Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسماج

اِھا شادي چئبي يا بربادي…

پاڻ کي سمجھڻ گھرجي تہ قرض کڻي، ڏيکاءَ خاطر رسمون ڪرڻ، سوين مھمانن کي ماني کارائڻ پئسي جو زيان آھي. توھان سادگيءَ سان بہ شاديءَ جو ڪاڄ ڪندو تہ ماڻھو توھان کي ڪجھ نہ چوندا

انجنيئر عبدالله عثمان مورائي                                              

عربيءَ ۾ شاديءَ جي معني آهي خوشي. معني شادي خوشي آڻي، نه ڪا پريشاني يا سالن تائين جو ٻوجھ.

هتي سئيڊن ۾ هڪ ساٿيءَ جي شادي ٿي هاڻي. مون کانئس شاديء کان پھريان پڇيو هو ته گھڻا مھمان ايندا، چيائين ڇڪي ڇڪي پنجاهه کن. جڏهن يونيورسٽيء ۾ پڙهندا هئاسين ته هڪ هندستان جي ڪلاسيءَ ٻڌايو هو ته سندن شادين ۾ لڳ ڀڳ ٽي هزار مھمان هوندا آهن. پاڻ وٽ پاڪستان، خاص ڪري سنڌ ۾ اهو انگ شايد ٻه ٽي سئو هوندو.

هاڻي سوچڻ جي ڳالھ آهي ته پنجاهه، ٻه ٽي سئو يا ٻه ٽي هزار، اهي رڳو انگ اکر نه پر ايترن ماڻھن جو بندوبست ڪرڻ آهي. 

پنجاهه مھمانن واري شاديء ۾ ڪنھن ڍنڍ جي ڪناري ڪنھن هوٽل جو ھال يا ڪو پراڻو قلعو بُڪ ٿيندو، ڊريس گھڻي قدر مسواڙ  تي وٺبي يا گھڻو ڇيھ ٿيو ته عام رواجي کڻي خريد ڪبي. مھمانن جي رهائش جو گھڻي قدر جنجھٽ ٿئي ئي ڪونه جو شاديون ڏينھن جي وقت ٿين، ريسٽورنٽ تي ماني کاڌي، تحفا وغيره ڏنا، تصويرون نڪتيون، الا الا خير صلا. نه گھڻي پريشاني، نه کيسي تي ڪو گھڻو بار.

ٻه ٽي سئو مھمانن جي شاديءَ جو انتظام ڪرڻ هڪ چئلينج هوندو. اهو سلسلو رُٺل مِٽن مائٽن کي پرچائڻ کان شروع ٿيندو، سامان جي خريداري، سون جون قيمتون، فرنيچر، اليڪٽرونڪس جون شيون، ڊيڪوريشن، مختف ويلن تي مانيء جو بندوبست ڪرڻ، وليمي لاء مينيو ۽ وينيو جو بندوبست ڪرڻ، سيڌو سامان، ديڳين ۽ راڌن جو بندوبست ڪرڻ، مھمانن کي رهائڻ جو بندوبست، ۽ وڏي ڳالھ ته پيسا، پوء ڪا سالن کان بچت ٿيل هجي، يا قرض کڻڻو پوي يا ڪا شئي يا ملڪيت کپائي مھمانن جو بندوبست ڪرڻ ۽ هٿ پيلا ڪرڻ. هاڻي ته ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته شاديء جي مختلف ڏينھن تي ڪپڙا پھرڻ جا ٿيم ٿا هلن، معني صبح جو هڪڙو جوڙو ته منجھند جو ٻيو، شام جو ٽيون ۽ رات جو وري چوٿون.

شاديء کان پھريان جيڪي مٽ مائٽ ناراض ٿيل هئا، اهي ته راضي ٿي ويا، شادي کانپوء وري ٻيا مائٽ ڪنھن نہ ڪنھن سبب جھڙوڪ ماني وقت تي نه ملي، يا سٺي نه ملي، هنڌ ٽپڙ صحيح نه مليو يا ڪو ٻيو سبب ڄاڻائي ناراض ٿيندا. اها خوشي ٿي يا رهندو مالڪ صدمي مان گذرندا؟ سالن جا سال پيا قرض لاهيندا، ماڻھو مالي طور تي ڪافي سال پوئتي هليو ويو. گھر ۾ اهڙيون ٻه ٽي شاديون ٿين ته پوء پاڻ ئي سوچجي ته اها ثقافت شروع کان ئي پاڻ وٽ هئي يا پاڻ ان کي ميڊيا تي ڏسڻ کانپوء شروع ڪيو آهي جنھن ماڻھن کي خوشيءَ جي بدران رهندو پريشان ڪيو آهي؟؟ انھيء بيماريء جي تشخيص ۽ ميڊيا تي اهڙن ڊرامن جو بائيڪاٽ ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي.

جڏهن آء ٻه ٽي هزار مھمانن واري شاديء جي باري ۾ سوچان پيو ته جسم مان سياندڙا پيا نڪرن. شادين ۾ ايڏا وڏا ميلا مچائڻ کان پوء جيڪڏهن اها شادي نه هلي سگھي ته پوء مون کي اتي رڳو هڪ ڊرامي جو ڊائلاگ ٿو ياد اچي ته” بات هي جُٺ هي“.

پنجاهه مھمانن واري شادي واقعي سُکين ستائبن ماڻھن جي هئي، جيڪي واقعي ماني مڇيءَ وارا آهن، ظاهري طور تي ڪو گھڻو نماء ناهن ڪندا. پر سندن شادي وڌيڪ پنھنجائپ ۽ مٽن مائٽن ۽ دوستن سان ويجھڙائي جي نشاني هوندي آھي جتي سڀئي انھيءَ موقعي کي دل سان محسوس ڪن. تمام وڏي رقم شاديء تي خرچ ڪرڻ کان انھن اها رقم تجربن حاصل ڪرڻ لاء ڪنھن ڏوراهين ملڪ جو سفر ڪرڻ کي اوليت ڏني.

ٻه ٽي سئو مھمانن واري شادي ڪرڻ وارو جوڙو ۽ سندن والدين اڃا ناراض ٿيل مٽن مائٽن کي پيا پرچائين ۽ قرض لاهڻ جا رستا پيا ڳولين.

ٻه تي هزار مھمانن واري شاديءَ واري جوڙي ۽ سندن والدين سان ڇا ٿيو، سا خبر خدا کي.

انھن سڀني مٿين ڳالھين لکڻ جو مقصد آهي ته پاڻ سمجھون ته معاشري جو ايترو دٻاء هرو ڀرو نه سھجي ته ماڻھو ڇا چوندا؟ ماڻھو ڪجھ ڪونه چوندا، جي چوندا ته به سندن مرضي، پر ڪجي اهو جيڪو ماڻھو برداشت ڪري سگھي، هرو ڀرو ڏيکاء ۾ پئجي، هڻئون وڙئون ڏئي پنھنجي پاڻ کي ايترو پريشان ڪرڻ کان بچائجي.

موري ۾ ڪو ويھارو سال اڳ منهنجي هڪ دوست شادي ڪئي هئي، هو ڪافي پيسي واري خاندان مان هو، پر سندس شادي سادي طريقي سان ٿي، مسجد ۾ نڪاح ٿيو، هڪ جاء تي مانيءَ جو بندوبست ٿيو، پوهي وغيره نه ڏيڻ جو پھريان کان ئي اعلان ٿيل هو. سچ ۾ هو چاهي ها ته ڪراچيءَ جي ڪنھن فائيو اسٽار هوٽل ۾ شادي ڪري پي سگهيو، پر هن سادگيء کي اوليت ڏني، ماڻھن کيس ڪجھ به ڪونه چيو، پڪ ڄاڻو اوهان کي به ڪير ڪجھ ڪونه چوندو. معاشري ۽ والدين تي رحم ڪيو. شادي واقعي خوشي آڻي، نه ڪا پريشاني.

______________

ليکڪ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي ۽ سئيڊن ۾ آباد آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

2 رايا

    1. Thanks for the comment. . Yes, that’s true, and we need to come out of such cultures that cause us stress and debt.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button