حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو ”سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ“
سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچائڻ لاءِ سنڌياڻين حڪومت جي مڙھيل قلم 144 جي قانون کي ٿڏي ڇڏيو، هزارين عورتون معصوم ٻارڙن سميت مطالبن جا پليڪارڊ کڻي مارچ ۾ شريڪ
حيدرآباد
27 هين آئيني ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، معدني وسيلن تي ڌاڙن، سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، قبيلائي دهشتگردي، ڪارو ڪاري ۽ عورتن جي قتلن خلاف آچر سورھين نومبر تي سٽي گيٽ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين هزارين سنڌياڻين مارچ ڪيو.

سنڌ جي وحدت، وسيلن، زمينن ۽ درياهه جي حفاظت لاءِ سنڌياڻين قلم 144 جي صورت ۾ مڙهيل بندشن کي ٿڏي ڇڏيو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ماروي سنڌو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، ستار رند، لال جروار، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عبدالقادر رانٽو، ماهه نور ملاح، سڀاني ڏاهري، شمشاد ٻپڙ، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري، ساجده پرهياڙ، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفي چانڊيو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سٽي گيٽ کان شروع ٿيل مارچ، سول اسپتال روڊ، تلڪ چاڙهي، حيدر چوڪ سميت حيدرآباد شهر جي مک چوڪن ۽ چوراهن کان ٿيندو حيدرآباد پريس ڪلب پهتو جتي جلسي عام ڪيو ويو. ان موقعي تي ليکڪ اديب جامي چانڊيو، ايڊوڪيٽ غفار ناريجو جنرل سيڪريٽري ميرپورخاص بار ايسوسيئيشن، ايڊوڪيٽ اسرار چانگ، جنرل سيڪريٽري سنڌ هاِء ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، ليکڪ ۽ محقق فهيم نوناري ۽ ٻين وڪيل اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن يڪجهتي طور مارچ ۾ شرڪت ڪئي.
مارچ کي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ستاويهن آئيني ترميم جمهوريت تي حملو آهي، ننگي ڊڪٽريشپ مڙهي ويئي آهي. ستاويهن آئيني ترميم وسيلي آمرن کي احتساب کان ڇوٽ ڏيئي ملڪ ۾ بادشاهت قائم ڪئي وئي آهي، آئين چئي ٿو سمورا شهري برابر آهن، 27هين ترميم چئي ٿي حڪمران بالا آهن، جن تي ڪا به عدالتي ڪاروائي نه ٿيندي. چند حڪمرانن کي احستاب کان ڇوٽ ڏئي آئين معطل ڪيو ويو آهي.
هن مطالبو ڪندي چيو ته ملڪ جي آئين جو بنياد 1940 واري پاڪستان قرارداد تحت وڌو وڃي. حڪمرانن 27هين ۽ 26هين آئيني ترميمن ذريعي آئين جو چهرو مسخ ڪري ڇڏيو آهي. هنن ترميمن ذريعي عوام جا بنيادي انساني حق معطل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 27 هين آئيني ترميم ذريعي عدليه غلام ڪئي ويئي آهي، هاڻي حڪمران سنڌ جي معدني وسيلن سميت ٻين حقن تي ڌاڙو هڻندا جنهن کي ڪا به ڪورٽ نه روڪيندي. هن چيو ته ملڪ جي وسيلن، زمينن ۽ قدرتي معدنيات کي وڪرو ڪرڻ لاءِ SIFC جهڙو آئين کان مٿاهون ادارو قائم ڪيو ويو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ مظلوم قومن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ جي منظم سازش آهي. سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪمپنين کي ڏنيون پيون وڃن.

وسند ٿري وڌيڪ چيو ته سنڌ هزارين سالن جي تهذيبي تاريخ رکندڙ قومي وطن آهي. سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ ۽ نوان صوبا ٺاهڻ جي سازش ملڪ دشمن عمل آهي. سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ واري سازش کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو. هن چيو ته سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب جو واحد شاهد سنڌو درياهه آهي. ڪالاباغ ڊيم، ڀاشا ڊيم ۽ 6 اسٽريٽجڪ ڪينالن جهڙا منصوبا سنڌ جو پاڻي زبردستي کسڻ جي سازش آهن. پيڪا ايڪٽ ضيائي ۽ ايوبي آمريت جو تسلسل آهي. اينٽي ٽررزم ترميمي ايڪٽ وسيلي 6 مهينا حراست عوام کان فيئر ٽرائل جهڙو بنيادي حق کسڻ جي سازش آهي. اهي ڪارا قانون آئين ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهن. مائينز اينڊ منرلز بل صوبن جي وسيلن تي ڌاڙو ۽ 18هين ترميم خلاف سازش آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ رياستي ادارن جي نااهلي سبب ڌاڙيلن کي جديد هٿيار ڏنا ويا آهن. سنڌ ۾ عوام غير محفوظ آهي.
سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وڪڻڻ لاءِ ايس آئي ايف سي جو ادارو به پيپلز پارٽي جي سهڪار سان ٺاهيو ويو آهي. عدالتون جيڪي 26هين آئيني ترميم سبب اڳ ۾ ئي مفلوج آهن تن کي مڪمل طور حڪومتي درٻار بڻائڻ لاءِ 27هين ترميم آندي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي عوام وٽ هاڻي پر امن جدوجهد کانسواءِ ڪو به رستو نه بچيو آهي. عوام جي هر طبقي جو عوامي جدوجهد جي ميدان ۾ اچڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي سرڪار جو بدترين فاشسٽ راڄ قائم آهي، بورڊ آف انويسٽمينٽ اميڊمينٽ ايڪٽ 2023ع ۽ 27هين ترميم ملڪ جي وجود تي وار آهي، سنڌ ۾ جاگيرداري نظام کي مضبوط ڪري عورتن جو قتلام ڪيو پيو وڃي، ڪارو ڪاري جو ڪاروبار حڪومتي سرپرستي ۾ جاري آهي.

ڇويهين ۽ ستاويهين آئيني ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي زمينن تي قبصا ۽ ناجائز طور سنڌو درياهه تي ڊيمن ۽ ڪينالن جي منصوبن، عورتن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان 16 نومبر 2025 تي حيدرآباد ۾ ٿيل “سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ” ۾ پاس ڪيل قراردادون. ھي مارچ مطالبو ٿو ڪري ته ملڪي آئين جو بنياد 1940 واري قرارداد پاڪستان تحت قائم ڪيو وڃي. ستاويهن ۽ ڇويهين آئيني ترميمن خلاف سکر ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن تي سنڌ سرڪار جي اشارن تي پيپلزپارٽي جي غنڊن ۽ داداگيرن طرفان ڪيل حملو کلي دهشتگردي آهي. سنڌ ۾ بدترين آئيني آمريت قائم ڪئي وئي آهي. پيپلزپارٽي سرڪار جو سفاڪ ۽ بي رحم چهرو واضع ٿي چڪو آهي. هي مارچ پيپلزپارٽي سرڪار طرفان ڪيل ان دهشتگردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.
ھُن مطالبو ڪيو ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا رد ڪيا وڃن. ڪمپنين حوالي ڪيل لکين ايڪڙ زمين واپس وٺي هارين حوالي ڪئي وڃي. سنڌ صديون پراڻو قومي وطن آهي. نون صوبن وارو سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ وارو رينگٽ ملڪ دشمن سازش آهي. سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙي ملڪ دشمن سازش ڪندڙن خلاف قانوني قدم کنيا وڃن. سنڌو درياهه سنڌ جي تهذيبي تاريخ، وجود ۽ جياپي جو واحد ذريعو آهي. ڪالاباغ ڊيم، ڀاشا ڊيم ۽ 6 اسٽريٽجڪ ڪينالن سميت سنڌو درياهه تي سمورن ڊيم ۽ ڪينالن جا منصوبا بند ڪيا وڃن. پيڪا ايڪٽ اظهار جي آزادي جي خلاف زبان بندي وارو ضيائي–ايوبي آمريت جي باقيات آهي. هي ڪارو قانون ختم ڪري عوام کي اظهار جو حق ڏنو وڃي. اينٽي ٽيررزم ترميمي ايڪٽ تحت ملڪ جي ڪنهن به شهريءَ کي، ڪنهن به ايف آئي آر نه هجڻ باوجود 6 مهينا حراست ۾ رکڻ آئين ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. اهو ڪارو قانون فوري ختم ڪيو وڃي. مائينز اينڊ منرلز بل اميڊمينٽ 2025ع 18هين آئيني ترميم جي خلاف ۽ صوبائي وسيلن تي ڌاڙو آهي. هي بل فوري واپس ورتو وڃي ۽ صوبن کي مڪمل اختيار ڏنا وڃن. ڪارو ڪاري، سڱ چٽي، بدي جون شاديون، ۽ نياڻين جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جهڙا غيرانساني، عورت دشمن ۽ معاشري لاءِ تباهي آڻيندڙ رواج اڄ به قبيلائي سردارن، جاگيردارن ۽ سرڪاري اثر رسوخ وارن توڙي راڄوڻي رسمن رواجن جي سرپرستي تحت جاري آهن. انهن سڀني ظالمانه، عوام دشمن ۽ عورت دشمن رواجن جو مڪمل خاتمو آندو وڃي ۽ اهڙن رواجن کي هٿي ڏيندڙ ڏوهارين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. عورتن خلاف اڻ برابري وارو جوڙيل وحشياڻي، قبيلائي ۽ جاگيرداري نظام سنڌ جي ترقي، انساني برابري ۽ معاشرتي امن ۽ خوشحالي لاءِ وڏو خطرو آهي. اسان گهر ڪريون ٿا ته عورت دشمن هر قسم جي سماجي، روايتي ۽ قبيلائي نظام کي ختم ڪري، عورتن جي مڪمل تحفظ، بااختياري ۽ قانوني برابري لاءِ جامع قانوني ۽ انتظامي قدم کنيا وڃن. (پريس رليز)
_______________



