ملير ۾ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪِلنگ: حڪومت لاءِ ھڪ چئلينج
ڪراچيءَ جي ملير ضلعي ۾ ٿوري وقت اندر ٽن پوليس اھلڪارن کي منظم نموني قتل ڪيو ويو آھي.
ملير امن امان جي حوالي سان گھڻن ئي سالن کان انتهائي حساس علائقو سمجهيو ويندو آهي. هتي ڏوهن ۾ ملوث ٽولا، منشيات فروش ۽ مختلف مافيائن جون پاڙون گهريون آھن
سامي ميمڻ
ڪراچي جو ضلعو ملير امن امان جي حوالي سان ڪيترن سالن کان انتهائي حساس علائقو سمجهيو ويندو رهيو آهي هتي ڏوهن ۾ ملوث ٽولا، منشيات فروش ۽ مختلف مافيائن جون پاڙون گهريون آهن. پر تازن ڏينهن ۾ هڪ نئون ۽ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو لاڙو سامهون آيو آهي: پوليس اهلڪارن کي منظم طريقي سان نشانو بڻائي قتل ڪرڻ. هيستائين ٽي پوليس اهلڪار مٽيرو ڀرڳڙي، محمد خان ابڙو ۽ عبدالڪريم جوکيو ٽارگيٽ ڪري ماريا ويا آهن.

هي واقعا نه رڳو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ وڏو چئلينج آهن پر سڄي سماج لاءِ پڻ ڳڻتيءَ جوڳا آهن. تازن مهينن ۾ ملير جي مختلف علائقن، خاص طور تي شاهه لطيف ٽائون ۽ ان جي آس پاس، پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿيا آهن. ٽي اهلڪار ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ قتل ٿي ويا، جن کي ويجهو فائر ڪري نشانو بڻايو ويو. واقعي واري هنڌان ملندڙ خول ۽ ٻيا ثبوت ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته اهي وارداتون منظم منصوبا بندي سان ڪيون ويون آهن . جوابدار هر دفعي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته انهن جي پويان هڪ منظم نيٽ ورڪ ڪم ڪري رهيو آهي.
انهن حملن جا ڪيترائي ممڪن سبب ٿي سگهن ٿا. ملير ۾ پوليس ڪيترن ئي آپريشنن دوران ڏوهارين، منشيات فروشن ۽ ٻين ڏوھارين کي گرفتار ڪيو يا ماريو آھي. اهي گروهه بدلي طور پوليس کي نشانو بڻائي سگهن ٿا.ڏوهاري ٽولن جو دٻاءُ بہ ھڪ ڪارڻ آھي. منشيات ۽ هٿيارن جي سمگلنگ ڪندڙ ٽولا پوليس تي دٻاءُ وجهي پنهنجي نيٽ ورڪ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اهلڪارن کي نشانو بڻائين ٿا. ڪراچيءَ ۾ اڳ به بندش پيل تنظيمون پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن کي نشانو بڻائينديون رهيون آهن. موجوده صورتحال ان جو تسلسل بہ ٿي سگهي ٿي.
پوليس اهلڪارن تي بار بار ٿيندڙ حملا سماجي سطح تي به وڏا اثر ڇڏين ٿا. ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو خيال ويهي وڃي ٿو ته جيڪڏهن پوليس پاڻ محفوظ ناهي ته عام ماڻهو ڪيئن محفوظ ٿي سگهندا. اهڙي صورتحال خوف جو احساس وڌائي ٿي. ٻي طرف پوليس اهلڪارن جو حوصلو به متاثر ٿئي ٿو ۽ هو پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا، جنهن جو سڌو اثر انهن جي ڪارڪردگي تي پوي ٿو.رياست ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي فرنٽ لائين سپاهين جي حفاظت کي يقيني بڻائين. ان لاءِ ڪجهه قدم لازمي آهن پوليس اهلڪارن کي بُلٽ پروف جيڪٽون، جديد هٿيار ۽ فوري ردعمل جا اوزار فراهم ڪيا وڃن.
ڳجھا ادارا ڏوهارين جي سرگرمين تي ويجهو نظر رکن ۽ بروقت ڪارروائي ڪن. رينجرز، پوليس ۽ ٻيا ادارا گڏجي هڪجهڙي حڪمت عملي تحت آپريشن ڪن ته جيئن ڏوھارين جي نيٽ ورڪن کي ٽوڙي سگهجي. ساڳي وقت شفاف تحقيقات ذريعي مارجي ويل اهلڪارن جي ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي.
ڏوهن جي خلاف جنگ صرف پوليس يا رياستي ادارن جي ذميواري ناهي. عوام کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. شهرين کي گهرجي ته مشڪوڪ سرگرمين جو فوري اطلاع پوليس کي ڏين ۽ ڏوهارين خلاف شاهدي ڏيڻ کان نه ڪيٻائين.
ملير ۾ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ نه رڳو هڪ الميو آهي پر امن امان جي نظام لاءِ به وڏو چئلينج آهي. ٽن پوليس اهلڪارن کي منظم طريقي سان نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڏوهاري عنصر رياست کي سڌو سنئون چئلينج ڪري رهيا آهن.
__________________

سامي ميمڻ ڪراچيءَ جي ملير ضلعي جو سينئر صحافي آھي