Editor's pickMain Slideڪالم

آفريقي ادب: مردانگيءَ جي مخصوص تصور ۾ قيد ھڪ شخص جي ڪھاڻي

نائجيريا جي جڳ مشھور ناول نگار چينوا اچيبي جي ناول ٿِنگز فال اپارٽ Things Fall Apart  جو اڀياس.

ناول جي مرڪزي ڪردار جو مڃڻ آهي ته هڪ مرد ٿيڻ جو مطلب سخت، خوفناڪ ۽ نه جهڪڻ وارو هجڻ آهي. پر زندگي صرف سختيءَ سان ناهي گذربي. ڪڏهن ڪڏهن بقا لاءِ صبر، تخيل ۽ بغير ٽٽڻ جي لچڪ (جهڪڻ) جي ضرورت هوندي آهي. اھو شخص جهڪي نٿو سگهي، تنهنڪري هُو ٽٽي پوي ٿو.

چينوا اچيبي  Chinua Achebe (16 نومبر 1930ع کان 21 مارچ 2013ع)، جنهن جو اصل نالو البرٽ چينوالوموگو اچيبي هو، نائيجيريا سان تعلق رکندڙ هڪ ناول نگار، شاعر ۽ نقاد هو، جنهن کي جديد افريقي ادب جي مرڪزي شخصيت تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس پهريون ناول ۽ عظيم شاهڪار، “ٿنگس فال اپارٽ” Things Fall Apart آفريقي ادب ۾ هڪ اهم ۽ بنيادي مقام رکي ٿو. هيءُ ناول اڄ به سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ، ترجمو ٿيندڙ ۽ تعليمي حوالي سان مطالعو ڪيو ويندڙ آفريقي ناول آهي.

چينوا اچيبي جو ناول “ٿنگز فال اپارٽ”، جيڪو پهريون ڀيرو 1958ع ۾ شايع ٿيو، ويهين صديءَ جي اهم ترين ناولن مان هڪ آهي. پر هن جي عظمت صرف تاريخي اهميت جي ڪري ناهي، بلڪه ان جو سبب اهو گهرو انساني قصو آهي جنهن ۾ اهڙي شخص جي ڪهاڻي بيان ڪئي وئي آهي، جيڪو هڪ اهڙي دنيا ۾ پاڻ کي مضبوط رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جيڪا خاموشيءَ سان سندس چوڌاري ٽٽي رهي آهي.

هن ناول جو مرڪزي ڪردار اوڪونڪوو (Okonkwo) آهي، جيڪو اگبو (Igbo) قبيلي جي ڳوٺ ‘اموفيا’ جي طاقتور ترين ماڻهن مان هڪ آهي. هو پنهنجي طاقت، بهادري، ملهه وڙهڻ جي مهارت، دولت ۽ سخت نظم و ضبط جي ڪري مشهور آهي. هو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي ماڻهو پري کان رِيس سان ڏسندا آهن ۽ ويجهو هجڻ تي کانئس خوف کائيندا آهن.

پر اوڪونڪوو جي اها طاقت پُرامن ناهي. اها خوف تي ٻڌل آهي.

هو ان ڳالهه کان سخت ڊڄي ٿو ته ڪٿي هو پنهنجي پيءُ ‘انوڪا’ جهڙو نه بڻجي وڃي جيڪو هڪ نرم دل، غريب ۽ ناڪام ماڻهو هو، جنهن کي لقبن ۽ دولت کان وڌيڪ موسيقي، گفتگو ۽ زندگيءَ جي خوشين سان لڳاءُ هو. اوڪونڪوو جي نظر ۾ هن جو پيءُ ڪمزوريءَ جي علامت هو. تنهنڪري هن پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي پيءُ جي ابتڙ بڻجڻ جي ڪوشش ۾ گذاري ڇڏي.

سندس پيءُ نرم هو، پر هُو سخت بڻجي ويو.

سندس پيءُ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪندو هو، پر هُو خاموش رهيو.

سندس پيءُ رحمدل هو، پر هُو تشدد پسند بڻجي ويو.

سندس پيءُ ناڪام هو، پر هو ڪامياب انسان بڻجي ويو.

پر اها ئي اوڪونڪوو جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي ناڪامي آهي: پنهنجي پيءُ جهڙو نه بڻجڻ جي جنون ۾، هو پنهنجي اندر جي انساني نرمي وڃائي ويهي ٿو. هو شفقت کي ڪمزوري، خوف کي نظم و ضبط ۽ ظلم کي طاقت سمجهڻ جي غلطي ڪري ويهي ٿو.

آفريقي ليکڪ اچيبي

اچيبي هن ناول ۾ هڪ حيران ڪندڙ ڪم ڪيو آهي. هو نوآبادياتي دور کان اڳ واري اگبو زندگيءَ کي رڳو سادي، مڪمل يا رومانوي انداز ۾ پيش نٿو ڪري. اموفيا جو سماج امير، پيچيده، خوبصورت ۽ انتهائي منظم آهي. ان جا پنهنجا رسم رواج، قانون، شاعري، پهاڪا، ميلا، خانداني رشتا، اباڻا عقيدا ۽ انصاف جو هڪ مضبوط نظام آهي. اتي جا ماڻهو پنهنجي هڪ خاص دنيا ۾ رهن ٿا.

پر ان دنيا ۾ سختي پڻ آهي.

اتان جا ڪجهه رواج بيگناهه ماڻهن کي مجروح ڪن ٿا. ڪجهه پل اهڙا آهن جتي روايتون ظالم بڻجي وڃن ٿيون. اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي صرف ان ڪري تڪليفون سهن ٿا، ڇاڪاڻ ته سماج جو خيال آهي ته هو مقدس قانون جي پيروي ڪري رهيو آهي.

اها ئي ڳالهه هن ناول کي طاقتور بڻائي ٿي. اچيبي رڳو اها ڪهاڻي نٿو لکي ته “ڀلي ماڻهن کي ٻاهرين ماڻهن اچي تباهه ڪيو.” هو ان کان وڌيڪ گهري ڳالهه ڪري ٿو: هڪ اهڙو سماج جنهن ۾ خوبصورتي به آهي ته خاميون به، عزت به آهي ته تشدد به، حڪمت به آهي ته انڌو عقيدو به.

پوءِ مبلغ (Missionaries) اچن ٿا.

شروعات ۾، سندن اچڻ قبضي وانگر نٿو لڳي. هو مذهب کڻي اچن ٿا. هو هڪ نئين خدا جي ڳالهه ڪن ٿا. هو انهن ماڻهن کي تسلي ڏين ٿا جن کي پراڻي نظام رد ڪري ڇڏيو هو. سماج مان نڪتل ماڻهو، پريشان حال ماڻهو، ۽ اهي جيڪي ڳوٺ جي سخت رسمن جا ستايل هئا.

هي “ٿنگز فال اپارٽ” جو سڀ کان شاندار حصو آهي. اچيبي ڏيکاري ٿو ته نوآباديت (Colonialism) هميشه فوجن سان شروع ناهي ٿيندي. ڪڏهن ڪڏهن اها هڪ سوال سان شروع ٿيندي آهي. ڪڏهن اها سماج ۾ اڳي ئي موجود ڏارن جي ذريعي داخل ٿيندي آهي. ڪڏهن اها ان ڪري وڌندي آهي جو ڪجهه ماڻهو، جن کي عرصي کان نظرانداز يا ذليل ڪيو ويو هو، آخرڪار هڪ اهڙي جاءِ ڳولي وٺندا آهن جتي انهن کي قبول ڪيو وڃي.

پر آهستي آهستي، نئين مذهب سان گڏ نوان قانون، نيون عدالتون، نيون سزائون ۽ نئين طاقت اچي وڃي ٿي.

اموفيا جو مرڪز ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو.

پراڻن خدائن تي سوال اٿن ٿا.

پراڻن رواج تي ٽوڪون ڪيون وڃن ٿيون.

پراڻا اڳواڻ پنهنجو اختيار وڃائي ويهن ٿا.

۽ اوڪونڪوو، جنهن پنهنجي سڄي سڃاڻپ رڳو طاقت تي ٻڌي هئي، ان دنيا کي سمجهڻ کان قاصر آهي جتي هاڻي اها طاقت ڪم نٿي اچي.

هو هڪ مرد سان وڙهڻ ڄاڻي ٿو.

هو هڪ “نظريي” سان وڙهڻ نٿو ڄاڻي.

هو بي عزتيءَ جو جواب تشدد سان ڏيڻ ڄاڻي ٿو.

هو تبديليءَ سان گڏ زنده رهڻ نٿو ڄاڻي.

اهو ئي سبب آهي ته “ٿنگز فال اپارٽ” صرف نوآباديت جي ڪهاڻي ناهي. اها هڪ اهڙي مرد جي ڪهاڻي آهي جيڪو مردانگي جي هڪ مخصوص تصور ۾ قيد آهي. اوڪونڪوو جو مڃڻ آهي ته هڪ مرد ٿيڻ جو مطلب سخت، خوفناڪ ۽ نه جهڪڻ وارو هجڻ آهي. پر زندگي صرف سختيءَ سان ناهي گذربي. ڪڏهن ڪڏهن بقا لاءِ صبر، تخيل ۽ بغير ٽٽڻ جي لچڪ (جهڪڻ) جي ضرورت هوندي آهي.

اوڪونڪوو جهڪي نٿو سگهي. تنهنڪري هو ٽٽي پوي ٿو.

ناول جو عنوان ڊبليو. بي. ييٽس جي نظم “دي سيڪنڊ ڪمنگ” مان ورتل آهي: “شيون وکري رهيون آهن، مرڪز قائم رهي نٿو سگهي.” اها سٽ اچيبي جي ناول جي روح کي مڪمل طور عيان ڪري ٿي. اوڪونڪوو جي دنيا جو مرڪز قائم نٿو رهي سگهي. اموفيا جو مرڪز قائم نٿو رهي سگهي. هڪ پوري تهذيب جو مرڪز انهن طاقتن سبب لڏي ويو آهي جيڪي ايتريون وڏيون آهن جو هڪ شخص انهن کي شڪست نٿو ڏئي سگهي.

پر شايد سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته اوڪونڪوو صرف ان ڪري نٿو ڪري جو دنيا بدلجي وئي آهي.

هو ان ڪري ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هو پاڻ کي دنيا سان گڏ بدلائي نٿو سگهي.

اچيبي جي لکڻي سادي، چٽي ۽ خاموش طاقت سان ڀرپور آهي. سندس جملا اڪثر ڪري “زباني دانائي” (Spoken wisdom) وانگر لڳن ٿا. پهاڪن جو استعمال ناول کي هڪ گهرو ثقافتي سنگيت عطا ڪري ٿو. اگبو سماج ۾، جيئن اچيبي ٻڌائي ٿو، پهاڪا “اهو تيل آهن جنهن سان لفظ کاڌا وڃن ٿا.” اها هڪڙي ڳالهه اسان کي گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿي: ٻولي صرف رابطي جو ذريعو ناهي؛ اها روايت، حسن، يادگيري ۽ وقار آهي.

۽ ان ڪري ئي اچيبي جو ناول انقلابي هو. هڪ ڊگهي وقت تائين، مغربي ادب ۾ آفريڪي سماجن کي بي زبان، وحشي يا بغير تاريخ جي پيش ڪيو ويو هو. اچيبي ان جو جواب صرف ڪاوڙ سان نه پر آرٽ سان ڏنو. هن پنهنجي ماڻهن کي ٻولي، گهرائي، نالا، رواج، مزاح، ڏک ۽ انسانيت ڏني.

هن ڏيکاريو ته آفريڪا ڪڏهن به ڪا خالي جڳهه نه هئي جيڪا ڪنهن جي دريافت جي انتظار ۾ هجي.

اهو اڳي ئي ڪهاڻين سان ڀريل هو.

قانونن سان ڀريل هو.

خدائن سان ڀريل هو.

شاعريءَ سان ڀريل هو.

انساني روحن سان ڀريل هو.

“ٿنگز فال اپارٽ” جي پڄاڻي ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي ڇاڪاڻ ته اها هڪ عظيم انساني الميئي کي هڪ ننڍڙي نوآبادياتي رپورٽ تائين محدود ڪري ڇڏي ٿي. اوڪونڪوو جي زندگي پنهنجي سموري اميدن، تڪليفن، خوف، فخر، تشدد ۽ ڏکن سان گڏ صرف هڪ ٻئي شخص (گوري آفيسر) جي ڪتاب جو هڪ معمولي حصو بڻجي وڃي ٿي. اها اچيبي جي نوآبادياتي تاريخ تي سخت ترين تنقيد آهي: اها صرف ماڻهن کي فتح نٿي ڪري؛ اها انهن جي ڪهاڻين کي به ميساري ڇڏي ٿي.

۽ ان ڪري ئي هي ناول اڄ به اهميت رکي ٿو.

ڇاڪاڻ ته تاريخ اڪثر اهي لکندا آهن جن وٽ طاقت هوندي آهي.

پر ادب انهن ماڻهن کي وقار موٽائي ڏئي سگهي ٿو جن کي غلط سمجهيو ويو، جن کي خاموش ڪيو ويو يا جن کي صرف حاشيئي تائين محدود ڪيو ويو.

“ٿنگز فال اپارٽ” ناقابل فراموش آهي ڇاڪاڻ ته اهو ذاتي به آهي ته تاريخي به. اهو هڪ شخص جي زوال جي باري ۾ آهي، پر هڪ دنيا جي ٽٽڻ باري پڻ. اهو اسان کان تڪليف ڏيندڙ سوال پڇي ٿو: حقيقي طاقت ڇا آهي؟ ڇا ٿيندو آهي جڏهن روايت پنهنجي ماڻهن جي حفاظت نٿي ڪري سگهي؟ ڇا ٿيندو آهي جڏهن تبديلي هڪ گفتگو جي صورت ۾ نه پر قبضي جي صورت ۾ اچي ٿي؟ ۽ هڪ انسان جو ڪيترو حصو تڏهن ختم ٿي وڃي ٿو جڏهن اها دنيا ئي غائب ٿي وڃي جيڪا کيس معني ڏيندي هئي؟

اوڪونڪوو اهڙو ماڻهو ناهي جنهن سان آسانيءَ سان محبت ڪري سگهجي.

پر کيس وسارڻ ناممڪن آهي.

هو مغرور، تشدد پسند، زخمي، قابلِ تعريف ۽ الميائي ڪردار آهي. هو پنهنجي ثقافت جي پيداوار به آهي ته پنهنجي خوف جو قيدي پڻ. هن جي زندگي اسان کي ياد ڏياري ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن سڀ کان مضبوط نظر اچڻ وارا ماڻهو پنهنجي اندر ۾ تمام گهرو خوف کڻي گهمندا آهن.

“ٿنگز فال اپارٽ” صرف آفريڪا، نوآباديت يا روايت بابت ناول ناهي.

اهو “ٽٽڻ” (Collapse) جو ناول آهي.

هڪ شخص جو ٽٽڻ.

هڪ خاندان جو ٽٽڻ.

هڪ ڳوٺ جو ٽٽڻ.

هڪ پوري دنيا جو ٽٽڻ.

۽ شايد ان جو سڀ کان گهرو ڏک اهو آهي ته: جيستائين سڀني کي احساس ٿئي ٿو ته شيون وکري رهيون آهن، تيستائين انهن کي ٻيهر جوڙڻ لاءِ تمام گهڻي دير ٿي چڪي هوندي آهي.

_____________

انگريزيءَ تان ترجمو: جيمناءِ

ايڊيٽنگ: نصير اعجاز  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button