سنڌي ثقافتي ڏھاڙو: لاڙڪاڻو شھر اجرڪ ۽ ٽوپين جي انڊلٺي رنگن سان جرڪي پيو
شھر ۾ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ثقافت جي پروانن جو سمنڊ اٿلي پيو. نوجوان، پڪا پوڙها پاڻ ۽ پنهنجي ٻارڙن سميت سنڌي ٽوپيون پائي، بوسڪي جا پٽڪا ٻڌي ڪلهن تي اجرڪ سجائي سنڌي ثقافتي ويس پھري مک تقريب ۾ شريڪ
مختلف تنظيمون سموري شھر مان ننڍا وڏا جلوس ڪڍي گشت ڪندا مُکيہ تقريب ۾ شريڪ ٿينديون رھيون. سنڌ جي ناليوارن راڳين استاد غلام شبير سمون، سڄڻ مائري، سهڻي ناز، راجا سمون، شيراز عباسي ۽ ٻين فنڪارن پنهنجي سريلي آواز ۾ سنڌي قومي گيت ڳائي ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو
نمائندي وٽان
لاڙڪاڻو
آچر ستين ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ايڪتا ثقافتي عيد جو ڏهاڙو زبردست جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، جنھن لاءِ شھر ۾ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ثقافت جي پروانن جو سمنڊ اٿلي پيو. نوجوانن، پڪن پوڙهن پاڻ ۽ پنهنجي ٻارڙن سميت مٿي تي انڊلٺي رنگن ۽ ڪاون واريون سنڌي ٽوپيون پائي، بوسڪي جا پٽڪا ٻڌي ڪلهن تي اجرڪ سجائي سنڌي ثقافتي ويس پھري مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
نوجوان موٽرسائيڪل توڙي ڪار ۽ گاڏين کي اجرڪن سان سينگاري شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪندا رهيا. شھر جي گهٽي گهٽي سنڌ جي ثقافتي رنگن سان رڱجي وئي. ڪيترائي شهري پنهنجي معصوم ٻارڙن کي ڪلهن تي کڻي مک تقريب ۾ شامل ٿيا.
لاڙڪاڻو شهر سڄو ڏينهن جيئي سنڌ، سنڌي ثقافت زنده باد، سنڌي ٻولي زنده باد جي نعرن سان گوجندو رهيو. مک تقريب واري علائقي ۾ هر طرف کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال پڻ لڳل هئا، وڏي تعداد ۾ ٻارڙن مزيدار کاڌا کائي، جهولن ۽ اٺن جي سواري ڪري خوب مزو ورتو.

ايڪتا ثقافتي عيد جي مک تقريب سنڌي ميڊيا جي نمائندن ۽ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي ميزباني هيٺ شهر جي جناح باغ چوڪ وٽ ڪوٺائي وئي، جنهن جي شروعات ڀٽائي سرڪار جي وائي سان ڪئي وئي، جڏهن ته صحافين ۽ شاعرن لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري عبدالقادر جاگيراڻي ۽ منور رند تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو. مک تقريب ۾ سنڌ جي ناليوارن راڳين استاد غلام شبير سمون، سڄڻ مائري، سهڻي ناز، راجا سمون، شيراز عباسي ۽ ٻين فنڪارن پنهنجي سريلي آواز ۾ سنڌي قومي گيت ”اجرڪ ويڙهي ڪلهن تي سنڌي ٽوپي پائي، سٻاجهڙا او سنڌي توکي سلام آهي“، “اجرڪ ٽوپي پائڻ وارا توکي لک مبارڪ هن سهڻي سنڌ ۾ رهڻ وارا توکي لک مبارڪ”، “هي سنڌ جي جيڪا ڌرتي آ ان ڌرتي سان مون کي پيار آ”، “جيئو جيئو سنڌ وارا جيئو پيارا ماڻهو سنڌ وارا جيئو”، “هن جن هن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان مان جتي به هجان سنڌ تنهنجو هجان”، “سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن ٽوپي اجرڪ وارا جيئن”، “مان سينڌ سنڌوءَ جي سجائيندم، تنهجو جيجل کير ملهائيندم”، “سنڌي بهادر اڙٻنگ جوڌا شير سائين”، “لايون نڀايون اها ريت اسان جي، ڪڏي ڪنڌ ڪپايون اها ريت اسان جي”، “اچو ته پنهنجي سنڌ سجايون قومي ڏهاڙو گڏجي ملهايون”، “نه ٿو جي سنڌ لاءِ لڙي نه ٿو جو سنڌ لاءِ وڙهي ان کي چئو هي ڌرتي ڇڏي وڃي”، “سنڌڙي تي سِر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار”، “سِر بچي نه بچي پر سنڌ بچائينداسين ڌاريا ڀڄائينداسين”، “ڪات منهنجي ڪنڌ تي آئون نچندو اچان، جيئي سنڌ جيئي سنڌ آئون چوندو اچان”، “هو جمالو” سميت ٻيا سنڌي قومي گيت، ڀٽائيءَ جون وايون، صوفياڻا ڪلام، شيخ اياز، استاد بخاري ۽ ٻين شاعرن جا گيت ڳائي تقريب ۾ موجود ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. مخلتف ساز وڄائي نعيم سمون، انوپ سميت ٻين سازندن فنڪارن جو ساٿ ڏنو.

ڌرتي ۽ ثقافت سان محبت رکندڙ ماڻهن ريليون ڪڍي مُک تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پڪا پوڙها، نوجوان ۽ ٻارڙا ،سنڌي اجرڪ، ٽوپيون، بوسڪي جا پٽڪا، اجرڪ جون واسڪوٽيون ۽ سنڌي ويس وڳا پائي رقص ڪندا رهيا، جنهن تقريب کي وڌيڪ رنگين بڻايو. سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن بہ شرڪت ڪئي. مُک تقريب ۾ مختلف تنظيمن جون ڌار ڌار ريليون اچي شامل ٿيون، جن ۾ لاڙڪاڻو سماجي اتحاد جي اڳواڻ حافظ بشير احمد شيخ، لياقت علي عمراڻي، راجا شمس الدين، وفا خالد حسين، ارباب علي ۽ حافظ عبدالغني، سميت ٻين وڏي انگ شرڪت ڪئي. سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳواڻ ڪامريڊ طارق جتوئي، احمد نواز بروهي، نصير ڪلهوڙو، ظهير سانگي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،جڏهن تہ جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ اطهر سومرو جي اڳواڻي ۾ اشرف ڪلهوڙو، امان الله پنهور سميت ٻين ڪارڪن وڏي انگ شرڪت ڪئي. حسيني جماعت جي اڳواڻن حافظ گل حسن جتوئي شرڪت ڪئي. ايس يو پي اڳواڻن ۾ شيبا مغل، ڊاڪٽر مظهر مغل، ۽ ٽڪ ٽاڪر شعيب ببن ،ڊاڪٽر عبدالحميد لغاري ،ڊاڪٽر دل مراد جاگيراڻي، امتياز مندراڻي ،شهاب الدين شيخ، آصف علي سوهو، احسان بليدي، جاني شيخ، نظام الدين شيخ، سمير لاشاري، خورشيد بروهي، محمد عظيم بروهي، نور عباسي، حفيظ ڪوري سميت اسٽيوٽا لاڙڪاڻو جي ريجنل ڊائريڪٽر مريد حسين ککراڻي پڻ شرڪت ڪئي. گلفام سانگي، محبت سانگي جي اڳواڻي ۾ ٻارڙن جي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ معصوم ٻارڙن اجرڪ، ٽوپيون ۽ثقافتي ويس وڳا پائي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙ پنهنجي هٿن ۾ بينر ۽ تنظيمي جهنڊا کڻي ثقافتي ڏهاڙو وڏي شان سان ملهائيندا رهيا.
تقريب ڀرسان سنڌي ٽوپي، اجرڪ، برٿ پريل ڪپڙن ۽ ٻين ثقافتي شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا، جتي شهرين جي وڏي رش لڳل هئي ۽ خريداري جو سلسلو جاري رهيو. جناح باغ ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي نسبت سان هڪ روزه ڪتابي امر ڀڳت سنگهه اسٽڊي سرڪل لاڙڪاڻو اسٽال لڳايو جٿي شاگرد ۽ شاگردياڻين جي رش متل رهي. ڪتابي اسٽال تي سنڌي ۽ انگلش ۾ سياست سميت ٻين موضوع تي ڪتابن جي خريداري تي 10 کان 40سيڪڙو رعايتي رکي وئي.
_________________



