استاد بخاري:غير روايتي لهجي جو وڏو شاعر
استاد بخاري سنڌي شاعريءَ جو اهو نہ لهندڙ سج آهي جنهن جي شعر جي روشني جا ڪيئي رنگ آهن. سندس شعر جي رنگينيءَ ۾ عشق محبت جي رنگت بہ آهي تہ سنڌي سماج جي پهلوئن جي رنگت بہ
عزيز ڪنگراڻي
استاد بخاري سنڌي شاعريءَ جو اهو نہ لهندڙ سج آهي جنهن جي شعر جي روشني جا ڪيئي رنگ آهن. سندس شعر جي رنگينيءَ ۾ عشق محبت جي رنگت بہ آهي تہ سنڌي سماج جي پهلوئن جي رنگت بہ آهي تہ قومي عوامي مزاحمت جي عنصر جا رنگ بہ آهن. استاد بخاري جي شاعري نہ صرف سادگيءَ جي سڳنڌ سان ٽمٽار آهي پر سندس شاعري ۾ فڪري ڳُوڙهائپ جِي خوبيءَ جي خوشبوءِ بہ اڻ ڳڻي ۽ اڻ مَيِي آهي جنهن جو مثال سندس ڪتاب ”ڪُوڪڻ يا ڪلياڻ“ ۾ شاعري آهي. ڪُوڪڻ يا ڪلياڻ ۾ شامل بيت ۽ وايون نہ صرف سندس فني ڪمال جو مظهر آهن پر انهن ۾ ڳُوڙهي فڪر جو بہ گَهَرو سمونڊ موجزن آهي جنهن ۾ فڪر جا بي بها موتي سموهيل ۽ سمايل آهن. ڪُوڪڻ يا ڪلياڻ ۾ سندس شاعري تي غور ڪريو:
آرنڀ جي اهڃاڻ جي مونکي ناھ سُڃاڻ،
سمجهي سگهجي سو نه ٿو، سهسين سمجهڻ ساڻ،
اڃا ڄاڻ اَڄاڻ، اونهي انهيءَ اوک جي.
گهاتڪ ڪاري گُگھ، آهُن سان آهوڙيم
چهرو چچريل چُگھ، تارا ناهن نِڀ تي.
جيڪي جوتُون جيءَ ۾، اوتي ڏينداسين
واسيو وينداسين، پنهنجو پاڻ پريتڻو.
سئون حصو سُونهن جو، نُوڻ جي آڇين توھ،
مون تان ريت ڪڻو منگيو، قربن ڏنو ڪوھ،
ڏُونگر جيڏو ڏوھ، ڌُڌڙ داڻو ٿي پوي.
استاد بخاري وقت روان جو اهڙو شاعر آهي جنهن جي سفر جو پيچرو هر ايندڙ صدي آهي. عوامي ۽ سدا حيات شاعر جي شاعري جي سادگيءَ جو مطلب هرگز اهو ناهي تہ عام شاعر آهي. هن سنڌ جي وڏي شاعر جي عام ۽ خاص ۾ مقبوليت جو سبب ئي سندس شعر ۾ سلاست، بلاغت ۽ بلند خيالي آهي جيڪا سندس شاعري جي هر طبقي جي ترجماني واري لازوال خوبي آهي.
جڏهن استاد بخاري جي شعر ۾ سادي اسلوب ۾ اظهار کي ٻُڌُون ٿا تہ چئون ٿا تہ اهڙو شعر تہ اسان بہ سرجي سگهون ٿا پر اهڙو شعر لکڻ ويهون تہ نہ لکي سگهون يا سندس شعر جي تشريح ڪرڻ ويهون تہ قاصر رهجي وڃون يا ڪنهن قدر مشڪل محسوس ڪيون. مقصد تہ استاد جي سادي شعر ۾ بہ بلند خيالي کيس اعلي ۽ وڏي شاعر جي صف ۾ بيهاري ٿي.
”شوق شعبو گُهريو تو ادارو ڏنو“
مٿئين شعر ۾ استاد محبوب کان نه ڪو ادارو گهريو آهي ۽ نه ڪنهن اداري جو شعبو گهريو آهي. سندس شعر جي انهيءَ سِٽ ۾ شعبي جو مطلب ٿورو، گهٽ آهي ۽ اداري جي معني گهڻو ڪجھ يا مڪمل. يعني محبوب کي چوي ٿو ته مون ٿورو ڪجھ گهريو تو مڪمل پاڻ ارپي يا حوالي ڪري ڇڏيو. سدا حيات شاعر استاد بخاري انهيءَ شعر ۾ محبوب کان نہ ڪا يونيورسٽي نہ ئي يونيورسٽي جو ڪو شعبو يا ڊپارٽمينٽ گُهريو آهي. هن انهن لفظن کي نئين معني ڏني آه، جيڪو استاد بخاري جهڙي وڏي شاعر جو ڪمال آهي جنهن مروج لفظن کي نئين معني ڏئي سنڌي ٻوليءَ جي زرخيزي ۾ اضافو ڪيو آهي. ايئن غير معمولي ۽ غير روايتي شاعر ئي ڪري سگهجي ٿو. استاد بخاري مزاحمت ۽ وطن دوستي جو به به منفرد اظهار ڪيو آهي.
سون ۾ ڪاراڻ،اهو ناممڪن،
۽ آڳ ۾ آلاڻ اهو ناممڪن،
جنهن وقت سڏي سنڌ بخاري ڀُڻڪي-
ڇالاءِ ۽ ڇاڪاڻ،اهو ناممڪن.
ڪنول گل ۾ ڪوڪو نه ٿيندو ٿيندو،
بخاري کان دوکو نه ٽينڊو نه ٿيندو،
ملهائي نه ٿڃ جيڪو جيجل لوڪو-
اهڙو ڪو به ٿوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو.
مون کان تاريخ پڇي ٿي ڪٿي بيٺو هان،
زندگي موت ٻه واٽو آ اُتي بيٺو هان،
واءُ ڀڻڪيو هٽي وڃ اهو موڙ ڀيانڪ آ-
ڇو هٽان ڪروڙن سان ڪٺي بيٺو هان.
استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو وڏو شاعر آهي جنهن نہ صرف سنڌي ٻوليءَ جا متروڪ لفظ جياريا آهن پر نوَن لفظن، استعارن، تشبيهن، ڪناين ۽ اصطلاحن جي استعمال سان سنڌي ٻوليءَ جي جهول زرخيز بڻايو آهي. استاد بخاري ٻوليءَ جي زرخيزي لاءِ ٺاٺارڪِي ۽ سونارڪي ڪِرت ڪئي آهي جيڪا گهٽ شاعرن وٽ نظر ايندي. استاد بخاري جي شاعري جا ڪيئي پهلو آهن. استاد بخاري غير معمولي ۽ غير روايتي لهجي جو وڏو شاعر آهي. هت مختصر چوندس تہ سنڌ جو اڪيلو شاعر آهي جنهن لابي ازم جي ٽيڪ بغير پنهنجي غير معمولي ۽ غير روايتي ڏات ۽ ڏانءُ ذريعي اعلي مقام حاصل ڪيو.
______________
عزيز ڪنگراڻي ھڪ اينٿروپولاجسٽ، محقق ۽ ڪافي ڪتابن جو ليکڪ آھي



