لاش جو نڪاح: زبردستيءَ جون شاديون رڳو جيئرا لاش پيدا ڪنديون
منهنجي ديس جا غيرت مند والدين! پنهنجي ڌيءَ کي رڳو سماجي عزت جو پُتلو نه سمجهو. هوءَ هڪ انسان آهي، رت ۽ گوشت جو وجود آهي، جنهن کي جذبات آهن
سفير علي ڪاڪا
اسان جي سماج ۾ ڇوڪري جوان ناهي ٿيندي هڪ “انا” جوان ٿيندي آهي. والدين جي غيرت جو سڄو بار ان ڇوڪريءَ جي ڪلهن تي هوندو آهي جنهن کان ڪڏهن پڇيو ئي ناهي ويندو ته ڌيءَ تنهنجي دل جي موسم ڪهڙي آهي. ننڍپڻ ۾ ئي سندس نصيب جون لڪيرون ڪنهن اجنبيءَ جي نالي ڪري کيس رڳو هڪ سماجي معاهدو سمجهيو ويندو آهي. پر ياد رکجو شادي رڳو پڪي ڪاغذ تي صحيح ڪرڻ جو نالو ناهي اها روحن جي ميلاپ ۽ جسمن جي رضامنديءَ جو نالو آهي.

جڏهن ڪنهن عورت کي پنهنجي پسند کان سواءِ ڪنهن اهڙي مرد جي بستري تي اڇلايو وڃي جنهن کي هوءَ نفرت سان ڏسي ته پوءِ اهو ميل ميلاپ محبت ناهي هوندو، اهو هڪ جسماني تشدد هوندو آهي جيڪو روز رات جو ورجايو ويندو آهي.
تصور ڪريو تہ جڏهن اهو اجنبي مرد هن جي جسم کي ڇهي ٿو ته عورت جي بدن مان شهوت نه پر باهه جا شعلا نڪرن ٿا. سندس چپ جڏهن عورت جي چپن تائين پهچن ٿا ته عورت کي پنهنجي اندر ۾ زهر محسوس ٿئي ٿو. عورت جو جسم تہ اتي موجود هوندي آهي پر روح؟ روح ته ڪنهن ٻئي شهر ڪنهن ٻين رستن تي پنهنجي محبوب کي ڳولي رهيو هوندو آهي. هوءَ ان مڙس جي هٿن ۾ هوندي به ذهن ۾ ڪنهن ٻئي جو تصور ڪندي آهي جنهن جي هڪ ڇهاءُ سان سندس وجود پگهرجي پوي.

هيءَ هڪ اهڙي جنسي نفسيات آهي جيڪا اسان جو معاشرو نٿو سمجهي. رضامنديءَ سان ڏنل هڪ لمس طوفان بڻجي ويندو آهي پر زبردستيءَ جو هر لمس هڪ نئون زخم بڻجي ويندو آهي. اندر ئي اندر هوءَ ٽٽي ريزه ريزه ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ؟ پوءِ هوءَ پنهنجي تسڪين لاءِ لڪل رستا ڳوليندي آهي ڇو ته انسان جو روح ڪڏهن به بکيو نٿو رهي سگهي.
منهنجي ديس جا غيرت مند والدين! پنهنجي ڌيءَ کي رڳو سماجي عزت جو پُتلو نه سمجهو. هوءَ هڪ انسان آهي، رت ۽ گوشت جو وجود آهي، جنهن کي جذبات آهن، جنهن کي جسماني خواهشون آهن. کيس پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي بدن بابت چونڊ جو حق ڏيو نه ته توهان جون اهي زبردستيءَ جون شاديون رڳو جيئرا لاش پيدا ڪنديون جيڪي روز رات جو پنهنجي ئي بستري تي قتل ٿيندا آهن.
ياد رکو جسم کي زنجيرن ۾ ته ٻڌي سگهجي ٿو پر خواهشن کي قيد ڪرڻ جو هُنر اڃا تائين ڪنهن به انسان کي ناهي آيو.
_____________
سوشل ميڊيا مانيٽرنگ سلسلي ھيٺ سفير علي ڪاڪا جي فيس بُڪ وال تان کنيل



