تماچي: سنڌ جي لازوال عشق جي داستان کان جپان جي ڌرتيءَ سان عشق تائين
“تماچي” سنڌي لوڪ ادب ۾ هڪ محبت ۽ وفاداريءَ جي اُھڃاڻ طور سڃاتو وڃي ٿو، جڏهن ته جپان ۾ اهو لفظ سارين جي پوک وارن ڳوٺن ۽ علائقن لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
نصير اعجاز
دنيا جي مختلف ٻولين ۽ تهذيبن ۾ ڪيترائي لفظ اهڙا آهن، جيڪي هڪ ٻئي کان بلڪل الڳ پسمنظر رکن ٿا، پر اتفاق سان هڪ ئي آواز ۾ ٻُڌبا آهن. اهڙو ئي هڪ دلچسپ لفظ آهي “تماچي”، جيڪو سنڌي لوڪ ادب ۾ هڪ محبت ۽ وفاداريءَ جي اُھڃاڻ طور سڃاتو وڃي ٿو، جڏهن ته جپان ۾ اهو لفظ سارين جي پوک وارن ڳوٺن ۽ علائقن لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

سنڌي لوڪ ڪھاڻيءَ جو تماچي
سنڌ جي روحاني ۽ ادبي ورثي ۾، خاص طور تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾، تماچيءَ جو نالو ستن سُرمين جي داستانن مان هڪ ۾ آيو آهي، يعني “نوري ڄام تماچي” جي ڪھاڻي.
تماچي، سمن واري دور جو هڪ شھزادو هو، جنھن جي دل ڪينجھر ڍنڍ جي هڪ غريب مُھاڻي نوريءَ تي اچي بيٺي. نوريءَ جي سادگي، خلوص ۽ پاڪ دل تماچيءَ کي اهڙيءَ ريت موهي وڌو، جو هن پنھنجي بادشاهيءَ جي شان ۽ سماجي فرق کي وساري ڇڏيو.
هيءَ ڪھاڻي انساني برابري، روحاني محبت ۽ عاجزيءَ جو مثال بڻجي وئي. اڄ به ڪينجھر ڍنڍ ۾ نوريءَ جي قبر تي ماڻھو زيارت لاءِ اچن ٿا، جتي پاڻيءَ جي وچ ۾ دفن ٿيل نوري ڄڻ اڃا به پنھنجي عشق جو داستان ڍنڍ جي لھرن ۽ ھوائن سان ونڊيندي رھي ٿي.

جپان جو تماچي: سارين جي ڳوٺ مان جديد شھر تائين
ٻئي پاسي، جپان ۾ تماچي (田町) لفظ جا ٻه اکر آهن: “田” (ta) مطلب سارين جي ٻني، ۽ “町” (machi) مطلب ڳوٺ يا ٽائون. ٻنھي اکرن جي گڏجڻ سان انھن جو مطلب ٿيو: چانورن يا سارين جا ڳوٺ يا سارين جي کيتن وارو شھر.
قديم دور ۾ تماچي اِديو (هاڻوڪي ٽوڪيو) جي ڀرسان هڪ خاموش ۽ سُڪون وارو زرعي علائقو هو، جتي ماڻھو ساريون پوکيندا هئا. پر وقت سان گڏ، اهو علائقو وڌندو وڌندو مناتو ضلعي جو حصو بڻجي ويو. اڄ تماچي اسٽيشن وارو علائقو ٽوڪيو جو هڪ مصروف ڪاروباري ۽ تعليمي مرڪز آهي، پر ان جو نالو اڃا به پنھنجي زرعي ورثي ۽ سادگيءَ جي ياد ڏياري ٿو.
لفظن جي اتفاقي پُل
عجيب اتفاق آهي ته سنڌي تماچي ۽ جپاني تماچي ٻئي هڪ نالي سان سڃاتا وڃن ٿا، پر ٻنھي جو مطلب بلڪل مختلف آهي. سنڌ جو تماچي دل ۽ عشق جي دنيا سان تعلق رکي ٿو، جڏهن ته جپان جو تماچي ڌرتي ۽ محنت جي دنيا سان. پر ٻنھي ۾ هڪ گڏيل احساس آهي … محبت ۽ مٽيءَ جو لاڳاپو. هڪ انساني دل کي پوکيندڙ آهي، ٻيو ڌرتيءَ کي. ۽ شايد اهوئي حُسن آهي انساني تھذيب جو، جتي لفظ، ڪھاڻيون ۽ نالا به انسانن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏين ٿا.
تماچي نالو مون کي ڏاڍو وڻندو آھي. انھيءَ نالي مونکي ايترو متاثر ڪيو ھو جو پنجويھ کن ورھيہ اڳ مون ڪجھ دوستن سان گڏجي جڏھن ڪو ڪاروبار ڪرن لاءِ ادارو ٺاھيو تہ انھيءَ جو نالو رکيم ”تماچي انٽرپرائيزز“ جنھن کي ڪوآپريٽو سوسائٽيز ائڪٽ ھيٺ رجسٽر بہ ڪرايم. ڪجھ وقت اڳ مون کي ھڪ خيال آيو تہ ڏسجي تہ ان قسم جو نالو دنيا ۾ ٻئي ڪنھن ھنڌ بہ آھي يا نہ. گُوگل مون کي جپان جو ڏس ڏنو تہ منھنجي ذھن ۾ ھڪدم انھيءَ لاءِ جملو تري آيو: ”تماچي: دل ۽ ڌرتيءَ جي هڪجهڙائي.“
اصل ۾ لفظ ڪڏهن ڪڏهن ستارن وانگر ٿين ٿا. هڪ ئي نالي جا، پر پنھنجي پنھنجي آڪاشن تي چمڪندڙ. اهڙو ئي هڪ عجيب ۽ حسين اتفاق آهي لفظ تماچيءَ جو. هڪ طرف سنڌ جي عشقن جي داستانن ۽ شاعريءَ جي رسالن مان نڪرندڙ شھزادو، ۽ ٻئي پاسي جپان جي چانورن جي خوشبوءَ ۾ رچيل ڳوٺ جو نالو.
نوري ڄام تماچي، عشق جو آفاقي داستان، جنھن ۾ ھڪ ڪردار تماچيءَ جو نالو سنڌ جي سُرن ۾، ڀٽائيءَ جي بيتن ۾، ۽ ڪينجھر جي لھرن ۾، هڪ نالو صديون اڳ گونجي چڪو آهي. تماچي، سمن جو شھزادو، جنھن نُوريءَ جي خلوص جي شڪل ۾ پنھنجي تخت ۽ تاج کان وڏو خزانو ڳولي لڌو. نُوري، جيڪا نه محلن جي هئي، نه اميرن جي، پر جنھن جي دل ۾ سادگي، سچائي ۽ وفا سمايل ھئي. تماچيءَ لاءِ اهو عشق رڳو جمال نه، پر روح جي پاڪيزگيءَ تائين پهچڻ جو سفر هو.
ڪينجھر جي پاڻيءَ ۾ اڄ به نوريءَ جي قبر کي ڇُھندي هوائون ٻڌائن ٿيون: محبت جي واٽ ڪنھن درجا بنديءَ تي قائم نه پر دلين اندر پشم جھڙن پيچرن جھڙي ھوندي آهي.
سنڌ ۽ جپان جي ٻن لفظن جي سنگم تي مان اِھو ئي چئي سگھان ٿو تہ تماچي سنڌ ۾ دلين جي ڪهاڻي آهي ۽ تماچي جپان ۾ ڌرتيءَ جي. هڪ عشق پوکي ٿو، ٻيو چانور. پر ٻنھي ۾ هڪ ئي رڳ ڌڙڪي ٿي … سچائيءَ ۽ خلوص جي.
مون وٽ شايد لفظن جي دنيا ايتري وسيع نه آهي، جو پنھنجي سوچ ۽ احساسن جو اظھار صحيح طرح ڪري سگھان. بس ان کي محبت ۽ مٽيءَ جو ميل سڏيندس. تماچيءَ جو نالو ٻڌي سنڌي ماڻھوءَ جي دل ۾ نوريءَ جي ياد جاڳي ٿي، ۽ جپاني ماڻھوءَ جي ذهن ۾ چانورن جي خوشبوءِ. ٻنھي جا جھان الڳ، پر روح هڪ آھي. هڪڙو عشق جي عبادت جو، ٻيو پورھئي جو. ۽ شايد اها ئي سچائي آهي تھذيبن جي، ته لفظ، جڳھن ۽ ڪھاڻين جا نالا انسان جي هڪجھڙائيءَ جو ثبوت بڻجن ٿا. آخري لفظ لکندي، ھڪجھڙائيءَ واري ڳالھ تي منھنجي ذھن ۾ ٺٽي ضلعي جو ڪينجھر وارو علائقو اُڀري ايو جيڪو ڳاڙھن چانورن جي پوک ڪري مشھور آھي.
_______________
نصير اعجاز سينئر صحافي ۽ ناليوارو ليکڪ آھي



