مُنافق ۽ نانگ، ڳالھ مڙئي ساڳي: مفادن لاءِ اُصولن جي قرباني منافقت کي جنم ڏئي ٿي
هن دؤر ۾، جتي ڏيکاءُ ۽ بناوٽ عام ٿي چڪا آهن، اتي سچائي هڪ ناياب خزانو بڻجي وئي آهي۔ ماڻهو پنهنجي اصل سڃاڻپ وڃائي ويٺا آهن ۽ ٻين کي متاثر ڪرڻ لاءِ مختلف مُھانڊا اختيار ڪري رهيا آهن

حڪيم پريم چاندواڻي
انساني زندگيءَ جو سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته ماڻهو پنهنجي مُنھن تي سچائيءَ جو نقاب پائي، دل ۾ ڪُوڙ، ڪُپت ۽ منافقت جا پاڇا لڪائي هلندا آهن۔ من جي اها منافقت انسان کي نه رڳو پاڻ کان پري ڪري ڇڏي ٿي، پر سماج سان به سندس رشتن ۾ هڪ اڻ ڏٺل ديوار کڙي ڪري ڇڏي ٿي۔ جنهن جو اندر صاف نه هجي، جنهن جي نيت ۾ کوٽ هجي، جنهن جي دل ۾ ٻٽي ۽ غيبت واري سوچ هجي، ان لاءِ هيءَ دنيا ڪڏهن به موافق نٿي بڻجي سگهي، ڇاڪاڻ تہ دنيا جي فطرت ئي اهڙي آهي جو اها سچائيءَ سان هم آهنگ رهي ٿي، پر منافقت کي رد ڪري ڇڏي ٿي۔
منافقت اصل ۾ هڪ اهڙو زهر آهي، جيڪو آهستي آهستي انسان جي شخصيت کي اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏي ٿو۔ اهو زهر نه رڳو اخلاق کي ڪمزور ڪري ٿو، پر انسان جي سوچ، عمل ۽ رويي ۾ به تضاد پيدا ڪري ٿو۔ هڪ منافق ماڻهوءَ جي زبان تي مٺاڻ هوندي آهي، پر دل ۾ ڪاوڙ ۽ حسد جا ٽانڊا يا اڱر ٻرندا رهندا آهن۔ هو سامهون مُرڪي ٿو، پر پٺيان وار ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪري۔ اهڙو ماڻهو وقتي طور تي ڪامياب نظر اچي سگهي ٿو، پر حقيقت ۾ سندس وجود اندروني ٽڪراءَ جو شڪار هوندو آهي۔
زندگيءَ جي هن ڊوڙ ۾ ماڻهو جڏهن پنهنجي مفادن لاءِ اصولن کي قربان ڪري ٿو، تڏهن منافقت جنم وٺي ٿي۔ ماڻهو هڪڙي ڳالهه چوندو آهي ۽ ٻي ڪندو آهي، هڪڙو چهرو ڏيکاريندو آهي ۽ ٻيو لڪائيندو آهي۔ اهڙي ٻٽي معيار واري زندگي انسان کي سڪون کان محروم ڪري ڇڏي ٿي۔ هُو هر وقت هڪ خوف ۾ مبتلا رهي ٿو ته سندس اصل مُھانڊو ڪڏهن ظاهر نه ٿي پوي۔ اهو ئي خوف کيس اندروني طور بيچين ۽ غير مطمئن بڻائي ٿو۔
سماج به اهڙن ماڻهن کي گهڻي دير تائين قبول نٿو ڪري۔ شروعات ۾ شايد ماڻهو انهن جي مٺين ڳالهين ۽ بناوٽي رويي کان متاثر ٿي وڃن، پر وقت سان گڏ حقيقتون سامهون اچي وڃن ٿيون۔ جڏهن ڪنهن ماڻهوء جي قول ۽ فعل ۾ تضاد ظاهر ٿئي ٿو، تڏهن اعتماد ٽٽي پوي ٿو۔ ۽ جڏهن اعتماد ٽٽي وڃي، تڏهن لاڳاپن جي عمارت به ڪري پوي ٿي۔ اهڙي حالت ۾ دنيا ان لاءِ بي رحم بڻجي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ تہ دنيا هميشه انهن کي ڀليڪار ڪري ٿي، جيڪي سچا، صاف دل ۽ اصولن وارا هجن۔ من جي صفائي دراصل انسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي۔ جيڪو ماڻهو پنهنجي اندر کي صاف رکي ٿو، جيڪو پنهنجي نيت کي پاڪ رکي ٿو، اهو نه رڳو پاڻ سان سچو رهي ٿو، پر ٻين لاءِ به هڪ مثال بڻجي ٿو۔ اهڙو ماڻهو شايد زندگيءَ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي، پر سندس دل ۾ هڪ عجيب سڪون هوندو آهي۔ هو ڪنهن کان ڊڄندو ناهي، ڇاڪاڻ تہ سندس اندر ۽ ٻاهر هڪجهڙا هوندا آهن۔
ان جي ابتڙ، منافق ماڻهو هميشه هڪ ٻٽي زندگي گذاريندو آهي۔ هو پاڻ سان به سچو نٿو رهي سگهي، جنهن ڪري سندس اندر هڪ خالي پڻو پيدا ٿي وڃي ٿو۔ اهو خالي پڻو کيس ڪنهن به خوشيءَ مان مڪمل لطف وٺڻ نٿو ڏئي۔ هو ٻين کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ کي وڃائي ويهي ٿو، ۽ آخرڪار نه پاڻ خوش رهي ٿو، نه ٻين کي خوش رکي سگهي ٿو۔
انساني تاريخ به اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي، جتي منافقت آخرڪار ذلت ۽ ناڪاميءَ جو سبب بڻجي ويندي آهي۔ جڏهن ته سچائي ۽ اخلاص هميشه عزت ۽ ڪاميابيءَ جو رستو هموار ڪيو آهي۔ اهو هڪ اڻٽٽ ۽ انمول اصول آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي دل کي صاف رکي ٿو، دنيا به ان لاءِ پنهنجا در کوليندي آهي۔ ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي من ۾ ڪوڙ ۽ منافقت کي جاءِ ڏئي ٿو، دنيا ان کان پنهنجو منهن موڙي ڇڏي ٿي۔
زندگيءَ جو اصل حسن به انهيءَ ۾ آهي ته انسان پاڻ سان سچو رهي۔ هو پنهنجن احساسن، خيالن ۽ عملن ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪري۔ جڏهن اندر ۽ ٻاهر ۾ هم آهنگي پيدا ٿئي ٿي، تڏهن انسان هڪ مڪمل شخصيت بڻجي ٿو۔ اهڙي شخصيت نه رڳو پنهنجي لاءِ، پر سماج لاءِ به هڪ روشني بڻجي ٿو
اڄ جي هن دؤر ۾، جتي ڏيکاءُ ۽ بناوٽ عام ٿي چڪا آهن، اتي سچائي هڪ ناياب خزانو بڻجي وئي آهي۔ ماڻهو پنهنجي اصل سڃاڻپ وڃائي ويٺا آهن ۽ ٻين کي متاثر ڪرڻ لاءِ مختلف مُھانڊا اختيار ڪري رهيا آهن۔ پر اها حقيقت آهي ته بناوٽ جي زندگي گهڻي دير تائين قائم نٿي رهي سگهي۔ آخرڪار، سچائي پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺي ٿي ۽ ڪوڙ جو پردو چاڪ ٿي وڃي ٿو۔
انهيءَ ڪري ضروري آهي ته انسان پنهنجي من کي منافقت کان پاڪ ڪري۔ هو پنهنجي نيت کي صاف ڪري، پنهنجي عملن کي سچائيءَ سان جوڙي، ۽ پنهنجي زندگيءَ کي اصولن جي روشنيءَ ۾ گذاري۔ ڇاڪاڻ تہ جڏهن من صاف هوندو آهي، تڏهن دنيا بہ موافق بڻجي ويندي آهي۔ ۽ جڏهن من منافق هوندو آهي، تڏهن دنيا جي هر شئي اجنبي لڳندي آهي۔
آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو تہ انسان جي اصل سڃاڻپ سندس اندر ۾ لڪل هوندي آهي۔ جيڪڏهن اهو اندر ۾ صاف، سچو ۽ مخلص هجي، تہ دنيا جي ڪا بہ طاقت کيس ناڪام نٿي بڻائي سگهي۔ پر جيڪڏهن ان جو اندر منافقت سان ڀريل هوندو، تہ دنيا جي ڪا بہ همدردي، ڪا بہ سهولت، کيس سڪون نٿي ڏئي سگهي۔ تنهنڪري، سچائيءَ کي پنهنجو ساٿي بڻايو، اخلاص کي پنهنجو اصول بڻايو، ۽ منافقت کي پنهنجي زندگيءَ مان هميشه لاءِ ختم ڪيو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي حقيقي ڪاميابيءَ جو رستو آهي۔
منافق هجي ٿو نانگ جيان،
بيحس ڪچي، رنگ جيان۔
_____________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شھر ۾ رھي ٿو.



