Editor's pickMain Slideثقافت

پيار جون پنج ٻوليون

ھڪ آمريڪي ليکڪ جي ڪتاب The Five Love Languages جو جائزو جنھن ۾ پرڻيل ماڻھن کي  پنھنجي جِيون ساٿيءَ سان دائمي نباھ لاءِ پيار جون پنج ٻوليون سمجھايون ويون آھن

انجنيئر عبدالله عثمان مورائي

آءُ جڏهن شاگردن واري هاسٽل ۾ رهندو هوس ته اتي اسان جي ڪاريڊور ۾ هڪ آمريڪا جو ڇوڪرو به رهندو هيو، رڌڻي ۾ ماني ٺاهڻ دوران ڪچهري به پئي هلندي هئي. هڪ دفعي مون ڏٺو ته ڪو خاص کاڌو پئي ٺاهيائين ۽ رکي رکي گهڙيءَ ڏي پئي نهاريائين. مون پڇيومانس ته ڪو خاص مهمان ٿو اچي ڇا؟ ان تي پاڻ وراڻيائين ته نه نه ۽ حقيقت ۾ مون ۽ منهنجي زال جيڪا آمريڪا ۾ ئي رهي ٿي، اڄ وقت مقرر ڪيو آهي ته پاڻ ساڳيو کاڌو ٺاهي کائيننداسين، گڏجي فلم به ڏسنداسين ۽ اسڪائيپ تي وڊيو ڪال ڪري هڪ ٻئي کي ڏسنداسين ۽ گڏوگڏ کاڌي جو مزو به وٺنداسين ۽ فلم تي پنهنجي راءِ به ڏيندا هلنداسين. وڌيڪ ٻڌايائين ته اسان ائين ڪڏهن ڪڏهن ڪندا آهيون. مون ان تي چيو مانس ته واهه واهه اوهان ٻنهي ته هڪ ٻئي کان پري رهي به هن ماڊرن دنيا ۾ موجود سهولتن جو ڀرپور استعمال ڪيو آهي ۽ پنهنجي پاڻ کي تمام ويجهو رکو ٿا ۽ ان جي ڀرپور ڪوشش پڻ ڪيو ٿا.

اڄڪلھ دنيا ۾ ڏسجي ته طلاقن جو ريشو تمام گهڻو تيزي سان وڌندو پيو وِڃي ۽ اڄڪلھ جي شادي شده جوڙن ۾ اهو مسئلو رڳو انڪري ٿي رهيو آهي جو اهي پيار کي محسوس ڪرڻ ۽ ان جي اظھارکي هڪ ٻئي کان مختلف طريقن سان ٿا ڪن.

مون هاڻي  تازو ئي هڪ آمريڪي ليکڪ گيري چيپمين جو ڪتاب ’ دي فائيو لو لئنگويجز’ پڙهي ختم ڪيوآهي. ڪتاب تمام سٺو لڳو ۽ دل چيو ته هن ڪتاب جوخلاصو ۽ جائزو سنڌي ۾ لکجي ته بھتر آهي. جيئن ته اڄڪلهه پاڻ سميت پوري دنيا ۾ اهو وڏو مسئلو آهي ته جوڙا هڪ ٻئي جي پيار واري ٻولي سمجهڻ کان لاچارآهن يا ان پاسي انهن جو ڌيان گهٽ ٿو وڃي ۽ نتيجي ۾ دوريون اچو وڃن ۽ شاديون پڻ ختم ٿيو وڃن. منهنجي خيال ۾ گيري جوهي ڪتاب ڪافي جوڙن کي سندن شادي کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد گار ثابت ٿيندو. 

ڪتاب ۾ اصل آهي ته اوهان کي پنهنجي زندگي جي ساٿي سان ڪيئن ڳالھ ٻولھ ڪرڻ گهرجي،  انسان کي پيار جي ضرورت،  ٻن زندگي جي ساٿين وچ ۾ پيارجي ٻولي يا طريقي ۽ اظھار ۽ ان پيار جي ٻولي کي سڃاڻڻ جيڪا اهي ڳالهائين ٿا بابت انتھائي سولي نموني سمجھايل آهي.

 ڪتاب جي شروع ۾ گيري هڪ مثال ڏئي ٿو ته دنيا ۾ تمام گهڻيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ دنيا مختلف ٻولين سان ڀري پئي آهي پر اسان هڪ لفظ به نه ڳالهائي سگهنداسين جيڪڏهن ڪو اوپرو ماڻهو اچي اسان سان ڪنهن ٻي ٻولي ۾ ڳالهائيندو ۽ ائين ڪرڻ سان ظاهري آ ته غلط فهمي، تڪرار يا وري ناراضگي پيدا ٿيندي. مثال ڏيڻ کان پوءِ گيري وڌيڪ لکي ٿو ته  خوش قسمتي سان اسان گهڻائي ۾ پنهنجي زندگي جي ساٿين سان ساڳي ٻولي ۾ ڳالهايون ٿا، وري اتي جو اتي سوال به ڪري ٿو ته  ڇا واقعي اسان ائين ڪيون ٿا ؟ ۽ اتي پاڻ ئي جواب ڏئي ٿو ته، نه اسان ائين نٿا ڪيون.

گيري جو چوڻ آهي ته پنهنجي زندگي جي ساٿي سان پيار جو اظهار ڪرڻ جون ڪجهه مختلف ٻوليون، طريقا ۽ رستا آهن ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي ساٿي جي ان پيارواري بنيادي ڳالهه کي سمجهڻ ئي ڪنهن به سٺي ۽ ڪامياب تعلق يا شادي جو بنيادي ۽ انتهائي اهم حصو آهي. گيري جو وڌيڪ خيال آهي ته پيار انسان جي ضرورت آهي جيڪا انسان جي جذبات يا ايموشنل فلاح ۽ بهبود لاءِ لازمي آهي ۽ فلاسافر ۽ ڌرمي اڳواڻ به ان تي متفق آهن ته پيار هڪ پوري ۽ مڪمل زندگي لاءِ انتهائي ضروري آهي.

گيري وري هتي ٻيو سوال ٿو پڇي ته اوهان کي پيار جي باري ۾ ڪيئن سوچڻ گهرجي؟ وري پاڻ ئي ان جي وضاحت ڪندي چوي ٿو ته اوهان کي پيار لفظ جي مختلف معنائن يا تشريحن بابت گهڻو نه سوچڻ گهرجي بلڪ اوهان پيار جي ان ٻولي يا قسم تي زور ڏيو جنهن سان اوهان جي ايموشنس يا جذبات جي صحت يا فلاح بهبود ٿيندي هجي.

پيار لفظ مختلف طريقن سان استعمال ٿي سگهي ٿو مثال طور جيڪڏهن  پاڻ ان کي شين بابت استعمال ڪيون ته ان لاءِ آئسڪريم ، زيورن يا وري مختلف ڪارن، يا وري ٻين انيڪ شين جي وڏي لسٽ اچي سگهي ٿي. جيڪڏهن ان کي پاڻ ڪنهن به سرگرمي جي باري ۾ جذبات يا احساسن جي نظر سان ڏسون ته ان ۾ جاگنگ، هائڪنگ، نچڻ، سفر ڪرڻ يا ٻيون به ڪافي شيون اچي وڃن ٿيون. جڏهن والدين يا زندگي جي ساٿين يا ٻارن  سان جذباتي لڳاءِ جي ڳالهه ايندي ته پاڻ ان کي  پيار ۽ رومانوي جذبات يا احساسن واري خاني ۾ رکنداسين.  نفسيات  جي ماهرن جو چوڻ آهي ته نه رڳو وڏي عمر پر بارن کي به سندن جذبات کي پوري ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن اها پوري نه ٿي ته پوءِ اهي جذباتي طور تي هميشه هيٺ مٿي رهندا.

 هاڻي هتي هرڪو مٿين مثالن کي نظر ۾ رکي اهو پاڻ سولائي سان سمجهي سگهي ٿو ته ڪهڙي شئي سندس پيار جي جذبات جو پورائو ڪري ٿي. تعريف ۽ پيار جي ضرورت انسان جي بنيادي فطرت ۾ شامل آهي جنهن جي ضرورت هر انسان کي پوي ٿي. گيري هتي لکي ٿو ته انهن سڀني مٿين ڳالهين يا خانن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم جيڪا ڳالهه اچي وڃي ٿي اها آهي پيار۽ رومانوي جذبات. گيري جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جيئن ته انسان کي بنيادي ضرورت پيار جي هوندي آهي ۽ اها هڪ گاڏي جي ٽانڪي وانگر آهي ۽ جيڪڏهن گاڏي جي ٽانڪي خالي هوندي ته پوءِ گاڏي نه هلندي ساڳي طرح جيڪڏهن انسان جي پيار واري ٽانڪي خالي هوندي ته اهو به معاشري ۾ صحيح طريقي سان هلي نه سگهندو. گيري هتي هڪ صلاح ڏئي ٿو ته پيار جي ٽانڪي ڀريل هئڻ ئي اوهان جي ڪامياب شادي جي نشاني آهي سو هميشه پيار واري ٽانڪي کي ڀريل رکندا ڪيو.

گيري هتي پنهنجي هڪ عورت ڪلائينٽ جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته سندس خيال آهي ته تمام گهڻا پيسا، مال ۽ ملڪيت پيار جي خالي ٽانڪي جو پورائو نٿي ڪري سگهي. هتي گيري هن شئي کي هيئن ڏسي ٿو ته جديد ۽ عمده گهر، فينسي گاڏيون يا سمنڊ جي ڪناري تي گهر به ڪجهه بدلائي نٿو سگهي جيڪڏهن اوهان جي زندگي جو ساٿي اوهان سان پيار نٿو ڪري.

 ڪتاب ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته هون به پيارهني مون پيرڊ کان پوءِ ڌنڌلو ٿيڻ شروع ٿيندو آهي ۽ اهو هني مون پيرڊ وڌ ۾ وڌ ٻن سالن جو هوندو آهي جنهن کان پوءِ حقيقت ظاهر ٿيندي آهي. ان ٻن سالن واري هني مون پيرڊ، جيڪو قدرتي طور تي انسانن ۾ نسل انساني وڌائڻ جو هڪ قدرتي عمل آهي جنهن کي ان لوفينومينا چئجي ٿو، کان پوءِ جوڙا اهو سوچيندا آهن ته هاڻي اها صورتحال اسان تي ڪيئن اثر انداز ٿيندي ۽ ان حوالي سان اهي اها ڪوشش ڪندا آهن ته سندن پيار جي ٻيڙي کي ڪيئن تاريندو رهجي. گيري ان جو حل لکي ٿو ته جوڙن جو پاڻ ۾ صحيح طريقي سان رابطو يا بهتر ڪميونيڪيشن ئي ان جو واحد حل آهي ۽ هن ڏکئي وقت ۾ گهرجي ته هو هڪ جذباتي ماحول جوڙين جنهن ۾ هڪ ٻئي جي مختلف جذباتي لڳائن هوندي به پنهنجي ساٿي جي جذباتي لڳائن جو پورائو ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪن.

ان ۾ جوڙن کي نئين ماحول ۽ مختلف روين ۾ ايڊجسٽ ٿيڻو پوندو ۽ شين کي ٻي نظر ۽ رستي سان ڏسڻو پوندو ته جيئن هڪ ٻئي جي ضرورتن کي سمجهي سگهن ۽ انهن جو خيال رکن. گيري جو وڌيڪ خيال آهي ته هر انسان جي پيار ڪرڻ جو اظهار۽ محسوس ڪرڻ الڳ الڳ آهي ۽ ان پيار جي ٻولي  سان گڏوگڏ باڊي لئنگويج ۽ ڳالهائڻ جي ڍنگ کي سمجهڻ سان ئي رشتن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهبو. پنهنجي جيون ساٿي جي لو لئنگويج کي سمجهڻ لاءِ وقت گهرجي ۽ اوهان کي ان لاءِ وقت وقف ڪرڻو پوندو ۽ جڏهن اوهان ان کي سمجهي ورتو ته پوءِ اهو اوهان لاءِ انتهائي مفيد ثابت ٿيندو جيڪو اوهان جي جيون ساٿي جي پيار جي ٽانڪي ڀرڻ ۾ ڪافي مدد گار ٿابت ٿيندو.

گيري جو چوڻ آهي ته سالن کان گڏ رهندڙ ۽ هڪ ٻئي کي سالن کان سڃاڻندڙ جوڙن جي وچ ۾ پڻ غلط فهمي پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ اهو رڳو انڪري ٿيندو آهي جو اسان پنهنجي ساٿي جي پيار واري ٻولي کان بي خبر هوندا آهيون. هتي گيري سندس هڪ ڪلائينٽ جوڙي جو مثال ڏيندي لکي ٿو ته اهو جوڙو هر هڪ ڳالهه ٿي هڪٻئي سان متفق نه ٿيندو هو سواءِ هڪ ڳالهه جي ته انهن ٻنهي کي سندن ٻارن سان تمام گهڻو پيار هوندو هو. مرد  کي اها چڱي طرح خبر هئي ته سندس زال هڪ سٺي ماءُ آهي پرمڙس طرف سندس پيار گهٽ هيو. زال کي وري اها خبر هئي ته سندس مڙس تمام بهترين خيال رکندڙ ۽ هر شئي وقت تي مهيا ڪري ڏيندڙ آهي جڏهن ته سندس هفتي ۾ پنجاهه ڪلاڪن واري نوڪري جي ڪري هو فئملي کي پورو وقت نه ٿو ڏئي. گيري هتي مسئلي کي واضع ڪري لکي ٿو ته هتي زال جو  مسئلو يا پيار واري ٻولي فئملي لاءِ معياري وقت جوهجڻ آهي ۽ جڏهن ته مڙس جو وري افيڪشن يا فزيڪل ٽچ آهي. ان  مثال مان پرکي سگهجي ٿوته جيون ساٿي جي پيار واري ٻولي کي سمجهن ڪيترو ضروري آهي.  

گيري هتي سقراط جي هڪ شاگرد زينوفن جو مثال ڏيندي ٻڌائي ٿو ته سندس چوڻ هو ته همٿ ڏيارڻ ۽ تعريف  ڪرڻ سڀني آوازن کان بهترين آواز آهن ۽ اهو ئي پيار جي اظهار جو طاقتور طريقو آهي. ڪتاب ۾ تفصيل سان گيري پيار جي مختلف پنجن ٻولين مان پهرين ٻولي بابت صلاح ڏئي ٿو ته پنهنجي جيون ساٿي جي سڌي ۽ سادي نموني تعريف ڪيو جنهن ۾ حوصلا افزائي، مهرباني ۽ شائستگي هجي، مثال طور اوهان پنهنجي جيون ساٿي کي اهو چئي سگهو ٿا ته تون هنن ڪپڙن ۾ تمام سٺو يا سٺي پئي لڳين، تون ٻارن جو بهترين نموني خيال ڪرين ٿو يا ڪرين ٿي يا اهڙي قسم جون ڪافي ٻيون ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، اهڙي قسم جا لفظ ٽي وي، ڪتابن، يا اخبارن يا مئگرين مان ملي سگهن ٿا. هتي گيري ٿورو احتياط کان ڪم وٺڻ جي به صلاح ڏئي ٿو، سندس چوڻ آهي ته اوهان جڏهن جيون ساٿي جي تعريف ڪيو ته اهو خيال ڪيو ته ان ۾ مطالبي وارو عنصر نه هجي نه ته اوهان جو جيون ساٿي اهو محسوس ڪري سگهي ٿو ته شايد اوهان ان کي حڪم پيا ڏيو ته هن کي هاڻي ائين ئي ڪرڻو آهي يا اهي ڪپڙا پائڻا آهن جيڪي مون کي پسند آهن. 

هتي گيري سندس هڪ ٻي ڪلائينٽ جو مثال ڏيندي لکي ٿو ته هوءِ منهنجي آفيس ۾ آئي ۽ ٻڌايائين ته سندس مڙس گهر جي هڪ ڪمري جي ڀتين تي رنگ نٿو پيو ڪري جڏهن ته هوءِ کيس گذريل نون مهينن کان چوندي پئي اچي. گيري کيس صلاح ڏيندي چوي ٿو ته هاڻي توکي ڪرڻو ڇا آهي جو تون رنگ واري ڳالهه وسار ۽ پنهنجي مڙس جي انهن شين جي تعريف ڪرڻ شروع ڪر جيڪي توکي وڻن ٿيو. ان تي مائي ٿورو شڪي نظرن سان گيري ڏانهن ڏٺو پر رواني ٿي وئي ۽ لڳ ڀڳ ٽن هفتن کان پوءِ هوءِ کلندي منهنجي آفيس ۾ داخل ٿي ۽ چيائين ته تو واري صلاح ڪم ڪيو. هن مثال مان ظاهر ٿيو ته منفي تنقيد ڪرڻ کان لفظي تعريف ڪرڻ بهتر عمل آهي .

گيري اڳتي هلي پيار جي ٻي ٻولي بابت لکي ٿو جيڪا سندس خيال ۾ آهي ته پنهنجي جيون ساٿي سان معياري وقت گڏ گذايو.

اڄڪلهه جي هن جديد دور ۾ زندگي ۾ مسلسل ڀڄ ڊڪ جي ڪري انسان هروقت مختلف رخنن جو شڪار رهي ٿو جڏهن ته وقت انسان جي اهم ملڪيت آهي. انهن رخنن سبب جوڙا جيڪا اهم شئي وڃائن ٿا سا آهي گڏ معياري وقت گذارڻ. رڳو اهو مڪمل ناهي ته هڪ ڪمري يا گهر ۾ گڏجي وقت گذارڻ پر اصل مقصد آهي پنهنجي ساٿي طرف بغير ڪنهن رخني جي مڪمل ڌيان ڏيڻ جيڪو ٻنهي لاءِ بنيادي رستو آهي جنهن سان ٻئي هڪ ٻئي لاءِ پيار محسوس ڪندا ۽ هڪٻئي جي عزت ۽ قدر ڪندا.  

 گيري هتي زور ڏئي ٻڌائي ٿو ته گهڻا جوڙا ٽي وي ڏسندي يا ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي اکيون هوندي پنهنجي ساٿي سان رڳو ٿوري ٿوري وقفي سان ڳالهائيندا آهن ته  اهو سمجهندا آهن ته اسان هڪ ٻئي سان معياري وقت گڏ پيا گذاريون پر حقيقت ۾ اهو معياري وقت گڏ گذارڻ نه پروقت هڪ ٻئي جي ڀرسان گذارڻ آهي. هتي گيري وري پاڻ ئي سوال ٿو ڪري ته معياري وقت اصل ۾ آهي ڇا ۽ جواب ۾ لکي ٿو ته معياري وقت معني هڪ ٻئي سان معياري ڳالهه ٻولهه ڪرڻ يا ڪا معياري سرگرمي گڏ ڪرڻ جيڪا ٻئي گڏ ڪرڻ چاهيندا هجن. مثال طور گڏجي ڪو کاڌو ٺاهڻ، ڪنهن باغ ۾ گڏ گهمڻ، گڏجي گل پوکڻ، ڪو ٽي وي جو شو گڏجي ڏسڻ يا ان کان علاوهه ٻيون به ڪافي سرگرميون ٿي سگهن ٿيون جن جي گڏ ڪرڻ سان کين هڪ ٻئي سان پيار جي اظهار ڪرڻ جو موقعو ملندو. گيري هتي هڪ مثال ڏئي ٿو ته ايملي کي ڪتابن سان چاهه آهي جڏهن ته سندس مڙس کي ڪتابن سان ڪا خاص دلچسپي ناهي پر تنهن هوندي به هو ايملي سان گڏ ڪتابن جي دڪان تي وڃي ٿو ۽ کيس ڪتاب ڳولهڻ ۾ مدد پڻ ڪري ٿو ۽ ايملي به هرو ڀرو گهڻو وقت ڪتابن جي دڪان ۾ نٿي گذاري جو کيس خبر آهي ته سندس مڙس ڪتابن جو شوقين ناهي. اهي سڀ شيون ڪرڻ سان مستقبل ۾ جوڙن کي انتهائي سٺيون لڳنديون جڏهن اهي عمر جي ڪنهن حصي ۾ پهچي پنهنجي پوئين وقت کي گڏجي ياد ڪندا. 

گيري پنهنجي ڪتاب ۾ تحفا ڏيڻ ۽ وٺڻ کي پيار جي ٽين ٻولي لکي ٿو. سندس چوڻ آهي ته تحفا ڏيڻ ۽ وٺڻ دنيا جو تمام پراڻو رواج آهي جيڪو اڄ به پنهنجي زور شور سان جاري آهي. پنهنجي جيون ساٿي کي بغير ڪنهن خاص تقريب جي ڪو ننڍو تحفو ڏيڻ سان پيار ۾ واڌرو ايندو، سندس ان ڳالهه تي به زور آهي ته هڪ ٻئي کي تحفا ڏئي سرپرائيز ڪيو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اوهان جي جيون ساٿي جي بنيادي پيار واري ٻولي جيڪڏهن تحفا وٺڻ آهي ته پوءِ اوهان طرفان ڏنل ننڍو تحفو کيس اوهان طرفان پيار جي اظهار جو هڪ بهترين عمل هوندو. تحفا ڏيڻ مادي طور هڪ ٻئي لاءِ پيار جي اظهار جو هڪ طريقو آهي.

گيري هتي وري هڪ سوال ڪري ٿو ته اوهان کي ڪهڙي قسم جا تحفا ڏيڻ گهرجن ۽ وري پاڻ ئي ان سوال جو جواب ڏيندي لکي ٿو ته  اوهان انهن شين مان اندازو لڳائي سگهو ٿا جيڪي شيون اوهان جي جيون ساٿي کي خوشي ڏين ٿيون، ان سلسلي ۾ اوهان سندس دوستن يا خاندان جي ماڻهن سان پڻ صلاح ڪري سگهو ٿا. هتي گيري ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته تحفن جي قيمت جو ان سان واسطو ناهي، ڪا به ننڍي شئي ڪو وڏو مئسيج ڏئي وڃي ٿي ۽ ڪنهن به ننڍي يا وڏي تحفي ڏيڻ ۾ اصل ۾ مزو ۽ قدر ان ڳالهه جو آهي جو اوهان پنهنجي جيون ساٿي کي تحفو ڏيڻ جو سوچو، ان خيال سان اوهان ٻاهر وڃو ۽ اها شئي وٺي اچي پنهنجي ساٿي کي ڏيو جيڪو پيار جي بهترين اظهار جو سولو طريقو آهي .

هتي گيري پنهنجي هڪ ٻئي ڪلائينٽ جي باري ۾ لکي ٿو ته هو سندس زال کي شروع شروع ۾ تمام گهڻا تحفا ڏيندو هو جيڪي پوءِ ان پيسن جي کوٽ جي ڪري بند ڪري ڇڏيا جنهن سان سندس زال جذباتي طور تي پيار کان محروم ٿيڻ محسوس ڪيو ڇاڪاڻ ته سندس بنيادي پيار واري ٻولي تحفا وٺڻ هيو. گيري جي صلاح تي سندس ڪلائينٽ ٻيهر سندس جيون ساٿي کي رينڊملي ننڍا وڏا تحفا ڏيڻ  شروع ڪيا جنهن سان سندس جيون ساٿي وري پيار محسوس ڪيو.  

گيري روزاني گهر جي ڪم ڪار ۾ هڪٻئي سان هٿ ونڊائڻ کي پيار جي چوٿين ٻولي ۽ پنهنجي جيون ساٿي سان پيار جي اظهار جو هڪ عام رستو ٻڌائي ٿو. هتي گيري سوال ڪري ٿو ڇا اوهان ڪڏهن اهو محسوس ڪيو آهي ته اوهان جو جيون  ساٿي اهو چاهيندو آهي ته اوهان ماني کائڻ کان پوءِ ٿانو پاڻ کڻي رکو، گهر جي ، ڪار جي يا گهر جي ننڍڙي باغ جي صفائي گڏجي ڪرايو يا گڏجي ڪپڙا ڌوئو؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اوهان جي جيون ساٿي جي پرائمري پيار جي ٻولي ايڪٽ آف سروس آهي. 

گيري هتي صلاح ڏئي ٿو ته ڄاڻي واڻي پنهنجي جيون ساٿي جي روز مرهه جي اهڙين شين يا ڪمن ۾ مدد ڪيو جيڪا اوهان کي خبر آهي ته اوهان جو جيون ساٿي ائين ڪرڻ سان اوهان جي تعريف ڪندو يا ان کي خوشي ملندي. روز مرهه جي انهن شين ۾ کوڙ شيون اچي وڃن ٿيون ، رڳو ٿورو غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. گيري هتي وڌيڪ لکي ٿو ته جيئن پيار زوري حاصل نٿو ڪري سگهجي ائين ئي ايڪٽ آف سروس جو هڪ ٻئي کان مطالبو نٿو ڪري سگهجي، اهو رڳو پنهنجي دل سان ڪيو وڃي ته ان جي اهميت رهي ٿي. هتي گيري هڪ ٻي صلاح به ڏئي ٿو ته اوهان کي انهن شين يا ڪمن جيڪي معاشري ۾ مردن يا عورتن لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن انهن تي پڻ  سوچڻو ۽ غور ڪرڻو پوندو يا ان کي ري ايڊجسٽ ڪرڻو پوندو ته جيئن ڪنهن عورت کي يا ڪنهن مرد کي اهو ڪم ڪرڻ ۾ هٻڪ نه ٿئي ته اهو ڪم ته رڳو مائين جو يا رڳو مردن جو آهي. 

هتي هڪ مثال ڏيندي گيري لکي ٿو ته هڪ مرد پنهنجي ننڍپڻ کان ئي پنهنجي گهر ۾ ڪجهه ڪم اهڙا ڏٺا جيڪي رڳو گهر جون عورتون ڪنديو هيون ۽ جڏهن هن پاڻ شادي ڪئي ته انهن پراڻين ڳالهين ۽ مردن واري انا پرستي کي جاري رکڻ بنا هن پنهنجي جيون ساٿياڻي جو هر ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو ۽ هن محسوس ڪيو ته سندس زال تمام خوش هئي جو سندس گهر وارو هن جي مدد ڪري رهيو هيو ۽  سندس زال جي نظرن ۾ هن لاءِ پيار، عزت ۽ قدر وڌي ويو.

گيري پيار جي پنجين ٻولي فزيڪل ٽچ لکي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته فزيڪل ٽچ به گهڻن ماڻهن جي بنيادي پيار جي ٻولي ٿي سگهي ٿي. مثال ڏيندي لکي ٿو ته جن ٻارن کي ننڍي هوندي پاڻ هنج ۾ کڻون ٿا يا چميون ڏيون ٿا ته اهي پنهنجي زندگي ۾ جذباتي طور صحت مند ۽ طاقتور ٿين ٿا. گيري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اوهان جي جيون ساٿي جي فزيڪل ٽچ ئي بنيادي پيار جي ٻولي آهي ته پوءِ اوهان کي پنهنجي جيون ساثي سان ان ٻولي ۾ ڳالهائڻ سان ، مثال طور هٿ هٿ ۾ ڏئي هلڻ، چميون ڏيڻ يا ڀاڪر پائڻ سان پيار جي صحيح اظهار جو موقعو ملندو. 

گيري وڌيڪ لکي ٿو ته اوهان کي جيڪڏهن پنهنجي پيار جي بنيادي ٻولي بابت معلوم ڪرڻو آهي ته پوءِ اوهان کي سوچڻو پوندي ته ڪهڙي شئي اوهان کي جذباتي طور مڪمل ۽ مطمعن ڪري ٿي ۽ جنهن جي ڪرڻ  سان اوهان ان جو ڀرپو قدر ڪيو ٿا، پوءِ اها اوهان جي ڪنهن ڪم ڪرڻ جي ڪري  تعريف هجي يا ڪنهن سان گڏ وقت گذارڻ هجي. گيري هتي هڪ ٻيو مثال ڏيندي لکي ٿو ته زندگي ۾ اوهان پنهنجي ڏکئي وقت يا ڪن ماڻهن جي خراب روين جي ڪري يا ننڍ پڻ جي سٺن يا خراب يادن مان به سکي سگهو ٿا ته اوهان جي اصل ۾ پيار جي بنيادي ٻولي ڪهڙي آهي جنهن جي ڪرڻ سان اوهان پنهنجي جيون ساٿي جو قدر ڪندئو. 

 گيري آخر ۾ لکي ٿو ته وڏي ۾ وڏو تحفو جيڪو اوهان پنهنجي جيون ساٿي کي ڏيو ٿا اهو ڪو هيرن جي منڊي، گل يا ڪا مهانگي ڪار ناهي پر اها اصل ۾ اوهان جو پاڻ پنهنجي جيون ساٿي کي ڏيڻو آهي جنهن جو مطلب آهي ته پنهنجي جيون ساٿي سان هر ڏک سک ۾ گڏ بيهڻ. اوهان جيڪڏهن ائين ڪندا ته پوءِ اوهان حيرت ۾ پئجي ويندا ته انهن ڳالهين ۾ ڪيتري نه طاقت آهي. گيري جو هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مون کي شاگردن واري هاسٽل جو دوست ياد آيو جنهن جو مثال مون مٿي شروع ۾ ڏنوآهي ۽ مونکي هاڻي سندس قصو سمجهه ۾ آيو.  

___________

عبداللہ عثمان مورائي، گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي ۽ سُئيڊن ۾ آباد آھي. ھُو وڏي تعداد ۾ سفرنامن ۽ ڪالمن جو ليکڪ آھي  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button