقط جاگرافيائي سڃاڻپ ناهي پر اها احساسن جي هڪ گڏيل ڌرتي آهي۔ جتي به ڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندو آهي، اتي هڪ عجيب روحاني لاڳاپو محسوس ٿيندو آهي۔ شايد اهو ئي سنڌ جو اصل روح آهي يعني محبت، مروت ۽ پنھنجائپ۔ پرڏيھي دنيا ۾ جڏهن ڪو سنڌي ٻئي ڪنھن سنڌيءَ کي ڏسي ٿو يا ملي ٿو ته کين هڪ ٻئي جي اکين جي درين ۾ اها روشني ڏسڻ ۾ ايندي آهي جيڪا ڪنھن اجنبي دنيا ۾ پنهنجي سنڌ جي ڪنھن ڳوٺ جي ڪا ٿوري گھڻي روشني ڏسڻ جي برابر هوندي آهي۔
آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته سنڌي هجڻ جو مطلب رڳو هڪ ٻولي ڳالھائڻ نه آهي پر محبت، قربت ۽ انساني رشتن جي اهڙي سڃاڻپ آهي جيڪا سرحدن، نسلن ۽ پاسپورٽن کان مٿانھين آهي۔ چاهي اسٽاڪھولم جي برفاني هوا هجي، يا ڪابل جي مٽيءَ ۽ اڏامندڙ هوا يا دبئيءَ جي گرم موسم جي ٿڌي ريل گاڏيءَ ۾ موري جو آواز، جڏهن ڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندو آهي ته دل چوندي آهي ته هيءَ مٽيءَ جي خوشبو ته منھنجي پنھنجي آهي ۽ تڏهن دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ به اجنبيت نه رهندي آهي، رڳو پنھنجائپ جي گرمي محسوس ٿيندي۔
________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.




Aslam Alekum
Awhan ja Bayan Budhi Karee akhyen mn Khushi Ja gorha achi viya .Sindhi type karn chahum magar ultee Alf bai tye piye thi.
Mn B primary 5 class & agtee b sindhi mn parhuyus magar hit Dil ke cherander tasub parast manhun Chyayo ta sindhi ta copy kare pass tha thiyan .
Poi mn urdu medium mn B.Ed AIOU mn 58aprox.% mn pass thiyu m & poi AIOU mn .MAHistory Urdu & Englidh medium ۾ 64% aggregate marks Khaum &Last semester mn 84% khayum.
Dua gu Ayen Duyan jo Talib Abdul Rehman Pathan Morai wasalm Islamabad.