Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ ۽ سنڌي مُخالف ذھنيت  جون پاڙون گھڻيون پُختيون آھن

هيءَ سوچ يا ذهنيت جنهن کي سنڌ ۽ سنڌي مخالف سمجهيو ويندو آهي،ان جون پاڙون تمام گهڻيون پختيون آهن.اِها ذھنيت گهڻو ڪري ان نام نهاد شهري سوچ جو نتيجو آهي،جيڪا رياست جي رڳن ۾ سمايل آهي

الهه بخش راٺوڙ

A mindset is a series of self-perceptions or beliefs people hold about themselves. These determine behaviour, outlook and mental attitude. For example, believing you are either ‘intelligent’ or ‘unintelligent’. Two mindsets have been identified by Carol Dweck, (Professor of Psychology at Stanford University

(ذهنيت جنهن کي مائينڊ سيٽ سڏيو وڃي ٿو، هي ماڻهن جي تصورن ۽ عقيدن جو مجموعو آهي، هي تصور انسان جي روئي،نقطه نظر ۽ ذهني رجحان جو تعين ڪن ٿا، مثال طور هي يقين ڪرڻ ته توهان يا ته ذهين آهيو يا وري ڪُند ذهن)

اسان وٽ اينٽي سنڌ مائينڊ سيٽ جو ذڪر وڌيڪ ڪيوويندو آهي،هن ذهنيت ڊگهي عرصي کان مختلف حڪمرانن ۽ گروپن کان ٿيندي، هاڻ آرٽس ڪائونسل جي چڱي مڙس احمد شاهه تي اچي ڇيهه ڪيو آهي.هيءَ سوچ يا ذهنيت جنهن کي سنڌ ۽ سنڌي مخالف سمجهيو ويندو آهي،ان جون پاڙون تمام گهڻيون پختيون آهن.اِها ذھنيت گهڻو ڪري ان نام نهاد شهري سوچ جو نتيجو آهي،جيڪا رياست جي رڳن ۾ سمايل آهي ۽ ان جا اڪثر پرزا هلندي، گهمندي ڦرندي ان جو اظهار  ڪن ٿا.هي  مائينڊ سيٽ رڳو ذهني ناهي،پر هر شعبي ۾ موجود آهي،ان جون پاڙون ملڪ جي وجود کان به پهريان کتل آهن،جڏهن نفرت جي بنيادن تي انگريزن سنڌي بدران گجراتي ۽ انگريزي کي سرڪاري زبان بڻايو هو.سنڌ جنم ته پاڪستان کي ڏنو، پر ان ۾ رهندڙ اهي ڌريون، جيڪي پاڻ کي عقل ڪل سمجهنديون هيون،انهن سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي نفرت ۽ ڪريل ذهنيت ذريعي ڏسڻ شروع ڪيو.هي رڳو انهن ڌرين جو نه پر وقت جي حڪمرانن جو به ساڳيو ئي رويو هو.اسان لياقت علي خان کان وٺي، پرويز مشرف تائين ان روئي جي اظهار کي ڀوڳي رهيا آهيون.

هي ته هاڻوڪي ڳالهه آهي ته آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه سنڌي اديبن، شاعرن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جي محفل ۾ ٻوڙ هاريندي چيو ته سنڌين کي سمنڊ اسان ڏيکاريو،هنن ته سنڌ کي ڄامشوري تائين سمجهيو پئي،اسان کين ٻڌايو ته هي سمنڊ به سنڌين جو آهي.!،هي ڳالهه ته ”ڏوهٽي، ناني کي سيکاري” واري ڳالهه آهي،پر هن نوعيت جي آوازن کي ڪوبه دٻائي نٿو سگهي.هن ڀيري فرق هي آهي ته اسان جي پنهنجي ٻولي ڳالهائيندڙ احمد شاهه سان گڏ بيٺل آهن،اسان کي يقينن احمد شاهه جي سنڌين تي ”مهربانين” تي ٻه رقعتون نفل پڙهڻ گهرجن.! پر اهو به نه وسارڻ گهرجي ته آرٽس ڪائونسل احمد شاهه لاءِ ته سونا بيضا ڏيندڙ ڪڪڙ آهي،پر ان جو ذريعو به اسان جا پنهنجا آهن.باقي هي آرٽس ڪائونسل سنڌ جي ڪيترن وزيرن جا کيسا خالي ڪندي رهي آهي،ان جي به سڀني کي ڄاڻ هوندي.اسان جي خلاف جيڪو ڪجهه ڳالهايو ويو،ان جي باوجود چئون ٿا ته احمد شاهه ۽ ان جي ٽيم سنڌ جي اديبن ۽ ساڃاهه وندن کي ياد ڪري سٺو ڪم ڪيو،اسان کي اها شام به ياد آهي،جڏهن آرٽس ڪائونسل ۾ هلندڙ سنڌي ميلي دوران هڪ ويهڪ کي انڪري ملتوي ڪيو ويو ته ان ۾ بلوچ اديبن ۽ دانشورن کي اچڻو هو،اهي انتظار ڪندي، سنڌين جي مهمانوازي جا ڳيچ ڳائيندا هليا ويا.هي ويهڪ ڪنهن جي اشاري تي ملتوي ڪئي وئي، اهو ته آرٽس ڪائونسل ۽ ميلو ڪرائيندڙ دوست ئي ٻڌائي سگهن ٿا.

اينٽي سنڌ مائينڊ سيٽ بابت مون چيٽ جي پي ٽي کان پڇيو ته هي جواب مليو-

اينٽي سنڌ مائينڊ سيٽ جي تاريخي بنياد سمجهڻ لاءِ سنڌ جي بيٺڪي دور، پاڪستان کانپوءِ وارين پاليسين ۽ وفاق ۽ صوبن جي لاڳاپڻ تي نظر وجهڻي پوندي.

1-بيٺڪي دور1843 – 1947

برطانوي قبضو 1843 ۾ ٿيو، سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان ملايو ويو،سنڌي ٻولي کي سرڪاري زبان بدران گجراتي ۽ /انگريزي کي اوليت ڏني وئي۔

1843: چارلس نيپئر جي فوجي مهم کانپوءِ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو.

1853 – 1868: سنڌي ٻولي لاءِ اسڪول کوليا ويا، پر اعليٰ تعليم تي انگريزي ۽ گجراتي جو راڄ رهيو۔

1936: سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري الڳ صوبو ٺاهيو ويو، پر معاشي طور ڪمزور حالت ۾ ڇڏيو ويو۔

1947: اردو ڳالهائيندڙن جي وڏي پيماني تي آمد؛ ڪراچي کي وفاقي گادي جو شهر بڻايو ويو۔

1948: ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري “وفاقي علائقو” بڻايو ويو؛ سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي.

1951: اردو کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ، سنڌي ٻولي کي نظرانداز ڪرڻ۔

1955: ون يونٽ قائم ٿيو؛ سنڌ، بلوچستان، پنجاب، سرحد جي سڃاڻپ ختم ڪئي وئي.

1961: ڪراچي مان سنڌي ماڻهن کي ادارن، آفيسن ۽ نوڪرين مان ڪڍيو ويو.

1967: سنڌي شاگردن مارچ شروع ڪيو، جنهن ايوب شاهي جي خاتمي جو بنياد رکيو.

1970: ون يونٽ ختم ٿيو، سنڌ جي پراڻي حيثيت بحال ٿي۔

1972: لساني فساد ٿيا، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا.

1973: نئين آئين ۾ سنڌي ٻولي کي صوبائي زبان جو درجو مليو، پر عملي طور تي لاڳو ڪرڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون.

1977: ضياءُ الحق جي مارشل لا ۾ سنڌي ماڻهن کي سياسي طور وڌيڪ نظرانداز ڪيو ويو.

1984: ايم ڪيو ايم قائم ڪري ؛ ڪراچي ۾ لساني ورهاست کي وڌايو ويو۔

1988: حيدرآباد ۾ لساني فساد ڪرائي سوين شهري ماريا ويا،ٻئي ڏينهن تي ڪراچي ۾ قتل عام ڪيو ويو.

2000: مشرف دور ۾ “ٻهراڙين ۾ مڪاني نظام” کي ختم ڪيو ويو، جيڪو سنڌي ڳوٺن جي لاءِ اهم هو۔

2009: ڪالاباغ ڊيم جي شديد مخالفت ڪندي سنڌ جي عوام ان کي پنهنجي پاڻي ۽ زراعت لاءِ خطرو سمجهيو.

2010: 18هين ترميم پاس ٿي، صوبن کي وڌيڪ خودمختياري ملي، پر وفاق ۾ ان تي مڪمل عمل نه ڪيو.

2010 – 2020: سنڌ ۾ پاڻيءَ جو بحران وڌي ويو، انڊس ڊيلٽا سڪي ويو.

2011 – 2015: ڪراچي ۾ رينجرز آپريشن شروع ڪيو…

2018: وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي بجيٽ ۾ ڪٽوتيون ۽ وفاقي ادارن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ڪيا.ان سان گڏ ڪيترائي اشوز پيدا ڪري سنڌ کي ڀوڳڻ تي مجبور ڪيو ويو.

اينٽي سنڌ ۽ سنڌي ذهنيت جو اظهار ،ڪراچي ۾ خاص ڪري انهن ڌرين ڪيو،جن کي فوجي آمريتن جي ڏينهن ۾ اقتدار ته مليو،پر هاڻ هو گهٽيون ڪڇي رهيا آهن.انهن اعلان ڪرڻ شروع ڪيا ته رات جو گهرن کي تالا هڻي سمهو، ڇاڪاڻ ته ٻهراڙين مان ڌاڙيل آيا آهن،جيڪي گهر جو الهه تلهه ٻهاري کڻي ويندا.انهن ڏينهن ۾ مهاٻوڏ اچڻ کانپوءِ سنڌ جي ٻهراڙين مان وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي.هن ذهنيت کي ڪڏهن سرڪاري ته ڪڏهن غير سرڪاري طور تي هٿي وٺرائي وئي.سنڌ ۽ سنڌين خلاف هي سوچ هاڻ ٻين ڪميونيٽيز ۾ به پيدا ٿي آهي،هينئر به ڪجهه حلقا چون ٿا ته ”رستي ۾ جيڪڏهن نانگ ۽ سنڌي ملي ته پهريان سنڌي کي ماريو“! هي فاشسٽ سوچ هيٺئين سطح تائين پيدا ڪئي وئي آهي.هينئر به ڪراچي جهڙن شهرن ۾ هي چيو ٿو وڃي ته توهان جي سنڌ ته ڄامشوري تائين هئي، جي ايم سيد ۽ پليجو صاحب ڪراچي مان هٿ ڪڍي ويا هئا،انهن ٺٽو يا حيدرآباد کي گادي جو شهر بڻائڻ گهريو ٿي.هي ڪوڙ جي بازار آهي، جنهن کي هٿي وٺرائي وئي آهي،هينئر سوشل ميڊيا جي دور ۾ سنڌين جي ان اميج کي گڏيل طور تي ختم ڪري سگهجي ٿو.

____________

الھ بخش راٺوڙ سينئر صحافي اھي ۽ ڪراچيءَ م رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button