Editor's pickMain Slideميڊيا

ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن نسل، قوميت، مذهب ۽ نظرئي کان بالاتر ٿي ڪم ڪري ٿي

هيءَ تنظيم مختلف راين جو احترام ڪري ٿي ۽ ايشيا کان ٻاهر جي انهن صحافين لاءِ به کليل آهي جيڪي ان جي بنيادي نظرئي سان متفق آهن.  

ليکڪ: ڪُو بَون-هانگ

اڳوڻو چيئرمين، ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن

سيئول: مون ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين طور پنهنجو مدو پورو ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي هڪ عام ميمبر جي حيثيت ۾ واپس آيو آهيان.

منهنجو اهو مدو آڪٽوبر 2022 ۾ شروع ٿيو ۽ ساڍا ٽي سال هليو.

ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن (AJA) پوري ايشيا جي صحافين تي مشتمل هڪ تنظيم آهي. ان جو بنياد نومبر 2004 ۾ اوڀر ايشيائي ملڪن بشمول ڪوريا، چين، جاپان ۽ منگوليا، ۽ گڏوگڏ آسيان (ASEAN) ملڪن جهڙوڪ سنگاپور، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي صحافين گڏجي رکيو هو.

هيءَ تنظيم ”سچي ۽ ايماندارانه رپورٽنگ ۽ پريس جي آزاديءَ جي دفاع ذريعي عالمي امن“ جي نعري تحت قائم ڪئي وئي هئي ۽ انھيءَ جو ھيڊڪوارٽر سيئول (جمهوريه ڪوريا) ۾ آهي. ان تنظيم کي جولاءِ 2010 ۾ ڪلچر، اسپورٽس اينڊ ٽورازم جي وزارت سرڪاري طور تي اين جي او (NGO) جو درجو ڏنو هو. مون ان رجسٽرڊ ايسوسيئيشن جي چيئرمين طور خدمتون سرانجام ڏيون.

نسل، قوميت، مذهب ۽ نظريي کان بالاتر ٿي، هيءَ تنظيم مختلف راين جو احترام ڪري ٿي ۽ ايشيا کان ٻاهر جي انهن صحافين لاءِ به کليل آهي جيڪي ان جي بنيادي نظرئي سان متفق آهن.

هن وقت AJA ۾ ايشيا-پيسفڪ خطي جا 36 مڪمل ميمبر ملڪ شامل آهن، جن ۾ ڪوريا، چين، جاپان، هندستان، ويٽنام ۽ ترڪي شامل آهن؛ ان کان علاوه 10 ايسوسيئيٽ ميمبر ملڪ پڻ آهن، جن ۾ آمريڪا، برازيل ۽ ڏکڻ آفريڪا شامل آهن.

ان جي باني صدر لِي سانگ-ڪِي کان وٺي، ايسوسيئيشن جي صدارت مختلف ايشيائي ملڪن جي صحافين جي وچ ۾ بدلجندي رهي آهي.

AJA جي سفيرن (Ambassadors) طور خدمتون سرانجام ڏيندڙن ۾ نوبل امن انعام يافته شيرين عبادي، ڪوھ پيما اوم هانگ-گل، فٽبال ڪوچ هانگ ميونگ-بو، اداڪار پارڪ سانگ-وون، ۽ منگوليا جو مشهور گلوڪار ڊي. بولڊ (D.Bold) شامل آهن.

هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ هلندڙ موجوده تڪرار جي ڪري ذميوار صحافت جي سخت گھرج آھي، AJA پنهنجي اداري “دي ايشيا اين” (The AsiaN) سان گڏجي مختلف ميڊيا پليٽ فارمن ذريعي مستند ۽ حقائق  تي ٻڌل، راءِ ۽ تجزيا رپورٽ ڪري عالمي شعور کي بيدار ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

مون AJA جي چيئرمينشپ سنڀالڻ کانپوءِ جن ڪوششن تي سڀ کان وڌيڪ سرگرميءَ سان ڪم ڪيو، تن مان هڪ بوسان (Busan) ۾ 2030 جي ورلڊ ايڪسپو (World Expo) جي ميزباني حاصل ڪرڻ واري جدوجهد ۾ تعاون ڪرڻ هو.

سال 2014 کان وٺي تقريبن نون سالن تائين، بوسان ايڪسپو 2030 جي ميزباني کٽڻ لاءِ بيشمار ڪوششون ڪيون. پر، 29 نومبر 2023 تي ٿيل پهرين مرحلي جي ووٽنگ ۾، شهر کي سعودي عرب هٿان سخت شڪست ملي.

ان وقت، ڪوريائي حڪومت ۽ بوسان ميٽروپوليٽن سٽي ٻنهي پاران انتهائي هاڪاري ۽ پراميد نتيجن جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي، پر اهي سڀئي انگ اکر، تجزيا ۽ فيصلا جن جي بنياد تي اهي اميدون قائم هيون، مڪمل طور تي غلط ثابت ٿيا. غلط معلومات نه صرف عوام کي پر ان ۾ شامل عملدارن کي به سخت غلط فهميءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. اهو واقعي دل شڪسته ڪندڙ هو.

4 مئي تي، ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن ڪوريا پريس سينٽر ۾ بورڊ جو هڪ اجلاس سڏايو ۽ منهنجي خدمتن جي اعتراف ۾ بورڊ جي ميمبرن ۽ عهديدارن پاران مونکي هڪ اعزازي شيلڊ (پليڪ) پيش ڪئي.

ان شيلڊ تي لکيل هو:

”چيئرمين ڪو بون-هانگ، آڪٽوبر 2022 کان مئي 2026 تائين پنهنجي مدي دوران، پنهنجي بي لوث خدمتن ۽ شاندار قيادت ذريعي ايسوسيئيشن جي وقار کي بلند ڪيو، ۽ بورڊ ۽ ميمبرن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ترقيءَ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون.“

مان شڪرگذار آهيان.

نوٽ: نئين چونڊيل چيئرمين، لِي گِي-وُو چيو:

”اڳوڻي چيئرمين ڪُو بَون-هانگ کي پنهنجي مدي دوران ايسوسيئيشن جي ملڪي ۽ بين الاقوامي نيٽ ورڪ کي وڌائڻ، ميمبرن جي وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ، ۽ صحافين جي وچ ۾ يڪجهتي کي مضبوط ڪري AJA جي ترقيءَ جو بنياد رکڻ جو ڪريڊٽ وڃي ٿو.

اڳوڻي چيئرمين ڪو بون-هانگ جي لگن ۽ قيادت ايسوسيئيشن لاءِ قيمتي اثاثو آهن. مان ان جذبي کي اڳتي وڌائيندس ۽ هڪ وڌيڪ ترقي يافته ايشيا جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي تعمير لاءِ ڪم ڪندس.“

_______________

ڏکڻ ڪوريا جي خابرو اداري The AsiaN جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button