سنڌي ادب: شطرنج کان ٻاهر (آزاد شاعري)
شاعر: نثار ٻانڀڻ
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ رھندڙ نثار ٻانڀڻ اصل خيرپور ضلعي جي تعلقي ميرواھ جي ڳوٺ مير محمد ٻانڀڻ جوآھي. کيس مختلف شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو پنجويھ ورھين جو تجربو آھي. حُن ٽي سال صحافت بہ ڪئي ۽ ٻن ڏھاڪن کان ھڪ سرڪاري اداري سان لاڳاپيل آھي. انگريزي، سنڌي ۽ اُردوءَ ۾ اسڪرپٽ رائيٽنگ، اسڪرين رائيٽنگ، شاعري، مضمون ۽ ڪھاڻيون لکڻ جي حوالي سان کيس ڄاتو وڃي ٿو. سندس شاعري ۽ مضمون مختلف اخبارن رسالن ۾ ڇپجندا رھن ٿا. سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي حوالي سان سندس ٻہ نثري نظم شائع ڪري رھيا آھيون.

شطرنج کان ٻاهر
هر شهر جي وچ ۾
هڪ شطرنج وڇايل هوندي آهي…
مهرا
ان کي رڳو رستو سمجهي
مٿس هلندا رهندا آهن.
کين ڪهڙي خبر،
ته سندن پيرن هيٺان
ڪنهن ٻئي جون چالون
گهڻو اڳ لکيون ويون آهن.
هر ڪجهه ورهين کان پوءِ
ڪو هڪڙو مهرو
ڌوڙ مان ڇنڊي،
روشنيءَ ۾ آندو ويندو آهي.
سندس هٿن ۾
يخ لوھ جهڙي ٿڌ رکي ويندي آهي،
۽ ڪئميرائن جون اکيون
سندس چهري تي ائين ڄمي وينديون آهن،
ڄڻ سچ
نيٺ پنهنجو ڏس ٻڌائي ڇڏيو هجي.
پر سچ…
سچ ته
انهن بند ڪمرن ۾ ويٺو هوندو آهي،
جتي دريون
ڪڏهن به نه کلنديون آهن.
جتان دروازا ڪڍائي ڀت ڏني وئي آهي
جتي فيصلا
لفظن کان اڳ ئي لکي ڇڏبا آهن،
۽ قلم جي مس
ضمير کان وڌيڪ سگهاري هوندي آهي.
مون ڏٺو آهي…
ديوارن کي ڪن نه هوندا آهن،
رڳو يادگيريون هونديون آهن.
اهي سڀ ڄاڻنديون آهن…
ڪنهن ڪنهن لاءِ
دروازو کوليو ويو هو،
ڪنهن ڪهڙي موسم کي
نوٽن جي خوشبوءَ ۾ ويڙهي،
قانون جي وهاڻي هيٺ
سمهاريو ويو هو.
پر ديوارون…
شاهدي نه ڏينديون آهن.
اهي به
سرڪاري نوڪر هونديون آهن.
احتساب…
ڪيترو نه عجيب لفظ آهي!
اهو چهرا ڌوئي ڇڏيندو آهي،
پر هٿ نه.
ڌوڙ ته لاهي ڇڏيندو آهي،
پر آندهيءَ جو نالو به نه وٺندو آهي.
هر ڀيري
ڪنهن هڪڙي ٽاريءَ کي وڍي،
وڻ کي بيگناهه قرار ڏنو ويندو آهي.
۽ پاڙون…
اڃا تائين
زمين جي اونداهين ۾
اقتدار جو پاڻي پيئنديون رهنديون آهن.
پوءِ شهر
سک جو ساهه کڻندو آهي.
اخبارون
پنهنجي مس تي ناز ڪنديون آهن.
ٽيليويزن
پنهنجا آواز وڌائي ڇڏينديون آهن.
سوشل ميڊيا
ڀونڪندڙ ڪتن جي عادت اختيار ڪري وٺندي آهي.
۽ مهرا
ائين ڀانئيندا آهن
ته انصاف
اڄ گهر موٽي آيو آهي.
پر ائين ناهي هوندو…
انصاف ته
اڃا تائين
رستا پڇائيندو وتندو آهي.
هو هر در کڙڪائي ٿو،
پر طاقت…
پنهنجن دروازن تي
ڪڏهن به گهنٽيون نه ٽنگيندي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان…
جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن
شطرنج وڇائيندڙن کي ئي
ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي،
جيڪڏهن سوال
مهرن کان نڪري
انهن تائين پهچي وڃن
جيڪي هر چال جو رخ طئي ڪن ٿا…
ته شايد…
هٿڪڙيون
پهريون ڀيرو
ڪلائين جو نه،
نيتن جو ماپ وٺن.
۽ قانون…
رڳو چهرن کي نه،
پر پاڇن کي به سڃاڻڻ لڳي.
ان ڏينهن
شايد ڪنهن خبر جي ضرورت ئي نه رهي.
ڇو ته سچ…
سرخي بڻجڻ لاءِ نه هوندو آهي.
سچ ته
خاموشيءَ سان
تاريخ جو رخ موڙي ڇڏيندو آهي.
اها تاريخ جيڪا لکت ۾ ناهي ايندي!
_______________

نثار ٻانڀڻ



