Editor's pickMain Slideدنياڏکڻ اوڀر ايشيا

جپان جي پهرين عورت وزيراعظم سانائي ٽاڪا ايچي: همت، عزم ۽ تبديليءَ جو اُھڃاڻ

سانائي ٽاڪا ايچيءَ جي قيادت جپان لاءِ هڪ نئون باب آهي، اهڙو باب جنھن ۾ عورتن جي اڳواڻي، قومپرستيءَ جي نئين تشريح ۽ جديد جاپان جي عالمي سڃاڻپ شامل آھي

هوءَ ڏهه ڀيرا پارليامينٽ جي ميمبر چونڊجي چڪي آهي، صرف هڪ ڀيرو شڪست کاڌائين، جيڪا به مختصر وقت لاءِ هئي۔ هوءَ جپاني حڪومت ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهي آهي

مُشتاق ٽانوري

جپان جي جديد تاريخ ۾ هڪ نئون باب ان وقت لکجي ويو، جڏهن ملڪ جي حڪمران پارٽي لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ (ايل ڊي پي) جي اڳواڻ سانائي ٽاڪا ايچي ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي وئي. اهو نه رُڳو جپان لاءِ پر سڄي ايشيا جي سياسي تاريخ لاءِ به هڪ اهم موڙ آهي، جتي عورتن جي سياسي قيادت اڃا تائين محدود ڏسبي آهي۔ سانائي ٽاڪا ايچي پنهنجي زندگيءَ جي ابتدا کان ئي هڪ غير معمولي شخصيت رهي آهي۔ هوءَ 1961ع ۾ جپان جي نارا پريفڪچر  ۾ ڄائي، جيڪو علائقو پنهنجي قديم مندرن ۽ ثقافتي ورثي لاءِ مشهور آهي۔ سندس والد هڪ آفيس ورڪر ۽ والدہ پوليس آفيسر هئي، ٻنهي مان ڪنهن جو به سياست سان پري جو  واسطو به نه هو، جنهن سبب ٽاڪا ايچيءَ جو سياسي ميدان ۾ اچڻ هڪ غير متوقع ۽ همت ڀريو قدم هو۔

ٻالڪپڻ کان ئي هوءَ متحرڪ، تجسس ڀري ۽ پنهنجي سوچ ۾ آزادي پسند هئي۔ اسڪول ۾ هوءَ رڳو پڙهائي ۾ نه پر موسيقي ۽ راندين واري شوق ۾ به اڳڀري هئي۔ هوءَ هڪ هيڱي ميٽل بئنڊ ۾ ڊرم وڄائيندڙ  طور ڪم ڪندي هئي۔ ڊرم وڄائڻ وقت هوءَ هڪ ئي وقت ڪيترائي ڊرم اسٽڪس هٿ ۾ رکندي هئي، ڇاڪاڻ تہ جوش ۽ طاقت جي سان ڊرم وڄائيندي اهي ٽٽندا رهندا هئا۔ سندس شوق صرف موسيقي تائين محدود نه هو، هوءَ اسڪوبا ڊائيوِنگ، گاڏين هلائڻ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي نون تجربن ۾ به دلچسپي رکندي آهي۔ سندس پسنديده ڪار ٽويوٽا سپرا  اڄ به نارا جي ميوزيم ۾ سندس يادگار طور رکيل آهي، جيڪا سندس زندگيءَ جي غير روايتي رخن کي ظاهر ڪري ٿي۔

سياست ۾ سندس دلچسپي 1980ع واري ڏهاڪي  ۾ وڌڻ لڳي، جڏهن جپان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري تڪرار پنهنجي عروج تي هئا۔ جپان کي ان وقت آمريڪي ميڊيا ۾ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پئي ويو۔ ٽاڪا ايچي اُن تڪرار کي سمجهڻ لاءِ آمريڪي سياستدان پيٽريشيا شروڊرجي آفيس ۾ ڪم ڪرڻ وئي، جتي هن ڏٺو ته آمريڪي عوام جي نظر ۾ جپاني، چيني ۽ ڪوريائي قومن جي سڃاڻپ ۾ وڏو مغالطو موجود آهي، ان تجربي هن جي سوچ بدلائي ڇڏي۔ هُن اهو نتيجو ڪڍيو ته “جيستائين جپان پنهنجي قومي سلامتي ۽ دفاعي پاليسيءَ ۾ خودمختيار نه ٿيندو، تيستائين ملڪ هميشه پرڏيهي طاقت جي رحم و ڪرم تي رهندو.” اهو فڪر ئي سندس سياسي سفر جو بنياد بڻيو۔ ٽڪااچي 1992ع ۾ پهريون ڀيرو آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهي پر ڪامياب نه ٿي سگهي، پر هن جي همت نه هاري، هڪ سال پوءِ، 1993ع ۾، هوءَ قومي اسمبليءَ جي هيٺئين ايوان ۾ سيٽ حاصل ڪري جاپان جي پارليامينٽ ۾ داخل ٿي وئي۔ 1996ع ۾ هوءَ ايل ڊي پي ۾ شامل ٿي، جتي وقت سان گڏ هن پاڻ کي هڪ مضبوط، پُراڻ پَسند  ۽ محب وطن اڳواڻ طور مڃرائي ورتو۔ سندس سياسي سفر ۾ ڪاميابين سان گڏ رنڊڪون به رهيون، پر هوءَ هميشه لوهي عزم سان اڳتي وڌندي رهي۔

هوءَ ڏهه ڀيرا پارليامينٽ جي ميمبر چونڊجي چڪي آهي، صرف هڪ ڀيرو شڪست کاڌائين، جيڪا به مختصر وقت لاءِ هئي۔ هوءَ جپاني حڪومت ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهي آهي، جن ۾ واپار ۽ صنعت، معاشي تحفظ، داخلا ۽ رابطن واري وزارت شامل آهن۔ انهن عهدن تي ڪم ڪندي، هن جپان جي صنعتي پاليسين ۾ جدت آندي ۽ عورتن جي روزگار ۾ اضافي لاءِ خاص قدم کنيا۔ 2021 ع ۾ ٽاڪا ايچي پهريون ڀيرو پارٽي جي قيادت لاءِ چونڊ وڙهي پر اڳوڻي وزيراعظم فوميو ڪِشيدا  کان هارائي وئي۔ پر هوءَ پوئتي نه هٽي 2024ع ۾ ٻيهر مقابلي ۾ آئي ۽ پهرين مرحلي ۾ اڳڀرائي حاصل ڪيائين، پر آخر ۾ شيگيرو ايشيبا کان شڪست کاڌائين، جيڪو پوءِ وزيراعظم بڻيو۔ هاڻي جڏهن هوءَ 2025ع ۾ وزيراعظم بڻي آهي، ته اها ڪاميابي نه صرف سياسي، پر علامتي اهميت رکي ٿي۔ جپان جهڙي سماج ۾، جتي عورتن جي سياسي شموليت اڃا محدود آهي، ٽاڪا ايچيءَ جو عروج نئين دور جي شروعات آهي۔ هوءَ پاڻ کي ”جپان جي آئرن ليڊي“ سڏائي ٿي، جيڪا پنهنجي عزم ۽ اصولن تي اڻٽر آهي۔ هوءَ روايتي قدرن جي حمايت ڪندي آهي، جيئن شاديءَ کان پوءِ عورت جو اصل نالو برقرار رکڻ واري قانون جي مخالفت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ سندس خيال ۾ اهو جپاني ثقافت جي خلاف آهي۔ ساڳي وقت، هوءَ هم جنس شاديءَ جي به مخالف رهي آهي، پر تازن سالن ۾ سندس موقف ٿورو نرم ٿيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هوءَ وقت سان گڏ تبديل ٿيندڙ سماجي حقيقتن کي به سمجهي ٿي۔ چونڊ مهم دوران، ٽاڪا ايچيءَ جو زور خانداني پاليسين ۽ سماجي خدمتن تي رهيو۔ هن اعلان ڪيو ته ٻارن جي سنڀال جي خدمتن ڏيندڙ ادارن کي ٽيڪس ۾ رعايت ڏني ويندي، جيئن ڪم ڪندڙ والدين کي سهولت ملي۔ هن پنهنجي ذاتي تجربي جو حوالو ڏيندي چيو ته هن پاڻ زندگيءَ ۾ ٽي ڀيرا نرسنگ ۽ سنڀال جي نظام کي ويجهو کان ڏٺو آهي، تنهنڪري هوءَ انهن ماڻهن لاءِ بهتر نظام ٺاهڻ چاهي ٿي، جيڪي ٻين جي سنڀال ۾ پنهنجو وقت ۽ جذبو لڳائين ٿا۔ ٽاڪا ايچيءَ تي اڳوڻي وزيراعظم شينزو آبي جي سوچ جو گهرو اثر آهي۔ هوءَ آبي جي معاشي پاليسين کي ٻيهر زنده ڪرڻ جي خواهشمند آهي، جنهن ۾ عوامي خرچ گھٽائڻ ۽ سستا قرض وڌائڻ  ذريعي معيشت کي متحرڪ رکڻ شامل آهي۔ هوءَ باقاعدگي سان ياسوڪوني شرائن تي وڃي ٿي، جيڪو جنگ ۾ مارجي ويل فوجين ۽ سزا يافته جنگي ڏوهارين جي ياد ۾ تعمير ڪيو ويو آهي۔ هي عمل جپان ۾ قومپرست حلقن ۾ مقبول آهي پر پاڙيسري ملڪن چين ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ تڪراري سمجهيو ويندو آهي۔ ٽڪااچي ملڪ جي سيلف ڊيفنس فورسز تي آئينِي پابندي ختم ڪرڻ جي به حامي آهي، ڇاڪاڻ تہ موجوده قانون فوج کي جنگي صلاحيت رکڻ کان روڪي ٿو۔ سندس نظر ۾ جپان کي عالمي حالتن ۾ پنهنجو دفاعي نظام مضبوط ڪرڻ لازمي آهي۔ 1955 ع کان وٺي ايل ڊي پي جپان تي لڳاتار حڪومت ڪندي آئي آهي، پر هاڻي ملڪ کي سست اقتصادي واڌ، وڌندڙ عمر وارن ماڻهن ۽ سماجي بيچيني کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو  آهي، جنهن سبب پارٽي جي شهرت متاثر ٿي آهي۔ اهڙي وقت ۾ ٽاڪا ايچيءَ جو نعرو ”جپان سڀ کان اڳ“  عوامي ڌيان جو مرڪز بڻيو آهي۔ تازين چونڊن ۾، هن پُراڻ پسند ووٽرن کي متوجه ڪندي پارٽيءَ جي سيٽن جو انگ وڌائي 15 تائين پهچايو، اُن هوندي به  ايل ڊي پي اڃا به ٻنهي ايوانن ۾ مڪمل اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي آهي۔ هن پنهنجي ڪاميابيءَ کان پوءِ خطاب ۾ چيوته کيس  پنهنجي ئي پارٽيءَ جي پُراڻ پسند ميمبرن ۽ حامين جي تنقيد برداشت ڪرڻي پئي، پر جيڪڏهن جپان جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻو آهي  ته تبديليءَ کان نه ڊڄڻ گھرجي. ايل ڊي پي کي نئين دور جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو۔ سانائي ٽاڪا ايچيءَ جي قيادت جپان لاءِ هڪ نئون باب آهي، اهڙو باب جيڪو عورتن جي اڳواڻي، قومپرستيءَ جي نئين تشريح ۽ جديد جاپان جي عالمي سڃاڻپ کي گڏ کڻي اچي ٿو۔ هوءَ رڳو هڪ عورت وزيراعظم نه، پر محنت، همت ۽ قومي وقار جي علامت آهي.

_________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button