سنڌي ادب: دل رقص ڪرڻ گھري ٿي (آزاد نظم)
حيدرآباد ۾ رھندڙ سنڌ جي ھڪ نامياري شاعرہ محترما حميرا نُور جو ھڪ نظم

دل رقص ڪرڻ گھري ٿي
ڪنهن اڻڄاتل
سُرن جي سڏ تي،
ڪنهن اڻ ڏٺل
چنڊ جي روشنيءَ ۾،
ڪنهن پراڻي
خواب خيال جي سحر ۾،
ڪنهن خاموش
محفل جي گوڙ ۾،
ڪنهن مدھوش ڪندڙ
ساز جي آواز تي
۽ پنهنجي ئي ڌڙڪن جي
تال ميل تي
جتي وقت ٿڪجي ويهي رهي
۽ اُھا گھڙي ازل جي هنج ۾ سمهي پوي.
دل رقص ڪرڻ گھري ٿي
پنهنجي اندر ۾
جتي ڪو درياھ وهي ٿو،
جنهن جا ڪنارا
مون جيان بيقرار آهن،
جنهن جي لهرن تي
يادون
ڪڏهن گل بڻجي ترن ٿيون
ڪڏهن ٻڏي، ٻڏي وڃن ٿيون.
دل رقص ڪرڻ گھري ٿي
اُن خوشيءَ سان
جنهن جو ڪو نالو ناهي
اُن اداسيءَ سان
جنهن کان ڪا شڪايت ناهي
ڇو ته دلِ بيخوديءَ جي شهر ۾
غم ۽ سرور هڪ ئي چادر جا
ٻه پاسا آهن
مان جڏهن اکيون
بند ڪيان ٿي ته
اندر ۾ هڪ ڪائنات
جاڳي ٿي پوي
تارا ستارا جادوئي نموني
ٽمڪڻ لڳن ٿا
روح جسم جي قيد مان نڪري
هوا جي پرن تي
سفر ڪرڻ لڳي ٿو.
دل رقص ڪرڻ گھري ٿي
انهيءَ مهل
جڏهن لفظ خاموش ٿين ٿا
۽ خاموشي ڳالهائڻ ٿي لڳي
جڏهن ساھُ ، سُر ۽ وجود
رڳو هڪ گيت بڻجي رهجي ٿو وڃي.
اي زندگي!
تون ڪڏهن
زنجير، ڪڏهن آزادي،
ڪڏهن ريگستان، ڪڏهن مينهن
ڪڏھن مرڪ، ڪڏھن لڙڪ
پر پوءِ به منهنجي دل
تنهنجي سڀني رنگن کي
ڀاڪر پائي پاڻ وساري ويٺي آهي
۽ پوءِ به
دل رقص ڪرڻ گھري ٿي
ايترو رقص جو (مان) جو پردو لهي پوي
ايترو رقص جو فاصلا فنا ٿي وڃن
ايترو رقص جو روح پنهنجي
اصل روشنيءَ سان ملي وڃي
پوءِ
نه ڪو سوال نه ڪو جواب
نه ڪا منزل نه ڪو سفر
رڳو محبت جو هڪ ازلي سُر
۽ ان سُر تي بيخود ٿي ڌڙڪندڙ دل
جيڪا اڃا تائين
رقص ڪرڻ گھري ٿي.
________________

حميرا نور



