روزاني ڊائري: پنهنجو پاڻ سان ملاقات ۽ ذهني سڪون جو هڪ رستو
اسين اڪثر پنهنجي اندر جي آواز کي ٻڌڻ وساري ويهندا آهيون. اسين ٻين جي زندگين بابت ته سڀ ڪجهه ڄاڻون ٿا پر پاڻ کان اڻواقف ٿيندا پيا وڃون.
ڊائري لکڻ رڳو هڪ عادت نہ پر اها پنهنجو پاڻ سان گفتگو ڪرڻ، ذهني انتشار کي گهٽائڻ ۽ روحاني سڪون حاصل ڪرڻ جو هڪ پراڻو پر اثرائتو طريقو آهي.
ڊائري لکڻ جو مقصد رڳو ڏينهن جا واقعا درج ڪرڻ ناهي پر پنهنجن جذبن کي لفظن جو روپ ڏيڻ آهي. نفسياتي ماهرن موجب جڏهن اسين پنهنجين پريشانين، خوفن يا ناڪامين کي ڪاغذ تي لاهيندا آهيون ته اسان جو دماغ انهن کي وڌيڪ واضح طور تي سمجهڻ شروع ڪندو آهي
عبدالله عثمان مورائي
اڄ جي تيز ترين ڊجيٽل دور ۾ جتي اسان جو گهڻو وقت سوشل ميڊيا جي گوڙ، نوٽيفڪيشنز ۽ دنيا جي گوڙ ۾ گذري ٿو اتي اسين اڪثر پنهنجي اندر جي آواز کي ٻڌڻ وساري ويهندا آهيون. اسين ٻين جي زندگين بابت ته سڀ ڪجهه ڄاڻون ٿا پر پاڻ کان اڻواقف ٿيندا پيا وڃون. اهڙي حال ۾ ”ڊائري لکڻ“ رڳو هڪ پراڻي عادت ناهي پر اها پنهنجو پاڻ سان گفتگو ڪرڻ، ذهني انتشار کي گهٽائڻ ۽ روحاني سڪون حاصل ڪرڻ جو هڪ پراڻو پر اثرائتو طريقو آهي.

ڊائري لکڻ جي اهميت: اها ڇو ضروري آهي؟
ڊائري لکڻ جو مقصد رڳو ڏينهن جا واقعا درج ڪرڻ ناهي پر پنهنجن جذبن کي لفظن جو روپ ڏيڻ آهي. نفسياتي ماهرن موجب جڏهن اسين پنهنجين پريشانين، خوفن يا ناڪامين کي ڪاغذ تي لاهيندا آهيون ته اسان جو دماغ انهن کي وڌيڪ واضح طور تي سمجهڻ شروع ڪندو آهي ۽ ائين ڪرڻ سان دل جو بار هلڪو ٿي ويندو آهي. اهو هڪ اهڙو دوست آهي جيڪو اسان جي ڳالهه بنا ڪنهن تنقيد جي ٻڌي ٿو ۽ رازن کي پڻ محفوظ رکي ٿو.
ان سان گڏوگڏ ڊائري اسان کي ٻڌائي ٿي ته اسان ڪٿي غلط هئاسين ۽ ڪٿي صحيح. اها اسان جي شخصيت کي نکارڻ جو آئينو پڻ آهي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته انساني حافظو ڪيترو به تيز هجي پر وقت گذرڻ سان واقعن جي شدت گهٽجي ويندي آهي. ڊائري انهن گهڙين کي وقت جي قيد مان آزاد ڪري محفوظ ڪري وٺندي آهي. ڪجهه سالن کانپوءِ پنهنجي ئي لکيل ڊائري پڙهڻ ڪنهن ٽائم مشين ۾ سفر ڪرڻ کان گهٽ ناهي هوندو.
ڊائري لکڻ جا جديد طريقا: لکت سان گڏ خاڪا (Sketching)
هاڻوڪي دور ۾ ڊائري لکڻ جو انداز رڳو پيراگرافن تائين محدود ناهي رهيو. هاڻي ماڻهو ان کي وڌيڪ دلچسپ بڻائڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪن ٿا مثال طور بلٽ جرنلنگ واري طريقي ۾ ٿئي ائين ٿو جو جيڪڏهن ڪنهن وٽ وقت گهٽ آهي ته رڳو ڏينهن جي ٽن مکيه ڪمن، حاصلات يا غلطين کي نقطن (Points) جي صورت ۾ لکي سگهجي ٿو.
ٻيو وري ته ڪڏهن ڪڏهن لفظ جذبن جو ساٿ ناهن ڏيندا، ان صورت يا اهڙي وقت ۾ پنهنجي ڪيفيت جو هڪ ننڍڙو خاڪو ٺاهڻ يا ڪنهن منظر جي اسڪيچنگ ڪرڻ ذهن کي عجيب سڪون ڏيندو آهي. هي آرٽ ٿراپي جو هڪ روپ آهي. سڀ کان اهم ته روزانو انهن ٽن شين جا نالا لکڻ جن لاءِ پاڻ قدرت جا شڪرگذار آهيون. هي عمل انسان جي سوچ کي ناڪاري خيالن مان ڪڍي هاڪاري خيالن طرف وٺي وڃي ٿو.
عالمي شخصيتون ۽ ڊائريون
تاريخ گواهه آهي ته دنيا جي عظيم ذهنن ڊائريءَ کي پنهنجو ساٿي بڻايو مثال طور، اين فرينڪ (Anne Frank) جي ڊائري ”The Diary of a Young Girl“ اڄ به دنيا جي مشهور ترين ڪتابن مان هڪ آهي. جنهن ڏيکاريو ته ڪيئن هڪ ٻارڙي جنگ جي خوف ۽ اڪيلائي کي پنهنجي قلم ذريعي شڪست ڏني. ان سان گڏوگڏ ليونارڊو ڊا ونچي جون ڊائريون رڳو لکت نه پر سندس سائنسي ايجادن، اناٽومي ۽ آرٽ جي خاڪن سان ڀريل هيون. هن ثابت ڪيو ته ڊائري هڪ تخليقي ليبارٽري پڻ ٿي سگهي ٿي.
مشهور اديبه ورجينيا وولف پنهنجي ڊائريءَ کي لکڻ جي مشق ۽ پنهنجي ذهني صحت کي برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪندي هئي. مارڪس اوريليم جون ڊائريون اڄ ”Meditations“ جي نالي سان فلسفي جو اهم ڪتاب آهن.
ڊائري لکڻ جي پويان ذهني سوچ
ڪجهه ماڻهو ڊائري لکڻ کي وقت جو ضايع سمجهن ٿا، ڇاڪاڻ ته هو ”حال“ ۾ رهڻ بدران يادن کي محفوظ ڪرڻ کان ڊڄن ٿا. ان جي ابتڙ ڊائري لکندڙ ماڻهو پنهنجي زندگيءَ کي هڪ ”ڪهاڻي“ طور ڏسندا آهن. اهي پنهنجي غلطين مان سکڻ جا خواهشمند هوندا آهن. ڊائري لکڻ يا نه لکڻ جي پويان ٻه مختلف سوچون ڪم ڪن ٿيون. جيڪي ماڻهو نه ٿا لکن اهي اڪثر پنهنجي جذبن کي منهن ڏيڻ کان لنوائيندا آهن يا کين لڳندو آهي ته سندن زندگي ايتري اهم ناهي جو ان کي لکيو وڃي.
ان جي ابتڙ ڊائري لکندڙ پنهنجي زندگيءَ کي هڪ ”ڪهاڻي“ طور ڏسندا آهن. اهي پنهنجي هر تجربي مان سکڻ چاهيندا آهن. اهي پنهنجين ناڪامين جو کليل اکين سان مقابلو ڪن ٿا ۽ پنهنجي ڪاميابين کي ملهائين ٿا.
ڇا ڊائري لکڻ توهان کي هڪ سٺو ليکڪ بڻائي سگهي ٿي؟
يقيني طور تي دنيا جو ڪو به وڏو اديب مشق کان سواءِ تخليقڪار ناهي بڻيو. ڊائري لکڻ سان لفظن جو ذخيرو وڌي ٿو. ڊائري لکڻ پنهنجن خيالن کي ترتيب ڏيڻ سيکاري ٿي. ڊائري لکڻ اسان کي پنهنجو هڪ منفرد لهجو ڳولڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ اسان جو هڪ خاص ”اسٽائيل“ يا لهجو پيدا ٿئي ٿو ۽ جڏهن اسان روزانو لکون ٿا ته لکڻ جي ڏکيائي ختم ٿي ويندي آهي ۽ اسان جو قلم وڌيڪ روانيءَ سان هلڻ لڳندو آهي. دنيا جا وڏا اديب اڪثر ڪري پنهنجي لکڻ جي شروعات ڊائريءَ کان ئي ڪندا آهن.

ڇا اسان کي ڊائري لکڻ گهرجي؟
هر شيءِ جا فائدا ۽ نقصان هوندا آهن. ڊائري لکڻ جو رڳو هڪ ئي امڪاني نقصان آهي ته ڪو ٻيو ان کي پڙهي سگهي ٿو (جنهن جو حل ان کي لڪائي رکڻ يا پاسورڊ واري ڊجيٽل ڊائري آهي)، پر ان جا فائدا ان خطري کان ڪافي وڏا آهن. جيڪڏهن ڪو پنهنجي اندروني امن کي ڳولڻ چاهي ٿو ته اڄ ئي هڪ قلم ۽ ڪاغذ کڻي، ضروري ناهي ته صفحا ڀرجن، رڳو هڪ جملو لکڻ به ڪافي آهي. اها مشق پاڻ کي خود اعتمادي ڏئي ٿي، اسان جي تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪري ٿي ۽ سڀ کان وڌيڪ ته اسان کي ”پنهنجو پاڻ“ سان ملائي ٿي.
2026ع جي هن تيز رفتار ۽ مصروف سال ۾ جتي هر ڪو ٻين کي متاثر ڪرڻ ۾ پورو آهي، پنهنجو پاڻ کي روزانو 10 منٽ ڏيڻ ۽ ڪاغذ تي پنهنجي دل جو حال لکڻ هڪ بهترين ذهني سيڙپڪاري آهي.
_______________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.



