Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

اڳوڻي چيف جسٽس جي گهر ۽ بئنڪ تي فائرنگ: جاچ دوران نوجوان ڪيئن  فوت ٿيو؟

 سڀ کان وڏو سوال اهو ٿو اڀري ته  ڪيس داخل ٿيڻ جي  پندرهن ڏينهن بعد به جاچ ۾ ڪا خاص اڳڀرائي ڇو نه ٿي؟ ڇا اها رڳو جاچ جي ڪمزوري آهي يا وري ان جي پٺيان ڪي ٻيا ڪارڻ به لڪل آهن؟ ڪيس جي جاچ دوران هڪ نوجوان بيگناهه شهري آصف پٺاڻ تي مبينا طور تشدد ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس موت ٿيو. چيو وڃي ٿو تہ اها ڪارروائي اعليٰ پوليس عملدارن جي هدايتن تي ڪئي وئي. اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سڄي معاملي تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ڪجهه صحافين ذريعي اهو تاثر ڏنو ويو ته ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي.

آغا رفيق احمد خان

نسيم بخاري

ڳڙهي ياسين اڄڪلهه اهڙن واقعن جي ور چڙهيل آهي، جن نه رڳو شهرين جي دلين مان تحفظ جو احساس کسي ڇڏيو آهي، پر رياستي ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي به وڏا سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

17 جولاءِ تي اڳوڻي وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس (ر) آغا رفيق احمد خان جي گهر جي در تي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئي، ۽ اتي ئي ڌمڪيءَ واري هڪ پرچي به ڇڏي ويا. اهو ڪو معمولي واقعو نه هو. ان هوندي به ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، پر ڪا اڳڀرائي سامهون نه آئي، جنهن سان ماڻهن جو ڀروسو بحال ٿئي.

آغا رفيق احمد خان صدر آصف علي زرداريءَ جو ننڍپڻ جو يار رهيو آهي ۽ اڳوڻي وزيراعظم شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويجهن ۽ ڀروسي وارن ماڻھن ۾  ڳڻجندو آيو آهي.

هاڻي سڀ کان وڏو سوال اهو ٿو اڀري ته  ڪيس داخل ٿيڻ جي  پندرهن ڏينهن بعد به جاچ ۾ ڪا خاص اڳڀرائي ڇو نه ٿي؟ ڇا اها رڳو جاچ جي ڪمزوري آهي يا وري ان جي پٺيان ڪي ٻيا ڪارڻ به لڪل آهن؟

آغا رفيق احمد خان جو يادگيرين تي مشتمل اردو ٻوليءَ  ۾  ڪتاب “عدليه ۾ منهنجا 44 سال” جي نالي سان 2025ع ۾ ڇپيو. ان ڪتاب جون مهورتي تقريبون ۽ علمي ويهڪون ڪراچي، شڪارپور، لنڊن ۽ آمريڪا ۾ ٿيون، جيڪا  ليکڪ لاءِ وڏي مڃتا آهي. سندس شخصيت، لاڳاپن يا علمي حيثيت بابت ماڻهن جي مختلف راءِ ٿي سگهي ٿي،  پر چيو وڃي ٿو ته آغا رفيق احمد خان جي ڪنهن سان به ڪا ذاتي دشمني نه آهي.

آمريڪا مان موٽڻ کان پوءِ جسٽس (ر) آغا رفيق کليءَ طرح پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا. سندن چوڻ هو ته ڳڙهي ياسين ۾ خوف واري فضا پکڙيل آهي، ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن، ۽ جيڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ايمانداريءَ سان جاچ ڪن ته حقيقت تائين پهچڻ ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي. آءِ جي سنڌ طرفان سي ٽي ڊي جي ٽيم جوڙڻ ۽ سڪيورٽي ڏيڻ جي خاطريءَ کي سٺو قدم قرار ڏيندي ھن چيو  آهي ته اصل ڳالهه نتيجن مان ئي ظاهر ٿيندي.

فڪر جي ڳالهه رڳو هڪ واقعو نه آهي. نيشنل بئنڪ جي برانچ تي فائرنگ، پريس ڪلب جون بجليءَ جون تارون ڪاٽي ڇت تي اڇلائڻ، ۽ انهن ٽنهي واقعن ۾ اڄ تائين ڪا واضح اڳڀرائي نه ٿيڻ ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪيترائي سوال پيدا ڪيا آھن. جڏهن ڏوهه ٿيندا رهن، جوابدار سامهون نه اچن، ۽ جاچ ماٺ ۾ دفن ٿي وڃي ته پوءِ افواهون جنم وٺنديون آهن، شڪ وڌندا آهن ۽ رياست تي ماڻهن جو ڀروسو گهٽبو آهي.

ڪي ماڻهو انهن واقعن کي انتهاپسند تنظيمن سان ڳنڍين ٿا، پر اڃا تائين اهڙو ڪو پڪو ثبوت يا ذميواري قبول ڪرڻ جو  اعلان سامهون نه آيو آهي. ساڳيءَ ريت ڪجهه ماڻهو مقامي پوليس جي ڪردار تي به آڱريون کڻن ٿا، پر انهن ڳالهين جي پٺڀرائي ۾ به ڪو  ثبوت موجود نه آهي. تنهن ڪري ذميواريءَ وارو رستو اهو ئي آهي ته افواھن بدران آزاد، شفاف ۽ اڻڌري جاچ جو دائرو  وڌايو وڃي.

اصل سوال اهو نه آهي ته شڪ ڪنهن تي آهي ۽ سچ ڇا آهي؟ جيڪڏهن سي سي ٽي وي جون رڪارڊنگون موجود هيون ته انهن جو ڇا ٿيو؟ جيڪڏهن نه هيون ته ڇو نه هيون؟ جيڪڏهن جاچ هلي رهي آهي ته پوءِ ماڻهن کي اڳڀرائي بابت آگاهه ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ماٺ  اعتماد پيدا نه ڪندي آهي، پر شڪ کي ضرور وڌائيندي آهي.

ڳڙهي ياسين اڳ به قبائلي جهيڙن، ڏوهن ۽ بدامني سبب خبرن ۾ رهيو آهي. هن شهر جي ماڻهن امن جي قيمت به ڏني آهي ۽ بدامنيءَ جا ڏک به سٺا آهن. واپارين جي شٽر بند هڙتال ۽ شهرين جو احتجاج انهيءَ بيچينيءَ جو اظهار آهي. جڏهن ماڻهو پاڻ روڊن تي نڪري اچن ته اهو رڳو احتجاج نه هوندو آھي، پر رياستي نظام لاءِ هڪ چٽو ۽ سنجيده پيغام هوندو آهي،

 ايئن به ٿي سگھي  ٿو ته هي واقعا ڪنھن تنظيمي يا مضبوط گروهه طرفان نه، پر ڪنهن فرد جي ذهني حالت جو نتيجو هجن، جنهن سبب ماڻهن ۾ بي چيني ۽ خوف پيدا ٿي ويو آھي. اهڙي صورتحال ۾  سماجي ۽ قانوني ادارن کي وڌيڪ سرگرم ٿيڻو پوندو ته جيئن هڪ تحفظ جو احساس بحال ٿي سگهي.

آغا رفيق احمد واري واقعي تي وڌيڪ واءُ سواءُ وٺڻ ۽ ڏيڻ جي پڻ ضرورت آھي

 هڪ اڳوڻي چيف جسٽس، نامياري قانوندان ۽  عوامي شخصيت جي گهر تي حملو جيڪڏهن اڻڄاتل ئي رهي وڃي ته پوءِ عام ماڻهوءَ جي دل ۾ اهو سوال اڀرڻ فطري آهي ته آخر سندس جان ۽ مال جي حفاظت جي ذميواري ڪير کڻندو؟

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سچ کي سامهون آندو وڃي. سنڌ حڪومت، پوليس ۽ لاڳاپيل جاچ ڪندڙ ادارن تي فرض آهي ته هو انهن سڀني واقعن جي اڻڌري جاچ مڪمل ڪن، اصل حقيقتون ماڻهن جي سامهون رکن، ۽ جيڪڏهن ڪنهن بااثر ماڻهو يا ٽولي جو هٿ هجي ته ان کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻن. انصاف رڳو حوالن ۽ بيانن تائين ڪافي ناھي، پر انصاف ماڻهن کي ٿيندي ۽ ملندي به نظر  اچڻ گهرجي.

ڳڙهي ياسين جا ماڻهو خوف نه، امن گهرن ٿا. هو ماٺ نه، جواب گهرن ٿا. ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه، هو اهو ڀروسو گهرن ٿا ته قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو ھوندو آهي ۽ رياست پنهنجن ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي آھي.

آغا رفيق جي گهر تي فائرنگ واري ڪيس جي فريادي بابر پٺاڻ هڪ وڊيو بيان ۽ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پوسٽن ذريعي ضلعي شڪارپور جي پوليس قيادت تي انتهائي سنگين الزام هنيا آهن. هن ايس ايس پي شڪارپور، ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين ۽ ايس ايڇ او نندواڻي جي ڪارڪردگي تي سخت سوال اٿاريندي کين عوام دشمن قرار ڏنو آهي.

بابر پٺاڻ جو چوڻ آهي ته ڪيس جي جاچ دوران هڪ نوجوان بيگناهه شهري آصف پٺاڻ تي مبينا طور ٽئين درجي جو تشدد (ٿرڊ ڊگري) ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس موت واقع ٿيو. سندس الزام آهي ته اها ڪارروائي اعليٰ پوليس عملدارن جي هدايتن تي ڪئي وئي. وڌيڪ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بعد ۾ سڄي معاملي تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ڪجهه صحافين ذريعي اهو تاثر ڏنو ويو ته ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي.

بابر پٺاڻ پنهنجي بيان ۾ اها به دعويٰ ڪئي آهي ته آغا رفيق احمد خان پاڻ به مبينا طور پوليس کي خبردار ڪيو هو ته پختن ثبوتن کان سواءِ ڪنهن به بيگناهه شخص کي ڪيس ۾ شامل نه ڪيو وڃي.

پنهنجي وڊيو بيان ۾ بابر پٺاڻ مطالبو ڪيو آهي  ته لاڳاپيل پوليس آفيسرن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ايستائين جو کين موت جي سزا به ڏني وڃي.

هي معاملو ان ڪري به غيرمعمولي اهميت اختيار ڪري ويو آهي، ڇاڪاڻ ته بابر پٺاڻ پاڻ حاضر سروس پوليس اهلڪار آهي. ڪنهن حاضر سروس اهلڪار طرفان پنهنجي ئي اداري جي اعليٰ آفيسرن تي اهڙي نوعيت جا الزام هڻڻ نه رڳو سندس ملازمت پر سندس ذاتي سلامتي بابت پڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏين ٿا.

آغا رفيق پٺاڻ اڳ به شڪارپور پوليس جي ڪارڪردگيءَ بابت پنهنجن تحفظاتن جو اظهار ڪري چڪو آھي ۽ آصف پٺاڻ جي پوليس تحويل دوران فوت ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ به هو سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري رهيو آهي۔

بابر پٺاڻ جي وڊيو بيان کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پوليس جي جاچ ۽ ڪيس جي شفافيت بابت بحث تيزي اختيار ڪري ويو آهي. انصاف ۽ قانون جي تقاضا اها ئي آهي ته انهن سڀني الزامن جي آزاد، غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي، جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن.

_____________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button