Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

نئين معاشي نظام ۾ صحت جو شعبو عوامي ڀلائيءَ بجاءِ اشرافيا جي ھٿن ۾ آھي

اسان هڪ عالمگير معاشري جو حصو آهيون ۽ ايئن لڳندو آهي ته نيو لبرل اڪانوميءَ جي اثر هيٺ صحت جو شعبو عوامي حقن جي حصول جي بجاءِ اشرافيا جي رحم و ڪرم جي نظر ٿيندو وڃي رهيو آهي.

ڊاڪٽر مُرليڌر جي اُردو ڪتاب  ”صحت سب ڪي ليئي“ جي ويجھڙائيءَ ۾ ٿيل مھورتي تقريب ۾ ڪيل تقرير

ڊاڪٽر رياض شيخ

ڊاڪٽر مرلي ۽ آئون هڪ ئي شهر ۾ پيدا ٿياسين ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪئيسين ۽ اتي ساڳين گهٽين ۾کيڏياسين ، اسان جي دوستي ٻن پيڙهين تي مشتمل آهي . هن کان اڳ ۾ منهنجو ۽ ڊاڪٽر صاحب جو والد به پاڻ ۾ گهاٽا دوست هئا . اهي ٻيئي هڪ ئي قسم جي ڪاروبار سان لاڳاپيل هئا . ٻنهي جو ڪاروبار ساڳئي هنڌ تي چند قدمن جي مفاصلي تي هوندو هو . پوءِ اسان جي نظرين جي تربيت جو آغاز به هڪڙي ئي ماحول ۾ ٿيو، جتي عبدالڪريم گدائي ، محمد امين کوسو، س. ب کوسو ، محمد بخش لاشاري ، امداد اوڍو، ڊاڪٽر ڌرم پال ۽ ٻيا شامل هئا .

تنهن کان پوءِ ھڪ سنڌي ٻوليءَ جي اخبار ۾ جڏهن ڊاڪٽر مرليءَ صحت جي حوالي سان مضمون لکڻ جي هڪ روايت وڌي، تن ڏينهن ۾ آئون ان وقت جي بين الاقوامي ۽ قومي نوعيت جي انگريزي مضمونن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندو هئس . اهڙي طرح اسان جي دوستيءَ جو اهو رشتو ڪيترن ئي سالن تي مشتمل آهي. ٻئي پاسي ادي پشپا آهي جيڪا پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي ۽ پاڻ عورتن جي بيمارين جي نالي واري ڊاڪٽرياڻي آهي . هن پنهنجي پيشورانه زندگيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ مريضن سان گڏ ڪيترن ئي ميڊيڪل شعبي جي ڊاڪٽرن جي تربيت ۽ رهنمائي ڪئي ، جن ۾ منهنجي گهر واري ڊاڪٽر انيلا پڻ شامل آهي.

اڄ ڊاڪٽر مرلي پنهنجي محنت ۽ صلاحيت جي بنياد تي هڪ نمايان حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي ۽ سماج جي ترقي ۽ انساني خدمت ۾ پنهنجي استاد محترم ڊاڪٽر اديب رضوي جي قيادت ۽ رهنمائيءَ ۾هڪ عظيم مقصد يعني انسان ذات جي ڀلائيءَ ۾مصروف عمل آهي، ان لاءِ هو واکاڻ جي قابل آهي. ڊاڪٽر مرلي جهڙي انسان سان دوستي  منهنجي لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي .

ڊاڪٽر مرليءَ جو هي ڪتاب مون کي ڪيئي ورھيہ اڳي سنڌي ٻوليءَ ۾(صحت سڀني لاءِ) جي صورت ۾ پڙهڻ لاءِ مليو جنهن منجهان مون کي نه رڳو نئين معلومات حاصل ٿي پر انهيءَ جي ذريعي اهو پڻ پَتو پيو تہ ڪيئي بيماريون اهڙيون به آهن ، جن لاءِ ضروري ناهي ته ڪو توهان مهانگو علاج ئي ڪرايو پراحتياط ڪرڻ سان به اهڙين بيمارين کان محفوظ رهي سگهجي ٿو. ڪيئي مرض اهڙا به هوندا آهن جيڪي پاڻ اسان جا پيدا ڪيل هوندا آهن ۽ انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي گهڻا حيلا وسيلا ڪرڻ جي بجاءِ ان بابت عوامي شعور ۽ ڄاڻ ڦهلائي به ان تي سولائيءَ سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو يا ان جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر مرليءَ جو هي ڪتاب پڙهندي منهنجو ڌيان ميڊيڪل سائنس ۽ صحت جي شعبي بابت جاري بحث (  Preventive VS Curative) يعني  علاج بمقابله احتياط  واري تصور ڏانهن هليو ويو. پر اڄ جي هن سرمائيداراڻي دور ۾ جڏهن ٻين شعبن ۾ ڪاروبار ۽ واهپي Consumption جو رجحان وڌي چڙهي رهيو آهي ، اهڙي صورتحال ۾ ڀلا صحت جو هي شعبو وري ڪيئن اهڙن اثرن کان آجو رهندو ؟

اجايو Consumption جي ڪري صحت جا مسئلا حل ٿيڻ جي بجاءِ وڌيڪ پيچيده ٿي رهيا آهن ۽ هاڻ ته اهي مسئلا انتهائي ڳنڀير ٿي چڪا آهن . انهن جو اصل مقصد پيسو ڪمائڻ ۽ ڪارل مارڪس جي بقول (Surplus) حاصل ڪرڻ هوندو آهي.

ان سلسلي ۾ تائيوان سان تعلق رکڻ واري پروفيسر Fuhmel Wang جو هڪ تحقيقي ڪم؛

The Role of Preventive and curative health care in economic development)) هڪ ڇرڪائيندڙ ڪم آهي.

جيئن ته ڊاڪٽر مرلي گردن جي بيمارين جو ماهر آهي ، تنهن ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيترائي مضمون گردن جي بيمارين بابت آهن . ڊاڪٽر صاحب ٻڌائي ٿو ته گردن ۾ بيمارين جو سڀ کان وڏو سبب غير معياري پاڻي پيئڻ ۽ کاڌي جي تبديلي هوندو آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي گردن ۽ دل جي صحت متاثر ٿيندي آهي .

ڊاڪٽر مُرلي ۽ آئون اها ڳالهه سولائيءَ سان ياد ڪري سگهون ٿا ته  اسان ننڍپڻ ۾ ڪڏهن به بوتلن وارو پاڻي نه پيئندا هئاسين پر اسان پنهنجي پاڙي ۾ لڳل نلڪن جو پاڻي (Tape Water) پيئندا هئاسين ، پر هاڻي صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي .

پيئڻ جو پاڻي هاڻ ته هڪ ڌنڌي ۽ مافيا ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. اهو سڀ ڪجهه اسان جهڙن نو آبادياتي ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن ته يورپ ۽ اولاهين ملڪن ۾ اڄ به نلڪن جو پاڻي استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ اهو محفوظ پڻ سمجهيو ويندو آهي.

جڏهن ته ٻئي پاسي مٽجندڙ خوراڪ جي استعمال وارو معاملو آهي. فوڊ ۽ خاص طور فاسٽ فوڊ انڊسٽري به هڪ نئين تباهي جو سبب بڻجي رهي آهي .

مون کي ان سلسلي ۾ برطانيه جي هڪ مارڪسي دانشور (William Peel) جو هڪ شاندار ڪتاب (Peoples History of Europe)  ياد ٿو اچي ، جنهن ۾ هن بيان ڪيو آهي ته  ڪهڙيءَ ريت سرمائيدارانه نظامَ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ کاڌي پيتي جو هڪ نئون سرشتو نه رڳو پاڻ وٽ پر پنهنجي آس پاس موجود نوآبادياتي ملڪن ۾ پڻ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي ، جنهن جو مقصد محنت ڪشن کان زبردستي ڪم وٺڻ ، سندن وڌ کان وڌ وقت سِيڙائڻ ۽ گرمي توڙي سرديءَ ۾ ڀَڄ ڊُڪَ ڪرائڻ وارو ماحول پڻ انهن ئي متعارف ڪرايو آهي.

ڊاڪٽر مُرليڌر

اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر مرليءَ ٻين بيمارين مثال طور ڪرونا سميت ڪيترن ئي وائرسن ڊينگي ، مليريا ، تپ دِق T.B ، نگليريا ۽ ابولا جهڙن مرضن جو به ذڪر ڪيو آهي . جن جا سبب گندگي ، آلودگي ۽ ڪجهه ٻيا عمل آهن ، جن تي سولائيءَ سان قابو پائي سگهجي ٿو . ان کان سواءِ هو اسان کي هڪ ٻئي اهم موضوع ” فسٽولا“ ڏانهن به اسان کي متوجه ڪري ٿو ، جيڪو اسان جي توجه هڪ پدر شاهي معاشري جي ڍانچي واري مسئلي کي اجاڳر ڪري ٿو.

ان مسئلي جي لاءِ ڪنهن دوا نه پر ذهني تبديليءَ جي ضرورت هوندي آهي ۽ ان جي لاءِ سماجي روين کي تبديل ڪرڻو پوندو ، جتي عورتن کي ڪمتر نه پر انسان سمجهڻو پوندو ۽ انهن کي زندگيءَ جي فيصلن ڪرڻ جو اختيار ڏيڻو پوندو . فرسوده ، قبائلي ۽ جاگيردارانه تنگ نظري منجهان نڪري سماجي برابري جي اصولن تحت Inclusive    سماج کي تشڪيل ڪرڻو پوندو.

هي ڪتاب پڙهندي منهنجي توجه صفحي نمبر 172 جي هڪ مختصر مضمون ”روزانو هڪ صوف کائو ۽ دل کي بچايو“  ڏانهن ويئي ۽ مون سوچيو ته ڊاڪٽر مرلي ڪيترين ئي بيمارين کان بچاءَ لاءِ هي ڪيترو نه سولو نسخو تجويز ڪيو آهي ، پر پوءِ منهنجو ڌيان هن ملڪ جي اقتصادي صورتحال ڏانهن ويو ۽ مون سوچيو ته هڪ اهڙو سماج جيڪو پنهنجن وڏن ۽ ايٽمي هٿيارن ، جنگي جهازن ۽ شاهه خرچن تي ته فخر ڪري ٿو  پر اتي 45 سيڪڙو کان وڌيڪ عوام غربت جي لڪيرکان به گهٽ رهي ٿو ۽ ڪيترائي ماڻهو ٻن وقتن جي مانيءَ کان به ۾محروم آهن ! اهي ميوا کائڻ ته ڇا پر ان طرف اک کڻي ڏسڻ جي سگهه به به ٿا رکن.

پنهنجي ڳالهه کي مختصر ڪندي آئون اها ڳالهه چوندس ته ڊاڪٽر مُرلي جي نظرياتي بنيادن تي ٿيل تربيت جي عين مطابق صحت جي شعبي جي مسئلن کي وڏي سادگي ۽ سولي زبان ۾ بيان ڪيو آهي ۽ ان جا بلڪل سولا ۽ سڻاوا حل ڏنا اٿس.

پر جتي ڀلائي واري نظر ۽ انسانيت جي بجاءِ استحصال ، جنگ و جدل ۽ انسان دشمني هجي اهڙي ماحول ۾ سولا حل به ڏکيا ٿي پوندا آهن .

جتي WHO, UNICEF  ۽ UNESCO وغيره جي امداد جو خاتمو ٿي رهيو هجي ، اتي نظام ۾ بهتري جي بجاءِ مزيد مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو آهي ، جنهن جو هن ڪتاب ۾ خاص طور تي HIV aids جهڙن مرضن جو به ذڪر ٿيل آهي .

اسان هڪ عالمگير معاشري جو حصو آهيون ۽ ايئن لڳندو آهي ته هڪ طرف نيو لبرل اڪانومي جي اثر هيٺ صحت جو شعبو عوامي حقن جي حصول جي بجاءِ اشرافيا جي رحم و ڪرم جي نظر ٿيندو وڃي رهيو آهي.

ان سلسلي ۾ فرانسيسي فلسفي Michel Foucault  جي صحت جي شعبي تي لکيل ٽن تنقيدي ڪتابن جا حوالا ڏيئي پنهنجي ڳالهه ختم ڪندس ، جن ۾ فوڪو صحت جي هن ڍانچي تي بنيادي نوعيت جا سوال اٿاريا آهن .

فوڪو جا اهي ڪتاب The Birth of the clinic , Madness and civilization  ۽ The History of Sexuality  آهن.  فوڪو پاران هنن ڪتابن ۾ صحت جي شعبي بابت اٿاريل سوالن کي اسان جي ڊاڪٽرن ۽ پاليسي سازن جي نصاب ۽ تربيتي عمل جو حصو بنائڻ جي ضرورت آهي.

آئون ڊاڪٽر مرلي ءَکي ڪتاب جي ڇپجڻ جي مبارڪ ٿو ڏيان جو هن صحت جي نهايت ئي اهم مسئلن ۽ انهن جا حل ڏيڻ لاءِ پهريان ته اخباري ڪالم لکيا ۽ هاڻي انهن کي ڪتابي صورت ڏيئي اسان سڀني جي سامهون آندو.

_________________ 

ڊاڪٽر رياض شيخ، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (زيبسٽ) ۾ ڊين فئڪلٽي آف سوشل سائنسز ۽ ايجوڪيشن آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button