تنوير عباسي: ڌيمو ۽ ماٺيڻو، سياري ۾ وھندڙ درياءَ جھڙو شاعر
تنوير کي تنوير ئي قبول ڪرڻ گھرجي، سنڌ جو تنوير. نہ ڪي يورپ جي ورڊس ورٿ جھڙو تنوير چئي ڪري، سندس حيثيت کي ثانوي ڪجي. تنوير پنھنجي ئي سھنجي لھجي وارو شاعر آھي. ڌيمو ۽ ماٺيڻو، سياري ۾ وھندڙ درياءَ وانگر. پيار سموري ڪائنات جو محور آھي ۽ دنيا جي اسي سيڪڙو شاعري پيار جي ٻن مرحلن يعني فراق ۽ وصال جي آسپاس ڦرندي نظر اچي ٿي. تنوير عباسي بہ ان پيار واري نقطي جو شارح ۽ پرچارڪ شاعر آھي.

ڊاڪٽر خادم منگي
”او تنوير! اسان ھن جڳ ۾، ھڪڙو نقطو ڄاتو آھي.
پيار سِوا سڀ سياڻپ ڪُوڙي، نينھن عجب ھڪ ناتو آھي.“
دنيا جا اڪثر ڏاھا پنھنجي سموري ڄمار جي عرق ريزيءَ کانپوءِ مس وڃي ڪنھن ھڪڙي نقطي تي پڄندا آھن. ڀاڳوند آھن اھي شخص جيڪي پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي ڪو نتيجو ڪڍي ڏئي ويندا آھن. گھڻن ماڻھن جي تہ ڄڙھہ ئي ڳري ويندي آھي، پر پوءِ بہ ھو ڪنھن نتيجي تي پھچي نہ سگھندا آھن. اھا ٻي ڳالھہ آھي تہ انھن جو پورھيو کڻي ضايع نہ ٿيندو آھي. جيئن ڪيپلر جي ايجاد ڪيل دوربين ۽ ڪوپرنيڪس جي اڌوگابري ٿيوري گليلو کي ڪم آئي، جنھن نتيجو ڪڍيو تہ سج ڪائنات جو محور آھي ۽ ڌرتيءَ سميت ٻيا سمورا سيارا ان جي چوڌاري ڦرن ٿا، نہ تہ ان کان اڳ ۾ اھو عقيدو ھوندو ھيو تہ ڌرتي ڪائنات جو محور آھي. چارلس ڊارون، نيچرل سليڪشن Natural Selection (فطرت جي چونڊ) ۽ سروائيول آف دی فٽيسٽ Survival of the fittest (جيڪو ڏاڍو سو گابو) جي اصول تحت ان نتيجي تي پھتو تہ سمورا جاندار اھڙا بحري جھاز آھن جيڪي نسل در نسل پنھنجو جينgene، پنھنجي اولاد ۾ منتقل ڪن ٿا. جيڪي جاندار اھو ڪم ڪري ويا تہ سمجھو تہ ھنن اورار کان پرار تائين سمونڊ جھاڳي وڃي پنھنجا ٻيڙا پار ڪيا، ۽ ٻئي طرف جيڪي جاندار ائين نہ ٿا ڪري سگھن سمجھو تہ انھن جي ٻيڙي ئي ٻڏي وئي. پري ھيگلين نظرين کي پڙھندي ۽ ھيگل جي اونڌي فلسفي کي سنئون ڪندي ڪارل مارڪس ھن نقطي تي پھتو تہ سمورن فلسفين صرف دنيا جي تشريح ڪئي آھي، جڏھن تہ ضرورت ان کي بدلائڻ جي آھي. رومانوي شاعريءَ جو سرواڻ جان ڪيٽس ان نقطي تي پھتو تہ سونھن ئي سچ آھي ۽ سچ سونھن آھي. اوھانکي ھن ڌرتيءَ تي اھو ئي سمجھڻ لاءِ موڪليو ويو آھي. انڪري اوھانکي پنھنجي حياتيءَ ۾ اھو ضرور سمجھڻ گھرجي. اھڙيون الائي ڪيتريون لازوال ڳالھيون ھڪ نقطي ۾ سمجھائڻ جا جتن صدين کان جاري آھن. ”اڪ نقطي وچ گل مڪدي اي، اڪ نقطا يار پڙھايا ھي.“
جاميٽريءَ جو علم ھڪ ٽٻڪي کان شروع ٿئي ٿو ۽ ڪائنات جون سموريون شڪليون وري ٽٻڪن جو ميلاپ آھي. انڪري ھڪ نقطي يا ھڪ ٽٻڪي جي اھميت کان انڪار نہ ٿو ڪري سگھجي.
پيار سموري ڪائنات جو محور آھي ۽ دنيا جي اسي سيڪڙو شاعري پيار جي ٻن مرحلن يعني فراق ۽ وصال جي آسپاس ڦرندي نظر اچي ٿي. تنوير عباسي بہ ان پيار واري نقطي جو شارح ۽ پرچارڪ شاعر آھي.
”او تنوير! اسان ھن جڳ ۾، ھڪڙو نقطو ڄاتو آھي.
پيار سوا سڀ سياڻپ ڪوڙي، نينھن عجب ھڪ ناتو آھي.“
پيار، محبت، نينھن، چاھت ۽ عشق سمورن جذبن کان اتم جذبا آھن. مانيءَ کانسواءِ ممڪن آھي تہ انسان ڪجھہ مھينا ڪڍي وڃي، پاڻيءَ کانسواءِ ممڪن آھي تہ انسان ڪجھہ ڏينھن ڪڍي وڃي، ھوا کانسواءِ انسان ممڪن آھي تہ ڪجھہ منٽ جيئرو رھي وڃي، پر پيار کانسواءِ انسان جو ھڪ سيڪنڊ بہ جيئرو رھڻ ناممڪن آھي. ھي ماڻھو جيڪي پاڻ ۾ گڏجي ويٺا آھن، ھڪ ٻئي کي ڏسي مرڪن ٿا، ھڪ ٻئي سان سينو ملائي ملن ٿا، پيار انھن جي وچ ۾ بائينڊنگ فورس ڳنڍيندڙ قوت آھي. اوھان صرف ھڪ منٽ لاءِ ئي سھي اھو تصور ڪريو تہ جيڪڏھن انھن جي وچ ۾ ڌڪار يا نفرت اچي وڃي تہ اھي ماڻھو ھڪ ٻئي جون ڪچيون ٻوٽيون کائيندا. نرڙ ۾ گھنج وجھڻ کان وٺي، منھن تي ٻارنھن وڄائڻ، ڏسي ڪري منھن ڦيرائڻ، محفل ۾ ھڪ ٻئي ڏانھن پٺي ڪري ويھڻ يا سامھون ايندو ڏسي گھٽي مٽائڻ تائين، ھي سڀ نفرت جو اظھار آھي. ھولوڪاسٽ ھجي يا ھيروشيما، نفرت جو ئي شديد اظھار آھي.
رنگ، نسل، ذات پات، مذھب، فرقي، ٻولي ۽ قوميت ماڻھن جي دلين ۾ نفرت ڀَري آھي.شاعرن جو ڪم آھي انکي کوٽي کوٽي صاف ڪرڻ. تنوير عباسيءَ پنھنجي مٺڙي ۽ ڌيمي لھجي سان، جائون جيئرو ھيو اھو ڪم ڪندو رھيو. ھن وٽ رسڻ، ڪسڻ جھڙو آھي ۽ کليءَ دل سان محبت ڪرڻ سندس اصول آھي. ھار جي خوف ۽ جيت جي خوشيءَ کان بالاتر ٿئي، بي لوث محبت ڪرڻ، تنوير عباسيءَ جو پھريون اصول آھي. تنوير ترقي پسند شاعر ۽ ادب براءِ زندگيءَ جو علمبردار آھي.
”ڪالھہ توکان جو رسي آيس مان.
بس ايئن سمجھہ ڪسي آيس مان.
سوچيان ٿو تہ ھاڻي ڪاڏي وڃان،
تنھنجي محفل مان اٿي آيس مان“
يا وري ھي شعر ڏسو.
سدائين ايئن ڪين گھٻرائبو آ،
کُليءَ دل سان ڪڏھن تہ ڳالھائبو آ.
سڀن جي اڳيان جيئن شرمائجو ٿا.
اسان جي اڳيان ائين نہ شرمائبو آ.
اوھان سان رڳو دل کي وندرائبو آ،
نہ کٽبو ئي آھي نہ ھارائبو آ.“
يا وري.
”ٻرڻ اسانجو ڪجھہ اھڙو آھي.
جتي وڃون ٿا تہ روشني آ.
جيئڻ اسانجو ڪجھہ اھڙو آھي،
جتي جيون ٿا تہ زندگي آ.“
ھي شعر تہ ڏسو.
”نہ ڊاھيان، نہ ماريان، نہ ساڙيان ٿو مان.
محبت ڪرڻ آھي پنھنجو اصول.
نہ ڪو مان خدا ۽ نہ ڪو مان رسول.
مان تنوير آھيان پوان شل قبول.“
تنوير کي تنوير ئي قبول ڪرڻ گھرجي، سنڌ جو تنوير. نہ ڪي يورپ جي ورڊس ورٿ جھڙو تنوير چئي ڪري، سندس حيثيت کي ثانوي ڪجي. تنوير پنھنجي ئي سھنجي لھجي وارو شاعر آھي. ڌيمو ۽ ماٺيڻو، سياري ۾ وھندڙ درياءَ وانگر. نارائڻ شيام ۽ ھري دلگير وانگر تنوير بہ ٿڌڙي، مٺڙي ۽ ڌيمي لھجي وارو شاعر آھي. جڏھن تہ شيخ اياز ۽ استاد بخاري، آبڪلاڻيءَ واري مند جي گجگوڙ ڪندڙ درياءَ وانگر آھن. سنڌ جا سمورا شاعر سنڌو درياءَ جي وھڪرن جا مختلف روپ ئي تہ آھن. پنھنجيءَ تي اچن تہ ٻاھر وڃي ٻيلا ٻوڙي ڇڏين، نہ تہ وري ڪڏھن ڪنڌيءَ تي بيٺل ڪانھن بہ سڪائي ڇڏين. تنوير عباسيءَ جي شاعري پڙھندي اوھانکي فارسي، ھندي، سنسڪرت يا ڪنھن ٻئي ٻوليءَ جي لغت جي ڪتاب جي ڪا خاص ضرورت نہ پوندي.
تنوير عباسي دنيا جي گورک ڌنڌي کا ڪوھين پري ھجڻ جي ڪري، ڪيڏي نہ سادگيءَ سان چوي ٿو تہ
”مان شاعر ھان، مون وٽ آھي ھر ماڻھوءَ جو مان.
منھنجو مان مگر ڄاڻن ٿا ڪي ٿورا انسان.“
تنوير عباسي ھر ماڻھوءَ جو مان، شايد انڪري ٿو ڪري جو سندس نظر ۾ ھرڪو ماڻھو موتيءَ داڻو آھي ۽ ھرڪا دل ھيرن جي کاڻ آھي. ڏٺو وڃي تہ اھو فطرت جي اصولن جي ئي خلاف آھي. ھر ڪو ماڻھو موتيءَ داڻو ٿيندو ئي ناھي. ماڻھن جو رت پيئندڙ، پورھئي جو استحصال ڪندڙ، سماج کي بک، بيروزگاري، جھالت ۽ ذلت جي آوين ۾ اڇليندڙ، ڪفن چور ماڻھن جي دل ھيرن جي تہ ڇا، ڪوئلن جي بہ کاڻ نہ ٿي ٿئي سگھي. ڪوئلا بہ ڪارائتا آھن. لطيف سائينءَ وٽ ھي فلسفو آھي تہ
”ماڻھو سڀ نہ سھڻا، پکي سڀ نہ ھنج.
ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھہ، اچي بوءِ بھار جي.“
انڪري آخر ۾ تنوير عباسي ھن راءِ جو ٿي وڃي ٿو تہ:
”ھي ماڻھن جو جھنگل، ڪنڊا ڪرڙ ماڻھو.
ڦٽجي ويس مان، رھڙجي ويس مان.
بنا منھن جي ماڻھو، سڃاڻڻ بہ اوکو.
الائي ديس ڪھڙي مان اڙجي ويس مان.“
عابده پروين، اڄڪلھہ قوالي ۽ ڌمال تي ڪجھہ وڌيڪ توجھہ ڏئي رھي آھي. جنھن دور ۾ واقعي ئي راڳ ڳائيندي ھئي، انھن ئي ڏينھن ۾ تنوير عباسيءَ جي شاعري زبردست ڳائي ھئائين۔
”آءُ اسان وٽ ويھہ، گھڙي پل ويھہ، الا او منھنجا سائين ويھہ.“ ڇا تہ روح سان ڳايو ھئائين.
”نينھن نڀايون، ڪيئن نڀايون، ھيءَ حياتي ٿوري ڀانيون.
سوين جنم گڏ رھون، تڏھن ڀي پيار جو ناھي ڇيھہ الا ميان.
آءُ اسان وٽ ويھہ.“
تنوير عباسي رومانويت کان پوءِ جن موضوعن سان نڀاءُ ڪيو آھي انھن ۾ فطرت جا ڪجھہ عڪس ۽ سماج جا ڪجھہ پھلو نمايان آھن. ھو ھڪ طرف رنگن، گلڙن، پوپٽن، خوشبوئن، ڳاڙھن ڳلڙن، ڪارن وارن، ناسي اکڙين ۽ جاڙين ڀروَن جو شاعر آھي، تہ وري ٻئي طرف انياءَ، ظلم، جبر ۽ بربريت خلاف بہ خوب لکيو اٿائين. لڙڪن، گھاون، دردن، بارن، پٿون ٿيل پيرن کي بہ ڳايو اٿائين تہ وري شھيدن جو ڪيڏارو بہ لکيو اٿائين. ھن وٽ رومانس ۽ انقلاب رلمل ٿيل آھي.
ھڪ طرف چوي ٿو تہ:
”مون تہ گلاب لڳايا آھن، پوپٽ پاڻ ئي آيا آھن. “
يا وري:
”لوڏ نہ ٽاريءَ کي، گلڙن واريءَ کي. پوپٽ اڏري ويندو.“
يا وري:
”ناسي اکڙين وارا ماڻھو، جاڙن ڀروئن وارا ماڻھو،
منھنجي حياتي، منھنجو جياپو، منھنجي خوشي تو پارا ماڻھو.“
ياوري:
”اوھان بہ پارس ناھيو سپرين، اسان بہ پارس ناھيون.
پيار ڇھي ويو آھي ٻنھي کي، سونا ٿي پيا آھيون.“
يا وري:
”ھر شئي ميرانجھي.
رڳو تنھنجي مرڪ سان،
روشن آ سانجھي.“
ٻئي طرف وري :
”ايترا لڙڪ ڪو اگھي نہ سگھي.
گھاوَ ايڏا جو ڪو سبي نہ سگھي.
درد ايڏا جو ڪو ڳڻي نہ سگھي.
بار ايڏا جو ڪو کڻي نہ سگھي.“
يا وري:
جنھن جا گھاوَ سڀن کان گھرا، سوئي آ سرواڻ.
جنھنجا پير پٿون ۽ پرزا، آھي اھو اڳواڻ.
سڙي ڏئي سرھاڻ ٿو جيڪو آھي سو چندن.
مچ جي وچ ۾ جيڪو جرڪي، اھو ئي آ ڪندن.“
ياوري:
درد ئي آھي مسيحا،
قم باذني چئي اٿاري.
ٿو ڪَئي مردا جيئاري.
درد پيغمبر انھيءَ جو معجزو آھي سجاڳي.“
تنوير عباسي مٿين سمورن شعرن ۾، شاعريءَ جون جملي صنعتون ڪتب آنديون آھن ۽ پنھنجي ڪمال ڪاريگريءَ سان جيڪو نکار ۽ حسناڪي پيدا ڪئي آھي، اھا لازوال آھي. مضبوط ۽ تز قافيو، ٻٽو قافيو، اندروني قافيو، نڪور رديف، تجنيس حرفي، ٺھڪندڙ تشبيھہ، اعليٰ استعارو، سندس شاعريءَ جا مضبوط بنياد آھن، جنھنکي ڪو بہ نقاد لوڏي نہ ٿو سگھي.
”شاعر جي دل صاف سدا، ھيري کي ڪيئن لڳندي ڪٽ. “
منھنجي ساڻس آخري ملاقات، فتاح ملڪ جي ڪتاب ”ڀينر ھن ڀنڀور ۾“ جي مھورت دوران ٿئي. پاڻ ان پروگرام جي صدارت ڪري رھيا ھئا ۽ خواجا ذوالفقار مونکي سڏيو تہ مان کيس بيج ھڻان. مون بيج ھڻڻ وقت کيس چيو تہ اھا مون لاءِ سعادت جي ڳالھہ آھي تہ مان اڄ جي تمام وڏي اڪابر ۽ عالم کي بيج ھڻي رھيو آھيان. مونکي ڇڪي ڇاتيءَ لاتائين ۽ ھڪ لازوال مرڪ سندس چپن تي وکري وئي. مون لاءِ اڄ بہ ان مرڪ جو تجلو ۽ ڇاتيءَ سان لائڻ وقت مليل گرمي وڏو سرمايو آھي.
پوٽوھار جو پٿريلو علائقو جنھنجي لاءِ چوڻي مشھور آھي تہ ھتان جي زمين ھموار ناھي، موسم تي ڪو اعتبار ناھي، وڻ ميويدار ناھي ۽ ماڻھو وفادار ناھي. پر اڄ کانپوءِ پوٽوھار جي علائقي لاءِ ڪو بہ ايئن نہ چوي، ڇو تہ ان مٽيءَ ۾ تنوير دفن ٿيل آھي. تنوير جنھنجو خمير، ھونءَ تہ سنڌ جي چيڪي مٽيءَ مان کنيل آھي پر ھو پوٽوھار جي پٿريلي زمين کي بہ پنھنجي ھڳاءَ سان مھڪائي رھيو آھي.
”سڀ ڪجھہ ڏئي ويندا سين، ڪجھہ نہ کڻي ويندا سين.
ٻُور آھيون ۽ ڏئي ميوو ڇڻي ويندا سين.“
__________

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ۽ سکر ۾ رھي ٿو




ڊاڪٽر خادم منگي، ڊاڪٽر تنوير جي شاعري ۽ شخصيت تي تمام زبردست ۽ سٺو مضمون لکيو آھي، جنھن ۾ سندس شاعري جي مختلف پھلوئن کي اجاگر ڪيو آھي. واقعي اھا ڳالھ سو فيصد صحيح آھي ته تنوير کي تنوير ئي سمجهي قبول ڪجي، ھونئن به ڪنھن شاعر جي ڀيٽ ڪنھن ٻئي شاعر سان ڪجي، ھر شاعر جو ٽيڪنڪ الڳ الڳ آھي، جڏھن انسان جون صورتون الڳ آھن ته انھن جو انداز ۽ اسلوب ڇو ھڪ جھڙو ھجي،