Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

معاشري ۾ ڦوٽ، غربت، نوڪر شاهي ۽ ذهني غلامي انگريزن جو ڇڏيل ورثو آھن

اسان جي ليکڪن ۽ تاريخدانن جي اھا سوچ غلط آھي ته انگريزن برصغير کي تھذيب سيکاري، قانون ڏنو، واپار کوليو، سياسي اتحاد پيدا ڪيو ۽ جمهوريت جو رستو هموار ڪيو

انڊين دانشور ششي ٿرور پنهنجي ڪتاب Inglorious Empire ۾ ثابت ڪري ٿو ته برطانيا جو مقصد ھن خطي جي ماڻھن کي مھذب بڻائڻ نه پر صرف لُٽ مار، قبضو ۽ نفعي بخش واپار ڪرڻ هو

ايڊووڪيٽ نور محمد مري

عام طور تي اسان جا ليکڪ ۽ تاريخدان اهو سمجهن ٿا ته انگريزن هن برصغير کي تھذيب سيکاري، قانون ڏنو، واپار کوليو، سياسي اتحاد پيدا ڪيو ۽ جمهوريت جو رستو هموار ڪيو، پر ششي ٿرور پنهنجي ڪتاب Inglorious Empire ۾ ٻڌائي ٿو ته اها تصوير اڌ سچ آهي، يا شايد سچ جو پوشيده روپ آهي۔ هو ثابت ڪري ٿو ته برطانيا جو مقصد مهذب بڻائڻ نه پر صرف لُٽ مار، قبضي ۽ فائدي جو واپار هو، جنهن ۾ هندستان صرف هڪ مال ميڙڻ جي بيٺڪ هئي جتان هو وسيلا کڻي وڃي پنهنجي سلطنتکي  امير بڻائيندا رهيا۔

هو لکي ٿو تہ هندستان جڏهن مغل دور جي آخر ۾ به دنيا جي GDP جو لڳ ڀڳ 23٪ حصو ڏئي رهيو هو، تڏهن انگريزن جي اچڻ کان پوءِ اهو 2٪ تائين ڪري  پيو۔ يعني  ترقي، ريشم، لوهه، جهازسازي، ڪپهه ۽ دستڪاريءَ جا جيڪي بہ مرڪز هتي موجود هئا، اهي انگريزن جي معاشي پاليسين سبب تباهه ٿي ويا۔ ٺٽي ۽ دکن جا بنارسي ڪپهه ٺاهيندڙ، ڀارتپور، مرهٽا ۽ بنگال جا هٿ جي ھنر جا ڪاريگر برباد ٿي ويا۔ انگريزن مقامي صنعت کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽيڪس وڌايا، ۽ انگلنڊ ۾ تيار ٿيل ڪپڙو بنا ڊيوٽيءَ هندستان ۾ وڪرو ڪيو ويو ته جيئن مقامي مارڪيٽ تباھ ٿئي۔ اهو ڪو به اتفاق نه هو، پر هڪ سوچيل سمجهيل پاليسي ھئي، جنهن سان هندستان کي صارف ۽ برطانيا کي پيداوار ڏيندڙ بڻايو ويو۔ هن دور ۾ لکين ماڻهو بک، ڏڪار ۽ بيروزگاريءَ جو شڪار ٿيا، پر انگريز پنهنجو “مهذب حڪمراني” جو ٺپو ھڻندا رهيا۔

ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته انگريزن سياسي اتحاد ڏنو، پر ٿرور چوي ٿو ته سياسي اتحاد ڪنهن خيرخواهيءَ سبب نه پر فوجي ڪنٽرول ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي سهولت لاءِ هو۔ جيڪڏهن واقعي هو اتحاد جو ارادو رکندا ھجن ھا ته پوءِ ڇو 565 رياستن کي اڌ خودمختيار ڇڏي ڏنو ويو؟ ڇو سرحدي علائقن، قلات، بلوچستان، اتر اوڀر جا قبائلي علائقا ۽ گلگت-بلتستان برٽش انڊيا جو مستقل حصو نه بڻايا ويا؟ اهو صاف ظاھر هو ته ”اتحاد“ به سندن طاقت لاءِ هو، نه هندستانين جي ڀلائي لاءِ۔ “Divide and Rule” سندن بنيادي حڪمتِ عملي هئي ــ هندو ۽ مسلمان، سِک ۽ مرھٽا، ۽ بعد ۾ شيعا، دليت، قبائلي ۽ غير قبائلي سڄا سماج ٽوڙيا ويا، ته جيئن ڪو متحد آواز آڏو نه اچي۔

جمھوريت کي به ٿرور هڪ وڏو وڌاءُ سڏيو آهي۔ هو چوي ٿو ته جيڪڏهن انگريز واقعي جمهوريت جا خيرخواهه هئا، ته پوءِ هندستانين کي ووٽ جو حق دير سان ڇو ڏنو ويو؟ ڇو تعليم يافته ۽ زميندار کي رڳو 2 سيڪڙو نمائندگي ملي؟ ڇو رياستن، قبائلي ۽ سرحدي علائقن کي ووٽ کان ٻاهر رکيو ويو؟ پوليس، عدالت ۽ پارليامينٽ جو نظام رڳو ايترو قائم ڪيو ويو ته لُٽ مار قانوني بڻجي سگهي۔ اسان جي علائقن ۾ جڏهن ڪو بغاوت يا احتجاج ٿيو ته قانون نه پر توب، لٺ، جيل ۽ گوليون ڪم آنديون ويون۔ رول آف لا (Rule of Law) جي جڳھ تي رول آف برٽش هو۔ ششي ٿرور ان کي enlightened despotism جو مٿاهون مثال سڏيو، يعني اهڙي بادشاهت جيڪا پاڻ کي مھذب چوي پر پنهنجن مظلومن کي آواز نه ڏي۔

صحافت ۽ تعليم به ساڳئي حڪمت عمليءَ تي هليا۔ اخبارن تي قانون ــ Vernacular Press Act ــ لاڳو ٿيو ته ڪنهن انگريز خلاف لکيو ته جيل، جرمانو ۽ اخبار بند ٿي وڃي۔ تعليم جو مقصد ماڻهن کي آزاد خيال بنائڻ نه پر ڪلارڪ، ترجمان ۽ وفادار ملازم پيدا ڪرڻ هو۔ ليکڪ ٻڌائي ٿو ته ميڪائولي چيو هو: ”اسان کي اهڙا ماڻهو گهرجن جيڪي رنگ ۾ هندستاني پر سوچ ۾ انگريز هجن،“  يعني اکيون هندستان ڏسن پر دماغ لنڊن لاءِ ڪم ڪري۔

ڪتاب اهو به ٻڌائي ٿو ته انگريزن ۾ ڪو انساني همدردي وارو مشن نه هو۔ ڏُڪار آيا ته ڪروڙين ماڻهو مري ويا، پر انگريز اناج ٻاهر موڪليندا رهيا ته قيمت گهٽ نه ٿئي۔ بنگال جي ڏُڪار ۾ هڪ سال ۾ 30 لک ماڻهو مرڻ تي مجبور ٿيا، پر وائسراءِ چيو ته “Laissez-faire economy” ۾ سرڪار مداخلت نٿي ڪري۔ يعني مرن يا بچن، بازار پنهنجو ڪم ڪري۔ اها روايت رڳو بنگال تائين نه رهي، مدراس، بمبئي، سنڌ، پنجاب ۽ اوڙيسا تائين پکڙيل رهي۔

ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته انگريزن انصاف ۽ قانون جو تحفو ڏنو، پر اهو قانون هندستانين لاءِ نه، انگريز سرڪار لاءِ تحفظ هو۔ هر شي ان حڪمت عملي جو حصو هئي ته ڪو سوال نه ڪري۔ جيڪڏهن اهو قانون برابري آڻي ها ته جليانوالا باغ جهڙا قتل عام ڇو ٿين ها؟ ڇو ڪرشنن، ڀڳت سنگهه، رتڪو بايي ۽ ٻين ڪيترن کي بنا ٽرائل ڦاسي ڏني وئي؟ اهو قانون نه، زور زبردستي هئي۔

اڄ به اسان جي رستن، ريلوي، ٽپال ۽ ڪينال کي انگريزن جو ڪارنامو سمجهيو ويندو آهي، پر ٿرور چوي ٿو ته اهي سڀ شيون هندستان لاءِ نه پر مال ۽ سپاهين جي آمدرفت لاءِ ٺاهيون ويون۔ ريلوي انهن علائقن ۾ وڌايون ويون جتان ڪپهه، اناج، افيم يا معدنيات لنڊن ڏانهن موڪلي سگهجن۔ رستن، پلين، ۽ ڪينالن جو مرڪز بدحاليءَ ۾ رهي، پر بندرگاهن، فوجي مرڪزن ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن تي خرچ ڪيو ويو، ڇو ته حڪومت جو مفاد اتي هو۔

آخر ۾ ٿرور اهو ٻڌائي ٿو ته برطانيا هميشه پاڻ کي ”مھذب، منصف ۽ روشن خيال حڪمران“ سڏيو، پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي۔ اها سلطنت لُٽ مار، فريب، تشدد ۽ دوکي تي ٻڌل هئي۔ آزادي آئي پر ان جا اثر اڄ به موجود آهن۔ معاشري  ۾ ڦوٽ، غربت، قانوني ڍانچو، نوڪر شاهي، انگريزي تعليم ۽ ذهني غلامي ــ سڀ ان ورثي جا حصا آهن۔ جمهوريت کي اوزار بڻايو ويو، حق نه ڏنو ويو۔ جيڪڏهن سندن ارادو سچو هجي ھا ته شهزادن وارين رياستن کي ڇو ٻاھر ۾ ٻاهر رکيو؟ سرحدي قبائلي علائقن کي ڇو پري رکيو ويو؟ ڇو هندستانين کي سئو سالن تائين حڪمرانيءَ ۾ حصو نه مليو؟

۽ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته جيڪڏهن انگريز سچ ۾ خيرخواهه هئا، ته پوءِ ڇو جڏهن ويا ته هڪ پئسو واپس نه ڏنو ويو، هڪ به جيل ختم نه ڪيو ويو، رڳو پنهنجو جهنڊو کڻي هليا ويا.

__________________

اسلام آباد ۾ رھندڙ نور محمد مري قانوندان ۽ تجزيا نگار آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button