سنڌ جي ھڪ گمنام گوريلي جي ڪٿا، جنھن کوڙ سال بلوچستان جي جبلن ۾ گھاريا
سنگتين ساٿين ۾ ڪامريڊ سنڌيءَ جي نالي سان مشھور ڪامريڊ يعقوب آٿو، ڀُٽي صاحب جي حڪومت دوران بلوچستان ۾ فوجي آپريشن سروع ٿيڻ تي شير محمد مريءَ جي قافلي ۾ شامل ٿي گوريلا جنگ وڙھڻ لاءِ بلوچستان جي جبلن تي چڙھي ويو.

جھمپير جي ڪوھستان واري علائقي ۾ جنم وٺندڙ ڪامريڊ سنڌيءَ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي سياست شروع ڪئي پر پوءِ ڌار ٿي معراج مھمد خان جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. ھُن عوامي تحريڪ ۾ بہ ڀرپور نموني ڪم ڪيو. سموري عمر ھُن پاڻ کي ميڊيا ۽ شھرت کان پري رکيو ۽ گمناميءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو.
خاصخيلي لطيف راولاڻي
دنيا جي تاريخ ۾ پنھنجي حقن جي جنگ جوٽڻ لاء مختلف محاذن تي ۽ مختلف طريقن سان پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ گھڻن ئي سورمن پنھنجا ڪارناما ڏيکاريا آھن. اھڙن ئي ڪردارن مان ڪي ته تمام گھڻي مشھوري ماڻي چڪا آھن ۽ ڪي گمناميءَ جي زندگي گذاري دنيا جي نظرن کان ئي اوجھل رھيا آھن. ڪامريڊ يعقوب سنڌي بہ اھڙن ئي گمنام ڪردارن مان ھڪ آھي.
ذوالفقارعلي ڀٽي جڏھن پيپلزپارٽي ٺاھي ته اَٽو، لَٽو ۽ اَجھو سندس پارٽيءَ جي منشور جا ٽي بنيادي نقطا ھئا. ڀُٽي صاحب جي سوشل ازم جي نعري سبب کاٻي ڌرجا ڪيترائي اڳواڻ، اديب ۽ دانشور پ پ ۾ شامل ٿيا ھئا، جن ۾ سنڌ مان ٻين کان علاوه ملير مان سيد اميرحسين شاه ۽ ڪامريڊ يعقوب سنڌي به سرفھرست ھئا.
ڪامريڊ يعقوب آٿو المعروف ڪامريڊ سنڌي جو جنم 14 نومبر 1945ع تي ضلع ٺٽي جي شھر جھمپير جي ڪوھستان واري پٽي ۾ واقع ڳوٺ آٿا مولدي ۾ ٿيو. ھُن شاگرديءَ جي زماني کان ئي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ھو .
1970ع ۾ جڏھن ملڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان ٿيو ته پيپلز پارٽي چيئرمن ذوالفقارعلي ڀٽي ملير جي قومي اسيمبليءَ جي تڪ لاءِ يعقوب سنڌي جو نالوتجويز ڪيو پر ان وقت ئي ڪامريڊ منع ڪئي ۽ چيائين ته ھُو ڪارڪن ٿي ڪري ڪم ڪرڻ چاھي ٿو ۽ اھي عھدا ۽ مراعتون کيس نه گھرجن. پوءِ انھي تڪ تي عبدالحفيظ پيرزادي جو نالو تجويز ڪيو ويو جنھن ان تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪئي .
جڏھن 1971 جي جنگ کانپوءِ بچيل پاڪستان ۾ ڀُٽي صاحب حڪومت ٺاھي تہ جيڪي ڪامريڊ سوشل ازم جي نعري ھيٺ پ پ ۾ شامل ٿيا ھئا اھي کانئس ڌار ٿيڻ شروع ٿي ويا جن ۾ معراج محمد خان به شامل ھو جنھن 1974ع ۾ پنھنجي پارٽي قومي محاذ آزدي جي نالي سان ٺاھي ته ڪامريڊ يعقوب سنڌي به پنھنجن ساٿين سميت معراج محمد خان جي پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ ان جي مزدور ونگ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين .
بنگلاديش کان پوءِ ٻين ننڍن صوبن ۾ ڇڪتاڻ ۽ بيچيني وارو ماحول پيدا ٿي پيو ھو ۽ خاص طور تي بلوچستان ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر گوريلا ڪاروايون تيز ٿيون، بلوچ قبائلي اڳواڻ حڪومت سان بغاوت ڪري آزاديءَ جو نعرو ھڻي جبلن تي چڙھي ويا. ذوالفقارعلي ڀٽي جي حڪومت بغاوت کي روڪڻ لاءِ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن جو حڪم جاري ڪيو. اھڙين حالتن ۾ سنڌ مان ڪامريڊ سنڌي به بلوچ اڳواڻن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ان وقت جي مشھور گوريلا اڳواڻ شير محمد مري عرف جنرل شيروف سان ملي سندس قافلي ۾ شامل ٿي گوريلا جنگ وڙھڻ لاء جبلن تي چڙھي ويو ۽ ڪافي سالن تائين ھڪ گمنام گوريلي جي روپ ۾ بلوچستان جي جبلن ۾ گذاريائين. جڏھن گوريلا جنگ بند ٿي ته پاڻ موٽي ماڳ تي آيو.
سنڌ ۾ قومي جدوجھد جي حوالي سان نظرياتي طور پختي پارٽي عوامي تحريڪ وجود ۾ آئي ته ھُُ ان جو باني رڪن ٿيو. رسول بخش پليجي ۽ فاضل راھوءَ سان گڏجي جدوجھد جي شروعات ڪيائين پر پنھنجو پاڻ کي عام ميڊيا تي ظاھر نه ڪيائين ۽ زير زمين رھي عوامي تحريڪ جي ھاري ونگ لاء ڪم ڪيائين.
1979ع ۾ جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاھي ڏني وئي ۽ ملڪ ۾ مارشل لا جون قھري ڪاروايون جاري رھيون ۽ ڀٽي جي لاءِ ڪابه سياسي پارٽي تحريڪ ھلائڻ لاء تيار نه ٿي ۽ نه ڪا منظم تحريڪ ھلي، ان صورتحال ۾ يعقوب سنڌي ھڪ ڀيرو ٻيھر سرگرم ٿي ويو ۽ پنھنجن زير زمين ڪامريڊن سان رابطا ڪرڻ شروع ڪيائين جنھن جي ڪري نظرياتي طور تي پاڻ رسول بخش پليجو سان اختلاف رکندي پنھنجن ڪافي ساٿين سميت عوامي تحريڪ کان الڳ ٿي ويو ۽ ڪميونسٽ پارٽي وارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. اتي به پنھنجو پاڻ کي ظاھر نه ڪيائين ۽ ڪامريڊ دوستن کي سختي سان منع ڪيائين ته کيس ليڊري ۽ شھرت جو شوق ڪونھي ۽ کيس ميڊيا کان بالڪل پري رکيو وڃي. ڪراچيءَ ۾ ڪميونسٽ اڳواڻن جي گروپ عوامي محاذ فورم جي نالي سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جنھن جو سيڪريٽري نورمحمد شيخ ھو جيڪو اصل بلوچستان جو بلوچ ھو ۽ لياري ۾رھائش ھيس ۽ پاڻ کي شيخ سڏائڻ لڳو. اھو ڪامريڊ سنڌي جو ويجھو ساٿي ھو. ڪامريڊ ان سان رابطي ۾ رھندو ھو ۽ ٻئي گڏجي عوامي محاذ جي نالي سان ڪراچي ۾ مختلف ھنڌن تي گڏجاڻيون ڪندا ھئا .
روزگار ۽ معاشي مسئلن کي منھن ڏيڻ ۽ خابرو ادارن ۽ ايجنسين کان ھڪ پاسي ٿيڻ لاء ھُو پنھنجي دوست حمزي پليجي جي ذريعي 1980ع ۾ حڪومت سنڌ جي فوڊ کاتي ۾ نوڪري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اتي فوڊ انسپيڪٽر جي طور تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين جتي ڪنھن کي خبر نه پئي ته يعقوب آٿو ڪامريڊ سنڌي آھي. ھُو اتي سياست کان پاسيرو ٿي روزگار ڪرڻ لڳو جيئن پنھنجو ۽ ٻارن جو معاشي مسئلو حل ڪري سگھي، پر جنھن انسان اندر سياست ۽ سماجيات جا جزا گھر ڪري ويا ھجن اھو ڪٿي ٿو خاموش رھي سگھي.
1983ع ۾ جڏھن سنڌ ۾ باه ٻري ۽ جمھوريت کي بچائڻ لاءِ پ پ ۽ ان جي اتحادي پارٽين طرفان تحريڪ ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ڪامريڊ سنڌيءَ به سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون. سنڌ جي جھرجھنگ ۾ وڃي نوجوانن کي ليڪچر ڏيڻ ۽ انھن کي نظرياتي طور تي تيار ڪرڻ سندس ڊيوٽي ۾ شامل ھو . پاڻ اسٽڊي سرڪل به قائم ڪيائين جتي سنڌ جي دانشورن علمي ادبي ماڻھن سان به لھ وچڙ ۾ اچي انھن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳو جن ۾ نالا ته تمام گھڻا آھن پر چند خاص نالا لکجن ٿا جن سان ڪامريڊ گڏجي ڪري علمي ادبي ڪم ڪيو. انھن ۾ ڪامريڊ مصطفى لاکو، عبدالرحمن نقاش، انب گوپانگ، صوبل ٻروچ ڪامريڊ منظور رضي، امير حسين شاه، سيد خداڏنو شاه، ساقي شاه سرفھرست آھن .
پاڻ ڪراچي ۾ ھڪ ھنڌ تي مستقل رھائش اختيار نه ڪندو ھو. ڪڏھن لياري ته ڪڏھن نيو ڪراچي، ڪڏھن گڏاپ جي ڳوٺن ۾ رھندو ھو. زندگيءَ جو گھڻو عرصو گمنامي ۽ روپوشيءَ ۾ گذاريائين .
زندگيءَ جي آخري ڏھاڪن ۾ جڏھن سنڌ جي سياست ۽ ڪميونسٽ پارٽين ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا، گروپ بندي ۽ انا پرستي عروج تي پھتي ته نظرياتي ڪارڪن ھڪ پاسي ٿي ويا. پارٽين تي مفاد پرستن ۽ منافقن جو قبضو ٿي ويو ته پاڻ به مايوس ٿي خاموش ٿي ويو .
ملير جي ماڳ ۾سماجي خدمتون
ملير جي قديم وسندي بچل خاصخيلي ڳوٺ ۾ مستقل رھائش اختيار ڪيائين جتي ڳوٺ جي سماجي اڳواڻ پروفيسر محمد رحيم راولاڻي سان ملي سماجي ڪمن جي شروعات ڪيائين. ڪامريڊ کي چپ ڪري ويھڻ ايندو ئي ڪونه ھو. ھُو چاھيندو ھو ته ڪا نه ڪا سرگرمي ھجي، اھا علمي ادبي يا سماجي ھجي. ھُن ڳوٺ وارن سان گڏجي بچل ڳوٺ سماجي سنگت جو بنياد رکيو جڏھن 1995ع جو دور ھو ۽ پ پ جي حڪومت ھئي. ھُن تڪ جي ايم پي اي حڪيم بلوچ سان ملي ڪري سماجي سنگت کي رجسٽرڊ ڪرايو.
ڳوٺ جي فلاحي پلاٽ تي ھڪ ڪامورو مالڪيءَ جو دعويدار ھو جيڪو ان وقت لاڙڪاڻي ڊويزن جو ڪمشنر ھو، جنھن اتي رند فارم ٺھرايو. ڪامريڊ ان جي خلاف قانوني جنگ ڪري اھو فلاحي پلاٽ ڳوٺ وارن کي واپس ڏياريو جتي لوئر سيڪنڊري اسڪول ۽ پارڪ جي تعمير ٿي . ان لاء کيس حيدرآباد ۾ قائم روينيو آفيس شھباز بلڊنگ جا به چڪر ڪڍڻا پيا جتان بچل ڳوٺ جو قديم رڪارڊ جيڪو انگريز دور کان به اڳ جو حاصل ڪري قانوني جنگ وڙھي ڪاميابي حاصل ڪيائين. اھو ڪم ايترو آسان نه ھو. وقت جي حڪمران ۽ آفيسر کان فلاحي پلاٽ حاصل ڪرڻ شينھن جي وات مان گره کسڻ جي مترادف ھو .
زندگي جي سفر جو ساٿي
سنڌ جي ڪنڍ ڪڙڇ گھمندي روپوشي واري زندگي گذاريندي نيٺ پنھنجو ھمسفر به تلاش ڪيائين. سندس گھر واري زرينه به ھڪ بھادر عورت ھئي جيڪا سندس ھر ڪم ڪار ۾ ٻانھن ٻيلي ھوندي ھئي . سندس تعلق ڪوھستان جي علائقي ٿاڻي بولاخان سان ھو. ھُوءَ سندس خاندان جي ڪونه ھئي پر ھڪ وفادار ساٿي وانگيان آخري وقت تائين ساڻس گڏ رھي. سنڌياڻي تحريڪ ۾ به سندس محنتون قربانيون سر فھرست آھن .بچل خاصخيلي ڳوٺ ۾ رھندي ڳوٺ جي فلاحي ڪمن ۾ اڳبرو ھوندي ھئي ۽ ھر سياسي سماجي مسئلي ۾ پيش پيش ھوندي ھئي .
ٿڌو ندي تي قبضو ختم ڪرائڻ
جڏھن ڳوٺ جي ڀر ۾ ٿڌو ندي تي مٽي جي ڀرائي ڪري افغاني منشيات فروشن ڳوٺ جي وڏيري سان ملي ڪري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪامريڊ ھڪدم حرڪت ۾ اچي پراڻي گوريلا اڳواڻ جي روپ ۾ نروار ٿي ويو ۽ رات ڏينھن ھڪ ڪري ھنن منشيات فروشن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏيائين. نيٺ اھي ميدان ڇڏي ڀڄي ويا. اھا بچل ڳوٺ مليرجي تاريخ ۾ ڪامريڊ جي وڏي ڪاميابي ھئي .
سنڌ جو ھي گمنام گوريلو يعقوب سنڌي پنھنجي زندگيءَ جي ھمسفر جي لاڏاڻي کان پوء ٻه اڌ ٿي پيو. ٻيا دوست ساٿي ته اڳ ۾ ئي ڇڏي ويا ھيس. ڪي راه رباني وٺي ويا ته ڪي وري پنھنجا رستا تبديل ڪري ويا. زندگي جي آخري ڏينھن ۾ پاڻ اڪيلائي جا ھڪ سئو سال وانگر اڪيلو گذاريندي بيمار ٿي پيو . نيٺ 16 آڪٽومبر 2012ع تي ھن فاني دنيا مان به گمنامي جي صورت ۾ گمنام گوريلو ھميشه لاء موڪلائي ويو .
سندس عزيز مائٽ سندس مڙه اباڻي ڳوٺ آٿا مولدي ڳوٺ جھمپير کڻائي ويا جتي سندس آخري آرامگاه آھي
گمنام گوريلو
ڪامريڊ يعقوب سنڌي سڄي عمر گمنامي واري زندگي گذاري ڪنھن کي به خبر نه ھئي ته ڪامريڊ سنڌيءَ جي عملي جدوجھد ڇا آھي. پاڻ به ڪڏھن ڪنھن به اخبار يا مئگزين کي انٽرويو نه ڏنائين .
مون ڪافي دفعا ڪوشش ڪئي ته ڪامريڊ کان تفصيلي معلومات وٺان ۽ انھن کي سھيڙي انٽرويوءَ جي شڪل ڏيان. ان خاص ڪم لاءِ مون ذاتي طور تي ھڪ صحافي کي ملير گھرايو ۽ ڪامريڊ کان تفصيلي انٽرويو وٺڻ لاءِ وٽس وياسين پر ڪامريڊ انڪار ڪندي چيو ته مون سڄي ڄمار شھرت ۽ ميڊيا کان پري ٿي ڪري گمنامي واري زندگي گذاري آھي. ھاڻي زندگيءَ جي آخري وقتن ۾ ٿا مون کي شھرت ڏياريو جيڪا مون کي قبول ڪونھي.
مختصر آتم ڪٿا
ھي مختصر معلومات ۽ واقعا جيڪي مون قلمبند ڪيا آھن اھي ڪامريڊ سان وقت بوقت ڪچھرين ۽ سندس صحبت ۽ عوامي محاذ جي دوستن جي ھٿان ھٿ ڪري لکيا آھن، جيڪا آتم ڪٿا اڌوري آھي .
ڪامريڊ جي لاڏاڻي کان پوء سندس ڇوڪري ٻڌايو ته ڪامريڊ سنڌي پنھنجي آتم ڪٿا لکي آھي پر اھا به ڇوڪرن ظاھر نه ڪئي ۽ ان کي گم ڪري ڇڏيائون. سندس پونيئرن به اھو چاھيو ته ڪامريڊ جيئن سموري عمر گمنام رھيو، مرڻ کان پوء به گمنام رھي، ان ڪري ئي ھنن ڪامريڊ جي لکيل قيمتي دستاويز آتم ڪٿا جي ڊائري کي گم ڪري ڇڏيو .
____________

خاصخيلي لطيف راولاڻي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن اھي ۽ ملير ۾ رھي ٿو



