Editor's pickMain Slideدنيا

۽ آمريڪا ڏسندو ئي رهجي ويو… 

Notes from London

وِڪي لِيڪس جي حوالي سان جڳ مشھور شخصيت جُولئن اَسانج جو قصو، جنھن آمريڪا جھڙي طاقت کي پريشان ڪري وڌو ھو، پر وڏين ڪوششن جي باوجود ھُو کيس ھٿ نہ اچي سگھيو

ڊاڪٽر مشتاق سومرو

اها 2014ع جي ڳالهه آهي جڏهن مون آئرلينڊ ڇڏي برطانيه ۾ رهڻ شروع ڪيو. هڪ ڏينهن پنهنجي ڪٽنب کي جڳ مشهور هيرڊس (Harrods) اسٽور گهمائي ٻاهر آيس ته خبر پئي ته جڳ مشهور صحافي جنهن آمريڪا جهڙي طاقت کي پريشان ڪري وڌو آهي، اڄڪلهه لنڊن جي هن ئي پاڙي ۾ رهيو پيو آهي.

هي اهي ئي ڏينهن هئا نه رڳو برطانيه پر يورپ جا ٻيا ملڪ به آمريڪا جي دٻاء هيٺ هئا ته ڪيئن به ڪري هن همراهه جي ٻانهن آمريڪا حوالي ڪئي وڃي. آمريڪا کيس 70 يا 80 سال جيل جي سزا ڏيڻ لاء سڀ تياريون ڪري ويٺو هو. پوء ته معلوم ٿيو ته آمريڪي سي آئي اي کيس مارائڻ جا به منصوبا ٺاهيا هئا.

اسٽور مان ٻاهر نڪري ساڄي طرف گهٽيء ۾ پنڌ ڪرڻ لڳاسين، 15- 20 ڪامريڊ ان شخص جون تصويرون کنيو بيٺا هئا ۽ سندس مٿان ڪيس ۽ پابنديون هٽائڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. برطانوي پوليس جا چند سپاهي پڻ موجود هئا پر خاموشيء سان ڏسي رهيا هئا. هي شخص هو جناب جولئن اسانج جيڪو آسٽريليا ڄائو صحافي، ايڊيٽر، پبلشر ۽ ڪمپيوٽر جينئس هو جنهن پنهنجي ويب سائيٽ وڪي ليڪس ٺاهي آمريڪا کي خوب خوار ۽ خراب ڪيو.

ڪامريڊن ٻڌايو ته هي ننڍڙو فليٽ اڪئاڊور( Ecuador ) ملڪ جو سفارتخانو آهي ۽ هن بالڪونيء مان جولئن ٻه يا ٽي دفعا اچي خطاب پڻ ڪندو آهي.

جولئن مٿان هلندڙ ڪيسن ۽ آمريڪي دٻاء ۽ ان جي حمايت ۾ ٿيندڙ مظاهرن بابت ٿيندڙ گفتگو ڪئيسين، دوستن پمفليٽ پڻ ڏنا ۽ جولئن جي حمايت ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. نيٺ موڪلايوسين ته هڪ ڪامريڊ مونکي گرمجوشيء سان ڀاڪر پاتو. اهو ڏسي منهنجو ننڍو پٽ سالار حيران ٿيو ۽ پڇيائين ته ”بابا هي توهان جو پراڻو دوست آهي؟” مون به ڀوڳن ۾ کيس چيو ته ”ها بابا اسين اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئاسين”.

جولئن اسانج آسٽريليا ڄائو هڪ ڪمپيوٽر جو ماهر شخص آهي جنهن پنهنجي قابليت جو استعمال ڪري آمريڪا جي حساس ادارن جي معلومات تائين رسائي حاصل ڪئي ۽ اها معلومات پنهنجي ويب سائيٽ وڪي ليڪس تي ڇڏي ڏني ته دنيا کي خبر پوي ته آمريڪا پنهنجيء طاقت جي غرور ۾ هٿين خالي ماڻهن کي قتل ڪندي به دير ڪونه ٿو ڪري.

 2007ع ۾ آمريڪا بي هٿيار ماڻهن کي کلم کلا قتل ڪرڻ جا ڪئين ڀيانڪ ڪم ڪيا جيڪي عراق ۽ افغانستان ۾ ٿيا هئا. وڪي ليڪس انهن جون وڊيوز هٿ ڪري پنهنجي ويب سائيٽ تي 2010ع ۾، اهي وڊيوز وائرل ڪري ڇڏيون هيون، ان ڏينهن کان آمريڪا جولئن اسانج جي پويان پئجي ويو پر آخر تائين کيس گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو. البت جولئن اسانج جي هڪ آمريڪن ساٿياڻي چيلسي ميننگ جيڪا آمريڪا جي فوج ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ کوڙ سارو مواد جولئن کي ڏنو هئائين، کي 35 سال ٽيپ جي سزا ڏنائون. جنهن ست سال جيل ڪٽيو ۽ 2017ع ۾ بارڪ اوباما کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جولئن اسانج جا حامي ۽ دوست موجود هئا جيڪي کيس آمريڪا جي انتهائي خفيه فوجي ۽ سياسي معلومات پهچائيندا هئا ۽ اسانج وري انتهائي بهادري ۽ بيباڪيء سان اها ڄاڻ پنهنجي ويب سائيٽ وڪي ليڪس تي شايع ڪري ڇڏيندو هو جيڪو هر ماڻهو مفت ۾ پڙهي سگهندو هو. هڪ اندازي مطابق آمريڪا جي خفيه ادارن جا تقريبن ويهه لک دستاويز عام ڪري ڇڏيائين جنهن ۾ فوجي کاتي پينٽاگان جا ڪاغذ پڻ شامل هئا.

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته آمريڪا اڄ به سپرپاور آهي جنهن کان دنيا جا سڀ ملڪ گهڻو يا ٿورو ڊڄندا آهن. پهرين ته اسانج تي دٻاء وڌو ويو ته هو پنهنجو پاڻ کي آمريڪا حوالي ڪري پر سائين جولئن اسانج اهڙو به بيوقوف ڪو نه هو جو پاڻ کي ڦاسائي ۽ ايندڙ 70 يا 80 سال جيل ڪاٽي ۽ جيل ۾ ئي مري وڃي.  

2010ع کان 2012ع ۾ جولئن اسانج لنڊن ۾ گهمندو رهيو ان دوران آمريڪا جي دٻاء ۾ اچي سئيڊن جي حڪومت سندس مٿان جنسي حراسگي جو ڪوڙو ڪيس ڪيو ۽ برطانوي سرڪار کان جولئن کي حوالي ڪرڻ جي درخواست ڏني. اڳتي هلي سئيڊن جي سرڪار اهو ڪيس پاڻ ئي واپس وٺي ڇڏيو.

جڏهن وڏيون طاقتون سندس خلاف ٿي ويون ته جولئن لنڊن ۾ گهمندي گهمندي اڪئاڊور جي سفارتخاني ۾ داخل ٿي ويو ۽ سياسي پناهه جي درخواست ڪري ڇڏيائين.

اڪئاڊور جي ان وقت جي سرڪار آمريڪا کي گهڻو پسند ڪانه ڪندي هئي ان ڪري کيس سياسي پناهه ملي وئي. اهڙي طرح پورا ست سال لنڊن جي ان فليٽ ۾ گذاري ڇڏيائين جيڪو ننڍڙو فليٽ اڪئاڊور جو سفارتخانو هو. بالڪونيء مان روزانو ٻه يا ٽي دفعا ٻاهر اچي پنهنجي حامين کي هيلو هاء ڪندو هو. ڪامريڊن ٻڌايو ته شايد ايندڙ ٻه ٽي ڪلاڪ ٻاهر نه نڪري سو اسان به گهڻو انتطار ڪونه ڪيو. 

 سڄي دنيا ۾ آمريڪي سامراج جا مخالف ۽ حق ۽ سچ چوڻ وارا ماڻهو موجود آهن. جيڪي سامراجي ظلمن جي مخالفت ۾ پنهنجو آواز بلند ڪندا رهن ٿا. ان ڏينهن هيرڊس اسٽور جي ويجهو اڪئاڊور جي سفارتخاني ٻاهران پڻ منهنجي ملاقات انهن ڪامريڊن سان ٿي. چند منٽن ۾ هو منهنجا دوست ٿي ويا ۽ ڪل ويهن منٽن جي ملاقات کان پوء جڏهن موڪلايوسين ته ائين لڳو ڄڻ اسين ڏهاڪن جا گهرا دوست هئاسين.

جولئن اسانج آسٽريليا جي پرڳڻي ڪئينسلينڊ جي ٽائونسولي شهر ۾ ڄائو هو. 16 سالن جي عمر کان وٺي ڪمپيوٽر ۽ حسابن ۾ قابل نوجوان طور مشهور هوندو هو.

جولئن اسانج 2012ع کان 2019ع تائين پورا ست سال اڪئاڊور جي سفارتخاني ۾ پناهه وٺي رهيو پيو هو. پهريان ڪجهه سال ڪافي صحافين سان ملاقات جي اجازت هوندي هئس ۽ هميشه پنهنجي سامراج مخالف موقف تي اٽل بيٺو رهيو. 

2019ع ۾ هڪ ڏينهن اوچتو خبر آئي ته اڪئاڊور جي سفارتخاني برطانوي پوليس کي گهرايو ۽ جولئن جي ٻانهن سندن حوالي ڪئي. ٿيو ائين جو اڪئاڊور جي ملڪ ۾ آمريڪا دوست حڪومت اچي وئي جنهن جولئن جي سياسي پناهه ختم ڪري ڇڏي جنهن ڪري برطانوي حڪومت کيس لنڊن ۾ موجود انتهائي سخت سمجهيو ويندڙ جيل بيلمارش Belmarsh  ۾ واڙي ڇڏيو جتي هو پنج سال ٻه مهينا هڪ ننڍيء ڪوٺيء ۾ سڙندو رهيو.

هاڻ اچون ٿا ته ٻيا ملڪ کيس آمريڪي ڏمر کان ڪيئن بچائي ويا.

 انگريزي ڳالهائينڊڙ ملڪن جي حڪمت عملي

آمريڪا کي ڇڏي ٻيا ملڪ گهڻي وقت کان آمريڪي وڏيرا شاهي کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا آهن ۽ جتي جتي موقعو ملندو اٿن آمريڪي حڪمن کي نظر انداز ڪندا آهن.

جولئن جي معاملي ۾ ائين ٿو معلوم ٿئي ته برطانيه کان وٺي سئيڊن ۽ سئيڊن کان وٺي آسٽريليا پاڻ ۾ ويهي فيصلو ڪيو ته ڪيئن به ڪري جولئن جي ٻانهن آمريڪا حوالي نه ڪبي ۽ معاملي اينگهائبو رهبو.

نيٺ انهن ملڪن آمريڪا سان ماٺ ميٺ ۾ ڳالهايو ته جيئن ته ست سال سفارتخاني جو قيد ۽ پنج سال لنڊن جي ڪوٺڙيء جو قيد ڪافي سزا ڪانهي؟ هاڻ ته ان جو حق آهي ته آزاد ٿي پنهنجي اباڻي ڏيهه روانو ٿئي. طئه ٿيو ته جج جي سامهون جولئن آمريڪي راز ظاهر ڪرڻ جو ڏوهه باسيندو ۽ توهان جو جج کيس چنج سال ٽيپ ڏيندو ۽ جولئن چوندو ته مان اڳئي پنج سال ٻه مهينا قيد ڪمائي چڪو آهيان. 

ان سڄي معاملي ۾ اها ڳالهه نظر ۾ رکي وئي ته جولئن اتر آمريڪا يعني يو ايس اي  USA جي سرزمين تي پير نه رکي جيئن دوکو ڪري آمريڪا کيس ڪاٺ ۾ نه وجهي ڇڏي، سو بندوبست ڪيو ويو ته آسٽريليا جي ويجهو ماريانا ٻيٽ تي هن کي جج سامهون پيش ڪجي. اهو بيٽ آمريڪي حڪومت جي انتظام هيٺ آهي. سو قانوني طور آمريڪا ئي سمجهيو ويندو. 

اهو سڄو عمل ايترو ته لڪل انداز ۾ ڪيو ويو جو جڏهن 24 جون تي بي بي سي اهو ڇرڪائيندڙ اعلان ڪيو ته جولئن اسانج کي لنڊن جي بيلمارش Belmarsh جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي ته هڪ پرائيويٽ جهاز کيس کڻي برطانيه جي حدن کي ڪراس ڪري چڪو هو، جنهن جي ايندڙ منزل بينڪاڪ هئي جتان جهاز ۾ وڌيڪ تيل ڀرائي سمنڊ ۾ موجود ننڍڙي ٻيٽ اتر ماريانا ۾ جج سامهون پيش ڪيو ويو. وڌيڪ مالڪي ڪرڻ لاء آسٽريليا پنهنجو سابق وزيراعظم پڻ موڪليو جيڪو پاڻ وڃي اهو ڪم چڱيء طرح ڪرائي جولئن کي پرائيويٽ جهاز ۾ ڪئنبرا آسٽريليا جي گاديء واري شهر ۾ کڻي آيو.  

 جولئن پنهنجو ڏوهه مڃيو ۽ پنج سال سزا ٻڌائين ۽ پوء اها معاف ڪرايائين جو اڳئي پنج سال ۽ ٻه مهينا ڪاٽي چڪو هو. اهڙيء طرح ھُو هڪ آزاد شهري ٿي ويو ۽ آمريڪي طاقت ڏسندي ئي رهجي وئي.

_______________

سنڌ جي شھر سڪرنڊ سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر مشتاق سومرو، انگلينڊ ۾ رھي ٿو.

mushtaqsoomro@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button