Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسماج

سنڌ ۾ پيڙھيل طبقن جي حقن جو تحفظ: اڃان پنڌ پري آھي 

دنيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ترقي ڪري الائي ڪٿي وڃي پھتي آھي، پر اسان اڃان ھارين، پورھيتن ۽ عورتن جي حقن جو بچاءُ ڪرڻ ۾ ئي رُڌل آھيون

سنڌ ۾ ھارين، پورھيتن ۽ عورتن جي حقن لاءِ کوڙ قانون موجود اھن پر انھن تي اثرائتو عمل ڪرائڻ وارو ڪوبہ ڪونھي

آصف خاصخيلي

سنڌ جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ تعليم جو جو گھٽ ھجڻ، معاشرتي عدم برداشت، ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. خاص طور تي عورتن، ٻارن، مذهبي اقليتن، ڳوٺاڻن مزدورن کي نه صرف بنيادي حقن کان محروم رکيو وڃي ٿو، پر اهي تشدد، استحصال ۽ زوريءَ پورھئي جهڙين خطرناڪ حالتن کي به منھن ڏين ٿا. اهڙي پس منظر ۾ تازوئي مان ڪراچي ۾ ھڪ ورڪشاپ ۾ شريڪ ٿيس، جيڪو سماجي تنظيمن طرفان سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ ”آواز دو“ جي نالي سان ھلندڙ منصوبي تحت ٿي گذريو.

ان ورڪشاپ ۾ پيش ڪيل صورتحال تي مون وڌيڪ تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ھڪ مقامي تنطيم ھاري ويلفيئر ايسوسيئشن جي صدر اڪرم عليءَ سان رابطو ڪيو جيڪي سنڌ جي چئن ضلعي ۾ مزدورن ۽ ھارين خاص طور تي ھاري عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪن ٿا، ۽ ضلعي ميرپورخاص ۾ ”آواز دو“ پروجيڪٽ کي مقامي ماڻھن ۽ ضلعي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪري ھلائي رھيا آھن.

ھارين ۽ مزدورن جي بھتري ۽ ڀلائيءِ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم جي صدر سان ڳالھ ٻول ڪندي مون پڇيو تہ سندن تنظيم ڪھڙي تبديلي يا خوشحاليءَ جي لاءِ ڪوشان آھي. ھن وراڻيو تہ اسان جو خواب آھي ھڪ اهڙو ترقي پسند، تعليم يافته، امن پسند سماج، جيڪو مادي طور خوشحال، سماجي طور برابري تي ٻڌل ۽ پائيدار هجي. ان جي لاءِ اسان گڏجي ڪري انساني ۽ ماحولياتي انصاف کي يقيني بڻائڻ، انساني وقار جو تحفظ ڪرڻ، ۽ ڳوٺاڻن ھارين، عورتن ۽ مزدورن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندا رھون ٿا.

دنيا جا ترقي يافتہ ملڪ سائنس، تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو ڊوڙ ۾ آھن، ۽ اسان اڃان بنيادي حقن کان محروم آھيون. سنڌ کي اڃان الائي ڪيترو پنڌ طئہ ڪرڻو آھي؟ ان سفر ۾ ڪيتريون مشڪلاتون ۽ پيچيدگيون آھن؟ اڄ بہ سنڌ جا ادارا ڳوٺاڻن ماڻهن، هارين ۽ مزدورن جي اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندا رھن ٿا. ادارا هارين جي صلاحيت وڌائڻ تي ڪم ڪن ٿا ته جيئن اهي خودمختياري ٿي سگھن. جڏھن تہ دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪيتريون ئي نيون جنسون، پوکائي ۽ جديد طريقا ۽ پيداوار ۾ اضافي تي ڪم ٿي چڪو آھي. پر سنڌ ۾ ھارين، مزدورن، ٻارن ۽ عورتن کي بدسلوڪي، تشدد ۽ استحصال جو نشانو بڻايو پيو وڃي. اسان جا ادارا اڄ بہ انھن کان بچائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ رڌل آھن. جيڪو يقينن ڏکيو ڪم آھي.

ان سڄي صورتحال کي وڌيڪ پرورڻ لاءِ شايع ٿيندڙ رپورٽن جو جائزو وٺندي منھنجي نظرن مان ھڪ سروي رپورٽ گذري جيڪا پڻ ان ساڳئي منصوبي جي زميني صورتحال تي مشتمل ھئي. جنھن جا بينادي مقصد سنڌ ۾ ٿيندڙ ننڍي ڄمار جي شادين، جبري مشقت، عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ آھي تہ جيئن انھن مسئلن تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ روين ۾ تبديليءَ جا نتيجا جانچيا وڃن، ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي تہ جيئن اھو ڏسي سگھجي تي سنڌ ۽ سنڌ جي پسماندہ علائقن جي نالي تي ملندڙ Resources جي استعمال جو پڻ جائزو وٺي سگھجي. ھن قسم جا سروي ڪميونٽي جي راءِ، روين ۽ خدمتن بابت ڄاڻ جون حقيقي شاھديون فراهم ڪن ٿا۔

بلڪل ساڳئي طرح تازوئي جولاءِ 2025 ۾ ڪراچي پريس ڪلب تي ھارين ۽ مزودرن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم پاران سنڌ ۾ هارين جي حقن جي صورتحال بابت سالياني تحقيقي رپورٽ پڌري ڪئي وئي آھي. رپورٽ مطابق سنڌ ۾ هاري، مزدور، مرد ۽ عورتون، هڪ ظالماڻي نظام کي منهن ڏئي رھيا آھن۔ سنڌ جي ٻھراڙين ۾ لکين عورتون بنيادي حقن کان محروم آهن، جن ۾ صحت، تعليم ۽ روزگار شامل آهن۔ انهن مان گهڻيون سڌي ريت زراعت، مال مويشي ۽ مڇي جي شعبي سان لاڳاپيل آھن، پر انهن کي پنهنجا جائز حق ناهن ملي سگھيا۔

سماجي تنظيم طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾جنوري کان جون 2024 تائين سنڌ ۾ عورتن ۽ نياڻين تي ٿيندڙ تشدد، بدسلوڪي جا انگ اکر پڻ شامل آھن، جنهن ۾ 837 ڪيس ظاهر ٿيا، 174 خودڪشيون (شڪ آهي ته قتل)، 140 اغوا، 125 زيادتيون، 118 قتل، 68 گهريلو تشدد جا واقعا، 63 غيرت جي نالي تي قتل، 13 جبري شاديون، 6 ننڍي عم جون شاديون، ۽ 3 تيزاب ھارڻ جا واقعا۔ ان سان گڏ، زرعي شعبي ۾ حراسان ڪرڻ جا 127 ڪيس پڻ سامهون آيا آھن۔

ھن مھانگائي جي دور ۾ گھٽ اجورو ملڻ بہ ڪھن وڏي تڪليف کان گھٽ ناھي، حڪومت طرفان گھٽ ۾ گهٽ اجرت لاڳو ڪرڻ لاءِ واضح نظام جي کوٽ آهي۔ سنڌ اندر موجود ھڪ قانوني دستاويز ۾ لکيل آهي تہ: ” مزدور کي ادا ڪيل رقم ڪنهن به صورت ۾ حڪومت طرفان مقرر ڪيل گھٽ ۾ گھٽ اجرت (Sindh Minimum Wage Act 2015) کان گهٽ نه هجڻ گھرجي” (سيڪشن 3، قاعدو 4)۔ بهرحال، جيتوڻيڪ قاعدن ۾ گھٽ ۾ گھٽ اجرت لازمي قرار ڏني وئي آهي، پر ان تي عملدرآمد لاءِ مخصوص سزائون موجود ناهن، جنھن جي ڪري اھڙي بھترين قانون جي عملدرآمد تي عمل نہ ٿو ٿئي.

ان حوالي سان قانوني شق ۾ لکيل آهي تہ “روزگار ڏيندڙ کي فارم ‘B’ ۾ هڪ رجسٽر رکڻو پوندو، جنهن ۾ زرعي مزدورن، بشمول عورت مزدورن، کي ڏنل ادائگين جو رڪارڊ هجي” (سيڪشن 3، قاعدو 4)۔ جيتوڻيڪ روزگار ڏيندڙ کي رڪارڊ رکڻ لازمي آهي، پر منصفاڻي اجرت نه ڏيڻ يا رجسٽريشن جي گهرجن تي عمل نه ڪرڻ لاءِ واضح سزائون پڻ بيان نه ڪيون ويون آهن۔

ڪم ڪرڻ دوران حفاظتي انتظامن بابت بہ ڪا شق موجود ناهي۔ قانون ۾ لکيل آھي تہ: “روزگار ڏيندڙ کي عورت زرعي مزدور لاءِ، جنهن جو ٻار ٻن سالن تائين جي عمر جو هجي، کير پيارڻ لاءِ مناسب پناهه فراهم ڪرڻي پوندي” (سيڪشن 6، قاعدو 11)۔ جيتوڻيڪ قاعدن ۾ ٻار جي خوراڪ تي ڌيان ڏنو ويو آهي، پر پيشه ورانه حفاظت ۽ صحت (OSH) بابت ڪجھ بھ واضع ناهي، جيئن نقصانڪار زرعي دوائن کان بچاءُ، جسماني ، يا ٻين خطرن کان بچاءُ۔

ايڇ ڊبليو اي ڏٺو ته SWAWA  قاعدن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي عملدرآمد نہ ڪرڻ تي سزا، ۽ ڪم جي جڳهه تي حفاظت لاءِ نظام جي کوٽ آهي۔ حڪومت سنڌ کي گهرجي ته سنڌ وومين ايگريڪلچرل ورڪرز ايڪٽ (SWAWA) تي مڪمل عملدرآمد لاءِ واضح نظام قائم ڪري، جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ اجرت، ڪم جي جڳهه تي حفاظت، ۽ عملدرآم نہ ڪرڻ تي سزائون شامل هجن۔

ان سڄي صورتحال جو جائزو وٺندي مونکي وري ان ورڪشاپ ۾ ٿيندڙ ڳالھين ۽ منصوبن تي غور ڪرڻ پيوجيڪو سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ پنجن مختلف شعبن تي ڪم ڪريا آھن. جن ۾صنفي بنيادن تي تشدد، مطلب عورتن ۽ نياڻين تي ٿيندڙ هر قسم جي بدسلوڪي ۽ تشدد جي روڪٿام. ٻارن جا حق ۽ ٻارن جو تحفظ جنھن سان ٻارن کي زيادتي، جبري مشقت ۽ بي ڌياني کان بچائڻ سماجي شموليت ۽ رواداري، جنھن سان مختلف مذهبن، قومن ۽ طبقن ۾ برداشت ۽ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ ۽ جبري مشقت ۽ انساني سمگلنگ جي روڪٿام شامل آھن تہ جيئن هارين، ٻارن، ۽ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي غلامي جهڙين حالتن کان آزاد ڪرايو وڃي.

ھن قسم جي منصوبن سان اهم نتيجن ۽ اثرن جي اميد رکي سگھجي ٿي، جيئن عام ماڻھو جي معلومات تائين رسائي کي يقيني بڻائي، انھن جو آواز بڻجي ڪي عملي قدم کڻي معاشري ۾ تشدد، استحصال ۽ عدم برداشت کي گهٽائي سگھجي. ان سان گڏ پاڻ ۾ تڪرارن کان بچي، رواداري اختيار ڪري ۽ سڀني لاءِ برابريءَ تي ٻڌل ماحول پيدا ڪري سگھجي. سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ عورتن ۽ ٻارن جا حق اڃا به غير محفوظ آهن، خاص طور تي زراعتي جي شعبي سان لاڳاپيل ڳوٺاڻن علائقن ۾ اگر ڏٺو وڃي تہ سماجي رواداري گهٽجڻ، مذهبي ۽ ثقافتي تعصب، ۽ جبري پورھئي يا مشقت جا واقعا عام آهن. اهڙين حالتن ۾ سماجي تنظيمون ۽ انھن جا منصوبہ نہ صرف ماڻهن کي بااختيار بڻائيندا پر حڪومت ۽ ادارن کي به ذميوار بڻائيندا ته جيئن ھو سڀني لاءِ برابري ۽ امن جو ماحول پيدا ڪري سگھن. مٿي ڄاڻايل صورتحال کي بھتر بڻائڻ لاءِ روادار تي ٻڌل پرامن پاڪستان ھئڻ لازمي آھي، جتي جبري پورھئي ۽ استحصال کي گهٽايو وڃي، ۽ هر عام ماڻھوءَکي پنهنجي آواز، چونڊ ۽ اختيار تي مڪمل حق هجي. سنڌ ۾ اهڙن منصوبن جي ڪامياب عملداري سان نه صرف سماجي انصاف ممڪن ٿيندو پر صوبو مجموعي طور تي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن اڳتي وڌندو. ان اميد سان شاھ سائين جي سر کاهوڙي جي ھنن سٽن مان اتساھ وٺون ٿا تہ

کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين

اوسيئڙو آهي کاھوڙين کي پنڌ جو

سنڌ جي ھن پوئتي پيل طبقي لاءِ پاڻ پتوڙنيدڙ ادارا توڙي فرد ان وقت تائين سک سان نہ ويھي سگھندا، جيستائين سنڌ جي مزدورن، ھارين، ڪڙمين ۽ عورتن جي ڀرجھلو ٿي پر امن ۽ خوشحال سنڌ نہ اڏي سگھجي.

_____________

آصف خاصخيلي ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button