پاڪستان ۾ فوج اڄ بہ سڌي يا اڻ سڌي طرح حڪمراني ڪري رھي آهي
اسان جا سويلين ۽ سياسي حڪمران پاڻ پنهنجي مفادن ۽ نااهليءَ سبب فوجي اڳواڻن کي اقتدار ۽ حڪومت ڪرڻ جو رستو ٺاهي ڏيندا آهن. ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪتاب ”رياستِ پاڪستان اور مقتدره ڪا ڪردار“جي رونمائي واري تقريب ۾ تقريرون

خاصخيلي لطيف راولاڻي
ڪراچي پريس ڪلب ۾ تازو ئي نالي واري مفڪر پروفيسر حمزه علويءَ جي انگريزي ڪتاب جي اردو ترجمي ”رياست پاڪستان اور مقتدره ڪا ڪردار“ جي رونمائيءَ واري تقريب ٿي. هيءُ ڪتاب زيبيسٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رياض شيخ اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. تقريب جي ميزباني هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (HRCP) جي اڳواڻ قاضي خضر ڪئي، جڏهن ته صدارت جهوني صحافي حسين نقيءَ ڪئي.

هي تقريب صرف هڪ ڪتاب جي رونمائيءَ تائين محدود نه رهي، بلڪه ان ۾ پاڪستاني رياست جي بناوت، فوجي بيوروڪريسيءَ جي اثر، فڪري صداقت، ۽ ترقي پسند تحريڪن جي موجوده حالت تي پڻ بحث ڪيو ويو.
تقريب دوران جڏھن اڪثر مقررن پروفيسر حمزه علويءَ کي هڪ پاڪستاني ڪميونسٽ اڳواڻ طور خراج تحسين پيش ڪيو تہ معروف معاشي ماھر ۽ دانشور ڊاڪٽر اڪبر زيديءَ هڪ منفرد ۽ تنقيدي نقطئہ نظر سامھون آندو.
ڊاڪٽر اڪبر زيديءَ چيو ته: “حمزه علويءَ پنهنجي زندگيءَ جو اڪثر حصو يورپ ۾ گذاريو، پنهنجون سڀئي تحريرون انگريزيءَ ۾ لکيون، ۽ پاڪستان ۾ تمام گھٽ وقت رهيو. ٻيو تہ ھُو ڪميونسٽ اڳواڻ ڪونہ ھو.” پنهنجي باري ۾ پکڙيل تاثر جي وضاحت ڪندي سندس چوڻ هو ته هو پاڻ به ڪو ڪميونسٽ ناهي بلڪه صرف هڪ ترقي پسند اديب ۽ تحقيق ڪندڙ آهي.
ڊاڪٽر زيديءَ ڪتاب جي ترجمي جي شفافيت تي پڻ سوال اٿاريا. هن چيو ته ڪتاب تي ڊاڪٽر رياض شيخ جو نالو بطور ترجمي نگار درج آهي. ھن چيو تہ اسان جي مجلسن ۾ سچ گهٽ ڳالهايو ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪتاب جو تاريخي احاطو صرف 1947ع کان 1974ع تائين جي دور (خاص طور تي ايوبي آمريت ۽ ان کان پوءِ جا ڪجهه سال) تائين محدود آهي، جڏهن ته پاڪستاني رياست ۾ اڄ به فوج اڻ سڌي يا سڌي طرح حڪمرانيءَ ۽ طاقت جي سرچشمي تي قابض آهي.
مشهور مورخ ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ ٽيليفون ذريعي مختصر پر جامع خطاب ڪيو. اسٽيج تي ويٺل مهناز رحمان، ڊاڪٽر طاهره خان، سهيل سانگي، ڊاڪٽر توصيف احمد، اسد بٽ، ۽ ايڊووڪيٽ فيصل صديقيءَ پاڪستان جي آئيني نظام ۽ ملڪي سياسات تي فوجي بيوروڪريسيءَ جي اثر تي تفصيلي روشني وڌي.
مقررن واضح ڪيو ته پاڪستاني سياسي تاريخ جو تلخ سچ اهڙو آهي جو اسان جا سويلين ۽ سياسي حڪمران پاڻ پنهنجي مفادن ۽ نااهليءَ سبب فوجي اڳواڻن کي اقتدار ۽ حڪومت ڪرڻ جو رستو ٺاهي ڏيندا آهن. تقريب جي آخر ۾ ڊاڪٽر رياض شيخ پنهنجي گفتگو تمام مختصر رکي ۽ ڪتاب جي متن يا ترجمي جي طريقيڪار تي وڌيڪ وضاحت ڪرڻ کان پاسو ڪيو.
صدارتي تقرير ڪندي حسين نقيءَ موجوده ملڪي ۽ علائقائي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته: “ماضيءَ ۾ اسان نعرو ٻڌندا هئاسين ته ‘ڪشمير بني گا پاڪستان’، پر اڄ ملڪ جي موجوده حالتن کي ڏسي ائين ٿو لڳي ته ان نعري جي تلخ تعبير هن صورت ۾ پوري ٿي رهي آهي جو اتي بہ ھتان جهڙي قتل غارتگيري ۽ بدامني جاري آهي.”
پريس ڪلب جو هال ترقي پسند فڪر سان وابستگي رکندڙ دانشورن ۽ سياسي فعال پسندن سان ڀريل هو. تقريب ۾ ڊاڪٽر جعفر احمد، قيصر بنگالي، رياض شاهد دايو، فهيم نوناري، نعيم شيخ، طفيل شيخ، رجب علي ڀنڊ، ڪامريڊ جنت امين جويو ۽ انجمن ترقي پسند ڪراچي جي ساٿين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پر هن محفل جو هڪ انتهائي تشويشناڪ ۽ سنجيده پھلو به سامهون آيو. هال ۾ توڙي اسٽيج تي موجود ترقي پسند ڪامريڊ ۽ اردو فڪر سان سلھاڙيل دانشور عمر جي پڇاڙڪي حصي (سٺ سالن کان مٿي) وارا هئا. تقريب ۾ نوڪري يا پڙهائيءَ سان وابسته نوجوان نسل جي موجودگي بلڪل نالي ماتري يا نه هجڻ جي برابر هئي.

هيءَ تقريب صرف هڪ اڳوڻي فڪري ڪتاب جو تجزيو نه هئي، بلڪه اسان جي سماجي ۽ فڪري صف بنديءَ جو هڪ آئينو پڻ هئي. اسٽيج ۽ هال ۾ ويٺل ترقي پسند اڳواڻن جو علمي ۽ سياسي ورثو انهن جي پنهنجي نئين نسل ڏانهن منتقل ٿيندي نظر نٿو اچي. اڪثر ڪامريڊن ۽ ترقي پسندن جا ٻار ملڪ کان ٻاهر وڏين نوڪرين ۽ روزگار سان لڳل آهن، ۽ انهن جو مقامي علمي، ادبي يا سياسي تحريڪن سان ڪو به واسطو ناهي.
جيڪڏهن اهڙي فڪري جمود ۽ نوجوانن جي عدم دلچسپيءَ جو سلسلو قائم رهيو ته ايندڙ چند سالن ۾ عملي ميدان تي ترقي پسند يا ڪميونسٽ فڪر جو نالو نشان يا نمائندگي تمام گھٽجي ويندي. باوجود انهن حقيقتن ۽ تلخ سوالن جي، حاضرين حوصلي، همت ۽ سنجيدگيءَ سان پروگرام جي سمورين تقريرن ۽ تنقيدن کي آخر تائين ٻڌو ۽ ساراهيو.
هي ڪتاب ۽ ان جي رونمائيءَ واري تقريب اسان کي سمجهڻ جو موقعو ڏئي ٿي ته پاڪستاني رياست جي اڏاوت کي سمجهڻ سان گڏ اسان کي پنهنجي فڪري ۽ حقيقي سياسي تحريڪن جي مستقبل جي تحفظ ۽ نوجوانن جي تربيت تي به غور ڪرڻو پوندو.
_________________

لطيف راولاڻي سماجي ڪارجن آھي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو



