Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

نوشھري فيروز جو تاريخي مدرسہ ھاءِ اسڪول جديد تعليمي سھولتن کان محروم  

132 ورھيہ اڳ سيد الھندي شاھ جي قائم ڪيل مدرسہ ھاءِ اسڪول جي حالت زبون آھي، جتي جديد تعليم جي سھولت تہ پري جي ڳالھ آھي، صفائيءَ ۽ سار سنڀال جو بہ نالو نشان ڪونھي

اسڪول ۾ ڪلاس رومن جي کوٽ، ڪمپيوٽر لئبارٽريءَ ۾ مدي خارج ناقابل استعمال ڪمپيوٽر ڏيکاءَ طور پيل، ڪمپيوٽر ليب جي ڇت مرمت نه ٿيڻ جي ڪري لئب بند

اسڪول جي ورڪشاپ ۾ سکيا جي لاءِ ڪو بہ سامان ۽ سائنس ليبارٽرين ۾ پريڪٽيڪل جو سامان موجود نه هو

سوشل ميڊيا تان کنيل  

سنڌ جي ساھتي شھر نوشھري فيروز ۾ 132 ورھيہ اڳ سيد الھندي شاھ جي قائم ڪيل مدرسہ ھاءِ اسڪول جي حالت زبون آھي، جتي جديد تعليم جي سھولت تہ پري جي ڳالھ آھي، صفائيءَ ۽ سار سنڀال جو بہ نالو نشان ڪونھي.

ھيءُ تاريخي ادارو جنھن کي ھاڻي گورنمينٽ مدرسه اينڊ ڪيمپس هاء اسڪول نوشهروفيروز سڏيو وڃي ٿو، 1893 ۾ قائم ٿيو ھو جتان سنڌ جون ناليواريون شخصيتون پڙھي نڪتيون.

نوشھري فيروز جي سماجي شخصيت ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ پنھنجي فيس بُڪ وال تي لکيو آھي تہ تعليمي ماحول، صفائي سٿرائي ،بھتري ۽ ڀلائيءَ جي تجويزن ساڻ ھُن ڪلھ خميس ڏينھن ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر  اسلم راڄپر سان گڏ ڪلاس رومن ، ڪمپيوٽر ليبارٽري، سائنس ليبارٽري ، لائبريري ،ورڪشاپ هال ۽ باٿ رومز جو 4 ڪلاڪ تفصيلي دورو ڪري جائزو ورتو.

ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ موجب اسڪول ۾ ڪلاس رومن جي کوٽ ھئي جڏھن تہ ڪمپيوٽر لئبارٽريءَ ۾ مدي خارج ناقابل استعمال ڪمپيوٽر بنا ڪنهن مقصد جي صرف ڏيکاءَ طور پيل هئا. ڪمپيوٽر ليب جي ڇت مرمت نه ٿيڻ ۽ خراب حال هئڻ جي ڪري لئب بند ۽ خالي پيل هئي.

اسڪول جي ورڪشاپ ۾ سکيا جي لاءِ ڪو بہ سامان موجود نه هو. اھڙي طرح سائنس ليبارٽرين ۾ پريڪٽيڪل ڪرڻ جو سامان موجود نه هو. بايولاجي پريڪٽيڪل لاءِ پڻ ڪو سامان نه هو. بايولاجي جي ڪلاس ۾ جڏهن شاگردن کان سوال پڇيو ويو ته توهان مان بايولاجي ڪنهن کي پسند آهي ته صرف هڪ شاگرد چيو ته کيس بايولاجي پسند آهي.

اسڪول جي زمين تي جھنگ ڦُٽي آيو ھو ۽  اسڪول جا ڪي حصا تہ پراڻي ڪٻاڙ جي قبرستان جو ڏيک ڏئي رھيا ھئا.  اسڪول  جي پٺيان ۽ پاسن کان گاه، سَرن ۽ ڊڀن جي صفائي  جي ڪالھ کان شروعات ڏسڻ ۾ آئي.

اھڙي طرح شاگردن جي استعمال وارا ليٽرين بہ سنڀال نہ ٿيڻ جي ڪري استعمال هيٺ نه هئا. لائبريريءَ تي بہ اڃان وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هئي.

چئن ڪلاڪن ۾ صرف اڌ اسڪول جو جائزو ڪري ٿي سگھيو. ايندڙ مهيني جي 17 تاريخ ٻيهر اسڪول جي وزٽ ڪري اسڪول کي بهتر ڪرڻ بڻائڻ جي ڪوشش ڪبي.

 وزير تعليم سنڌ ۽ سيڪريٽري تعليم کي گذارش آهي ته هن اسڪول کي ماڊل اسڪول طور هڪ نئون انفرا اسٽرڪچر ۽ ضرورت جو سامان ڏئي اسڪول جي تاريخ تمدن، خدمت ۽ عظمت جي بدلي باوقار بڻائي معياري تعليم جو سلسلو جاري رهڻ  ڏنو وڃي.

_________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button