سچو سنت ڪير؟ سچائي، امن، عالمگير محبت، ۽ انساني ڀلائيءَ لاءِ وقف ڪردار
جيڪڏهن ڪنھن منجھ سچي سنت واريون وصفون ڪونھن تہ پوءِ محض عقيدت يا موروثيت جي بنياد تي ان کي ڪنھن سنت جي گادي تي ويھارڻ ڇا مناسب ۽ انصاف جوڳي ڳالھ آهي؟

جڳديش آھوجا
سچي سنت جي وصف سنڌيءَ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي انجڻ چئٽ جي پي ٽي ۾ ھن ريت بيان ڪئي وڃي ٿي:
سچي سنت جي وصف ڪيترن ئي روحاني ۽ اخلاقي روايتن ۾ ملي ٿي، پر بنيادي ڳالهيون لڳ ڀڳ ساڳيون آهن. سچو سنت اهو هوندو آهي جيڪو صرف ظاهري لباس يا دعوائن سان نہ، پر پنهنجي ڪردار، محبت ۽ عمل سان سڃاتو وڃي.
سچي سنت جون خاص وصفون
سچائي ۽ ايمانداري: سندس قول ۽ فعل ۾ فرق نہ هوندو آهي. هو ڪوڙ، ٺڳي يا منافقت کان پري هوندو آهي.
انسان دوستي: سچو سنت هر انسان سان محبت، رحم ۽ برابري جو ورتاءُ ڪندو آھي، بنا ڪنهن ذات، مذهب يا طبقي جي فرق جي.
انڪساري (نوڙت): سچو سنت وڏائي، تڪبر ۽ شهرت جي خواهش کان پري هوندو آهي. پاڻ کي ٻين کان مٿانهون نہ سمجهندو آھي.
لالچ کان پاڪ: سچو سنت دولت، طاقت يا دنياوي مفادن لاءِ روحانيت جو استعمال نہ ڪندو آهي.
بردباري ۽ صبر: سچو سنت ڏکن، تنقيد يا مخالفت ۾ بہ صبر ۽ تحمل سان ڪم وٺندو آهي.
خدمت جو جذبو: سچو سنت انسانن جي ڀلائي، مدد ۽ خدمت کي عبادت سمجهندو آهي.
روحاني سڪون: سندس صحبت ۾ ماڻهن کي امن، سڪون ۽ اخلاقي سڌاري جو احساس ٿيندو آھي.
عمل کي اهميت: سچو سنت صرف وعظ سان نہ، پر پنهنجي عملي زندگيءَ سان مثال قائم ڪندو آھي.
سنڌي صوفي روايت ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ساميءَ جهڙن بزرگن سچي سنت کي محبت، سچ، رواداري ۽ انسانيت سان جوڙيو آهي.
شاهه لطيف جو فڪر بہ چوي ٿو تہ:
“جيڪو پاڻ سڌريل آهي، اهو ئي ٻين لاءِ روشني بڻجي سگهي ٿو.”
مختصر طور بيان ڪجي تہ ”سچو سنت اهو آهي جنهن جي دل ۾ خدا جي محبت ۽ انسانن لاءِ درد هجي، ۽ جنهن جي زندگي ٻين لاءِ خير، امن ۽ سچائي جو مثال بڻجي.”
ڳولا جي عالمي انجڻ گوگل تي ان سوال جو جواب وري ھن ريت ملي ٿو:
سوال:
سناتن ڌرم ۾ سنت ڪنھن کي چيو وڃي ٿو؟
جواب:
سناتن ڌرم ۾ سنت ان روحاني شخصيت کي چيو ويندو آهي، جنهن پنهنجي نفس، خواهشن ۽ انا تي قابو پائي ورتو هجي۔ اهڙا ماڻهو سچائي، امن، عالمگير محبت، ۽ انساني ڀلائي لاءِ وقف هوندا آهن ۽ انهن کي اعليٰ روحاني سگهه حاصل هوندي آهي۔
سنتن بابت ڪجهه اهم تفصيل هيٺين ريت آهن:
خاص سڃاڻپ: سنت اهو شخص آهي جنهن کي مادي دنيوي شين ۾ ڪا دلچسپي نہ هجي ۽ کيس الاهي سچ جي حقيقي ڄاڻ هجي۔
ڀڳتي (عقيدت) جو رستو: روايتي طور تي، “سنت” جو لفظ ڀڳتي تحريڪ (Bhakti Movement) جي شاعرن ۽ روحاني اڳواڻن لاءِ استعمال ٿيندو هو، جن پنهنجي شاعري ۽ تعليم ذريعي ماڻهن کي سڌو رستو ڏيکاريو، جيئن *ڪبير، تلسي داس، ۽ سنت ميرا ٻائي۔
گرو جي حيثيت: سنتن کي عام ماڻهو پنهنجو گُرو (مرشد) مڃيندا آهن، جيڪي انهن جي زندگين مان اوندهہ ختم ڪري کين موڪش (مُڪتي يا نجات) طرف وٺي وڃن ٿا۔
مذهبي رواداري: سنت ڪنهن هڪ خاص فرقي يا مذهب تائين محدود ناهن هوندا، پر اهي سڀني انسانن کي هڪ نظر سان ڏسندا آهن ۽ مذهبي رواداري جا علمبردار هوندا آهن۔
ھاڻي اوھان پاڻ ئي فيصلو ڪيو تہ رھڙڪي درٻار جي گديءَ تي ويھڻ جو صحيح حقدار ڪير آهي؟
ڪير آھي، جنھن کي مادي دنيوي شين ۾ ڪا دلچسپي ناھي؟
ڪير آھي، جنھن کي الاھي سچ جي حقيقي ڄاڻ آهي؟
ڪير آهي، جيڪو/جيڪا سڀني انسانن کي ھڪ نظر سان ڏسي ٿو/ٿي؟
ڪير آھي، جنھن منجھ اھا شڪتي اھا روشني ھجي، جنھن سان عام انسانن جي زندگين مان اوندھ ختم ٿي سگھي ۽ اھي نجات جي راہ تي ھلي پون؟
ڪير آھي، جنھن پنھنجي نفس، خواھشن ۽ انا تي قابو پائي ورتو ھجي؟
ڪير آهي، جنھن جي زندگي سچائي، امن، عالمگير محبت ۽ انساني ڀلائي لاءِ وقف ٿيل آهي؟
ڪير آھي، جيڪو صرف وعظ سان نہ، پر پنھنجي عملي زندگيءَ سان مثال بڻجڻ جي سگھ رکندو ھجي؟
جيڪڏهن ڪنھن منجھ سچي سنت واريون وصفون ڪونھن تہ پوءِ محض عقيدت يا موروثيت جي بنياد تي ان کي ڪنھن سنت جي گادي تي ويھارڻ ڇا مناسب ۽ انصاف جوڳي ڳالھ آهي؟
ڇا اھا پنھنجو پاڻ سان، پنھنجي دين ڌرم سان، پنھنجي ديس ۽ ديس واسين سان دشمني، دوکو ۽ نا انصافي ڪرڻ ناھي؟
اسان وري ھر اصول پسند ڳالهہ کي اھو چئي ٽاري ڇڏيندا آهيون تہ ادا، اھڙا ماڻھو اڄ جي دور ۾ آھن ئي ڪونہ، ڪٿان آڻيون اھڙا سنت، اھڙا انسان؟
سچ پچ تہ اھڙا دليل ڏئي اسين پاڻ کي بہ دوکو ڏيندا آھيون ۽ ٻين کي بہ.
دنيا تي ايڏي اوندھ ڪڏھن بہ ڇانيل نہ رھي آھي جو اھڙا انسان، اھڙا سنت موجود نہ ھجن، بس اسان جون پنھنجون نفساني خواهشون ۽ خسيس مفاد ايتري تہ مٿانهين حيثيت اختيار ڪري وٺندا آھن جو اسان کي سچا، کرا، نيڪ ۽ بي غرض انسان بيڪار، نڪما ۽ ڪنھن نہ ڪم جا نظر ايندا آهن ۽ اسان انھن کي نظرانداز ڪري پنهنجي مطلب جي ماڻھن کي وڏو، ڪارائتو ۽ حقدار ڪري پيش ڪندا آھيون.
اوھان پاڻ ئي ٻڌايو تہ ڇا اسان ڪڏھن پنهنجي سچن سنتن، سامين ۽ انسانيت جي ھڏ ڏوکين جي جانشيني لاءِ انھن معيارن کي آڏو رکندا آهيون؟
گرو نانڪ کي جڏھن پنھنجي پٽن ۾ اھا مڻيا نظر نہ آئي تہ ھن ھڪ اھڙي نيڪ انسان جي چونڊ ڪئي جنھن ۾ ڪا لالچ لوڀ نہ ھيو، ڪا اھڙي دنيوي خواھش نہ ھئي جيڪا سندس روشنيءَ جو مينار بڻجڻ جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجي. گرو نانڪ پنھنجي جانشيني لاءِ چونڊ ڪندي پنھنجي ڪنھن پٽ بدران پنهنجي مڻيادار شيواداري ڀائي لھڻي کي ان جو حقدار سمجھيو ۽ ان کي پنهنجي جسم ۽ روح جو حصو قرار ڏئي انسانذات جي خدمت جي مشن کي اڳتي وڌايو.
جي گرو نانڪ بہ چاھي ھا تہ اھو چئي پئي سگھيو تہ ڪٿي آھن اھڙا انسان، مان پنهنجي پٽ کي ئي ٿو گاديءَ تي ويھاريان؟
اھڙا نيڪ انسان ھر جڳ ۾ ھوندا آھن بس سماج ۽ ماڻهو ئي فيصلو ڪندا آھن تہ مٿن راڄ ڪير ڪري:
سچو سنت يا مطلبي انسان.
‘ھيء پنھنجي ڪرڻي ڀرڻي آ’
_________________

جڳديش آهوجا ڪراچي، سنڌ ۾ رھي ٿو. لاڙڪاڻو سندس جنم ڀومي آھي. ھُو سياست، تاريخ، بين الاقوامي تعلقات ۽ فلسفي جو شاگرد ھجڻ سان گڏ ڪالم نگار ۽ ڪجھ ڪتابن جو ليکڪ، سنڌو واس فائونڊيشن جو باني صدر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو اڳواڻ آھي. ھُن برٽش ڪمپني Pinch Media پاران سنڌ ۽ سنڌي ڪميونٽي تي ٺاھيل دستاويزي فلم ‘اڃان بہ قائم’ Still Standing ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.




Well said