Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڪراچيءَ ۾ مھمير تنيو جو قتل: جُڙتو پوليس مقابلو، قهر ۽ ظلم جو نئون باب

هيءَ رڳو هڪ خبر نه آهي، هيءَ سنڌ جي روح ۾ لڳندڙ زخم جي ڪهاڻي آهي، هڪ ماءُ جي آهُن، هڪ معصوم ٻار جي سڏڪن، ۽ هڪ سماج جي بي‌حسيءَ جو منظر آهي.

هڪ خاندان جي بربادي، هڪ ماءُ جي دک ڀري ڪيفيت، هڪ معصوم ٻار جي اُنس ڀرين سڏڪن، ۽ هڪ اڻڄاتل ظلم جي ڪهاڻي آهي، جنهن سنڌ جي سماج، پوليس نظام ۽ انصاف جي عمل تي ڳرا سوال اُٿاريا آهن

مھمير تنيو جو قتل هڪ فرد جو نه پر هڪ فڪر جو قتل آهي. پر ساڳي وقت اهو هڪ تحريڪ جي شروعات به آهي. اها تحريڪ، جيڪا هر دور جي بي‌انصافيءَ کي چئلينج ڪندي رهندي.

مُشتاق ٽانوري

هيءَ رڳو هڪ خبر نه آهي، هيءَ سنڌ جي روح ۾ لڳندڙ زخم جي ڪهاڻي آهي، هڪ ماءُ جي آهُن، هڪ معصوم ٻار جي سڏڪن، ۽ هڪ سماج جي بي‌حسيءَ جو منظر آهي. هڪ خاندان جي بربادي، هڪ ماءُ جي دک ڀري ڪيفيت، هڪ معصوم ٻار جي اُنس ڀرين سڏڪن، ۽ هڪ اڻڄاتل ظلم جي ڪهاڻي آهي، جنهن سنڌ جي سماج، پوليس نظام ۽ انصاف جي عمل تي ڳرا سوال اُٿاريا آهن. هن واقعي سنڌ جي ضمير کي جهنجوڙي ڇڏيو آهي. سنڌ جي راڄڌاڻي ڪراچي، جيڪا ڪڏهن ”روشنين جو شهر“ سڏبي آهي، اڄ خوف، لاقانونيت ۽ بي‌گناهن جي رت سان ڳاڙهي ٿي چڪي آهي. هتي پوليس تحفظ جي علامت نه پر دهشت جي نشاني بڻجي وئي آهي. 16 آڪٽوبر 2025 تي ڪراچي ۾ پيش آيل  الميو جنهن ۾  نوجوان ميڊيڪل ٽيڪنيشن مھمير تنيو کي ” جُڙتو پوليس مقابلي“ جي نالي ۾ ماريو ويو. خانواھڻ واسي نوجوان ميڊيڪل ٽيڪنيشن ”مھمير تنيو“ بي‌نظاميءَ جو شڪار بڻجي ويو. هڪ اهڙو بي‌گناهه، جيڪو انسانن کي خوبصورت بڻائي نئين زندگي ڏيڻ جو ڪم ڪندو هو، ان کي زندگي کان محروم ڪيو ويو. مھمير پنهنجي علاج ڪندڙ هٿن سان ٻيا وار لڳائيندو رهيو، پر کيس خبر نه هئي ته ڪجهه ڏينهن پوءِ سندس پنهنجا وار رت ۾ رنگجي ويندا. مھمير تنيو ڪنهن وڏيري جو پٽ نه هو، پر محنتي ۽ باعزت خاندان مان هو. مھمير زندگيءَ ۾ ڪجهه ڪرڻ جو جنون رکندو هو. هيئر ٽرانسپلانٽيشن جو ماهر ، جيڪو ماڻهن کي نئين زندگي ۽ اعتماد ڏيندو هو. هو هيئر ٽرانسپلانٽيشن جو ماهر هو، پنهنجي ڪلينڪ ذريعي نه رڳو روزگار هلائيندو هو، پر ٻين کي به روزگار ڏيندو هو. هو وڏيري جو پٽ نه، پر هڪ باعزت محنتي ماڻهو هو، جيڪو پنهنجي هٿن سان تقدير لکڻ تي يقين رکندو هو. پر کيس خبر نه هئي ته اهڙي سماج ۾، جتي ايمانداري گناهه ۽ سچائي خطرو آهي، اُتي سندس محنت کيس زندگيءَ جي قيمت ڏيندي. مهمير جو گولين سان پروڻ ٿيل  سينو ۽ چهرو چٽ پئجي ويو هو. اهو منظر نه رڳو هڪ ماءُ پر هر انسان لاءِ اذيت جو سبب هو.

Mahmeer Tunio-Sindh Courier-1

گلشنِ اقبال ٿاڻي جي پوليس موجب مهمير ڏوهاري هو، پوليس جي جاري ڪيل پريس رليز ۾ هُن ساٿين سان گڏ هڪ گهر ۾ ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس مقابلو ٿيو، هڪ اڻڄاتل ڏوهاري مارجي ويو پر عجيب ڳالهه اها آهي ته سندس ساٿي ڄاڻايل گرفتار ٿيل شخص جميل احمد بيان ڏنو ته هو مارجي ويل ماڻهوءَ کي سڃاڻي ئي نٿو. پوءِ پوليس کيس ڏوهاري ڇو قرار ڏنو؟  اهو ثابت ٿو ڪري ته هي ڪو “مقابلو” نه پر طئي ڪيل قتل آهي، جنهن جو مقصد مھمير جي محنت کي لُٽڻ ۽ کيس خاموش ڪرڻ هو. مھمير جي وارثن جو الزام آهي ته پوليس مهمير کان  10 کان 15 لک روپيا روڪ ڦُر ڪيا  ۽ پوءِ کيس ماريو ته جيئن ڪو به ثبوت نه بچي. سندس پوسٽ مارٽم رپورٽ به لڪائي وئي. خبر موجب کيس ايم ايم 9  پسٽل ۽ ايس ايم جي جون گوليون لڳيون، جيڪي عام ڏوهارين وٽ نه پر پوليس هٿيارن ۾ هونديون آهن. اهڙي طرح، پوليس پاڻ ئي قاتل ۽ جاچ ڪندڙ ٻنهي ڪردارن ۾ آهي، جنهن جو مطلب آهي ته انصاف جو دروازو اڳواٽ ئي بند ٿي چڪو آهي.

مھمير جي ماءُ شريفان بيبي جو درد لفظن ۾ بيان ٿيڻ مشڪل آهي. هوءَ هر ماڻهوءَ کان سوال ڪندي ته ”سندس  پٽ ڏوهاري هو ڇا؟ هن ڪنهن جو نقصان ڪيو؟ کيس اهڙي بي‌دردي سان ڇو ماريو ويو؟“ اهي لفظ رڳو هڪ ماءُ جو نوحو نه  پر سنڌ جي هر اُن ماءُ جو آواز آهن، جن جا پٽ ڪوڙن مقابلي ۾ ماري ”اڻڄاتل“ قرار ڏنا ويا. شريفان بيبي جي اکين ۾ رت جا ڳوڙها ۽ دل ۾ انصاف جي اميد آهي، انصاف جيڪو شايد هن نظام ۾اڻ لڀ آهي  پر زندهه ضرور آهي.

سنڌ ۾ ڪوڙا پوليس مقابلا ڪا نئين ڳالهه نه آهي. ڏهاڪن کان وٺي ”اڻڄاتل ڏوهاري“ جي نالي ۾ بي‌گناهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. پر افسوس، اڄ تائين ڪنهن به پوليس آفيسر کي سزا ناهي ملي. اهي واقعا هاڻي ”قانوني دهشتگردي“ جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن، جتي وردي پائيندڙ ماڻهو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا. ڪجھ سوال جيڪي اڃا بي‌جواب آهن،

* جيڪڏهن هر مقابلي ۾”اڻڄاتل ڏوهاري“مارجي ٿو، ته پوءِ اصل ڏوهاري ڪير آهن؟

* ڇا ورديءَ ۾ ماڻهوءَ کي قتل جو لائسنس ملي وڃي ٿو؟

* ۽ جيڪڏهن پوليس پاڻ ئي جاچ ڪندڙ به آهي ۽ قاتل به، ته پوءِ قانون جو محافظ ڪير آهي؟

مھمير جي وارثن اعلان ڪيو آهي ته اُهي  عدالت ۾ انصاف لاءِ درخواست ڏيندا. انهن جو چوڻ آهي  سندن  ڀاءُ ڏوهاري نه پر شهيد آهي، جيڪو سرڪار جي بي‌عدالتيءَ جو شڪار ٿيو. پر سوال آهي ته اهڙي مُلڪ ۾، جتي پوليس پاڻ ئي جاچ ڪندڙ آهي، انصاف ممڪن آهي؟ اهو رستو ڏکيو آهي.  هي وقت آهي ته سماج جا ذميوار ماڻهو، انساني حقن جا علمبردار، ۽ قانون دان گڏ ٿي آواز اٿارين. پوليس جي اندروني نظام ۾ شفاف جاچ، آزاد عدالتي نگراني ۽ فارنزڪ جاچ  لازمي بڻائجي. مھمير جو قتل رڳو هڪ حادثو نه، پر هڪ علامت آهي  جيڪا ٻڌائي ٿي ته سنڌ جي پوليس ۽ انصاف جو نظام بيمار ٿي چڪو آهي. هتي ”اصلاح“ ڪافي نه آهي، هتي ”انقلاب“ ضروري آهي. مھمير تنيو جو نالو هاڻي هڪ علامت بڻجي ويو آهي. هو پنهنجي رت سان اهو ثابت ڪري ويو آهي ته سچ کي قتل ته ڪري سگهجي ٿو، پر دفن نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن اهڙي انياءُ بعد به خاموشي رهي ته  سڀاڻي هر گهر مان آواز ايندو ته ”منهنجو پٽ به بي‌گناهه هو…!“

مھمير تنيو جو قتل هڪ فرد جو نه پر هڪ فڪر جو قتل آهي. پر ساڳي وقت اهو هڪ تحريڪ جي شروعات به آهي. اها تحريڪ، جيڪا هر دور جي بي‌انصافيءَ کي چئلينج ڪندي رهندي.

_____________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button