پاڻيءَ جو بُحران: سنڌ جتي غربت ۽ صنفي اڻبرابريءَ جو ڏکوئيندڙ ميلاپ ٿئي ٿو
پاڻيءَ جو بحران ماحول، معيشت، صحت، صنف ۽ جيو پوليٽڪس (جاگرافيائي حالتن جو ملڪن جي سياست ۽ طاقت تي اثر) کي هڪ ئي وقت متاثر ڪري رهيو آهي.
سنڌ، خاص طور تي ٿرپارڪر، ڪاڇو، ڪوهستان ۽ ساحلي پٽي، پاڻيءَ جي بحران جو هڪ اهڙو پيچيده مثال پيش ڪن ٿا، جتي جاگرافيائي حالتون، موسمي تبديليون ۽ حڪمرانيءَ جون خاميون ملي ھڪ ختم نہ ٿیندڙ پیڙا پيدا ڪن ٿيون.
ٿر جي ريگستاني پٽيءَ ۾ عورتون روزانو 4 کان 6 ميلن تائين پنڌ ڪري پاڻي کڻي اچن ٿيون. تحقيق ظاهر ڪري ٿي ته هڪ ٿري عورت سراسري طورپنهنجي حياتيءَ جا 15 کان 22 سال صرف پاڻيءَ جي پنڌَ ۾ گذاري ٿي.

تحرير: محمد احسان لغاري
انساني تاريخ جي داستان کي جيڪڏهن هڪ ئي عنصر جي مالها ۾ پروئي بيان ڪجي ته اهو پاڻي ئي آهي. هي اهو ازلي جوهر آهي جنهن سان ٽمٽار ندین جي ڪنارن تي عظيم تهذيبن جنم ورتو، جنهن جي رواني زراعت، صنعت ۽ شهريت جي ارتقا جو سبب بڻي، ۽ جنهن جي اڻاٺ سماجي ڀڃ ڊاھ، لڏپلاڻ ۽ تاريخي تڪرارن کي جنم ڏنو. تنهنڪري، پاڻي رڳو هڪ طبعي وسيلو ناهي، پر حیاتي جو بنياد، سماجي استحڪام جو ضامن، سياسي اقتدار جو مرڪز ۽ فطرت جي هڪ مقدس امانت آهي.
هر سال 22 مارچ تي ملهايو ويندڙ پاڻي جو عالمي ڏينهن انھي حقيقت کي عالمي شعور جي افق تي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ فڪري ۽ سياسي پليٽ فارم مهيا ڪري ٿو. جيتوڻيڪ 1992ع ۾ ريو ڊي جينيرو( برازیل) جي ’ارٿ سمٽ‘ کان پوءِ ان کي گڏیل قومن طرفان مستقل حيثيت ملي، پر 2026ع جي حالتن کي سامھون رکندي ، جڏهن دنیا موسمي تبديليءَ، تيز رفتاريءَ سان وڌندڙ شهرن/ اربنائزیشن، ۽ وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ جي گهڻ-رخي بحرانن سان گڏ ھڪ خطرناڪ جنگ ۾ گهيريل آهي، تڏهن هي ڏينهن هڪ اخلاقي ۽ وجودي سوال بڻجي سامهون آيو آهي: ڇا پاڻي سڀني لاءِ هڪ بنيادي حق طور ملندو رهندو، يا هي رڳو طاقتور قوتن جي هٿيار ۾ تبديل ٿي ويندو؟
گڏيل قومن جو پائيدار ترقيءَ جو مقصد ا(یس جي ڊي) نمبر 6 سال 2030ع تائين سڀني لاءِ صاف پاڻي ۽ صفائيءَ کي يقيني بڻائڻ جو عزم ورجائي ٿو، پر ھاڻوڪا انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته عالمي برادري ان منزل کان گھڻو ڏور بیٺل آهي. پاڻيءَ جو بحران ھاڻ ماحول، معيشت، صحت، صنف ۽ جيو پوليٽڪس (جاگرافيائي حالتن جو ملڪن جي سياست ۽ طاقت تي اثر) کي هڪ ئي وقت متاثر ڪري رهيو آهي.
2026ع جو مرڪزي موضوع: “پاڻي ۽ صنف“
ھي موضوع عالمي سطح تي هڪ اهم فڪري بحث کي جنم ڏئي ٿو. اها هڪ مڃیل حقيقت آهي ته پاڻيءَ جي اڻاٺ صنفي طور تي اڻ ڌري ناهي؛ بلڪه اھا سماج ۾ اڳ ئي موجود طبقاتي ۽ صنفي اڻبرابريءَ کي وڌيڪ گهرو ۽ شديد بڻائي ٿي.
يونيسيف ۽ يو اين وومن جي تحقیقي طور ثابت ڪیل بیاني مطابق، پاڻيءَ تائين رسائي نه رڳو هڪ انساني حق آهي، پر اھو صنفي برابريءَ کي حاصل ڪرڻ جو عملي ذريعو پڻ آهي. جتي پاڻي آسانيءَ سان ميسر آهي، اتي عورتن لاءِ تعليم، روزگار ۽ سماجي شموليت جون نیون راھون کلي ٿیون وڃن. ان جي ابتڙ، جتي پاڻيءَ جي ترسیل ۾ ڏکیائي آهي، اتي عورت جي زندگي غير مرئي ( ڪٿ ۾ یا نظر نہ ایندڙ) مشقت ۽ محرومين جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهي ٿي. ھن سال جي وزنائتي ڳالھ “جتي پاڻي وهندو، اتي برابري وڌندي” ؛هي نعرو رڳو علامتي ناهي، پر هڪ مڪمل ترقياتي فلسفي جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو ٻڌائي ٿو ته پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ ۽ وھڪري کان سواءِ سماجي انصاف جو هر تصور اڌورو آهي.
عورتن تي پاڻيءَ جي بحران جو بار
عالمي سطح تي پاڻي گڏ ڪرڻ جي ذميواريءَ جو وڏو حصو عورتن ۽ نياڻين جي ڪلهن تي آهي. گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ 10 مان 8 گهرن ۾ پاڻي ڀرڻ عورت جي ذميواري آهي، جتي روزانو تقريبن 250 ملين ( پنجویھ ڪروڙ) ڪلاڪ رڳو انھي هڪ ڪم ۾ لڳي ٿا وڃن. هي انگ رڳو شمارياتي حقيقت ناهي، پر هڪ اهڙي غير رسمي معيشت جو عڪس آهي، جتي عورت جي توانائي سواءِ ڪنهن اجرت يا سماجي سڃاڻپ جي ضايع ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن اِھو وقت تعليم يا تخليقي ڪمن ڪارن ۾ استعمال ٿئي ها، ته عالمي پيداوار ۾ پائيدار واڌ ۽ عورت جي پنھنجي مالي ۽ سماجي بیھڪ ۾ واڌرو ممڪن هئو.
پاڻيءَ جي اڻاٺ جو اثر رڳو جسماني ناهي، پر نفسياتي ۽ وجودي پڻ آهي. ڊگهن فاصلن تائين پنڌ ڪرڻ، جسماني ٿڪاوٽ، ۽ عدم تحفظ جو احساس عورت جي ذهني صحت تي گهرا ناڪاري اثر ڇڏي ٿو. ان سان گڏ، غير محفوظ/ گدلي پاڻي سبب روزانو هزارين ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا، جنهن انساني الميي جو سڀ کان گهرو درد مائرن کي سھڻو پوي ٿو.
سنڌ: جاگرافي، غربت ۽ صنفي اڻبرابريءَ جو ڏکوئیندڙ ميلاپ
سنڌ، خاص طور تي ٿرپارڪر، ڪاڇو، ڪوهستان ۽ ساحلي پٽي، پاڻيءَ جي بحران جو هڪ اهڙو پيچيده مثال پيش ڪن ٿا، جتي جاگرافيائي حالتون، موسمي تبديليون ۽ حڪمرانيءَ جون خاميون ملي ھڪ ختم نہ ٿیندڙ پیڙا پيدا ڪن ٿيون.
ٿر جي ريگستاني پٽيءَ ۾ عورتون روزانو 4 کان 6 ميلن تائين پنڌ ڪري پاڻي کڻي اچن ٿيون. تحقيق ظاهر ڪري ٿي ته هڪ ٿري عورت سراسري طورپنهنجي حياتيءَ جا 15 کان 22 سال صرف پاڻيءَ جي پنڌَ ۾ گذاري ٿي.
سنڌ جي زرعي سماج ۾ عورت کي جيتوڻيڪ پاڻيءَ جي منتظم/ مینیجر جو درجو حاصل آهي، پر پاليسي سازيءَ يا آبپاشي نظام جي فيصلن ۾ سندس نمائندگي ٻُڙي جي برابر آهي. نياڻين جي تعليم پڻ هن بحران جي ور چڙهيل آهي؛ جڏهن ماءُ پاڻي آڻڻ لاءِ نڪري ٿي، ته نياڻيءَ کي گهر جي ذميواري کڻڻي پوي ٿي، جنهن ڪري اسڪول ڇڏڻ جو سیڪڙو وڌي وڃي ٿي. اهو چٽو آهي ته جيستائين سنڌ جي پاڻي سان لاڳایپل طرزحڪمراني، اداري ڍانچي ۽ پاليسين ۾ صنفي حساسيت شامل نه ڪئي ويندي، تيستائين ڪا به رٿابندي پائيدار نتيجا نه ڏيندي.
جنگ، پاڻي ۽ جيو پوليٽڪس
سال 2026ع ۾ عالمي تڪرارن هڪ نئين خطرناڪ رجحان کي جنم ڏنو آهي: پاڻيءَ جي جيو پوليٽڪس، جتي پاڻي هاڻي هڪ هٿيار بڻجي چڪو آهي.
آمريڪا-اسرائيل اتحاد پاران ايران جي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪندڙ پلانٽس تي حملا، ۽ جواب ۾ ايران پاران بحرین جي پاڻيءَ جي اھڙي ئي پلانٽ کي نشانو بڻايو ويو. هي ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته جديد جنگين ۾ پاڻي هاڻي هڪ اسٽريٽجڪ نشانو/ ٽارگیٽ آهي. خليجي ملڪ، جيڪي پنهنجي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ مڪمل طور تي انهن پلانٽس تي ڀاڙین ٿا، اتي انهن اڌاوتن جي تباهيءَ جو مطلب رڳو پاڻيءَ جي کوٽ ناهي، پر سماجي افراتفري ۽ انساني بحران جي دعوت آهي. جڏهن پاڻي ناياب ٿئي ٿو، ته امير طبقو متبادل رستا ڳولي وٺي ٿو، پر غريب، عورتون ۽ ڪنڊائتا ٿیل طبقا موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا.
ٽيڪنالاجي، رٿابندي ۽ حڪمراني: اڳتي وڌڻ جا نظریاتي ۽ عملي رستا
پاڻيءَ جي بحران جي حل لاءِ رڳو وسيلن جي واڌ ڪافي ناهي؛ ان لاءِ حڪمتِ عملي، جديد سائنسي اوزارن ۽ مقامي شموليت جي ضرورت آهي. استعمال ٿيل پاڻيءَ کي ٻيهر پيئڻ لائق بنائڻ، کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ ۽ فضا (گھم) مان پاڻي ڪڍڻ جهڙيون جديد ترڪيبون هن وقت اميد جو هڪ روشن در آهن. سنڌ ۾، خاص طور تي زراعت جي شعبي ۾، پاڻيءَ جي استعمال واري بھتر آبپاشي جي طریقن، ليزر ذريعي زمين جي سنوت ۽ پاڻيءَ جي سليقي واري انتظام ذريعي ان جوهر جي وڏي بچت ممڪن آهي. پر ڪو به سائنسي حل تڏهن ئي ڪامياب ٿيندو جڏهن اهو مقامي ضرورتن سان هم آهنگ هجي ۽ ان تائين سماج جي هر فرد جي برابر پهچ هجي. ان لاءِ ضروري آهي ته رياستي پاليسيون مرڪزي هجڻ بدران مقامي هجن، صنف جي فرق کان پاڪ هجن ۽ اخلاقي طور تي پائيداريءَ جي اصولن تي ٻڌل هجن.
پاڻي: تڪرار جو هٿيار يا امن جو وجودي وسيلو؟
پاڻيءَ جو هي وڌندڙ بحران انسانيت کي هڪ اهڙي ھنڌ گِھِلي وٺي آيو آهي، جتي اسان کي پنهنجي وجود جي بقا لاءِ هڪ انتهائي ڏکئي فيصلي جو مقابلو ڪرڻو آهي. هي چونڊ ان ڳالهه جي آهي ته ڇا پاڻيءَ کي رڳو سياسي طاقت ۽ غلبي جو اوزار بڻايو ويندو، يا ان کي هڪ بنيادي انساني حق طور تحفظ ڏنو ويندو. سال 2026ع جو عالمي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته پاڻي رڳو هڪ عنصر ناهي، پر فطرت جي اها امانت آهي، جنهن تي ھن دور جي انسانن سان گڏ ايندڙ نسلن جو به برابر اخلاقي ۽ قانوني حق آهي.
عورتن کي پاڻيءَ جي نظام ۽ ان جي انتظامي معاملن ۾ مرڪزي حيثيت ڏيڻ نه رڳو هڪ سماجي گهرج آهي، پر هي پائيدار ترقيءَ جي حصول لاءِ پهرين بنيادي شرط پڻ آهي. جڏهن پاڻيءَ جي ورڇ ۾ انصاف هوندو، تڏهن ئي سماجي ڍانچي ۾ برابري آڻي سگھبي .
انسانيت جي مستقبل لاءِ هڪ فڪري سڏ
ھن ڏينهن جي گهرج رڳو تقريبون ملهائڻ ناهي، پر هڪ اهڙي گڏيل وجودي عزم جي اڏاوت ڪرڻ آهي جيڪو پاڻيءَ جي هر قطري کي زندگيءَ جو پيغام سمجهي ان جي حفاظت ڪري. اسان کي پنهنجي حڪمتِ عملين کي صنفي انصاف ۽ سماجي برابريءَ جي بنيادن تي پرکڻو پوندو، ته جيئن پاڻيءَ کي عالمي تڪرارن ۽ جنگين جي باهه کان بچائي، امن ۽ خوشحاليءَ جو وسيلو بڻائي سگهجي.
بلاشڪ، انسانيت جي بقا ان حقيقت ۾ سمایل آهي ته اسان پاڻيءَ جي وھڪري ۽ برابريءَ جي اصولن ۾ ڪيتري هم آهنگي پيدا ڪريون ٿا. جتي پاڻي ھر طبقي لاءِ موجود ھوندو، اتي ئي سماجي عدل ۾ بھتري اچي سگھندي ۽ اتي ئي انساني مستقبل جو نقشو محفوظ ۽ پائيدار بڻجي سگهندو.
حوالا (References):
• Global Conflict Monitor (2026). Infrastructure Warfare: The Gulf Desalination Crisis.
• UNESCO (2026). United Nations World Water Development Report 2026: Water for all people: Equal rights and opportunities.
• UN-Water (2026). World Water Day 2026: Official Campaign Strategic Framework.
• UNICEF & UN Women (2026). Progress on Household Drinking Water, Sanitation and Hygiene 2000-2026: Special Focus on Gender Equality.
• Sindh Water Sector Research (2025). Socio-economic impacts of water scarcity on rural women in Sindh, Pakistan.
______________

محمد احسان لغاري پاڻيءَ وارن معاملن جو ماھر، انڊس رِور سسٽم اٿارٽيءَ ۾ سنڌ جو اڳوڻو نمائندو ۽ سيڊا جو اڳوڻو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آھي



